سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :26

هاري

ساراهيم سو ڌڻي، جنهن جا اُپايل آهيون،

اُٿي ڪٻر ! سَنگ تان تون ڀي اِتاهون،

هڻندو سانءِ ڳوڙهو ڳچيءَ جو، پئي ڪندينءَ دانهون،

ٽڙي پوندينءَ پڌر ۾، ڄنگهون ۽ ٻانهون،

ڪري ساهه سان صلاحون، اُٿي وڃ اِتان تون.

 

ڪٻر

هتان اُٿنديس ڪينڪي، اٿؤن اصل جون جايون،

آڻي ڪک قحط جا، آکيرا ٺاهيون،

اسين ويهون وڻن ۾، ڪي سنگ پٽي کائون،

تون به اچين ايڏانهون ٿو، حڪم هَلايون،

دڙڪا ڏي ٻين کي، اسين ڊڄڻ جون ناهيون،

ٺونگا هڻي ٺوڙهه جا، تنهنجي ٽپڻ کَنهايون،

اُٿارڻ جون وايون، وساري ڏيونءِ سيگهه ۾.

 

هاري

اَچي تنهنجي جاءِ ۾، مان چوانءِ چتائي،

نه ڪميني ڪڙمين سان، سينا ٿي ساهي،

ڪاوڙ ايندم ڪلور جي، ڏيندوسانءِ آکيرا ڊاهي،

ڳوڙهن سان ڳاهي، سِڪائيندوسانءِ سنگ کان.

 

ڪٻر

ڇو ٿو سِڪائين سنگ کان، ڇو ٿو ڏينم گار؟

ڪنديس ڪُوڪ ڪٻرن کي، ڪٽي ڪنداسين ٻار،

اٿئي ساهه سرير ۾، جو ٺونگا جهلين ٻه چار؟

هاڻي چپ ڪري گذار، ڪاوڙاءِ نه ڪٻرين کي.

 

هاري

هيڪر تنهنجي جاءِ ۾، جي اچان مان اندر،

ته پنهنجي وڳر ويڙهه ۾، ٿيندينءَ خوار خچر،

کنڀن کُٿي کر، ڪياڙ ڪڍين ٿي ڪڙمين اڳيان.

 

ڪٻر

ڪياڙ نه ڪڍ اسان جا، توتي اسان جو حق،

ناهين حاڪم ملڪ جو، پاڻ اسان کان ڏڪ،

وجهي ڳچيءَ ۾ چڪ، پَڇاڙيانءِ نه پيهي تؤن.

 

هاري

پڇاڙين پيهي تؤن، ڏيان ٿو ڪوڙيءَ کي مار،

ويتر آهن اندر ۾، سنگن جا به ساڙ،

ڪري ڌڙ سسيءَ کؤن ڌار، اڇلايانءِ ٿو اُس ۾.

 

ڳيرو

نمڪ کائي جن جو، تن سان ٿي جهيڙي،

هڻي لَت لاتير کي، جيڪر وجهان ڪيري،

جهڙا قاعدا ٿي ڦوري، ته سِڪائيندينءَ اسان کي سنگ کان.

 

ڪٻر

جوان ! پنهنجي جوانيءَ سان ڪري ڏس ويچار،

اسان ٻن جي وچ ۾، تو کؤن ڪنهن ڪرايو آچار؟

هاڻي ڪُٽيانءِ ٿي ڪاپار، جو تو ڀي ڳالهايو ڳهيلا !

 

ڳيرو

پٺيان سردارن جي، ڍونڍنيدينءَ ڍير،

ملڪ ۾ وجهين ڏڦيڙ، ڪهِي لات ڪانون سان.

 

ڪٻر

ڪٻر چيو ته ڪانءَ پکي آهن اسان جا ڀائر،

تون پکين ۾ پکي، آهين ڀاڙي خر،

ڏيئي ڪنهن مهل ور، دسي ڪُهندءِ ڪاتيءَ سان.

