سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :34

شاعر

حقيقت پنهنجي حال جي، ڪونڀٽ ! تون ڪر،

تون جو وڻ ولائتي، پَسجين ڪهڙيءَ پر؟

هونئن اوهان جا هميشہ، ٿاڻا مٿي ٿر،

ڇڏي ڀِٽن جي ڀَر، ڪيئن نڪتين ناري کي؟

 

ڪيئن نڪتين ناري کي، توکي ڪهڙو لڳو لاچار؟

ڪِي اُڃ اُساٽي ڪڍيو، ڪي پيو ڏيهه منجهه ڏُڪار،

ڏي سگها سماچار، ڳُوڙها انهيءَ ڳالهه جا.

 

ڪونڀٽ

نڪي اُڃ اُساٽي ڪڍيو، نه ڪي پيو ڏيهه منجهه ڏڪار،

مينهن وسي بس ڪئي، ٿڌي ٿي ٿڌڪار،

قسمت قيد ڪري هتي، گهلي آئي هيڪار،

ساريان منجهه سڪار، ٻيريون، کٻڙيون، ٻاوريون.

 

ٻيريون، کٻڙيون، ٻاوريون، منهنجي هنئين منجهه هُرن،

ڀائر منهنجا ڀِٽن تي، ٿا راڄ ٻڌيو رهن،

اوڇنگارون اچن، ڏسيو مَڙها مُهَر [1] جا.

 

شاعر

ڏسيو مڙها مُهَرَ جا، وڃين ڇو نه وري؟

جنهن ڪنهن توکي جهليو، سا ظاهر ڪري ذري،

خبر ڏي کري، حقيقت پنهنجي حال جي.

 

ڪونڀٽ

حقيقت پنهنجي حال جي، سڌ ڏيانءِ ساري:

رُسي نڪتس راڄ مان، ڇڏي ويل واري،

هِت ڏاڍا وڻ ڏيهه جا، تن سان ڪانه هلي ڪاري،

ٻَٻر ٻُوساٽي آئيا، پيا چنبڙي چوڌاري،

هڪڙي وِنجهل وطن جي، ٻي کپت ۽ خواري،

پوءِ توبهه در زاري، ڪيائون پنهنجي قلب ۾.

 

شاعر

ٻٻران ٻيلي ٻاجهه ڪريو، هيءُ جو وڻ ولاتِي،

پرڏيهي اوهان جي پاڙي ۾، ڦاٿو آهي اچي،

انهيءَ کي اماڻي، نيئي گڏجو ڳوٺ سان.

 

مناظرو سگهڙ ۽ موتيءَ جو

]هن مناظري ۾ سگهڙ، موتيءَ کي محبوب جي منهن تي، يعني نڪ ۾ پيل ڳهه ۾ ڏسي حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو، ۽ موتيءَ کان پڇي ٿو ته: تو ڪهڙا ڪم ڪيا آهن جو محبوب وٽ ايترو مان مليو اٿئي ؟ اي موتي ! انهيءَ ساڳئي هنڌ پاتار ۾ توسان گڏ ”لعل“ به پئي لهريون ڏنيون. پوءِ اها رهجي ويئي ۽ تون ڪهڙي ڪارڻ اچي بينسر جو سينگار بنئين؟ موتي جواب ۾ چوي ٿو ته: آءٌ ڪوڙيءَ سپ جي پيٽ ۾ پيو هئس، جا لهرين ۾ لڏي لڏي گپ ۾ گپي ويئي. اتي ڪنهن طرح سان هڪڙو پاڻي پي مليم جو پي مچي پيس. ان بعد سپ مون کي اوڳاري ڦٽو ڪيو. آخر هڪڙي صراف جي هٿ آيس جنهن وينجهر جي حوالي ڪيو، جنهن منهنجي جسم ۾ سيراهيءَ سان سل ڪڍيو. اي سگهڙ ! سچي سڪ هئم تڏهن ايتريون سختيون سهي اچي محبوبن جي منهن سان لڳو آهيان.[

سگهڙ

موتي ! ان مذڪور جي، آءٌ ٿو پڇئين ڳالهه:

ته ڪيئن پرايئي پرين کان، ڪيئن جانيءَ کان جمال،

ڪيئن ملئين محبوبن کي، ڪهڙي ڀلائي ڀال؟

سِگهڙائي سوال، سڻائينم ته سکي ٿيان.

