سون
سون چيو لوهه کي، آهين تون ڪمذات،
توکي ليکي ڪونه ڪو، آهي وڏي منهنجي ذات،
ماڻهن مِڙن ۾ گهڻي، طلب منهنجي تات،
کُهه تنهنجي ذات، جو پيو آهين پَٽ ۾.
لوهه
لوهه چيو تنهن سون کي، وڃ تون ماٺ ڪري،
طلب منهنجي عام کي، ٿِي هِئين منجهه هُري،
سڏ اسان کي اُت ٿئي، جت ڪوئي مال تُري،
توکي وڃن چورَ ڦري، چوي اسان کي ڪونه ڪو.
سون
سون چيو سورهيه ٿي، تنهن لوهه نماڻي کي:
جڏهن آهيان ڪامل ذات، تڏهن ويندا چور ڦري،
تون بڇڙو آهين بد ذات، ڪير تو کي ڪونه گُهري،
سورهيه پنڌ پري، کُٽي وڃين هن ڳالهه ۾.
لوهه
لوهه چيو تنهن لُچ کي، چڱيءَ طرح منهان:
ساري سونارا ڪَڍنئِي، جڏهن باهه منجهان،
تڏهن رکي سنداڻ تي، هڻن ڌڪ مٿان،
سَچِي اُت سڀڪا، جيڪر ڪرين جلدي ۾.
سون
سون چيو سلطان ٿي، تنهن دانہ عاقل کي:
ٻيو ڪُڇ پُڇ ڪينڪي، وڃ تون ماٺ ڪري،
تنهنجيون ڳالهيون ڳوٺ ۾، جي ظاهر ڪريان ذري،
ته ڀَڄن هوند پري، بڇڙو ٿِين بازار ۾.
لوهه
مان نه ڀَڄان بازار ۾، توکي ڀَڄائيندس،
اميد آهي الله ۾، توکي سياڻو مان ڪندس،
ڌيان مؤن ”ڌرمون“ چوي، بيهڻ ڪين ڏيندس،
پوءِ سورهيه مان چئبس، توکي چوندو ڪونه ڪو.
سون
سون چيو تنهن لوهه کي، هن طرح سخن سردار:
مون مان جڙن ڳهڻا، تو مان ٿين هٿيار،
طرحين طرحين جا گهڻا، ٿين زيب زينتدار،
تو جهڙا بيڪار، ٻانها سونهن مون اڳيان.
لوهه
لوهه چيو ٿي لاڏ مان: سڻ تون منهنجا يار !
تون مان جُڙن زيور زيبدار، مون مان ٿئي هر ڪار،
کيڙيان جڏهن زمين کي، اُن مان ٿين اَنّ خرار،
کائين اَنّ هزار، توکي کائيندو ڪونه ڪو.
سون
سون چيو تڏهن لوهه کي: جيڪر وڃي لڪان،
مالڪ ڳولي مون اچي، وڏيءَ سِڪَ منجهان،
جيتر هوند لَڀانۡ، کائڻ وڃيس وسري.
لوهه
لوهه چيو اتي سون کي: جيڪر وڃين لِڪِي،
مالڪ ڳولي تو اچي، رکي طرح تِکي،
جي نه لڀين تون ان کان، ته رهندو ڪين بُکي،
هوندو کڻي دُکي، ته به اَنّ وسرندس ڪينڪي.
سون
سون چيو تڏهن لوهه کي: انهيءَ ڳالهه تان موٽ،
اول اتي ڪم مان اچان، جاٿي پرڻجي گهوٽ،
مردن جي مجلس سان، وڏو ٻڌندس ڪوٽ،
ڪوڙا ! تنهنجو کوٽ، مِڙني کي معلوم آهه.
لوهه
لوهه چيو اتي سون کي: تون آهين وڏو لُچ،
مان ڪري وڃ، تون ڪين وات مان ڪڇ،
ڇڏي ڪَوڙا ڪوڙ تون، چئو زبان مان سچ،
اُٿي اوري اچ، ته ڳالهيون ڪريون ڳوٺ سان.
سون
تڏهن سون چيو ڪاوڙ مؤن: لچ تون آهين لوهه !