 

ڳيرو

جي الله ڏنهون پُڳِي، ته امر نه مڃيندو ڪير !

باقي اهڙا کنيئي پير، ته سڀ سِڪنداسين سنگن کان.

 

مناظرو هاريءَ ۽ ڳيري جو

(چيل خان محمد جو)

]هن مناظري ۾، هڪڙو ڳيرو ڦيرو ڏئي، ڪنهن ٻنيءَ مان سنگ کائي وڃي ٿو. هاري کيس جٺ ڦٽ ڪري ٿو ته: ڳيرا ! ان کائي هارين کي ڏاڍو ڪڪ ٿو ڪرين؛ هاري جيڏي مهل ڪاوڙيا تڏهن سونٽا هڻي ماري ڇڏيندءِ. ڳيرو عاجزيءَ مان جواب ٿو ڏئيس ته: ڇا ڪريان جو بک ٿو مران؛ اڀرا سڀرا سنگ کائي غريباڻو گذران پيو ڪريان. منهنجي ٻن چئن داڻن کائڻ مان کٽي ڪونه پوندئو. تنهن کان سواءِ هندو هن ملڪ مان لڏي ويا، هاڻي بادشاهي به مسلمانن جي آهي، پوءِ به غريبن جي گذران تي ايڏي ڌانڌل؟ اي هاري ! اسين هن ئي ملڪ ۾ ڄاواسين نپناسين، هاڻي ٻڌاءِ ته ڪٿي وڃي مٿو لڪايون؟ خدا جي مهربانيءَ سان سنڌ ۾ سڪار آهي، اميد ته اڳتي تنهنجو زيان ڪونه ڪنداسين. هاري جواب ۾ چئي ٿو ته: ڳيرا ! سڪار ٿيو آهي ته به اتي ڏکيو رهي سگهندين، ڇو ته اڳي آبادي گهڻي ٿيندي هئي، هاڻي ٿورا ٽڪرا آباد ٿين ٿا، تنهن کي به جيڪڏهن اوهين نقصان پهچائيندئو ته هاريءَ ويچاري جو ڪهڙو حال ٿيندو، چڱو ڀائين ته اڏري وڃ.[

هاري

ڳيرا ! تون ڏيو ڦيرا، ٿو سٺا کائين سنگ،

ڪونه پوي ٿو توکي، ڪڏهن نڀاڳا ننگ،

ڪرين ”گهُگهُوتو“ گهرن ۾، روهيءَ جهڙي رنگ،

اَنّ کائين ٿو اڇو، تنهنجا کوهيندس سڀ کنڀ،

مٿو ڦريو اٿئي موڳا ! ڪرين ٿو جوانن ساڻ جنگ،

ڪڪ ڪرين ٿو ڪاڙهي ۾، ٻي ڦِٽائين ٿو ننڊ،

خبر سڻ ”خان محمد“ جي، هنيون ڪري هنڌ:

ته ڪُٽائي پنهنجو ڪنڌ، وڃي پگهر ٺاريندين پوٺي تي.

 

ڳيرو

پگهر نه ٺاريان پوٺي تي، مون کي بُک ڪيو بيريان،

ڪِڻا کائون ٿا قوت لئي، ڪريون غاريبو گذران،

ڄاوا نپناسين هِتهين، اسان جو هيءُ ملڪ مڪان،

سائين کڻي سهنج ڪيا آهن، راضي ٿيو رحمان،

روز هر ڪنهن کي رازق ڏئي ٿو، بندا ! ٿيو آهين بي ايمان،

هندو هليا ويا ملڪ مان، بادشاهه ٿيو مسلمان،

پنڪيون کائين پيو پيهي تي، وڃي گهر ڪر آرام،

”خان محمد“ ڇڏ کيٽو، تنهنجو ڪونه ڪنداسون زيان،

ڏس موليٰ ٿيو مهربان، جو وري سڪار ٿيو آ سنڌ ۾.