 

موتي ! هن مذڪور جي، تان مون سُڌ سڻاءِ،

ته پيو هئين پاتار ۾، جت پي لهرين لَک لڳاءِ،

اُت پئي لعل لامارا ڏنا، جا هئي سانبياڻي سندياءِ،

پر اچي پئين مُنهن ۾ معشوقن جي، ڪهڙي ڪار ڪياءِ ؟

ڪهڙي وڻيئي جاءِ، جئن اچي مٿي بِينيءَ بنئين.

 

موتي

موتي چئي هن مذڪور جي، سڻج ڳالهه سچي،

آءٌ هوس تنهن جي پيٽ ۾، جا ڪوڙي ۽ ڪچي،

پوءِ لهرين اچي لوڏيس، تڏهن ويس گپن منجهه گَچِي،

پر اتي هڪڙو پرين مون کي پاڻي پياريو، پيئندي پيس مَچي،

پوءِ ڪوجهي مون کي ڪڍي ڇڏيو، ڀِٽن ڀر اچي،

ات هڪڙو موکي صرافن نيئي سنڀاليو، ٻي وڌي وينجهارن وٽي،

تن هنيو سَل سيراهيءَ جو، اندر منجهه اچي،

پوءِ جڏهن هيم سڪ سچي، تڏهن اچي پيس مُنهن ۾ معشوقن جي.

 

مناظرو رستم ۽ بگهڙ جو

(چيل رستم رند جو )

]هن مناظري جو سچو واقعو هن طرح آهي ته سنه 1950ع ڌاري ’گُماني‘ ڀيل جي ٻنيءَ ۾ گدڙ اچي هريا، روزانو مڪئي، ريڀڙيون وغيره کائي ويندا هئا. انهن کان بچاءُ لاءِ ’گماني‘ هڪڙو ڪوڙڪو هڻي ڇڏيو. اتفاق سان انهيءَ رات هڪڙو بگهڙ اچي انهيءَ ڪوڙڪي ۾ ڦاٿو. بگهڙ ڪوڙڪي سوڌو ڇنائي وٺي ڀڳو ۽ وڃي هڪڙي ڦٽل کوهه ۾ ڪريو. ڀيل، گلشير پيريءَ کي ساڻ وٺي اچي کوهه تي پهتا ۽ واجهه سان بگهڙ کي کوهه مان ڪڍي اچي هڪڙي ڪنڊيءَ سان ٻڌي، مٿس ڪتن جي بچ ڪيائون. پر ڪتا، بگهڙ اڳيان سٽ جهلي نه سگهيا. ان بعد گماني ۽ ٻين ڀالا هڻي بگهڙ کي ماري ڇڏيو. شاعر پڻ انهيءَ سموري واقعي ۾ موجود هئو، جنهن بگهڙ کان ٻنيءَ ۾ اچڻ ۽ کوهه ۾ پوڻ جو سبب پڇيو، جنهن جا جواب ڏيندي، بگهڙ، گلشير ۽ جانوءَ کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو. ان تي گلشير به بگهڙ سان سوال جواب ڪري ٿو. آخر ۾ ’جانئو ڀيل‘ ڀالو هڻي بگهڙ کي ماري ٿو.[

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙيو جڳ جهان،

ڪريان قصو ٿو هڪڙو، سُڻو بگهڙ جو بيان،

ويٺا هئاسون وقوف سان، ڪيو محبت جو ميدان،

هلي آيو حُب مان، دولهه دريا خان،

ڪيائين گفتو ’غلام عباس‘ [2] سان، ته هلي ڏسو حيوان،

ٿين شڪار شوق جو، ’مِٺو‘ ٿيو مستان.

 

آءٌ ته انهن جو آهيان، گولو گنگهار،

مَنيان [3] ٿو محي الدين کي، آڻيان ٿو اعتبار،

جهنگ پَٽيون جهنگڙيون، ڪريون شيلاني شڪار،

ڪڏهن ويلا وچ تي، ڪڏهن پئون پار،

ڪڏهن نيرانا ننڊ ۾، ڪڏهن توڪل تَرون تار،

روز اسان جو ”رستم“ چئي، اِهين خلقيو خلقڻهار،

هاڻي اڃا ٻي پچار، ٿو سُڌ سڻايئين سور جي.

