تمهيد
ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب ربّ ستّار،
منڍ مڙن جو مصطفيٰ، تک لنگهائيندو تار،
مشڪي اسان جو مال سان، چَرندو هو چوڌار،
هلندو وتندو هو هُڙي ۾، ڪري هِڻڪارن هزار،
چڪاسي ڪو چورائي ويو، سوئر ڪري سنڀار،
چٿر ڪري چُتو ويو، ڪو کاڻو رکي خار،
پتو نه پيوسون پير جو، هو پيري به خبردار،
پوءِ ! هو وير ڪري ويچار، وڃي رکيوسون بار ’باقر‘
تي.
رکيوسون بار ’باقر‘ تي، جو آهي نظاماڻي نر،
ڏنائين دلاسو دل کي ۽ ڪَر موڙي ڪپر:
اها وٿ اوهان کي ملندي، سنجهي يا اَسُر.
تيسين مشڪي وڃي نڪتو ماڃر کان، اسان کي پئي پوءِ
خبر،
اها اُڇل عيسي جي، جو سڏائي ڀُڻو سکر
،
پوءِ مهاڻا ! ڇڏ مگر تون ڏي مان ’صادق خان‘ مزاري
کي
.
عيسو
ڪيئن ڏيان مانُ صادق مزاري کي، جو منهنجو ’سچو‘
يار سُجان
،
ڊڊا ڊاکر ٻڪريون، ٻيا سيريو اچي سامان،
ڪي هرهڻن هرلا چاڙهين، ڪي آهن موڪ مٿي مستان،
ڪي پِنيو پوري ڪن پيٽ جي، هو گذر ڪن گذران،
ڪي پلٽيو پون پاري ۾، اچن جهڙپي هڻيو جوان
،
ڪي مانيون کارائين مسافرن کي، اهي سخي آهن سلطان،
رئيس وڏيرا ڪيترا، جن جو شاهه رکيو آهي شان،
سنڌي، سرائي، سولنگي، ٻيا جوکيا جت جوان،
گهوڙو تنهنجو ملهه مهانگو، ڪيئن حاڪم ڪيئي حيران،
مشڪي آهي ميو متارو، پيو پلا کڻي پهلوان،
واري نه ڏينداسونءِ وار هڪڙو، جو اسان شدت ڪيو
شيطان،
پوءِ دانهه ! ڪر ڌيان، تون وڃي ڪو ٻارهين رپئين وٺ
ٻيو.
حاميد
ٻارهين رپئين ٻيو ڪيئن وٺان، جو مون وٽ پئسو نه
پائي،
اٿم اميد الله ۾، ٻي اٿم راڄن سان راهي،
تون مهاڻا ! ڇڏ مگر کي، اي عيسيٰ ارڏائي،
بندو بي بقا آهي، اها آهي ڪڙ اجائي،
ايندءِ ازل اوچتو، توکي ڪل نه ڏيندو ڪائي،
ڏيندءِ گهوگهو گلي ۾، تنهنجي ورندي نه وائي،
سفر سٽاڻو، سامي سوڙهي، جنهن ۾ اوڻٽيهه اونداهي،
ڪم نه ايندءِ قبر ۾، ڪا مورنهن مدائي،
هتان هزارين ويا ”حاميد“ چئي، جن کي ڇڏيو خاڪ
کائي،
هاڻ ڪر سورهيه ! سچائي، تون ڏي مان ’صادق خان‘
مزاري کي.
عيسو
ڏيان مان ’صادق خان‘ مزاري کي، پر ٿيندو مون کي
سچوءَ جو سور،
’لاکن‘ جي لياقت جا، ٿيندم اندر منجهه انبور،
ڇنووِ ڇنومال ’ملهڻ‘ جو، اسان کي پهرين رساءِ
پُور،
گهُري نه ڪي ڪري، جهڙو مهينيدار مزور،
وريو وري پوئتي، هو ماني نه کائي مُور،
سگهو پڄان ساعت ۾، متان لکيم ڪو لنگور،
هو مَرڪندو وتي مينهن ۾، ڪا مئي پيو مهمور،
ڪهڙي به شان شعور، اسان موٽائي نه ڏينداسون مشڪي.
