سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :24

مٺو

مئنا ! پاڻ سڃاڻ، مهڻا ڏي نه موت جا،

اچي بانشو بر ۾، پڪڙي هوند پهلواڻ،

مهل انهيءَ ”ملاح“ چوي، ڇڏبو ٽيڪو ٽاڻ،

سوگهو وٺندا، ساهه لئي ’ذائقة الموت‘ کي ڄاڻ،

اهو لڳيئي اهڃاڻ، ته هلجي مئنا ماٺ سان.

 

مئنا

مئنا سنديءَ ماٺ جي، اَڙٻنگ ! سڻ آزي،

طعامي ڪارڻ تپي اچي، ته به پهرين نيو بازي،

جي پرور پاڪ پناهه ڏي، ته ڪوهه ڪري قاضي !

مُنجهي وڃن ميدان ۾، گوهر ۽ غازي،

ربّ هجي راضي، ته بانشا ٿيندا بڇڙا.

 

مٺو

بانشا چئو نه بڇڙا، جي سورهيه شير سٻر،

جي چوٽون ڏيئي چنبن سان، پرزا ڪن ٿا پَر،

ڊڄي گهمن ٿا ڊاوَ سان، تن کان کوڙ وَلر،

سٽ هڻن ٿا سخت سي، ناٿ نمائن نر،

پوءِ خاصِي ٻُڌ خبر، بادشاهه هڻندءِ بند ۾.

 

مئنا

ٿيو هو بدلو باز جو، ڪنهينءَ ويل ڪمام،

ٻڌج ٻن ڪنن سان، منهنجي ڳالهه مدام،

ڦاسايئون به ڦڪل سان، دهرا اُڇلي دام،

تقدير سڀن کان تيز آهه، مخفي رکيل مام،

پوءِ وٺي وير وريام، قيدي ٿيا به ڪريز ۾.

 

مٺو

قيدي ڪن ڪريز ۾، ته به باشا بيپرواهه،

ڪن اَنگل عدالتون، ٺيڪ وڏي مان ٺاهه،

اَري اچن استاد جي، رهبر انهيءَ راهه،

پوءِ آڻايو امراهه، ٿا طعامون ڏين تن کي.

 

مئنا

مون ٿي چاڳ چڻيون ڪيا، چانَڪ ساڻ چُري،

ويڻ وڌءِ وِههُ جهڙا، زخميل جانِ جهُري،

راهه رباني راز ۾، هينئڙو ڦير هَري،

محبت ڌاران ملڪ ۾، ٻيو ڪجهه ڀي ناهِه ذري،

هيٺ مٿي نهار تون، توڙي حُورَ پَري،

ساجن ريءَ نه ڪنهن جي، ”صدائي“ آهي سَري،

وچئون ڪِينَ وَري، ڳجهه ۾ اورين ڳالهڙيون.

 

مناظرو ڀؤنر ۽ چتون جو

(چيل ڏني فقير جو )

]شاعر، باغيچي ۾ گهمڻ لاءِ وڃي ٿو ته کيس ڪنهن وڻ تي چتون ۽ ڀؤنر پاڻ ۾ سوال جواب ڪندا نظر اچن ٿا. ڀؤنر، چتونءَ کي چوي ٿو: اڙي مٺو ! ميون جو مٺ گهرو نه ٿيءُ، تنهنجو پيٽ ته هڪڙي ئي ميوي مان ڀرجي ويندو، پوءِ اجايو ٺونگاري ميوا خراب ڇو ٿو ڪرين؟ انهن افعالن ڪري ئي باغائي تنهنجا دشمن ٿيا آهن. ڀلو ڄاڻين ته اها عادت ڇڏي ڏي. چتون ان جي جواب ۾ چويس ٿو ته: آءٌ بيوس آهيان، جڏهن باغن ۾ توت، انجير ۽ ڪيوڙا وغيره پڪل ٿو ڏسان تڏهن روح نٿو رهيم. پر اڙي ڪار منهان ! انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا ٿو وڃي ۽ تنهنجي نصيب ۾ اهي ئي ڏٿ ڏونرا آهن سي وڃي  کاءُ. جي باغائي منهنجا دشمن آهن ته مون کي ڇا ڪندا؟ ساهه خدا جي اختيار آهي، جڏهن وڻيس تڏهن ماري. ڀؤنر سندس ڳالهه مڃندي نصيحت ٿو ڪري ته: مٺو ! چور جي پڇاڙي وري به خراب آهي. اهي ٻه چار ڏينهن جوانيءَ جا اٿئي، تيسين ڀلي موجون ماڻي وٺ، نيٺ جهلي هڻندءِ ڪاٺ ۾. اتي چتون، پنهنجي ذڪر ۽ فڪر جو دليل ڏئي پاڻ کي پرهيزگار ثابت ڪرڻ گهري ٿو، پر ڀؤنر اڳيان، سندس هڪ به نه ٿي هلي ۽ آخر لاجواب ٿي ڀؤنر سان صلح ڪري ٿو.[

تمهيد

چمن جو هڪ ڏينهن، ويٺي ورتم واس،

ته ڀؤنر ۽ چتونءَ پاڻ ۾، کِلي ڪيو خوش باش،

چتون کي چياس، ڇو مَٺو ٿئين ميوَن جو؟

 

چتون

مَٺو ٿِيس ميوَن جو، ڳاڙها ڏٺا اٿم ڳوڙها،

پَچِي پيا پنن ۾، ڪُنئرا ڪيوڙا،

انب، انجير، بادام، ڏسان جڌ ڏورا،

نٿو روح رهي، آءٌ کائي ڪندس جهورا،

ڏُٿ پُس ڏونرا، ڪار مُنها ! تنهنجي ڪرم ۾.