 

سُڌ سڻايئين سُور جي، منهنجو بانڪا ! سڻ بيان،

ٻارهن ويهه ٻچا منهنجا، مرون هئا مستان،

هليا ٿي حڪم سان، ٻِي ڪاڻ آندئون ٿي ڪان،

آءٌ به آِيس ٿي پٺيان تن جي، مَٽي هيءُ ميدان،

لڳو ڪوڙڪو قلب ۾، هِنيون ٿيو حيران،

ويهي ويم وجود ۾، اندر تي امتحان،

ڀڃي ويس ’ڀيلن‘ جو، سَٽي اتي سامان،

پر لڳو هٿ ازل جو، چنبي ۾ چولان،

ڇِڻڪيو نِيَرُ نَريءَ ۾، قسمت ڪڍي ڪان،

جيڪا رضا ”رستم“ چئي، تِر نه گسي تان نه،

پوءِ سولي ڪندو سبحان، جيڪا رضا ربّ جي.

 

جيڪا رضا ربّ جي مَني [4] هوند مران،

اُڀرئي سج اُٿي آيا، ’ڀيلن‘ سڀ ڀِراء،

پر ’گُماني‘ [5] گس تي ڏٺا هئا ڏرا،

ته: هي اَٿو پير بگهڙ جا، جنهن جا چارئي ڀاءَ چريا،

هلو ته مون سان ميڙ ٿي، ’پونجي‘ [6] ڏانهن پُريا،

سي وري ’گلشير‘ [7] ڏي ويا، ته هلي واهر وير وراءِ،

رڍون پنهنجون ”رستم“ چئي، تون مرد به ڪين ماراءِ،

سو گڏجي ’گلشير‘ هليو، ڪري دل درياءَ،

’جانڻ‘ [8] هليو جُود مان، ڦِڪو ڏيئي ڦيرا،

کڻي پير بگهڙ جا، ڏنئون ڇوها ٿي ڇيرا،

اچي ٿيا آهن ويجهڙا، ڪنڊين پاس ڪَڙا،

مرون به اتي مست ٿيو، جنهن کي پنهنجا سُورَ سريا،

چيم: ڏيان جنگ جوانن سان، ڀڄڻ ناهه روا،

پر ڏسي روءِ ’رندن‘ جي منهنجا ٺپ ٺريا،

پر مرد اچن ٿا ميڙ ٿيو، هاڻي ڪيئن ڪريان،

پر ’رندن‘ جي راڄ ۾، مون هئا سُئڙا ڀاڙيا [9]،

پاڙي ويٺو هوس تن جي، مون کي وقت به نه وسريا،

هو ته لاهي شرم شڪار تي، آهن نانگائي نسريا،

چئي: هو ٻئي اچن ٿا ٻِٽ ٿيو، ’ڀيلن‘ سان ڀيڙا،

’ڀاڙيا‘ ٻڌي سندرو، آهن مٿان پڳ پُريا،

هاڻي ٻڏي هوند مران، خان ڪِري هن کوهه ۾ [10].

 

چئي: خان ! ڪِري هن کوهه ۾، ٻڏي هوند مران،

پير نه کُپي پاڻيءَ ۾، منهنجا وسيلا ويا،

ڪنڊا ڍنگهر ڪيترا، منهنجي لؤڻن منجهه لڳا،

سٽي سِرُ سِرُن تي، ڀڃي ڪيم ڀُڪا،

هنيون، حوصلو پاڻيءَ ۾، منهنجا گهوتن گم ڪيا،

ڇنڊڻ سان ڇڻي وئي، ڪَڙي نه ملي ڪا،

نڪتي هَٿ ڪڙي هٿن مان، منهنجا قادر ڪم ڪيا،

سنڀالي سائينءَ کي، ڪيم سرت سماءُ،

کوٽا اچي کوهه تي، هن مٿان پڳ پيا،

نه ڪو اٿن قياس قلب ۾، نه ڪو اٿن حياءُ،

وڌو حضرت يوسف کوهه ۾، جني ڀيڙو ڪري ڀاءُ،

راهِي ڪري رڻ ۾، وٺي واٽ ويا،

اڃا به آهن اولاد انهن جا ۽ تخم تني جا،

رتيءَ جي ”رستم“ چئي ڪهل نه آين ڪا،

پوءِ ڄاڻي هڪ الله، کڻي وارو واريئون کوهه ۾ [11].