حاميد
موٽائي نه ڏيندا مشڪي، پونداسون پاڻ لڙي،
تون مهاڻا ! ڇڏ مگر کي، اها عيسيٰ هڻ مَ اڙي،
آس پوري اسان نه ڪئي، هن چئنچل تي چڙهي،
ڪندس آهه الله کي، پنهنجي روح منجهه رڙي،
ڪري ٿو لوڏ لکن جي، تنهنجي ويندءِ ماڳ مڙهي،
نڪرندءِ مرضَ موهيڙي جو، پوءِ هڻندين ڇانڀِ ڇڙهي،
ڦٽ تنهنجو ”فقير“ چئي، ٻڌندو ڪا مَ ڪڙي،
پوءِ انهيءَ سورن ۾ سڙي، تون مري ويندين مهاڻا !
عيسو
مري وڃان ته مانُ لهان، پر منهنجي پت پري،
لاکن جي لياقت کؤن، منهنجي ساعت ڪين سري،
گهوڙو تنهنجو ’گُڙهي‘ ۾، پيو ڇٻر ڇيڪ چري،
ويجهو هوءِ ته ورائي ڏيون، وڃي ٿيو پورب کؤن پري،
ميڙائو تنهنجو مشڪي سان، هاڻ قادر پير ڪري،
پوءِ ڇڏيندو اسان کي رئيس تري، ته به سڳ نه
ڏينداسون ساڳيو.
حاميد
سڳ ڏئي ورائي ساڳيو، تون مهاڻا ! ٿيءُ ماڻهو،
پليت اسان جي پاڙي ۾، اهو ’سچو‘ ساماڻو،
سو وجهندءِ چُوت چٽيءَ ۾، ڪري سرت ٿي سياڻو،
آءٌ ڪندس رپورٽ ريزي
کي، ته
چڙهي پوندو ٿاڻو،
هو ڪندا جلهه جڳسين تي، اهو کاتو آهي کاڻو،
سي ته لاهين وَرَ ونگن جا، نه آهن ڪنہ جا سينڌا
سڃاڻو،
هنڌ کٽولا ڦول ڦراسيون، وٺندءِ واپس وهاڻو،
ڇيلا ڪڪڙ قورما، گهرندءِ دهشت مان داڻو،
شراب شربت سيل سوپاريون، آهي انهن جو ڏاج ڏاڏاڻو،
اُتي هجي پٺ پهلوان جي، يا هجي نوري ۾ ناڻو،
نه ته خواري ڪندءِ خلق ۾، گهمائيندءِ گهر مٿي
گهاڻو،
تون ڇڏ هٺ ”حاميد“ چئي، نه ته پوندءِ قيد به
ڪماڻو،
تون ڏي مان ’صادق خان مزاري‘ کي، جو آهي راڄن جو
راڻو،
پوءِ ڏيئي پنج پيسي ڀاڻو، تون وڃي مشڪي آڻ ’ماڃر‘
مان.
عيسو
چئي: مشڪي ورايان ماڃر مؤن، آءٌ ڪهڙي ساڻ حساب ؟
تون خوف نه ڏي خاصخيلي ! مون کي ڀلي ڪُهي ڪن ڪباب،
آءٌ منٿ نه مڃيندس ڪنهن جي، توڙي هجي ’ناري‘ جو
نواب،
تون گوڙ ڇڏ گولاڙا ! تو ڪو کاڻا لڌو آهي خواب،
هاڻ ماٺ ڪري ’ملهڻ‘ وڃ، نه ته ٿيندين خوار خراب،
پوءِ اٿئي جوان جواب، اهوئي مشڪي جي مِلڻ جو.