 

ڀؤنر

آهن ڪرم منهنجي ۾، پر اسين عاشق اميل،

وٺون واس وڻن جو، نه ڪريون باغن جي ڀيل،

مالهي مارائي ڪينڪي، جنهن سان ٻٽ گهمون ٿا ٻيل،

اهي گهُٻڻ ۽ گُليل، پيل آهن تنهنجي پٺ ۾.

 

چتون

پيل آهن منهنجي پٺ ۾، پر ڇا ڪندو ماري؟

ساهه منهنجو صاحب هٿ ۾، جو بچائي باري،

ڀلي بڻڇي کڻي اچي، ٻِي ڄار منڊي ڄاري،

پر جنهن کان کُٽن ڏينهڙا، تنهن ڳچيءَ پوندي ڳاري،

ڀؤنر ! ٿيو آهين ڀاڙي، جو کارين ٿو کائڻ کان !

 

ڀؤنر

کائڻ کان ٿو کاريان، توکي نه آهي مروت،

چَتون ! توکي چوريءَ جي آهي اصل کان علت،

بول ڪڍندئي باغائي، تاب ڪري تُهمت،

هڻندئي ڳوڙهو ڳچيءَ ۾، ته ويٺو ڳاڙيندين رت،

جي ملي ڪري محبت، ته ڪيئن پُڇ پَٽائين پنهنجو؟

 

چتون

پُڇ پٽجي وڃي ته پٽجي وڃي، تون ٽنڊڻ ڇڏ ٽيڙي،

ڇهڙ وڃي ڇيڻي تي ٺاهه، چُت سان ڏيئي ريڙهي،

کڻي آرسي ڏس منهن پنهنجو، جو ڏين ڦُلن تي ڦيري،

تون ڍٻر ٿيو ڍيري، گوڏا ڏئي ويهين گلن تي.

 

ڀؤنر

گوڏا ڏئي ويهان گلن تي، پر ڪين ڇڏين باغ جي ڀر،

چکيا مزا اٿئي ميوَن جا، ٻي ڳاڙهي اندر ڳَرُ،

چوڏهين سوين چمن وڪاڻو، تون ڦارون ڇڏين نه ڦر،

نصيحت نادان کي، ڪري ڪانه اثر،

ڏيو وراڪا ور، اڃان ويٺو آهين لام تي؟

 

چتون

ويٺو آهيان لام تي، اسان جي ٿي آهي روزي،

پرور پکين تي، ربّ ٿيو آهي راضي،

پڙهيا پُڇ اهي مُلان، قضا وارا قاضي،

ڀؤنر ! ڇڏ بازي، مون کي طمع اڃان تُوتن ۾.

 

ڀؤنر

طمع برابر تُوتن ۾، پر اُتري وڃ اُڏامي،

ڪنهن جي ڪانه ڇڏين ٿو، ڪچي پڪي آمي،

لَڙڪِين ٽُورو ٿي لامن ۾، وِيُئي ڏينهن وهامي،

خبر پوندءِ خامي، چار ڏينهن اٿئي چوريءَ جا.

 

چتون

چار ڏينهن چوريءَ جا انهن کي، جي ڪندا چوري،

پناهه ڏيندا پاڙي کي، ويندا سؤ ڪوهه ڊوڙي،

مٿو ڀڃي منڪرن جو، وڃن گهر تني جي گاروڙي،

پير وڃائي پوئتي، وڃن کاٽ هڻي کاهوڙي،

وري به پتو ڏين پاڙي کي، متان خان ٿئي خواري،

جيڪي يار ڀائرن ڀيڙي، سي لِڪا گهمن لوڪ ۾.

 

ڀؤنر

لڪن ڪين لوڪ ۾، نامور هوندا نَل،

پوندي سُڻس سرڪار کي، کوهي لاهيندن کَل،

سکر هجي توڙي نفر هجي، توڙي چوڙي بخمل،

پِير هجي، توڙي فقير هجي، توڙي هجي رمل،

ڪوڙ جنهن جي ڪياڙيءَ ۾، بَدي لهي نه ڀل،

اڙي چتون بيعقل ! اڃان چهنب سان چوري ڪرين؟

 

چتون

چهنب سان نه چوري ڪريان، آءٌ ڪين آهيان ماٺيڻو،

حرف پڙهان پيو حق جا، آهيان شاعر سياڻو،

سونهي ساوڪ وچ ۾، مون کي ڪارو ڳچيءَ ڳانو،

ڀؤنر ! وت بيگانو، ويٺو آهين پِيڙهيون پڌريون ڪرڻ !‘

 

ڀؤنر

پِيڙهيون ڪريانءِ پڌريون، جو ڪمذات آهين ڪرٽ،

دائِي پُٽن کان وڌ پاليو، جنهن پَڙي ڇڏي وئين پَٽ،

ڪير ڏيندءِ ٻيو دفعو کَٽ، ته ويهه اچي اسان وچ ۾؟

 

چتون

ڀؤنر ڀڻ ڀڻ نه ڪر، پاڻ ڪريون خان خوشي،

”ڏنو“ فقير عرض ڪري، پنهنجا عيب ڏسي،

خالق خطائون بخش ڪر، آهيان عيبدار عاصي،

سڪ اَٿم شهيدن جي، آهيان پنجن تنن جو پياسي،

سڀئي ٿي راسي، کڻي ڪلمون ڀرين ڪريم تي.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو هيڙهي ۽ ڦوسيءَ جو

