سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :11

ليلان

چئي: پييم پروڙ ڪانڪا، مون هِرکي ورتو هار،

هائِي پوي هار کي، جنهن ڪيو دوست کان ڌار،

ڪؤنرو شال ڪڙهي مري، جنهن ڪيو ظلم زوردار،

مون سان رکيائين ميٺ گهڻو، پر هئي درڙي دغادار،

ريڏي هئي رَنَ ۾، ٿي مِٺي تڏهن مُنهن ڪار،

سڙيءَ سندي سازش جي، پيم نه سُڌ سنڀار،

جي پوي ها پروڙ مون، ڪا اهڙي خبر چار،

ته مڙس ڇڏي مُورهون، آءٌ ڪين وٺان ها هار،

پر عقل آيم ڪينڪي، ٿيس بيعقل بسيار،

وڙ پنهنجو وريام ڪر، هاڻي ڀلائي ڀتار !

آهيان تو آڌار، ماريين جي جياريين.

 

چنيسر

مرڻ جيئڻ تنهنجو، هئو ائين اصل،

نڪي تون چري هئينءَ، نڪي ويو هوءَ عقل،

تنهنجو هو توڙ کان، ساميءَ سان سَٽَلُ،

پَيُئي اچي پُور اهو، سندو ونگ وصل،

لڪِي ڀڻين لوڪ ۾، ڪري اها اٽڪل،

هاڻي ڪرين تال پَخال ٿي، رکي دغا اندر دل،

تو ڀانيو ته ڀَئِي ڪانهي، آءٌ وينديس ڪري ٽَل،

هڻي ڪُلئي مون کي ڪَلَ، انڌي ! تنهنجي اسرار جي.

 

ليلان

اسرار منهنجو ڪونه آهه، تو کان ڌار دلبر !

ڪانڌ ! تون ڪو پاند ڏي، مون منجهه عيب اَپر،

ٻيو ناهه وسيلو واهيءَ جو، آهي وس تنهنجي ور !

پاڻ ڀَلائي پانهنجو، ڪرين ڪانڌ ! مهر،

عَفۡوُ ڪر احسان سان، منهنجا ڏس نه مَڪر،

تون دارون، تون درمان، تون وارث، واهر ڪر،

توهان ڌاران ناهه ڪو، ڀيڻِي منهنجو ڀر،

ڇڏي آر عذر، ڪانڌ ! تون ڪو پاند ڏي.

 

ڪانڌ ! تون ڪو پاند ڏي، مون منجهه عيب اَپار،

ڪم ڪچايون مون ڪيون، ڄاڻي سڀ ڄمار،

ڏوهه ڏنگايون ڪيتريون، هئم منجهه هزار،

ٿيس غرق گناهن ۾، باري کڻي بار،

ترهو ناهي “طالب“ چئي، ڪيئن پهچان پار؟

سڄڻ ! لهه سنڀار، ٻيو ناهه تُرهو تو سوا.

 

ناهه تُرهو تو سواءِ، ڪر مدد اچي منٺار،

دانهون دردونديءَ جون، سڻي تون سردار !

اچي ساڻي ٿيءُ سختيءَ ۾، پهچاءِ پنهنجي پار،

لاهي مشڪل مون مٿان، اوکي منجهان اُڪار،

ديدار پنهنجو دلربا ! ڏکيءَ کي ڏيکار،

دوست اچي دلدار ! آڌر ٿي اَڀرن جو.

 

آڌار ٿي اَڀرن جو، اچي لاهه غم وهم،

ڪميڻيءَ تي قرب سان، پنهنجو ڪر ڪرم،

ٻيو اجهو آڌر ناهه ڪو، ڀيڻي ۽ ڀرم،

دوست ! تو ريءَ دم، گهارڻ پيو گهنگهر ۾.

 

گهارڻ تو ريءَ گنگهر ۾، آهي مشڪلات،

آهي طلب توهان جي، مون کي ڏينهان رات،

توکان سواءِ ڪيئن رهان، هتي هيئن هيهات !