سچو سڀ ۾ آهيان، ڪوڙو ٿيندس ڪوهه؟
مون ڏي مُهڙ ڪونه ڪو، سڀ تو ڏي ٿيندو ڏوهه،
مون تي رکن موهه، توکي اُڇلين اجايو ڪري.
لوهه
لوهه چيو تنهن سون کي: مون مان ٿين هٿيار،
ٻئي جنگ جڏهن ڪريون، تڏ وڍي ڪريانءِ ڌار،
جي ڪا تو مان شيءِ جُڙي، ته به مون سان ڏينئي مار،
روئندين پاڻِي زار، نه ته ماٺ ڪري وڃ مون وٽان.
سون
ڇو ماٺ ڪري وڃان تو وٽان، آهين ڪهڙي ذات؟
جِت ماڻهو ڏين مانُ مون، تون نوڪر ڏينهن رات،
سڀني کي آهي سِڪ مون، ڏينهن رات اندر ۾ تات،
ڪُوڙا ! ڪري وڃ ماٺ، نه ته جُٺ ڪندوسانءِ جبري.
لوهه
تڏهن لوهه چيو سون کي: وڏو آهين ڪمذات،
جي آءٌ نه هُجان، ته ماڻهو مرن سڀ ڏينهن رات،
پوءِ توکي پڇندو ڪير هِت، اي بَدُو بد ذات!
هاڻي ڪرهه ڇڏي ڪر بات، ماٺ ڪري وڃ مون وٽان.
سون
سون سمجهي ڳالهه کي، پوءِ وڃي بخشايو،
تو سان مون تڪرار ڪيو، ناحق هُل هُلايو،
مون کي اڄ معافي ڏيو، شفقت فرمايو،
پاند ڳچيءَ پايو، سون پرچايو لوهه کي.
اشراف ڪميڻي جو، اڄ قدر آهي ڪونه،
لُچ لُونۡبڙَ وَڌَ ٿيا، ڪا آهي خبر تو نَه،
سون هميشہ سَڦرو، پر قدر صرافن ڪونه،
توڙي هجي سڌر سونُ، ته به آهي زمانو لُچ جو.
مناظرو موٽر ۽ جيپ
جو
(چيل بچائي اوٺي جو
)
]
هن مناظري ۾ سگهڙ، موٽر ۽ جيپ کان سندن خوبيون ۽
خرابيون بيان ڪرايون آهن. موٽر پنهنجون خوبيون
ٻڌائي ٿو ته: آءٌ سهڻو ٺهيل آهيان. منهنجي ’اسپيڊ‘
(رفتار) به سؤ ميلن کان مٿي آهي. ان جي رد ۾ جيپ
پنهنجي تعريف ڪندي موٽر کي سندس خرابيون ٻڌائي ٿي
ته: تون رڳو پڪن رستن تي هلي سگهين ٿو، گپ چڪ ۽
ڪچي رستي لاءِ تون بيڪار آهين. پر آءٌ جيڏانهن
وڻيم تيڏانهن هلي ٿي سگهان. جيئن ته منهنجو ڪم ئي
جهنگ سان آهي، تنهن ڪري سادي سودي آهيان. اتي موٽر
چويس ٿو ته: تنهنجي ڌڻين کي ڍلن جي وصوليءَ ۾ ٽيپ
۾ ڏٺوسين. انهيءَ جواب، جيپ کي لاجواب ڪري ڇڏيو.
آخر ۾ سگهڙ ٻڌائي ٿو ته هاڻي ”مارشل لا“ ۾ موٽرن
توڙي جيپن جا ڌڻي ٻئي ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪن ٿا.[
تمهيد
قادر پنهنجي قدرت سان، لهي هر ڪنهن جي ڪل،
ماڻهن ۾ مٿا هڻي، آندي هٿ اٽڪل،
هجي ڪامياب اها شل، اٽڪل اَڻهي عالم ۾.
اچي وڙهيون پاڻ ۾، سواريون ٻئي سڌر،
هوءَ چئي هُن کي، ڇڏ کڻي هيڪر،
گوهيون ڏين گسن تي، نڪتن پورهئي منجهه پگهر،
جي لڳا هنن جي لَر، سي رلايائون رڻ ۾.