 

هاري

سڪار ٿيو آهي سنڌ ۾، ته به توکي گڏيون چار،

وٺيو اچو تون هت ويهين ٿو، ٻچا توڙي ٻار،

هڪڙو ڪٻرن ڪڪ ڪيو، ٻيو ڪانگن جو آزار،

ڪريو پون ڪانن ۾، منهن کوڙيو مردار،

ويٺو آهين واٽر تي، جام کايو سا جُوار،

اڳ گهڻي پوک ڪري ڪانه هئي خبرچار،

هاڻ ٽُڪر آهن ٿورا، هرڪو هاري آهي هوشيار،

ويهين ٿو سنگن تي، ڏين ٿو ”خانوءَ“ کي خار،

پوءِ موڳا جهلين نه مار، نه ته اُڏامي وڃ آکيري ڏي.

 

مناظرو ڪڙمي، هرڻ ۽ گڏهه جو

(چيل چنگل فقير مهر جو )

]شاعر تمهيد طور صفت ساراهه کان پوءِ هن مناظري ۾، جهيڙي جو سبب هيءُ ڄاڻايو آهي ته هن ڪڻڪ جي پوک ڪئي. هڪڙو هرڻ اچي هريو جو روز رات جو ڪڻڪ جا سنگ چري ويندو هو. هڪڙيءَ رات شاعر به چاري تي ويٺو، آخر هرڻ سان منهن مقابل ٿي.  کيس منٿ ڪيائين ته: ڪنهن ٻئي جي ٻنيءَ کي وڃي پاسو ڏي. هرڻ ته منٿ مڃي هليو ويو، پر جان کڻي ڏسي ته ٻنيءَ کي ٻئي پاسي کان هڪڙي گڏهه وارو ٻڌيو بيٺي آهي. پوءِ شاعر اچي جٺ ڦٺ ڪيس ته: آئينده جيڪڏهن هيڏانهن آئي آهين ته جهلي ’پني عاقل‘ جي ڍڪ ۾ هڻندوسانءِ. پر گڏهه به جهيڙو اٽڪائي بيهي رهي. چئي: ڌڻي تعاليٰ جي اُپايل ان کائڻ کان ٿو روڪين، ۽ مٿان وري ڍڪ ۾ ٿو هڻائين ! جي ائين ڪيئي ته آءٌ به سوين گڏهه وٺي اچي پوک ڀيلينديس. اتي شاعر چويس ٿو ته: گڏهه ! چڱو اٿئي ته سمجهي وڃ، تون گڏهه وٺي اچي پوک ڀيلين ان کان اڳ شهر جا ڇوڪرا چڙهي، ڊوڙائي ڊوڙائي بڇڙي حالت ڪندئي. گڏهه آخر ۾ گهڻئي دڙڪا دهمان ڏئي ٿي پر شاعر اڳيان هڪ به نٿي هليس ۽ هلي ٿي وڃي.[

تمهيد

صفت اول الله جي، ٻي صفت نبيءَ واري،

قادر پاڻ قائم ڪئي، چاهه مان چؤياري،

اَبوبڪر، عثمان، علي ذوالفقاري،

حسن ۽ حسين ڏهٽا نبيءَ جا، جن اُمت اُجاري،

خاتون جنّت بنت النّبي، سائڻ سوڀاري،

پنجن جي رک پياس تون، هر جا هيڪاري،

محي الدين ماڙ ڪندو، اچي منجهه مهل موچاري،

جنهن جي دام، آهيان سام، سو ڪندو قرب قراري،

ڍڪيندو ڍول اچي، شل هِي ڏَڏُ ڏوهاري !

چرئي هن ”چنگل“ تي، ڪندو صاحب ستاري.