 

وارو واريئون کوهه ۾، مون کي ڏڍ به ڏنائون،

مون چيو: رحم پيو اٿس روح ۾، قياس به ڪيائون،

پوءِ کلي چڙهيس خوشيءَ مان، ڇوهان ڇڪيائون،

وارو آيو وچ تي، تڏهن وري ڦِرڪو ڦيريائون [12]،

وجهي ڦاسي فراق جي، تکي تڻڪيائون [13]،

سوڙهي لڳي ساهه کي، منهنجي نڙي نپوڙيائون،

پليتن آڻي پڳ تي، کڻي دٻي دسيائون،

ڪاٺ رکي ڪنڌ تي، منهنجو ٻوٿ به ٻڌائون،

چارئِي پير چوپَهَن [14] سان، منهنجا قابو ڪيائون،

رتيءَ جي ”رستم“ چئي، ٻي ڪهل نه ڪيائون،

پوءِ کِلي کنيائون، اچي قابو ڪيائون ڪنڊيءَ سان.

 

قابو ڪري ڪنڊيءَ سان سوگها ڪيائونم سنڌ،

هڪڙا ڪاهيو اچن ڪُتن کي، ٻيا ڏائڻ ڪڍن ڏند،

هڪڙا ڏڦيڙ ڏڦن تي، ٻيا باري هنيائون بند،

نه ڪا وسئون ويجهڙي، نه ڪو جهوپا جهنگ،

رتيءَ جو ”رستم“ چئي، نه ڪنهن نر کي پوي ننگ،

لڳو ڏيل اندر ڏنگ، ڏٺم موت اکين سان.

 

ڏٺم موت اکين سان، منهنجا هيڻا ٿيا حال،

’مالهو‘ [15] بيٺو مٽجي، جنهن جو تازي [16] ڪري تال

’پُونجو‘ به پري کان، ڀڄيو کڻي ڀال [17]،

’نانڪ‘ بيٺو نچي، ڏئي ٽهڪ ٽپال،

’جانيو‘ [18] ڪري جلهون، کَنڊو [19] ڪري خيال،

وڪڙ هڻي واجهن جا، ٻيا نِيرَ هنيئون نال،

حڪم عليءَ حيدر جي سان، مون ڇنا ڏئي ڇال،

ڀڄي وڃان ها ’ڀيلن‘ کان، تهتان ڪري تال،

ته ڪا هئي وسؤن ويجهڙ ۾، نه ڪو جهنگ جهپال،

پوءِ مرد ! ٽپي پيس ’ماڇين‘ ۾، چيم: من جهلين سام سنڀال [20]،

پر ڀڙڪا ڏيئي ڀڄي ويا، ٻچا ڇڏي ٻال،

پوءِ رسيا اچي ”رستم“ چئي، ڀيل کڻي ڀال،

پوءِ گُرزن سان گُڏي ڇڏيئون، اچي ڪيائون ڪنڊيءَ وٽ ڪمال،

پوءِ ڀلي ڪيو ڀال، آيو پٽيل [21] پڙ ۾.

آيو پٽيل پڙ ۾، سَرهو ٿيوم ساهه،

چيم ڇڏائيندو ڇيهن کان، جو راڄ ڌڻي آ راءُ،

پر پاڻان بڇ بگهڙ تي پيو، ديمئون ڪري داناهه،

چئي: ڏسون ڪم ڪتن جا، اچي رؤنشي چڙهيو راءُ،

مڙئي چون ٿا ’مالهيٖ‘ کي، تنهنجو ڪتو ڪهڙو آهه،

ڇڏ ته ڏسون سورهيائي، تنهنجي ڪُتيٖ ڪهڙي آهه،

’پونجي‘ تڪي پاڻ کي، نه ڪُتِي ڪرڙي ناهه [22]،

اي مالها ! ائين مَت ڪرو، وٺو سادان ري صلاح [23]،

ڪڍي ڇڏيندو ڪُتي جو، هي سورهيه مرون ساهه.