موٽر
موٽر مَرڪي اٿيو، ڪري هيئَن خبر:
ته مانُ مٿانهون منهنجو، اهيان آءٌ سٻر،
اوهان ۾ اَفسر، آهيان جوڙيل جهان ۾.
جيپ
اتي لڳو جوش جيب کي، اُٿي ڪَر ساهي،
ٿي وڏي سڏ واڪا ڪري ته: ”اهو ڪير آهي؟
جي سينو ٿو ساهي، ته لهي اچي ميدان ۾.“
موٽر
بُڇي ! بڪواس نه ڪر، ڪُڇين ڪڄاڙو؟
ڌڻي توکي ڌار ڪري، رکن پري تنهنجو پاڙو،
لُچي ڇڏ لاڙو، ڪلهو نه هڻجئين ’ڪار‘
سان.
جيپ
ڪار ڪهڙيءَ ’ڪار‘ جي، اصل کان آهي:
ايندو عملدار ڪو، سيّد، سيٺ ڀڇائي،
ته ان ڌڻيءَ جي توڪاڻ ڪار ! ويل آهي،
تو کان بارِي بچائي، وڃائين مانُ مِڙن جو.
موٽر
چئي: بڪبڪ بند ڪر، وڃاءِ نه واتان،
ڪريان سُوسٽ سڙڪن تي، اچان ٿي جاتان،
ننڍا وڏا مان تان، گهمايو آڻيان ٿي گهر ۾.
جيپ
اهڙي ’اسپيڊ‘ اول کان، مون کي به آهي،
ٿيان راهي رستن تي، واهڙ ڇڏيان واهي،
وريام وڙڪائي، گهمايو ٿي گهر ڇڏيان.
موٽر
آهي منهنجي ’اسپيڊ‘ سؤ کان به مٿي،
تو تڪڙ ڇڏ، توکي سَٺ وڌائون سٿي،
ويندس آءٌ جِٿي، تون تِيڪِيندينءَ ٽي ڏينهن پئي.
جيپ
گلا خور ! گوڙ نه ڪر، آهيان ڌڪن جي ڏاڍي،
سڄو ڏينهن سَٽُون سهي، ٿيان وڏيرن کان واندي،
اٿم شباهت سادي، تڏهن مون سان ٿو مٿو هڻين !
موٽر
چئي: ڪر مقابلو مون سان، ته چکايئين چٽڪو،
ناهي هِن مُلڪ ۾، منهنجو ملهه ڪو،
ڇٽي ويندئِي ڇٽڪو، مور نه وَهندينءَ ملڪ ۾.
جيپ
سِرِين ٿو سَڙڪن تي، تڏهن هڻين ٿو تان،
پَڪن تي ٿو ڀونڀاٽ ڪرين، لاهيو غير گمان،
تڏهن اٿئي مانُ، جو نه پيو اٿئي ڪم ڪَچن سان.
موٽر
ڪَچَن ۾ اصل کؤن، ڪونهي منهنجو ڪم،
سَڙڪون جي شهرن جون، ٿو گهمان لاهيو غم،
دولهه رکيو اٿم دم، جو منٽ ۾ ملن مون کي.
جيپ
جي پَوَئي ڪم ڪَچن سان، ته رَندن ۾ رُلين،
ٿين خراب کڏن ۾، پيو جت جلين،
هڏ نه پوءِ هلين، پيٽ کوڙي پئجي رهين.
موٽر
ڪڏهن رهندس ڪينڪي، پٽ کوڙي پئي،
اوکائيءَ سوکائيءَ ۾، ويندس واٽ وهي،
اهڙا سُور سهِي، ويندس واهُو ٿي وقت تي.
جيپ
واهُو ٿيندين ڪينڪي، جتي آهي گارو گپ،
طاقت نه ٿيندءِ تنهين، چَٽيندين بيٺو چپ،
تاڏيُون ڏين توڙي ٽُپ، پر گانڊو ويندين گئون ٿي.
آءٌ ته اول کان آهيان، ڪَچن جي ڪوڏي،
کامَن کَڏن سان آهيان، اصل کان هوڏي،
گَپ نه مون اوڏِي، پاڻيءَ منجهان پار وڃان.