(چيل خان محمد جو)

]هن مناظري ۾ هيڙهو، ڦوسيءَ تي عاشق ٿي کيس چوي ٿو ته: لڄ نه ڪر، جيڪي گهرڻو اٿئي سو گهر، مون کي ڀورڙو يا ٻار نه ڪري ڀانءِ، جواب ۾ ڦوسيءَ چيس ته: هيڙها ! شرم جي ڳالهه آهي، جو ڪالهه ڪالهوڻي تنهنجو پيءُ رستن تي ڌڪا کائيندو گهميو ۽ اڄ تون مون سان عشق جي هام ٿو هڻين. هاڻي ڀڄي پاسو ڪر نه ته پنهنجي مڙس کي سڏ ڪنديس جو مڪن سان ماري ڇڏيندئي. تنهن تي هيڙهو پنهنجي پورهئي ۽ ڪمائيءَ جو ٻڌائي چويس ٿو ته: مهڻا ڏئي اسان کي نه مار ۽ ڪنهن طرح سان مڙئي ٺاهه ڪر. ڦوسي چيس ته: توسان ڪڏهن به نه وهنديس جو تنهنجي اوطاق تي مون کي دم پلڪ به آرام نه ايندو.[

هيڙهو

ساراهيان سچو ڌڻي، جو ڏيهه ڌڻي ڏاتار،

هيڙو چوي ڦوسيءَ کي، ڇو اپر لڳئي عار؟

مون کي نه ڄاڻج ڀورڙو، نڪي ڀانئج ٻار،

جيڪي طلبين ڪريان تيار، لڄ لڪائج ڪينڪي.

 

ڦوسي

هيڙها، مُنهن ميرا ! جي سڻين منهنجي ڳال،

اکين شيرا، پُڇ ڊگهيرا، ڪالهوڻي ڪال،

پِڻهين رليو ٿي رندن تي، ڇيڻا ڏسي ڏئي ڇال،

ههڙا تنهنجا حال، ٿيندئي پير پڌرا.

 

هيڙهو

ڦوسي ! فقيرن کي، مهڻا ڏئي نه مار،

ڏوري پرڏيهه کي، اسين ڪريون واپار،

جهجهي آڻيون ٻاجهري، جال آڻيون جوار،

هاري ! هڏ مَ هار، مون لاءِ وٽيندينءَ ڪينڪي.

 

ڦوسي

تو لاءِ وٽينديس ڪينڪي، ته وڃي تنهنجو ڇا؟

مون وٽ ڪيئي آيا ويا، ڪنهن نه ڏٺا سُئا،

هاڻي ماٺ ڪري وڃ مُئا ! نه ته سڏي چونديس سؤٽ کي.

 

هيڙهو

سڏي چوندينءَ سوٽ کي، ته وينديس پيهر ۾ پيهي.

 

ڦوسي

ويندين پهر ۾ پيهي، ته سڙيا ! لڳندئي سيلهه،

اسان مڙس پاڻ ۾، ٻِٽ ٻڌي هئي ٻيلهه،

متان ڪنهن ويلَ، مري وڃين مُڪن ۾.

 

هيڙهو

جي مري ويندس مُڪن ۾، ته پرچ ڪنهن پاهت سان،

سڏي سڪ منجهان، ڏي دلاسو دل کي.

 

ڦوسي

ڏيانءِ دلاسو دل کي، ڪهڙو منهنجو ڪم؟

هيڙها ! اچي نه دم، اوهان جي اوطاق تي.

 

هيڙهو

تون اسان جي اوطاق تي، ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا آءُ،

لتاڙ ڏُرت ڏهاڳ جو، خوش ٿي ”خان محمد“ چئي کاءُ،

اهڙو آڌرڀاءُ، ڪونه ملندئي ڪٿهين.

 

مناظرو ڀنڀوريءَ ۽ مڇر جو

(چيل محمد ڌوٻي جو)

]هن مناظري ۾، مڇر اڳرائي ڪري ڀنڀوريءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو ته: بڇڙي ڀنڀوري مردن جي مٽ نه آهي. ڀنڀوري جواب ٿي ڏئيس ته: گهڻي ڄاڙي نه هڻ نه ته چنبو هڻي چيلهه ڀڃي ڇڏينديسانءِ. پر مڇر هيڪاري ڦونڊجي چويس ٿو ته: اسين شينهن کان به سير ڪثر آهيون، تون اسان سان ڪيترو پڄي سگهندينءَ. تون ته کنڀن جي کڙ کڙ سان خلق کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. ڀنڀوري چيس ته: ڳهيلا مڇر ! هڪڙي ئي لاماري سان ڳڙڪائي ڇڏينديسانءِ. آخر ٻنهي قبول ڪيو ته اهو فيصلو چڱن مڙسن کان ڪرائجي ته هن ملڪ ۾ رهڻ جو ڪير جو حقدار آهي. چڱن مڙسن يڪراءِ فيصلو ڏنو ته: مڇر کي هيءَ ملڪ ڇڏڻ گهرجي. پر مڇر اهو فيصلو قبول نه ڪري ڪاوڙجي اٿي ڀنڀوريءَ کي ڌڪ هنيو. تڏهن ڀنڀوري به ولو ڏيئي مڇر کي ڳڙڪائي ڇڏيو.[

تمهيد

مڇر آيو مُلڪ ۾، ڀاڙيل ’ڀُون ڀُون‘ ڪري،

ماس ويچارن ماڻهن جو، ٿو چڪن ساڻ چري،

سڀڪو سندس سُونڊ ڏسيو، ڏورئون ٿو ڏري،

مڇر شال مري، جنهن رنجايو آ راڄن کي !