پر پليم آسانگو پساهه تان، آئي سِرَ مٿي سا،

رتيءَ جي ”رستم“ چئي، ڪهل نه آين ڪا،

ڄاڻي هڪ الله، سانگو پليم سِر تان.

 

سانگو پليم سِرَ تان، بيٺا ويري وڪوڙي،

مڙي چون ٿا ’مالهي‘ کي، تون ڇڏ ڪتو ڇوڙي،

پونجو تڪي پاڻ کي، ته ڪتي نا ڪرڙي [24]،

مالها ! ائين مت ڪرو، ته ڦوڪي نا ڦاڙي [25]،

نيش نوان چڙهي، آنڊا ڪڍسِي اوجهريون.

 

رستم

مرون ! تون مردن جي، گانڊو ڪرين گلا،

گهڻا ڏينهن گهرن مان، تو هئا ڇِپايا ڇيلا،

کڻيو وڃين کريب سان، ٻيو لڪايو ليلا،

’رندن‘ کي ”رستم“ چئي، آهين مس ڏياريو موليٰ،

اڃا ڪي تولاءِ، مرون ! ٿيندا مامرا.

 

بگهڙ

مِرون تي مامرا،  ڪجن ڀلي ڪلٽيون،

آءٌ سڃاڻان ٿو سڀني کي، پر پيڙهيون ڪيئن پَٽبيون ؟

’جانڻ‘ مثل جوءِ جي، جيئن وناهين ويٺيون،

’گلشير‘ گسن ۾ ڏئي، سارو ڏينهن سَٽيُون،

مانُ رکي ويس مردن جو، هيون اڳين جو ڏيٺيون [26]،

پاڙي ويٺو هوس تن جي، قربئون ڏينهن ڪٽيون،

نه ته رڍون هن جون ”رستم“ چئي، ڇا گهُمن ها گهِٽيون ؟

پوءِ ولر ڪيو ٿي وتيون، جڏهن نه هئي بد بگهڙ جي.

 

گلشير

بگهڙ ! بيان منهنجو، تون سڻج سمورو،

ٻَٿ لڪين ٿو ٻُوڙن ۾، ڪرين جهنگل ۾ جهورو،

پاسا وٺين ٿو پَهَن جا، ڏئين ٿو ڦرن کي ڦيرو،

رڍن سان ”رستم“ چئي، اٿئي منهنجو دانهه پُٽ دُورو،

مٿو ته ڀڃندئي مُڪن سان، ٻيو ڪندئي پاهن سان پورو،

پوءِ مرون ! مونجهارو، ڪڍي ڇڏ قلب مان.

 

بگهڙ

ڪڍان ٿو قلب مان، پر تون به ڊپ رکجانءِ ڊاءُ،

پُٽ منهنجا پهلوان اٿئي، مون پِرئتون هئا پاليا،

ڪندئي وس وڙهڻ سان، مرون هن مَيا،

پٽ تنهنجو پِٿيئڙو [27]، هنن کي ڇوڪر ڪندو ڇا؟

وٺندئي وير وقوف سان، وِير ڪري واڄا،

رڍن کي ”رستم“ چئي، ويندا بغل وڄي باجا،

سُڌ وري سا جا، ڪندئي ڳالهيون ڳوٺائين سان.

 

گلشير

مرون ! ڪر نه مامرا، بگهڙ بيحياء،

کاڌا هئي کريب سان، ڪي مال به ماڻهن جا،

’رندن‘ جي ”رستم“ چئي، توکي ڪل نه آهي ڪا،

آءٌ وڍيندوسانءِ وقوف سان، ڪنڌ ڪهاڙين سان،

پوءِ پهري هلنديون پَٽن تي، رڍون ڪري رونشا،

تنهنجا به مرون چڙهندا ميدان تي، منهنجا به ڪندا تازي تماشا،

وري پوءِ ويجها، تنهنجا مرون نه ايندا ملڪ تي.