حاميد
مشڪي جي ملڻ جو، اٿم تن اندر ۾ تات،
تون مهاڻا ! ڇڏ مگر کي، اها وائي ڪر نه وات،
سکر پنهنجي سيم جو، مون ذرو نه ڇڏيو آهي ذات،
ٻٽاڪ هڻيو ٻانهن اڇليو، ڪن لباسي لات،
ڪنهن مؤن کٿو ڪينڪي، جهڙا نارائڻ سر جا ناٿ،
تون ڏي مان ’صادق خان‘ مزاريءَ کي، جنهن جي جڙي
هوءِ جمات
،
هو حق وٺي ڏيندو ”حاميد“ کي، شل هجي سلامت سات،
پوءِ پڙهي سنجهي صبح صلوات، آءٌ دعا ڪندوسانس دل
سان.
عيسو
دعا ڪندينس دل مان، ته توکي پيو وٺي ڏيندو،
مشڪي ٿيو ’ماڃر‘ ۾، سو هتي ڪيئن ايندو ؟
هو هوندو ڇيڪ ڇٻر تي، جان هينئر کيراڀڻو کِيندو،،
خوش نه ٿي خاصخيلي ! هو اڃا ٻيو ڪو نيندو،
پوءِ جي نه اهو ’سچو‘ سجاڳ ٿيندو، ته اڃا به
وڙهنداسون وٽن تي
.
حاميد
وڙهندا اوهين وٽن تي، جو تنهنجو رت آهي تتو،
مشڪي اسان جو موچارو، تون ڏين ڇو نٿو !
منٿ مڃين ٿو ڪينڪي، ٿيندين نيٺ ڇتو،
قابو ڪندئي ڪُرفن ۾، ڪُوڪري ’مير متو‘،
پوءِ ڏيئي يار مٿو، هلي پوريندءِ ڪاري ڪلر ۾.
عيسو
ڇو پوريندا ڪاري ڪلر ۾، آءٌ به ناميل آهيان نل،
خاصخيلي ! ڇو خراب ٿيو آهين، وات پنهنجو جهل،
مشڪي تنهنجو مري ويو، جنهن جي ’خانو‘ لاٿي هئي کل
،
بم مڙهيا هئا ’ڀيروءَ‘، جو هئو مينگهواڙن ۾ مل،
هاڻي تنگ، ٿَڙا ۽ تَل، تون وڪڻي ڇڏ وقوف سان.
حاميد
وڪڻان ڪيئن وقوف سان، جو مونکي اميد اڃائي آهي،
’مزاري‘ تنهن مير کي، آيو آهيان پاند پلؤ پائي،
هو ڪندو آهي غور غريبن جا، ڪي دانهه دل لائي،
’عيسي‘ کي اوطاق ۾، ٿو ڪامل ڪوٺائي،
مشڪي ورتائينس منٽ ۾، پوءِ خوبئون کلائي،
هن حق وٺي ڏنو ’حاميد‘ کي، پنهنجو مُنهن به
مرڪائي،
اهو جوان جنّت ۾، پيو پنهنجون جايون جوڙائي،
پوءِ صاحب سڏائي، ڏيندو محلاتون ’مزاري مير‘ کي.
عيسو
ڏيندو محلاتون ’مزاري مير‘ کي، تڏهن پيو آهي دوزخ
۾ دوفان،
اهو قصو تنهنجو خاصخيلي ! اسان کي قهري لڳندو
ڪانه،
اٿئي پلاند پير جو، رک مرشد سندو مان،
اسان جهلي وياسون جهنگ مان، ڪو پٺيءَ اگهاڙو،
پهلوان،
هاڻ موٽائي ڏينداسون مشڪي وري، توکي سنجن سان
سلطان،
ڪڍ رنج روح مان، ڪر ’عيسي‘ تي احسان،
تون وڃ ’صادق خان‘ مزاري وٽ، توکي دهرا ملندا دان،
پوءِ پڙهي ڪلمون ۽ قرآن، اسان کي به دعا ڪجانءِ ڪا
دل سان.