 

جنهن رنجايو آ راڄن کي، سو وِلهو آ ويري،

ڪُوڙ رکي ٿو ڪنڌ ۾، آڪڙ انڌيري،

وِلهو ويهي واٽن تي، ڪري گِلا گنديري:

ته اها بُڇڙي ڀنڀوري، ناهي مَٽ مرد جي.

 

ناهي مٽ مرد جي، اِها ڪمِيڻي آهي ڪير؟

اسين ڏنگا آهيون ڏيهه ۾، شينهن کؤن وڌ سير،

چئي: مڇر ! ڇڏ ڏڦيڙ، نه ته ڀڃنديسانءِ چيلهه چنبن سان.

 

مڇر

ڇا ڀڃندينءَ چيلهه چنبن سان، تنهنجو ڪهڙو آهي وَسُ؟

اچڻ نه ڏينئِي شهر ۾، تنهنجو راڄن ساڻ نه رَسُ،

پِٽيل ! تنهنجي پَرن ۾، آهي هُل هَنبس،

جُڙيءَ کي آ جَسُ، ڪر آزيون اڳيان منهنجي.

 

ڀنڀوري

آزيون ڪيان ها تو اڳيان، جي هجين مون کان مَٿيرو،

آهين منهنجي اڳيئون، کُهِيل ! تون کيرو،

وٺنديسانءِ ائين اچي، جيئن باز کڻي ڳيرو،

ٻُڌ هيءُ ٻيو ڀيرو، ويهه موڳا ! تون ماٺ ڪري.

 

مڇر

موڳو ويهي ڪيئن ماٺ ڪري، اهڙا ويڻ نه ڳالهاءِ،

آهين ڪهڙي ڪم سان، تنهنجو هتڙي ڇا؟

هلي وڃ حرامزادي، پوئتي پير هٽاءِ،

ٿو ڏسي هڪ خدا، ته جيئرو نه ڇڏيانءِ جڳ ۾.

 

ڀنڀوري

جيئرو نه ڇڏيندين جڳ ۾، ڀانءِ ڏٺئي ڀوري،

چغل ! پيو چغليون هڻين، چور ڪري چوري،

ڪونهئي وت وجود ۾، قُوّت اَٿئي ٿوري،

هاڻي لاهيانءِ ٿي ڦوري، نه ته موڳا ! ويهه ماٺ ڪري.

 

مڇر

موڳو ويهي ڪيئن ماٺ ڪري، جيئرو آهه جيتر،

رهين به اسان جي راڄ ۾، ٻيا ويڻ ڏئين ويتر،

مُٺِي ! مردن سان کڻي، تون هوڏ ڦِٽي هيءَ ڪر،

هاڻي موٽي وڃ تون گهر، نه ته ڪندوسانءِ خوار خلق ۾.

 

ڀنڀوري

ڇا ڪندين خوار خلق ۾، اَٿئِي مُهانڊو موچارو،

رنگ تنهنجو ربّ خلقيو، سج مثل سارو !

هڏ نه تو ۾ حرام آهي، ٻيو بدن بانسيارو،

آهين جَڳن جُٺيارو، جو اُڏاڻو وڃين واءُ تي.

 

مڇر

ڀَلِي اُڏامان واءَ تي، اهو اسان جو ڪم،

مُنهن چڙهي مهڻا ڏئين، توکي شيري ! پيو نه شرم،

کنڀ تنهنجا کڙڪن گهڻو، ٻيو چرڙاٽ ڪري ٿو چم،

کوٽِي ! ٻاريئي خُلم، دانهن ڏنئي هن ديس ۾.

 

ڀنڀوري

دانهن ڏنم هن ديس ۾، مَرد چڱا مِڙَن چار،

سڏائي تو ۽ مانۡ کي، سمجهائين ريءَ سرڪار،

ڇو پئون حاڪمن ۾، اها چڱي ناهي ڪار،

تان انڌا ! عقل ڌار، رک رايو تون راڄ جو.

 

مڇر

رکان رايو راڄ جو، جي سچ چون سلامت،

رهي وڃن نه رواج تي، پر چڱي ڪن عدالت،

مڃيندس پوءِ تن جي اهائي مصلحت،

ڇڏي هوڏ حرڪت، موٽي ويندس هن ملڪ مان.

 

ڀنڀوري

مڇر اتي ماٺ ڪئي، ڀنڀوريءَ ڳالهايو:

پريا مڙس پاڙي جا ! اوهين ڀلي ڪري آيئو،

آچار ڪري اسان جو، اهو فيصلو ڇڏايو،

چَئِي سچ سَوايو، ملڪ وٺي مون کي ڏيو.

 

فيصلو

تڏهن مردن بيهي مڇر کي، سامهون چيو سچ:

رنج نه ٿي رن زال سان، پِٽِيلَ ! تون پَرچ،

کائي پِئي پانهنجو، کُهِيلَ کنيون خرچ،

آهين وڏو ڪو لُچ، جو رنجايئي رن زال کي.