 

بگهڙ

چئي: يَر ! مرون منهنجا ملڪ تي، پيا هميشه هلندا،

ڪڏهن مُڙندئي ڪينڪي، جي حلالي هوندا،

هلڻ هنن کي حرام ٿيو، نه وير ڇڏي ويهندا،

منهنجا به ولر ويڙهه ۾، ڪي هيڪاندا هوندا،

ڌمون ڏيندي ڌڻ کي، وڏ ڦڙي جان وسندا،

ڪنڌ ڀڃندئي ڪيترا، ڏيئي گهيٽن کي گهمرا،

پوندئي ياد رنگ رڍن جا، توکي انهيءَ مهل ادا !

”رستم“ چئي هن راڄ ۾، توکي ويهڻ وِهه ڪندا،

پوءِ ڇِني ڪندئي ڇُوتا، نه ته نڪري وڃجانءِ ’جانڻ‘ سوڌو جُوءِ مان.

 

گلشير

نڪران ڪيئن ’جانڻ‘ سوڌو جُوءِ مان، نڪي ڀُتو آهيان ڀاڙيو،

مرون ! ڳالهه مُنهن تي، توکي چِٽ چوان چاڙهيو،

گهڻا ڏينهن گهميو، تو ٿي ڏرن تي ڏاڙهيو،

آءٌ پير کڻي پنڌ ڪري، ايندس ولر تنهنجا واڙيو،

ڪندوسانءِ ڪوڏ ڪهاڙين جا، جيئن تنواري تاڙو،

’رندن‘ سان ”رستم“ چئي، تون ٻولين ٿو ٻاڙو !

چريا ! ڪو چاڙهو، تنهنجو نه هلندو تن سان.

 

بگهڙ

چئي: ادا ! چرئي جي چاڙهي جون ڏجانءِ، پوءِ ميارون مون کي،

چڙهندين منهن مِرُن جي، ته تپائيندا توکي،

ڪڏهن مڙندئي ڪينڪي، ڇڏيندين پوٺي تي پوکي،

مِرُن جو مقابلو، ادا ! ڪير به ڪونه کٽي،

تون ڪندين ڪهڙا ڪوڏ ڪهاڙين جا، ويندين پهرين ڦوڪ ڦٽي،

ڀاروڙيون ڀَٽَن تي، ويندئي سوڙهيءَ گهُٽ گهُٽي،

انهيءَ ريت ”رستم“ چئي، پوءِ ويهندين چپ چٽي،

پوءِ سهڻي ڳالهه سِٽي، وڃ نڪري ’جانڻ‘ سوڌو جُوءِ مان.

 

گلشير

چئي: ’جانڻ‘ ڪيئن نڪري جوءِ مان، جو اٿم ڏڍ الله،

ويٺو آهيان وچ ۾، اَٿم ڀيڙا ڪونڌر ڀاءَ،

تون پيو آهين پنجوڙن ۾، ناهِر نڀاڳا،

پويان ڀاڳ پوين جا، جيڪي ڪري الله،

تون به ڪر عرض الله کي، من سولو نڪرئي ساهه،

پوءِ پيڙي تنهنجو پساهه اسين ڏاري ڪڍنداسين ڏڦن سان.

 

رستم

ڏاري ڪڍنداسون ڏڦن سان، پيڙي تنهنجو پساهه،

’پونجو‘ بيٺو اَٿئي پڙ ۾، آهي ’ڀيلن‘ سندو ڀاءُ،

اڃا به رکي ٿو ”رند“ چئي، هتي هو حياءُ،

نه ته مڙندئي ڪينڪي، ڪڍندئي سيلا ڏئي ساهه،

اٿس آر الله جو، ٻيو راءِ صاحب [28] جو راءُ،

اٿئي ڪمدار انهيءَ ڪنڌار جو، هاري هميشاهه،

ٻيو تکو اٿئي توبچي، ڪندئي ڇيرن جا ڇٽڪا،

ٻيو ڪرائيندئي گس گولين جا، ويندئي مَٽي مٿي مان،

جي راءِ صاحب کي ”رستم“ چئي، پيئي سُڌ سَما،

ته ساري کڻندئي ’سنجهوري‘ مان، دَس دنالين جا،

’مليٽري‘ [29] هن سان موجود اٿئي، ٻيا پنهنجا پروانا،

مرون ! مڃين ٿو ڪينڪي دَلا ديوانا !

پوندئي منجهه ارمانان، جڏهن فوجون ڦري ويندئي.