هاڻي ٻڌ ته ٻڌايان توکي، هيءُ حال هڪواري:

وٺي ڀَرِ ڀِڙَ جي، وڃي ڪيم ڪڙمت ڪراري،

پَٽي کوهي پوک ڪيم، سهجئون سوڀاري،

چاڙهيم اچي چاهه مجهان، هِت نار نرواري،

ٿاڪ، ٿکڙ، ٿَنڀريون، ٿنڀا، پرت پري پڃاري،

ڍوئي مالهه نماڻي پاڻِي، لوٽن لهه لنواري،

ڳاڌيءَ جي ڳٽڪار تي، لاتيم للڪاري،

چاهه سان ”چنگل“ چئي، ٺاهيم بر ۾ بازاري،

پٽ تي پوش پيو، ٿي ساوڪ سوڀاري،

کٻڙن ۾ کڙڪا ٿيا، ڪئي ڪنڊن ڪوهياري،

بس صاحب سينگاري، هيءَ ڌرتي ڌوڙ ڀري کڻي.

 

لِڱين سِڱين سهڻو، ڏس ڪَڪڙو، ڪوهيارا،

هڪڙا ليٽن لَٺِ تي، ٻيا ڪن پِڙن تي پَسارا،

هُن جا قدم قرب ڀريا، هئا سدا سوڀارا،

اکياڙيون اکين تي هيس، هُت کوپا موچارا،

”چنگل“ چئي چرئي جا، ڏس چوڌاري چارا،

ماريا تنهن مَيل ڪيئِي، نر هڻي نعرا،

اوچيهر ’عقل‘ ڳوٺ جا، ڪُل ڏاند ٿيا ڪارا،

’حاصل‘ ڀي همت ڪئي، پر ويا وري وسوڙل ويچارا،

جنهن جي سوڀ ستار ڪري، تنهن سان ڪهڙا ٽَڏ ٽارا،

ڪَڪڙي پنهنجي قرب سان، سڀ سوريا سنگهارا،

چُهي تي ”چنگل“ چئي، هئا ’چڪرين‘ جا چمڪارا،

’مُهرو‘ ڳاڌيءَ‘ وچ ۾، پيو ڪري وڪڙ ۽ وارا،

’لَٺِ‘ ليٽي ڌوڙ ۾، آيا عشقئون ’اوڀارا‘،

’ڦرهيون‘ ڏس فراق جون، تنهن سان ’ونگڙا‘ ويچارا،

لڳيون ’گنبيون‘ گُوندر جون، تنهن سان ’ڳُجهن‘ جا ڳارا،

’نِهوَر‘ ناز ڦِٽا ڪيا، لٿا ’ڀارُوڻيءَ‘ ڀارا،

’ڪانءُ‘ به رکيو قرب هو، ڪيا سُوٽل سنڀارا،

’جهلڻ‘ جيءُ جهوري وڌو، سڀ کنيائين سِر بارا،

’پِڙاٺن‘ تي پڙٻاٽن سان، ڪيا ڪَڪڙي ڪنارا،

مالهِي ’مالهه‘ محبت جي، پوءِ کڻي سِر کارا،

آندم ’کوٽا‘ لاڏ سان، جن کي ڳچيءَ ۾ ڳارا،

پاڻي وهي ’پاڙڇ‘ ۾، هنيا ’نيسر‘ ڀي نارا،

’اَڏ‘ وهي اَمان ٿي، ٻاجهه ڀريا ٻارا،

هڻ لَپا، چاڙهه ٻَنا، او وُرَ ڪوڏر وارا !

هَر وُڙها سي حُب مان، کڻي چُونيون ۽ نارا،

وڍي ڪاٺ ڪُهاڙن سان، ٺاهيم مَنَهَن موچارا،

خوشيءَ مان کانڀاڻيون وٽي، جهار ڏنم جهارا،

پچي ڪَڻڪان راس ٿيون، پيا لس لابارا،

ڳاهَه ٻڌاسي فراق جا، وڇڙيا ڪَڻا ويچارا،

ڏيئي ڇَڄ ڇوهه سان، ٺاهيم ڌڙا [1] ڌڌڪارا،

هاڻي مرشد موچارا ! اولا لاهه اکين جا.