لا الہٰ الا الله محمد رسول الله
مناظرو غلام رسول ۽ چانڊيي فقير جو
(چيل غلام رسول رند جو )
]شاعر
هن مناظري جو سبب ڄاڻائي ٿو ته: دابود چانڊيو
فقير، شاعر کان اٺين روپئين اڌاري اجرڪ وٺي،
ٻارهين ڏينهن پئسن ڏيڻ جو وعدو ڪري وڃي ٿو، پر
پئسن موٽائڻ کي اڍائي سال گذري وڃن ٿا. هڪڙي ڏينهن
چانڊيو کيس گڏجي ٿو، جنهن کي جٺ ڦٽ ڪري پئسن جي
گهر ڪري ٿو، پر چانڊيو وري به پنجين ڏينهن پئسن
ڏيڻ جو واعدو ڪري ٿو، ۽ کيس چئي ٿو ته: منهنجا به
ڪي توتي ٿورا آهن، من انهن کي ڏسي مون کي خوار نه
ڪرين. هن وقت هڪڙي پائي به ڪانه اٿم. هڪڙو زميندار
ظلم ٻاري ڏنو آهي، ٻيو تپاوليءَ جي موسم، تنهن
هيڪاري سُڃو ڪري ڇڏيو اٿم، نه ته قول جو ڪوڙو
ڪونه آهيان، اهو وچ ۾ کانجاڻو نه پوي ها ته تنهنجا
پئسا توکي ملي وڃن ها. شاعر وري به ڪاوڙجي کيس جُٺ
ٿو ڪري ته: رقم کي اڍائي سال گذري ويا آهن، هاڻي
وڌيڪ مون ۾ سهڻ ڪونهي، ڪيئن به ڪري پئسا ڀري ڏي.
اهڙيءَ طرح سوال جواب ڪندي چانڊيو کيس ٻٽاڪ هڻي
ٻڌائي ٿو ته: قسمت سان ڏڪار اسان کي اهڙي حالت تي
آندو آهي نه ته هندو سيٺ به اسان جا قرضي هئا ۽
اسين ڪنهن صوبيدار، مختيارڪار کي به نه ليکيندا
هئاسون پر هاڻي هن حال ۾ هڪڙو ٽڪو به ڪونه ملندءِ.
تڏهن شاعر کيس چئي ٿو ته: تنهنجي اصل جي مونکي خبر
آهي، تون ڪُپتيو رڳو ڪاريگري پيو ڪرين، آءٌ ڪنڌ ڀر
ڪيرائي ضرور پئسا وٺي ڇڏيندوسانءِ. ڏسان ته تون
ڪيئن نٿو ڏين.[
غلام رسول
ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ ستّار،
چُغل تنهن ’چانڊئي‘ جا، پڇ ته ڏيانءِ پار:
ته ڪانئر ڏس ڪيڏي ڪئي، ڪُپتين واري ڪار،
اٺ روپيا اَجرڪ جا، کڻي ويو اُڌار،
لنگهي ويا تنهن لهڻي کي، سال ڪي ٻه چار،
چوڻ سان چُهٽي ڪري ٿو، ڪُتن واري ڪار،
ڪُل ٿِڙي آهي ڪميڻي جي، ڏسو اُلِيءَ جا آچار،
’دابو‘ کي ’درويش‘ چئي، خاوند ڪيو آهي خوار
،
اها ڦيڪاري ”فقير“ چئي، ان کي ڏني آهي ڏاتار،
ٻارهن ڏينهن جو ”ٻروچ“ سان، ڪيئي قول قرار،
وِلها ڪري ويچار، ڀاڙيا ! تون ڀري ڏي.