 

مڇر

رنجايان رن زال کي، ٿي تڙيل ڪري تڪرار،

ٻيو مُنهن چڙهي مهڻا ڏئي، گهڻي ڪري پَچار،

سمجهايو ڪين سڃيءَ کي، پر مون ڏي ڪيو ميار !

گوهر ! ٻڌي گفتار، ڪا ڳَڻ ڪريو هن ڳالهه جي.

 

شاعر

ڳَڻ ڪيائون ڳالهه جي، آيو راڄ رڙهِي،

ڀنڀوريءَ اِت بَس ڪئي، ۽ مڇر ويو چِڙي،

چيو سَچ ٿي سڀني، مڇر کي مِڙي،

تڏهن مڇر ڀنڀوري، هيرا ڏيئي هلاڪ ٿيا.

 

مڇر اُٿي اُت هنيو، ڀنڀوريءَ کي ڌڪ،

گسي ويو ڌڪ گانڊوءَ جو، لعين ٿيو لاشڪ،

”محمد“ چوي مڇر ڪيو نسورو ناحق،

پوءِ هڻي ڀنڀوريءَ چَڪ، ماري وڌو مڇر کي.

 

اِنهيءَ مُئي مڇر جو، هُئو ڏيهن ۾ ڏهڪارو،

ڪڪ هُئس ڪيترا، سڄو مُلڪ سارو،

اچي ويو اوچتو، وڍيل کي وارو،

هيءُ ”ڌوٻي“ ويچارو، قصو ڪَهندو ڪيترو !

_____

مناظرو ڪڙمي ۽ ڏاند جو

(چيل حسين فقير ديدڙ جو )

]هن مناظري ۾، هڪڙو ڍڳو هرن ۾ وهڻ کان انڪار ڪري ٿو، تنهن تي هاري چويس ٿو: غفلت ۽ آرس ڇڏي اُٿي کڙو ٿيءُ، ڇو ته جڏهن تون هلي هر وهندين، تڏهن ئي آءٌ پوک ڪري سگهندس. هل ته ساجهر سويري هلي ڪم کي لڳون. ڍڳو جواب ۾ چويس ٿو: تون تمام چالاڪ آهين، جو ٺڳيون ٻڌي ڍڳن کان سخت پورهيو ٿو وٺين، پر کائڻ لاءِ نڪي ٿو چڱو چارو ڏين ۽ نه وري اَجها لاءِ ڪو مضبوط منهن ٿو ٺاهين. تون منهنجو ڌڻي برابر آهين، پر آءٌ هرن ۾ ڪونه وهندس. هاري گهڻيئي منٿون ڪري ۽ لالچون ڏئي ٿو، پر ڍڳو سندس سڀني ڳالهين جا رد ڏيندو رهي ٿو. آخر ۾ ڍڳو کيس صاف ٻڌائي ٿو ته: جيڪڏهن ٻيائي من مان ڪڍي اسان کي به سوئا ڍڳين ۽ مينهن جهڙو ڪمائتو ڪري سمجهندين ته انهيءَ ۾ تنهنجو فائدو آهي.[

ڪڙمي

بگا ڏاند ڀٽارا ! هلي وَهه هَر ۾،

ويهڪ ڇڏ، وارو ڪر، ٿيءُ نه غافل گينوارا،

مڙس ٿي مُنهن ڏي، ته اچن اَنن جا وارا،

ڪڻڪ جَوَ جام ٿين، ڀريان پَليُون پيارا !

مان ڀي سنگتي سچو آهيان، ڪرم ڪر ڪوهيارا !

سُستي ڇڏ، ساجهر هَل، هلي هڻ جاٽون حالارا،

کيڙ هلي خوشيءَ سان، ٻاجهه ڀريا ٻارا،

وٺي هل ٻنيءَ ڏي، چاهه منجهئون چارا،

ٻيلهي ٽيلهي ناڙ ڪري، نر هڻج نارا،

پوءِ بگا ڀلارا ! تنهنجا ڳڻ ڳائيندس ڳوٺن ۾.

 

ڏاند

ڳڻ ڳائيندين ڳوٺن ۾، پر مان ڀي آهيان سياڻو،

تڪيم ٿي توڏي، ٿي نِسَتو نماڻو،

ڏسي ڏاند ڏنڊا ٻيا، تون آهين کُڊاڻو،

مَلي گاهه وجهڻ کؤن ڪرين ٿو ماڻو،

سيءَ جي جهلي سَٽَ نٿو ڀُتو منهنجو ڀاڻو،

ڪُتر جو ڪونڊو هڪ مون لئي ٺاهيو ٿِي ٽاڻو،

وجهين ٿو ورائي تون ڇاڇر جر ڇاڻو،

وتان پٽيندو پيٽ لئي، ويڌَڙَ ويڳاڻو،

چريا ! ٻيو چوانءِ ڇا، ناهين انڌو ۽ ڪاڻو،

عاقل کي اشارو بس آ، تون ڪو آهين اياڻو،

آهيان تنهنجو نوڪر نماڻو، پر هلي نه وهندس هَر ۾.

 

ڪڙمي

وهندين جي ڪين هر ۾، ته پُڇ پٽائيندين پنهنجو،

مُنهن تي هڻين مالڪ کي ٿو، تون پُٽ آهين ڪنہ جو؟

پاليومانءِ پٽن جئن، توکي رکيم نه اَهنجو،

هاڻي جي وهندين هَرَ ۾، ته هوندين سڄو ڏينهن سهنجو،

نيّت صاف رکن جي، هت مانُ آهي تنهن جو،

اُٿي هڻ اوڙِ هلي، نه ته انڌا ٿيندين اَهنجو،

وَهڻ هَرُ گاڏيءَ ۾، مَرڪ آهي تنهنجو،

مَرم ويُئي موڪلائي، شرم نه ٿِي منهنجو،

اهڙي حال ”حسين“ چئي، تون دشمن آن پنهنجو،

جي ڏاند آهين منهنجو، ته هلي وَهه هر ۾.