 

هڪ ڏهاڙي پوک ۾ گهمندي ڪيم غور،

ڏسان ڇا پاسن کان، لڳو پوک کي آ چور،

گهمي ٿو گينوارجي، شڪ ناهي ڪو گور،

مِرُون آهي جهنگ جو، يا آهي ڪوئي ڍور،

شهباز آهي شِڪرو، يا آهي ڪو شهزور،

لڪي اچي للهنگ ٿو، منهن اَنڌيريءَ مور،

جناور ڪو جهنگ جو، جابر ڪري ٿو جور،

ڏسي طفيل [2] تَڙِ [3] جي، ڏاڍو ٿيئڙو تور [4]،

سج لٿي، منهن اَنڌاري، ڏٺم پري ڪو ڍور،

ڪڻڪ رنگيو، ٻڪر قديو، ٻولاهو هئو بور،

چيم هيءُ آهي چور، ڪڻڪ منهنجيءَ جو ڪُرَ ڪِنو.

 

ويجهو ٿي وڃي ڪري، ڏٺم جهلي ڪؤ [5]،

ائين پئي آيو، ڄڻ چڙهيل اٿس ڪوٽؤ،

کائي ڏٺو هو کودڙي، سنگن جو ڪو سؤ،

هيس دِيد دخل ۾، آيو پئي ڍونڍيندو ڍؤ،

ميرانجهڙو مُرٽو [6] آيو پئي، ڪُرٽو جهليو ڪؤ،

پوک پوکيل هئي پڻس جي، ائين ڄڻ چؤ،

هڪل ڪري حراميءَ کي چيم: رک ڪجهه ڀؤ،

هرڻ پٽ ڪريءَ جا ! تون پوکن ۾ نا پؤ،

ڏنئي پاساپَنبڻ [7] کي، هاڻي کائڻ نه ڏيندو سانءِ جؤ،

تِل مکي تِکو ٿي، ڄنگهن کي ڏيئي تؤ.

وڃي پَٽن تي پؤ، ڀڄي ميوا کاءُ ماڙَ جا.

 

هرڻ

ميوا کائيندس ماڙ جا، جڏهن وُٺا مِينهن،

پَنبڻ جي پريت ۾، لاتا اٿم ڏينهن،

ڏسي اَنّ اکين سان، هاڻي ويندس ڪيئن؟

تڪڙ ڇڏ، تار نه ٿيءُ [8]، تَڙِ نه مون کي تيئن،

ڪڻڪ جي قُرب جي، جَڙ لڳي آهي جيئن [9]،

هينئڙو چوي هيئن، ته ڏيان وَلا واڙن کي.

 

ڪڙمي

انڌا ! اکيون پٽي ڏس، آ واڙن ڪهڙو گاهه !

ڄُنڊن کُٿا ! ڄَڙهه [10] ويندءِ، ويندئي نڪري لاهه،

مان ڀي مٿو کنيو آ، هاڻي ماري ڪندوسانءِ ماهه [11]،

کرڙي پَٽ کٽو ٿيندين، کٽو ٿيندءِ ساهه،

واڙَن ۾ وس ڪانه آ، نڪو لاءُ ۽ چاءُ،

هڪڙا سُڪا ٻيا ساوا ٽيان گُلن جو ٺاهه،

ڪِنا ! ڪُرٽو ڪيترو، ڪندين گاءُ گَپاءُ [12]،

وڃي مِيڻو [13] مورک چر، ڏس ليارن لقاءُ،

کِيرل [14] خوف کُلي آ، ڏس پٽن پوش پياءُ،

مُڍيري ماڙَ تي، اڄ لاتي چوڏس آهه،

پوءِ هَنيا ! وڃ هِتاءُ، وڃي جال جبل ۾.