 

فوجون ڦري ويندئي، ديميون ڪري دم،

تون ته اڳئي مُئو آهين. ٻيو جوڙي ڏينداسوُنءِ جُڃ،

مرون ! ڀائر پانهنجا، ٿو سڀئي ڪرائين سُڃ،

ڪونه ڇڏينداسونءِ ايترو، جو رڙيون ڪري رڃ،

انهي ريت ”رستم“ چئي، ٿو پيڙهيون ڪرائين پُڃ،

مرون ! ڳالهه منهنجي مڃ، پارت ڪر پوين لاءِ.

 

بگهڙ

چئي: پارت هاڻ پوين جي، ڪريان وري ڪهڙي،

اصل منهنجي ڀاڳ ۾، هئي ڪا ههڙي،

قسمت آڻي قيد ڪيو، وڌي نصيبن نوڙي،

ٻوٿ ٻڌائون، قياس نه ڪيائون، ويا چنبڙي يار چڙهي،

پوءِ ڪاهي آيا ڪُتن کي، سنگهر وجهي سوڙهي،

اک ڏيکاريم انهن کي، ته ڦوڪِي ٿين ڦِلهڙي،

تِيڪ ڇڏيائون تڪڙي، وئي پُڇن مان پرڙي،

ڪُوڪٽ ڪندا ويا ڪوٺين ڏي، جيئن نڪري ڪُن منجهان ڪُرڙي،

’پونجي‘ کي پوءِ اتي، ويئي چِڙ چڙهاهي

ڀَري هنيائين ڀالو، منهنجان ساڙ سَڙي،

ربّ ڄاڻي ٿو ”رستم“ چئي، پيو منجهان چُت چڙهي،

پوءِ ڪري دل دڙي، ويهي رهيو وقوف سان [30].

 

ويهي رهيو وقوف سان، سنڀالي سائين،

’پونجي‘ پنهنجي پر ۾، بڇ به ڪيائين،

’ڀيل‘ ڀڄي آئيا، تن کي چِٽو چيائين،

ماري هن مرونءَ کي، ڪتا ڪَرڙيائين،

’جانئي‘ اُتي جود مان، ڀالا ڀيڙيائين،

سي لنگهي ويا لَڱن مان، ڪَشي ڪڍيائين،

قسم آ ربّ ڪريم جو، ته ڪُڻڪ نه ڪيائين،

انهيءَ ريت ”رستم“ چئي، آهي سورهيه سدائين،

پوءِ مرون مٿاهين، اچي ’ڀيل‘ پيا آهن ڀاڪرين.

 

ڀيل پيا آهن ڀاڪرين، سڀئي بات سُڻي،

ڏنئونس ڪات ڪلهن کان، ڌونڌالي ڌڻي،

ڪنڌ تنهن ڪنڌار جو، وڌو لاکيڻن لُڻي،

ڪئين ته آيا ڪيترا ۽ سڀئي بات سڻي،

ڪارڻ لاءِ ڪيترا، ويا هن جي کل کڻي،

جيڪا بات بَڻي، آڏو نه اچي ان کي.

 

آڏو نه اچي ان کي، جيڪا رضا رحمان،

ڪئين اتي ڪيترا هئا دنيا ۾ دُوران،

لڏي سڀ ڇڏي ويا، جنگي هئا جوان،

هي به سائل ٿو صدائون ڪري، سُڻ ربّ ڌڻي رحمان !

لاهج پاپ پناهه سان، سٻاجها سبحان !

رحم ڪجانءِ هن ”رند“ تي، تون مالڪ ٿي مهربان،

چئي ڪلمون ساڻ زبان، آءٌ لڏيان هن لوڪ مان.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو صاحب سومري ۽ اٺ جو

(چيل صاحب سومري جو )