 

ڏاند

هلي وهندس هَرَ ۾، ته ٺهي پوندي ٺُڪَ،

هڪ بيگر وهائيندين، ٻي دٻي ڏيندين بُکَ،

ٽيون وهائيندين ڀاڻ ڀُتي ۾، جتي سيءُ ڪندم سُڪَ،

اهڙي ڪندس ڪينڪي، مان ڀي مٺڙا چُڪَ،

ڄاڻان ٿو چال تنهنجيءَ کي، وجهان ڇو ٿو وکَ،

مان بي زبانو بيوس، تون مار ڀلي هڻ مُڪَ،

ساريان ٿو سراسر، تنهنجا سڀئي سُکَ،

سانوڻ ۾ سنگتي تنهنجو، توڙي لڳي لُکَ،

هاڻي ويٺو هان وٽ هن ۾، ڪيو هڪئون هِڪَ،

تنهنجا ڏُرمَ ڏکَ، پاتيُون ويندس پيٽ ۾.

 

ڪڙمي

پاتيون ويندين پيٽ ۾، مان ڇا ڪيو آهي؟

ڪهڙن ڀلا ڪڙمين، ڪِرت ڇڏي لاهي !

ڇڏي ڪونه ٿو ڏاندن کي، بنا وهائي،

ههڙي مند هَرن ۾، ڪنهن ڏاند ڇڏيو آهي؟

مون کان وَڌ ڏاندن کي، ڪنهن سکيو رکيو آهي؟

 

ڏاند

چئي: هر وهائي هڪلي ڇڏين، ته ڀل جهنگ پٽي کائي،

سانجهيءَ جو سيلهو وجهي، ڇڏين اَٽڪائي،

وِجهين نه ويتر ڪجهه ڪُتر ڪرائي،

پَلو ڇڏيئي بُهه جو، بيحد بچائي،

کڙ، سُوڙهي ڏاري جا، رکيئي گندڙا ڀرائي،

وِجهين سرس سُئائن کي، مون کان لڪائي،

گابٽ پالين گُڏين جيئن، ٺاهه چڱي ٺاهي،

آخر چئو ته مان تنهنجو ڪيو ڏوهُه ڪهڙو آهي؟

هي منهنجي باب ته بڻائي، تو ٺاهيو آهي ٺاهه ڇو؟

 

ڪڙمي

ٺاهيو ڪونهي ٺاهه مان، تنهنجي نيت آهي نبتر،

کائين، ڳائين ڪينڪي، توکي خوب رکيم خوشتر،

چري چارا چاهه سان، ٿي پِئين چَگهنو ۽ چَهٻر،

وڙهيو مانءِ نه وس ڪَئي، حيف هجئي هِن پَر،

ڄاڻ رک، ڄَٽ ڪين ٿيءُ، ذرا ڌيان ته ڌر،

حال حبيبان پيش پريان، آ غريبي گذر،

اَنّ گاهه جي اڻاٺ آ، ڪجهه تون ڀي ڪهل ڪر،

”ماريان سو نه واريان“ تون آن پيارو کؤن ته پِسر،

حال انهي ”حسين“ چئي، اڃا ٿيندين اَبتَر،

جهڙي جاڙ ڪئي تو آ، اهڙي ڪري نه ڪو ڪمتر،

مئي بنا مُور نه ڇٽندين، اٿئي بار مڙئي بَر سَر،

هاڻي گُرٺيون ڇڏي گِرَ، اُٿي وَهه هلي هَرَ ۾.

 

ڏاند

هلي وَهان ڪيئن هَر ۾، بک ڪيو بي ايمان،

اکين تي اَنڌاري آ، ڳڻين ٻڌا ڳانَ،

پيرَن پِڙ ڪڍيو آ، گوڏن ڪيو گهمسان،

ويهان ته اُٿي نه سگهان، نه هلان ڪنهن امڪان،

آنڊن ۾ وڄي ٿي ”تُونهين تُونهين“ تانَ،

موت ڀي موٽي ويو، منهنجا ڏسي مانَ،

مٿي پڄاڻا منهنجي تون خوش نه ٿيندين خان !

اجايو اَنڌو نه ٿيءُ، دُرس رک ڌيان،

ڍؤ ڏيئي ڊُڪاءِ هلي، پوءِ ڏس جهَٽڪا منهنجا جوان !

پر جي بُک ڪيو بيران، ته وهندس ڪيئن هلي هر ۾.

 

ڪڙمي

هلي ته وهندين هَر ۾، ته ڇڏيانءِ نه ڇوڙي،

ٻڌو کڙو هوندين، پوءِ بُک مرين توڙي،

پوندءِ ڳارو ڳچيءَ ۾، سگهندين ٽوڙهو نا ٽوڙي،

ماريندءِ بک مفت ۾، چُڙي ۽ چوڙي،

لکيو لوح قلم جو هرڪو پيو لوڙي،

ڏنو جيڪي ڏاتار آ، سو رکانءِ ٿو جوڙي،

بخت کان بيٺو آن، مُٺَل ! مُنهن موڙي،

سياڻو ٿيءُ نه ته هڻندو سانءِ جُوتا ڀي جوڙي،

لڳي لغار لاري جن جي، چڙهيو آن انڌ جي گهوڙي،

ڪيرائنيدءِ ڪنڌ ڀر، سي کڏ منجهه کوڙي،

سنگت انهن جي آخر ۾، ڇڏيندءِ ٻوڙي،

قسمت سواءِ ڪم نه ٿئي، ڪو ڪيڏو ڊڪي ۽ ڊوڙي،

هاڻ اُٿ انهيءَ اوڙي، هٽ جاٽ هلي ڪا جار سان.