 

هرڻ

جاليان ڪئن جبل ۾، مان کُهيد ڏٺِي [15] آ کائي،

سائي سهڻي سنگن ڀري، آ ساهه کي سيبائي،

اوطاقون اَڌرات جون، آهن جانب وٽ جائي،

ڪيان ڪئين، وڃان ڪاڏي، لنؤ لالڻ آ لائي !

باهه برابر بدن ۾، محبت مچائي،

”چنگل“  چئي چاهه ۾، چوچا سِر چائي،

عاشق الاهي، جيڪي رتا وتن روح ۾.

 

ڪڙمي

رتا وتن روح ۾، سي نه آهن تو جئن چور،

همت ڀريا هر گهڙي، مڙس ميداني مور،

وِکَ نه کڻن وسيلي، رکن تڪ ۽ تور،

اندر ۾ عجيب جي، اٿن اورڻ [16] اور،

اَلله هُو وحده، رکن ايها جهور،

رکن ڪونه ريب ڪو، نقڪا کؤنس کسور،

تو جهڙا جڳ ۾ لکين لُچ لغور،

پوک پڪل منهنجيءَ کؤن، پري ڪر پسور [17]،

 ڇڏي ڏي هيءَ ٽورَ، ٽرڙا ! هِن ٽوٽائِي جي.

 

هرڻ

ٽرڙو، ٽُوٽ نه آهيان، ههڙا عيب نه لاءِ،

واڇرا ! واڦڻ ڇڏ، وات نه هيئن وڃاءِ،

رات جاڳڻ، ننڊ ڦٽائڻ، ڪم رندن جو آهه،

اَڌ راتِي عاشق هئا، ويهان ڪئن وَساءِ،

ساڳي سُرت سنڀار آهه، ساڳي سڌ سماءِ،

اسان جي اصول کي، گرا ! هيئن نه گنواءِ،

چريو چؤرنگو تون، چُوت ! نه مون کي چواءِ،

ڀڄي وڃ بخيل ! تون، مٿو ڪين کپاءِ،

ايندءِ ڪم آخر اُهو، جيڪو ڏيندين نام خُداءِ،

انهيءَ لال لَقاءِ، ٿيا عاشق رهون رات ۾.

 

ڪڙمي

عاشق به اُهي، جيڪي پرائيءَ کؤن پري،

ويجهو نه پرائيءَ وٿ کي، نه ڪن زيان ذري،

چوان عاشق ڪيئن اُهو، جيڪو مانِي ڪاڻ مري،

هِتي، هُتي هر گهڙيءَ پيو پير ڀري،

ڦُرڻ خاطر ڦيرا ڏئي، ٽريو ڪين ٽري،

’صُوفي لا ڪُوفي‘ سدا سنگت ريءَ سري،

رتو وتي روح ۾، نه ڪنهن گهَر گهري،

اهڙو ئي عشق جي، دعويٰ دم ڪري،

قلم قادر هٿ ۾، لکيو ڪين ٽري !

چاهه ۾ ”چنگل“ چئي، پيو چَپُ چُري،

جي ٿيا زياني هر ذري، سي والِي وڻندا ڪينڪي.

 

هرڻ

وڻندا سي والي کي، نئين سِج نَوان،

جئن چوري چور ڪري، تئن آءٌ نه ڪَيان،

حلال ۽ حرام جي، سارِي سُرت رکان،

وڙهي ويڙهُو ڀَل وڃي، پَر وير نه ڪي وٺان،

سج لهي سانجهي ٿئي، اُتئون پنڌ پوان،

گذر لئي گُوندر ساڻ، هردم گڏ رهان،

ملڻ لئي محبوب جي، ٿو ڪشالا هي ڪيان،

سياري ۽ سانوڻ جون ٿو سَٽان سِر سهان،

ڏک سُک ساٿي ساڻ آهن، ڪنهن کي ڪين چوان،

’يرزقہ من يَّشاءُ“ ڪيو الله هيئن عيان،

کاوان خوب کَٽي ڪري، نه ڪنهن تي ٽوٽ وجهان،

پَنبڻ جي پريت ۾، ٿو روزئون روز پچان،

چاهه انهيءَ ۾ ”چنگل“ چئي، وٿ نه وار وجهان،

جهليس نه جهَل ڪنهين، جيتر دم جيان،

ڪڻڪ کائي ڪُنڊ ڀري، پوءِ وڃي ماڙ مران،

ٿو دل کي هيئن چوان، ته رُوح رهندو ڪينڪي.