موٽر
پاڻيءَ مان پار وڃڻ جي، طاقت مون ۾ آهي،
جي مستري منهنجو ’فَسۡٽ‘ ۾، ’گِيَرُ‘ گپائي
،
پوءِ مون آَڳ اُٺائي، هڪل سان هليو وڃان.
جيپ
طاقت تو ۾ فسٽ جي، هرگز نه آهي،
اونهيءَ کڏ اَڙِي پوين، اسپرنگ ڀڃائي،
ويهين وڃائي، پهرين پت پرين جي.
موٽر
راڄ رلائو آد کان، آهين جيپ تون،
مديون تنهنجي من ۾، ڏوهه ڏئين مون،
جي اڃان به ڪَڇيوسون، ته مور نه مٿي چڙهندئين.
جيپ
مٿي چڙهنديس موج سان، تو ڇا تي من وڌايو؟
واقف تنهنجي آهيان، تو گهڻو رعب رکايو،
هاڻ ڪامورن ڪڙايو، ڍل ۾ تنهنجي ڌڻين کي.
موٽر
تون جي مون کي سڃاڻين، ته آءٌ توکي سڃاڻان،
منهن کڻي مَرڪ نه تون، ڌڻي تنهنجا ڀڄيو ٿين ساڻا،
ايترو ٿي ڄاڻان، ته پل ۾ جيپ وٺي ويا جيل تي.
سگهڙ
خوار ٿيون آهن خلق ۾، رکي دل ڪاري،
ماڻهن مزا ڇڏيا، ريل رکيائون سواري،
”مارشل لا“ آهي ٽارِي، اها ٽِين ٽُون ٽوٽين جي
.
”بچايا“ بس ڪر، جهيڙي کي تون جهَل،
جيپ ڇا موٽر، پلبيون نه هڪڙو پَل،
ڪڍن ٿيون دغل، ڪمن مهل قرضين جا.
مناظرو واٽر ۽ گهلو واهه جو
(چيل سعدالله ”سپاهي“ جو )
]هن
مناظري ۾، شاعر تمهيد ۾ گهلو واهه ۽ واٽر ڪورس جي
جهيڙي جو سبب ڄاڻائي ٿو ته ڪيئن پراڻو گهلو واهه
ختم ٿي ويو ۽ ان جي مٿان نئون واٽر ڪورس اچي نڪتو.
گهلو ٿو واٽر کان پڇي ته: اڙي واٽر ! تو کي اهڙي
همٿ ٿي ڪيئن جو منهنجي ڇاتيءَ تان اُڪري ويو آهين؟
واٽر جواب ۾ چيس ته: تو ماڻهن کي ڏنا هئا سور، جو
سال ۾ وهيئين ٿي فقط چار مهينا، ۽ فصل ڪرايئي ٿي
هڪڙو، پوءِ به خبر نه آهي ته ماڻهن کي ڪيئن ٿي مٺو
لڳين ؟ گهلوءَ جواب ۾ چيس: ڇاڪاڻ ته منهنجا ڪپر
ڪوٽ وانگر آهن ۽ مون ۾ بي انداز پاڻي هوندو هو، ان
وقت هڪڙي فصل تي به ماڻهو خوش هوندا هئا، پر هينئر
تنهنجي پاڻيءَ تي ٻارهوئي پوک ٿئي ٿي ته به قرضين
مان جند نٿي ڇٽين. تنهنڪري چڱو ڄاڻين ته ماٺ ڪري
موٽي وڃ ! اتي واٽر کيس دڙڪا دهمان ٿو ڪري ته:
ائين گوڙ ڪندين ته ٽريڪٽرن کان هيڪاري ڀڃائي
ڇڏيندو سانءِ. اتي گهلوءَ کي به ڪاوڙ اچي ٿي. آخر
ٻئي ڄڻا هارين کي امين وارين ٿا جي گهلوءَ جي حق ۾
فيصلو ڪري، واٽر کي نندين ٿا. آخر ۾ شاعر سنڌ جي
سرسبز رهڻ جي دعا گهري ٿو.[
|