 

ڏاند

هڻان جاٽ نه ڪنهن جار سان، ڀل ماري ڪر تون مُڃ،

ڏؤڻڪ ڏنئي بُکَ جا، انهيءَ کان وڌ اُڃ،

مال متارا ٻيا ڏسان، مون لاءِ ثابت سُڃ،

گاهَه پَلاهَه غرق ٿيا، رائو ٿي ويو رڃ،

کِيرَ پي، کَٽا کائِي، پيٽ ڀري ڪيئي پُڃ،

مون کان به ته وڌ وڏيري آ ڪاري ڪَميڻي گهڃ،

کاڌي ساڻ ڏسجي ٿي، ننڍي نوٽي نُهڃ،

هاڻي ڀڃي ڪرين توڙي ڀُڃ، ته به هلي نه وَهان هَر ۾.

 

ڪڙمي

هلي وهندين هَرَ ۾، نانگا ! تون نروار،

تو جهڙا تنهنجا وڏا به وَهِي ويا هَرَ ڦار،

پٿر به ٻڌي پيٽ سان ثابت رکيئون سار،

هٽيا نه قدم هيڪڙو، وڌ وڌيري وار،

”نيت صاف مرادون حاصل“ هيءُ لکيو لکڻهار،

تو کؤن لڪائي ڪين رکيم، جيڪي ڏنو آ ڏاتار،

کَڙِ، سُوڙهي، بُهه، ڪُتر جا هجن جي انبار،

ته وٺايانءِ لٽڪا لُٻَ جا، وڏيءَ خوشي خُنڪار،

تو جهڙو ٻيو ڪونه آهي، منهنجو محب مددگار،

پر قسمت وس قادر جي، جنهن ڪيا قول قرار،

وس ڪئي ڇڏيندس ڪينڪي، توکي دلبر يار،

پر تون ڀي ڪجهه سياڻو ٿيءُ، ڌيان اندر ۾ ڌار،

ٿڪل کي ٿڪاءِ ڪين، ڪر نه پڌرا پارَ،

مئل کي مارڻ سان نه وٽيندين ڪجهه ڪوهيار،

الله ڏيندو گاهه گهڻو، پوءِ ڪندس تولئي بگا بيشمار،

هاڻي ترت ڇڏي تڪرار، اُٿي وَهه هلي اڄ هَرَ ۾.

 

ڏاند

هلي وهان هر ۾، ته تنهنجا ڪُوڙا آهن اقرار،

مان مئس تو لاءِ، پر تو پڌرا ڪيا پِرڪار،

ڏيئي لغار لالچ جي، تو ڦُريا ڪيئي ٻار،

چالاڪي تنهنجيءَ جي آهي چؤپچو چؤڌار،

هُل آهي ”حسين“ چئي، ته تون آن ڏاندن لئي ڏهڪار،

هڪ وهائين هَر ۾، ٻيو ڏين بُکون بيشمار،

اٿي سور سوئائن جو، جن ڏنا کيرن جا ٿِي خمار،

مون سان مٿينءَ دل سان ٿو رکين درس ڌتار،

ڦربا آهن ڦيري ائين ٻٽاڪن  سان ٻار،

اسان کي ڄٽ ڄاڻ ڪين، ٿا سمجهون سڀ ڪجهه يار !

گاهه رکيو ٿِي گهر سان، هڻي کَرو چؤڌار،

مَلي وجهين ٿو مينهن کي، ڏيئي ڏاري جي ڏار،

ڏاند ڪيا ٿي گابا، ڪُونهان آهن ڀي بيڪار،

مون کان مُنهن مَٽي وئين، ڇڏيئي ڇوڙي ڇيڪ ۾ يار !

ڪُرٽي سُرٽي قوُت ڪريان ٿو ناڙن منجهه نروار،

پاڻي پي دُٻن جو، ٿيان ڪُکن کؤن ٿو تار،

تاڏن منجهان تڻي تڻي، وٺان ڍورين جي وڃي ڍار،

پوءِ چئو ته اهڙي آر، ڪيئن وَهان هلي هَرَ ۾؟

 

ڪڙمي

وهندين هلي هَرَ ۾، ڇڏ هاڻي هُوڙهائِي،

مان ڪئي، مان کي ڦٻي رک ثابت سچائي،

پڌر چڙهي پويَر ٿي، ڪجي ڪنهن جي نه ڪچائي،

جهڙو تهڙو ته به تنهنجو آهيان، هاڻي ڇڏ بگا بُرائي،

مرندا ٻچا بک منهنجا، جي تون ڪندين پَڪائِي،

اُٿي شير ! شرم ٿِي، ڪر ٺاپُر ٺڪائي،

ڪندس ٻيهر ڪينڪي، مان ڀي ماٺائي،

اڳ اڳرو ڏيندين، هاڻي ڪر نه ڏاڍائي،

هل اُٿي اُڇاترو، ڪر نه اوير اَجائي،

کيڙي ٻني خير سان، ڪر سڄي ئي سائي،

لڳ نه لاري ڪنهن جي، ڇڏ آرس اَجائِي،

هاڻي ڪاوڙ ڇڏ کائي، اٿي وَهه هلي تون هَرَ ۾.