چانڊيو
پَيسا توکي پنجين ڏينهن، ڀري ڏيندس پورا،
تو مچايا آهن مون تي، ڪي خواريءَ جا کورا،
اهڙا توتي اڳ هئا، هن ٿَرئي جا ٿورا،
اهنج ايذاءَ تنهنجا، ٿي سٺم سمورا،
راهه گناهه ٿو رڙيون ڪرين، هاءِ ڙي گهوڙا !
آءٌ صفا ويٺو آهيان سڃ تي، پيسا نه اٿم پورا،
موسم مٿان اچي ويئي، تپن جي توڙا،
زميندار اچي آزار ٻاريو، جنهن جا کوٽي ٿيا آهن
جوڙا،
نه آهيون قولن جا ڪوڙا، صبر ڪر پنج ست ڏينهن تون.
غلام رسول
صبر ڪيئن ڪريان پنج ست ڏينهن، تو ڪئي آهي ڪُرِيت،
اهين تون اصل کان، اندر جو پليت،
اِهي ٿورا ٿو رکين، تون ٿريا ! ڪهڙيءَ ريت ؟
اجرڪ کڻي وئين اڍائي سال ٿيا، ڏيڻ جي اها نه نِيت،
ٿو چوئين چڱيءَ ريت، ته ڀاڙيا ! تون ڀري ڏي.
چانڊيو
ڀري ڏيڻ ۾ ڀڙ آهيان، تون تَرس، ڇڏ تڪڙ،
هينئر تون هليو وڃ، ٽري ڇڏ ٽرٽر،
اهي گوڙ گلائون مون تي، هنڌ هنڌ مَ ڪر،
ٿورا هن ٿرئي جا، ڪجهه تون به ياد ڪر،
ڏنو هو مانءِ ڏهن روپين ۾، ٻارهن جو به ٻڪر،
اَٺ مهينا اوڌر ڏنامانءِ، پورا ٻه مڻ ٻاجهر،
تِرَن مان توکي ڏنم، تيرهن سير تَر،
دلبر ڇڏي در، هينئر تون وڃ هليو.
غلام رسول
هنيئر ڪيئن هليو وڃان ؟ تون ٿو احمق ڪرين اٽڪل،
رکين ٿو راهه گناهه، ٿورن جا ڪي ٿل،
ڪي ڀيرا ڪيترا، مون ڪئي تنهنجي مهل،
وٺي ويندو هئين وسڪاري ۾، مون کان اُٺ جُمل،
پلاڻي ويندو هئين پاکڙي سان، وجهي جاجم جهُل،
ڪڏهن ڪئي مون ڪانه، پيسي جي ڪا پل،
مون وٽ هوندو هئين مهمان، ٽي ٽي مهينا ٽِڪيل،
کائندو هئين کارو تون، مانين جو هڪ مهل،
کاڻا ! ڇڏي کِل، ڀاڙيا ! تون ڀري ڏي.
چانڊيو
چئي: پيسا توکي وٺڻا ڪينهن، خالي ڪرين ٿو خوارَ،
آءٌ ته حافظ ڏسيو هٽيو وڃان، نه ته محڪم ڏيانءِ
مار،
قسمت سان قادر وڌو اسان جي ڏيهه منجهه ڏڪار،
نه ته رئيس سڄي ’رٻاسر‘ جو، آهيان پَٽيل پڳدار،
ٻارهن ٻَنين جو آءٌ آهيان، سُکِي معافيدار،
ڇهه ڄڻا ڇانگ ۾، اسين ڀيڙا آهيون ڀائر،
صوبيدار سڃاڻون ڪينڪي، نه ڪي مَڃون مختيارڪار،
لکمڻ، لکيرام کنڌئي اسان جا، سيٺ به شاهوڪار،
تون گهرين ٿو پنج پيسا، اسان جا آهن لکن جا واپار،
هاڻي جي ڪرين حيلا لک هزار، ته به ڏوڪڙ ڏيندوسئين
ڪونه ڪو.
|