]هن مناظري ۾ سگهڙ ’صاحب خان‘، پنهنجي اُٺ سان سوال جواب ڪري ٿو، جنهن کي بار سان لڏجڻ وقت رڙڻ ۽ گهه ڪرڻ جي عادت آهي، شاعر کيس ٻولائي ٿو ته اها عادت چڱي نه آهي، جيڪڏهن وري ائين ڪيئي ته وڪڻي ڇڏيندوسانءِ. جواب ۾ اُٺ کيس ٻڌائي ٿو ته اڳ ۾ ’عبدالله‘ وٽ هئس، جتي ساڳي جو سرواڻ ٿي هلندو هئس، پر هو اهڙو بي قدرو هوندو هو جو هڪ ته بار تمام گهڻو لڏيندو هو، ۽ ٻيو ته کاڌي لاءِ تمام گهٽ چارو ڏيندو هو، انهن حالتن اهڙو ڪهڪائي ڇڏيو آهيان جو هاڻي لڏجڻ وقت انهن سورن ياد پوندي ازخود دانهن ڪري ويندي اٿم. سگهڙ اڃان به اُٺ کي ڏوهاري ٺهرائي جٺ ڦٺ ڪري ٿو. تنهن تي وري به اُٺ پنهنجي سورن جو وڌيڪ بيان ٿو ڪري ته ڪيئن نه ڳوٺ جي ماڻهن خيال ڪيو ته هاڻي اُٺن کي هرن ۾ ٻڌجي، پر پوءِ مون گهه ڪري جند ڇڏائي، نيٺ ’محمد علي‘ کي خدا ساڃاهه ڏني جنهن اُٺن تان اهو آزار لاٿو. اي صاحب ! تون ڪڪ ٿي مون کي وري انهن بي قياسن وٽ نه وڪڻج. آخر ۾ اُٺ پنهنجي مالڪ صاحب خان کي دعائون ڪري منٿ ڪري ٿو ۽ آئينده سنئين طرح هلڻ جو يقين ٿو ڏياري.[


[1] . مهر = مهراڻو.

* .

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سانگهڙ) مان جمال رند کان ملي.

. سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 409.

[2] . ڳوٺ محمد خان رند، تعلقي سنجهوري جو رئيس غلام عباس خان رند، جو راوي جمال رند جو مامو ٿئي.

[3] . منيان (سرائڪي) = مڃان.

[4] . مني (سرائڪي) = مڃي.

[5] . گمانو ڀيل جنهن ٻنيءَ ۾ ڪوڙڪو هنيو هو ۽ سندس چار ڀائر چريا هئا.

[6] . پونجو ڀيل.

[7] . پيري گلشير رند.

[8] . جانڻ رند.

[9] . گلشير ۽ جانڻ ڏانهن اشارو.

[10] . بگهڙ کوهه ۾ وڃي ڪريو.

[11] . کوهه ۾ رسو وڌائون.

[12] . بگهڙ کي کوهه مان ڇڪي اڌ تي آڻي، وري ڊپ کان هٿ کڻي ڪڍيائون ته بگهڙ وڃي کوهه ۾ ڦهڪو ڪيو.

[13] . سسي ۾ رسو ڦاسائي ڇڪيائون.

[14] . چوپهن = ڪاٺيءَ جو هڪ قسم.

[15] . مالهو ڀيل.

[16] . تازي ڪتو.

[17] . ڀال = ڀالا.

[18] . جانيون ڀيل.

[19]  کنڊو = ڀڏو.

[20]  بگهڙ رسا زنجير ڇنائي ڀيلن کان ڀڄي وڃي ماڇين جي گهرن ۾  پيو.

[21] . رئيس غلام عباس خان رند.

[22] . ڪتي ڪرڙي نا (ڀيلڪي ٻولي) = بگهڙ ڪتي کي نه کائي.

[23] . (ڀيلڪي ٻولي) = اڙي مالها ! ائين نه ڪر، جيڪا چڱن مڙسن جي صلاح هجي ائين ڪر.

[24] . (ڀيلڪي ٻولي) = بگهڙ، ڪتي کي نه کائي.

[25] . (ڀيلڪي ٻولي) = ڪتي کي بگهڙ ڦاڙي نه وجهي.

[26] . ڏيٺيون = واقفيت، سڃاڻپ.

[27] . پٿيئڙو = ذرڙو، ننڍڙو، بندرو.

[28] . راءِ صاحب = زميندار، جنهن  جي زمين تي ڀيل هاري هئا.

[29] . ملٽري، Military

[30] . بگهڙ ڀالي لڳڻ سان پٺ ماڻهن ڏي ڪري ويهي رهيو.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 352.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org