 

ڏاند

هلي وهان ٿو هَرَ ۾، پر تون ڀي ٿيءُ سُڄاڻ،

وري به وڙ ڪيانءِ ٿو، ٽوڙي سڄو ٽاڻ،

قابو رهه تون قول تي، رک سچائي ساڻ،

دغا ڪڍ دل مان، مَدائيءَ جو ماڻ.

ڪپي ڪڍ قلب مان، ٻيائيءَ جو ٻاڻ،

پوءِ اهڙو جن اهڃاڻ، هلندا سي ايمان سان.

 

مناظرو ڪڙمي ۽ ڏاند جو

(چيل بخش علي جتوئي جو )

]هن مناظري ۾ هڪڙو ڍڳو، ڳوٺ جي وڏيري جي بيگر ۾ هرن وهڻ کان انڪار ڪري ٿو. ان جو اِهو سبب ٿو ٻڌائي ته: آءٌ ٻين سڀني ڍڳن ۾ پهلوان آهيان، ڪم به ٻين ڍڳن کان گهڻو ڪريان، ته به تنهنجا وڏيرا مون کي گاهه جي مٺ به نٿا ڏين. هاري جواب ۾ گهڻيئي سمجهائيس ٿو ته: پاڻ غريب آهيون، هر ڪنهن سان کمي کائڻو آهي. ازانسواءِ وڏيرن ۾ ڪئين ڪم پيا پون، پوءِ جي هن مهل به تون ساڻن مدد نه ڪندين ته پڇ پٽي لنڊو ڪري ڇڏيندو سانءِ، پوءِ ڀلي پيا تو تان راڄ کلن. ڍڳو هلڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهي ٿو. آخر ڪڙمي، ڏٻي ڏاند کي امين واري ٿو. ڏٻي ڏاند ٻنهي جي روبڪاري ٻڌي، ڏاند کي شرمايو ۽ چيائينس ته: مون تي ستن زمينن جو بار آهي، پوءِ به پيو اڀرو سڀرو وهان. تنهن کان سواءِ خدا جو حڪم به ائين آهي. ڏٻي ڏاند جي نصيحت کان پوءِ اهو ڍڳو سنئون سڌو ٿي هرن ۾ وهڻ لڳو ۽ وري ڪڏهن به نه نٽايائين.[

ڪڙمي

اُٿي بگا ! جهل ڪُلهو، ڪر وَهڻ جي وائي،

ڪڍ ڪُوڙ ڪڇن مؤن، رک سنگت سچائي،

ڇانهر کي ڇڏي ڏي، سَٽ ڏاند ! ڏنگائي،

ڇڏ موڳا مَستائي، نه ته محڪم وَهندين مارسان.

 

ڏاند

وهان ڪين هرن ۾، تاب ڪرين توڙي،

وهائي ٿيندين ويسلو، ڇڏيندين ڇوڙي،

اَسان انهيءَ ڪار کؤن، مُنهن ڇڏيو موڙي،

اَڄ تائين کُر کوڙي، مون ڪئي نا هاج هَرن جي.


* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان اميد علي جروار کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ 138.

* . هن مناظري جي روايت اتر (تعلقي فيض گنج) مان عبدالرزاق کان ملي.

* . هن مناظري جون ٻه روايتون اُتر مان غلام قادر (تعلقي ميرو خان) ۾ عبدالحق (تعلقي شهدادڪوٽ) کان مليون.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي پني عاقل) مان محمد حسن ”مشتاق“ کان ملي.

. حسين فقير ديدڙ، ڳوٺ ديدڙ تعلقي قنبر (ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ ڄائو، فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ميرن کيس پنهنجو ڪمدار مقرر ڪيو. هي جوانيءَ ۾ ڏاڍو سرڪش هوندو هو، نوڪر چاڪر کانئس ڏاڍو ڪنبندا هئا. ”حقي“ جو نهايت شوقين هوندو هو. هڪ دفعي نوڪر کان حقو ”گنهور واهه“ ۾ ڪري پيو، نوڪر ڊپ وچان ڏڪڻ لڳو؛ نوڪر کي ڏڪندو ڏسي فقير کي ازخود پنهنجي سرڪشي ۽ سخت طبيعت تي پشيماني ٿي. هن جي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا، ان ڏينهن کان ئي ڪمداري ڇڏي فقير ٿيو. سندس شاعري ان کان پوءِ شروع ٿي. کيس پٽ ڪونه ٿيو، باقي ”شاه محمد ديدڙ“ نالي کيس ڏهٽو ٿيو جو پڻ وڏو درويش ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. حسين فقير سن 1870ع ڌاري وفات ڪئي.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي روهڙي) مان عبدالرزاق کان ملي.

. بخشعلي پٽ مراد علي فقير جتوئي، ڳوٺ ”ٿرڙي ڇٽي واري“ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ 1818ع/1234هه ڌاري ڄائو. وڏو عالم هو. ڳڙهي مبارڪ جي هڪ مدرسي ۾ پارسي ۽ عربيءَ جي تعليم ڏيندو هو ۽ طبابت جو ڪم به ڪندو هو. 1918ع واري وڏي بيماريءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس مداحون ۽ مناجاتون پڻ چيل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org