 

ڪڙمي

روح رهندءِ ڪينڪي، پر کائيندين هڪ ٻارو،

چيٽ ڦُٽي چنڊ راس ٿيو، پوندو لابارو،

انڌا ! پوءِ ڪاٿي وڃي هڻندين اوتارو؟

اٿئي ڪِيسُ مون سان ڪيو، ڏيندين ڏوهه سڄو سارو،

لائق ٿيءُ، لالچ جو، لُچا ! ڇڏ لارو،

پوندئي ڪَل تڏهن، جڏ وجهندءِ ڳچيءَ ڳارو،

چوري، زوري ڇڏ ڇراڻل، ناحق کان ڪر ٽارو،

پوءِ اهڙي ئي آچارَ سان، ملندءِ قرب ڪرارو،

هل وٺي اڄ چارو، ڪري منهن تون ماڙ ڏي.

 

هرڻ

ڪندس منهن نه ماڙ ڏي، مان عاشق اِلاهي،

پَنبڻ سان پريت آ، جانب سان جائِي،

وڄي ٿي وجود ۾، تار ته اِهائي،

ڏينهن ڏکيرو ڀانيان، ٻي وڻي نا وائي،

سج لٿي سُرت رکِي، ٿو ڪيان ڪمائي،

پنڌ ڪري، پير ڀري، تُرتئون توائي،

اچي ٿيان ٿو اوڏڙو، سنجهي سدائي،

ڪؤ ماري، ڪَل رکي، جاچي جهُڪائِي،

ڪَرٽي خوب قريب کي، ڍؤ ڪريان کائِي،

تون ڀي ويندين ڪم تي، ويهاري واهِي،

ٿڪل هوندو ٿڪ جو، هٺاهين [18] هائِي،

جنهن جي ٻول ٻَڌل آ، تنهن به پوک نه پَچائِي،

تون خوش ته پٺيان خير آ، پر ڏسندين صُباحي [19]،

لٿل هوندءِ ليکو سڀ، لهندئي نا لائِي،

واهيءَ تي وار، ڪندي ننڊ نه نِڀائِي،

باهه به ويندي بس ٿي، جڏهن هوندي اُونداهي،

هُو ڀلي هوندو ننڊ ۾، هڪل نه ڪندو ڪائِي،

پوءِ ٽوڪري مان پائِي، ويندس ورهائي واهيءَ کؤن.

 

ڪڙمي

منهنجي اِيل [20] اصل کؤن، تو سان هرڻ هچارا آهه،

ضد پئِي، زور ڀريا، ليکو نه منهنجو لاهه،

منهنجي زاري، عمر ساري، تون ڀي ننگ نباهه،

واهَت ڪندس ڪيتري، ڪانهي تو سان جاءِ،

مهر ڪري مُڙي وڃ، وڌيڪ نه وير وڌاءِ،

بَنبڻ پَٽ نه چُونگيون چَٽ، لَڙي وڃ لِله،

عيبن ڀرئي اڀري سان، ڏاڍائي نه پُڄاءِ،

”چنگل“ چئي چُري وڃي، ڪو پاسو ٻيو وساءِ،

هاڻي ناتو نينهن نِباهه، مون جهڙي مسڪين سان.

 

مون جهري مسڪين جي پارت اَٿئي پلپل،

پنبڻ جي پَٽڻ کان، پير پنهنجا جَهل،

آزارڻ اسان جي کؤن، پاڻ پنهنجو پَل،

ڪندين سَتاري سخي ٿي، سچي ساک ته سَل،

”چنگل“ چئي چاهه سان، ڇڏي هيءَ تون ڇَل،

وڃي مرد مٿير تون، ميدانن کي مَل،

ڇڏي وڃ پاسو پَنبڻ جو الله لڳ اصل،

تنهنجي عين عنايت جي، ڳالهه ڪندس ڳَل ڳل [21]،

هرڪو ساڻ عمل، ويندو لڏي ايمان سان.

 

ڏسي ميڙان مرد جون، هرڻ ويو هُٽڪي،

ڌيان جي درياءَ ۾، لڳيس گوندر جي گُٽڪي،

وساري وَٽ پاسڙا، هن پَنبڻ ڏي پُٺ ڪِي،

ڏسان ته پاسي ٻئي، بيٺي گڏهه آ ڇُٽڪي،

چري چَهٻَر، چيلهه ڦري، ڏيئي وئي چُٽڪِي،

کائڻ تي کَرِ لاتِي، ڏاڍي هئي لُٽڪي،

”چنگل“ چئي چُٽڪي، ڪري کُرَ کَري وئي.

 

ڪري کُرَ کري پئي، خوبئون خوب زيان،

ڀيلي ڀيل ڪري وڌئين، ڪڻڪ سڄي بيران،

موڳي مست بڻي کڙي هئي، بيوس ۽ بي ڌيان،

ڄڻ ته پوکيل هيس پانهنجي، يان راهي ويس نڻان،

وڃائي وڍي پئي، ٻي مهري بي مان،

چري سنگ ”چنگل“ چئي، ڪيئين گوڙ وڏا گهمسان،

هينگي پئي هڪل ڪري، کڌڙي خَر خراسان،

انهيءَ باب بيان، اچي پيومانس اوڏڙو.

 

اچي پيومانس اوڏڙو، ڪيئين پئي ’اُنهُن اُنهُن‘،

چيومانس ”چنگل“ چئي، مٿي ڪري مُنهن:

کَڙِي آهين کدڙي ! موڳي کوڙيو مُنهن،

ڪتا ڇڏي ڪل ڳوٺ جا، ڪڍايانءِ ٿو گُنهُن،

ڏي تون ساک سُنهُن، ته وري ايندينءَ ڪينڪي.


* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي پني عاقل) مان محمد حسين ”مشتاق“ کان ملي.

. ڇنگل فقير مهر، ڳوٺ عقل مهر، تعلقي پني عاقل جو ويٺل هو، پاڻ اڻ پڙهيل هو ۽ شعر تمام گهڻو چيائين. کيس وفات ڪئي اٽڪل سؤ سال کن ٿيندا.

[1] . ڌڙا = ڍڳ.

[2] . طفيل = ڀيل.

[3] . تڙ = پوک.

[4] . تور = ڏک.

[5]  ڪؤ = پيرن جي آهٽ.

[6] . مرٽو = بندرو.

[7] . پنبڻ = ڪڻڪ جو هڪ قسم.

[8] . تار نه ٿيءُ = ڪاوڙ نه ڪر.

[9] . جيئن = جيءُ.

[10] . ڄڙهه = طاقت.

[11] . ماهه = گوشت.

[12] . گاءُ گپاءُ = ٺڳي.

[13] . ميڻو = گاهه جو قسم.

[14]  گاهه جو قسم.

[15] . کهيد = ڀلي ڪڻڪ جا پاندر.

[16] = اور = ڳالهه، قصو.

[17] . پسو = گشت.

[18] . هٺاهين = بيهاريل نوڪر.

[19] . صباحي = صبح جو.

[20] . ايل = توبهه، ڪم طاقتي، بي پهچائي.

[21] . ڳل ڳل = ڳلي ڳلي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org