”طالب“ کي تمام آهي، تنهنجي طلب تات،

ڪلمي وائيءَ وات، ڪريو ته ڪرم ٿئي.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو جواني ۽ پيريءَ جو

(چيل قاضي الهورائي جو )

] هن مناظري ۾، سگهڙ پيري ۽ جوانيءَ کي دوبدو ڪري، انهن کان سندن حالتون ۽ خصوصيتون بيان ڪرايون آهن. اول جواني، پيريءَ کي ٻڌائي ٿي ته: اي پيري ! توتي هاڻي کاڻي کنگهه جو حملو ٿيو، تنهنجا ڏند ڏاٺون چٽ ٿيا، تنهنجو آب تاب ويو ۽ تو کان تنهنجا  مجلسي موڪلائي ويا. تنهنجو بدن بيڪار، ٽنگن ٽرڻ ڇڏيو، ڪنن ٻڌڻ ڇڏيو ۽ منهن مان ميڻا ويندي رهي. البت ڪن ٿورن تنهنجي اڇن جو ادب ڪيو. انهن حالتن ۾ تون مون سان مقابلو ڇڏي هٽي وڃ. پيري پنهنجي جواب ۾ جوانيءَ کي چئي ٿي ته: آءٌ تو کان گهڻو مٿي آهيان، جو اڇن جو ادب رسول ڪريم جن ۽ ٻين ڀلارن انسانن ڪيو آهي. تنهنجا سڀ ڪم کوٽا، چوري، جوئا تنهنجو ڌنڌو. انهيءَ ڪري تون مون سان برابري ڪري نه سگهندئين. وري جوانيءَ انهيءَ جو رد ڏنو ته: حسن، لباس ۽ سينگار جوانيءَ جو مرڪ آهن؛ تنهنجي بڪ ۽ گهپي عمر کان ڳجهي ڪانهي. ان بعد شاعر ٻنهي کي پرچڻ جي صلاح ڏيئي مناظرو ختم ڪيو.[

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، ڏس رازق سندا رنگ،

پِيريءَ جوانيءَ پاڻ ۾، جوڙي ٻڌي جنگ،

جواني اُٿي جلد مان، نڪري ٿي نسنگ،

ڏنائين پارپِيريءَ کي، چئي: تو ۾ کاڻي رڳي کنگهه،

ڏند ڀڳا، ڏاڙهون ويون، تنهنجو تاب ويو تفنگ،

تو مان مجلس موڪلائي هلي، دوستي ڪري رنگ،

ويئي طاقت تن جي، ٽُرڻ ڇڏيو ٽنگ،

ڪڏهن مهندار هئين مجلس جي، اڄ وِره وڌءِ ونگ،

ويئِي مَڻيا مُنهن جي، ارڏائي اَڙٻِنگ،

هاڻي ڪي نيهي سڃاڻي ننگ، ادب ڪن اڇن جو.

 

پيري

چئي: ادب منهنجي اَڇن جو سُڃاتو پاڻ سردار،

جيڪو والي آهي وِلهن جو، مديني مهندار،

ٻيو موليٰ علي مشڪلڪلشا، جنهن جي زور ذوالفقار،

حَسن مير حسين هئا، هوت هِنئين جا ٺار،

انهن به ادب ڪيو اَڇن جو، تون ڇو مهڻا ڏين مردار !

چوري جُوئا تنهنجا ڪم، ٻيون حرڪتون هزار،

خلل، کيٽو، خون، خرابيون، بد عادتون بيڪار،

سِيٽ سوائي، آڪڙ اَجائي، آهي جيل تنهنجو جنسار،

وَڏ ننڍائي تو مان ويئي، اهي پِٽي ! تنهنجا پار،

جواني ! ٿي جَک مارئين، تونو ڪريو تار،

نسنگ ٿي نروار، پهاڄ ٿي آهين پيريءَ جي.

 

جواني

پهاڄ ٿي آهيان پيِريءَ جي، جو هوڏ ڪرڻ اَٿم حق،

حُسن منهنجي ڪئين حيران ڪيا، ويس ڏسي ورق،

سينڌ سُرما تيل تريون، اِهو جوڙ منهنجو جڪ،

جوڀن ڏٺو هوندءِ جوانيءَ جو، مُنهن جهڙو ماڻڪ،

 

جواني سواءِ جنگ نه ٿئي، توڙي هجي الله جو عاشق،

گِگون وهائي گوڏن تائين، تون هڻين بيهودي بَڪ،

کپت، گَهپي گهر ۾، تو مان ڪڙم قبيلو ڪڪ،

وَهي تنهنجي وِلَل جي، چَهوٽا ڏئين ٿي چڪ،

کائڻ مهل خواري گهڻي، پِيري ! هوندءِ پڪ،

هَڏ تنهنجا هيڻا ٿيا، تون نسوري نازڪ،

ڪُلها ڪرنگها ڪمزور ٿيا، ويئي بدن جي بيهڪ،

ڏڪڻي لڳئي ڏيل کي، تون فنا ٿئين فارق،

تو کي اهو شيطاني شڪ، وري جنگ ڪرين ٿي جوانيءَ سان.

 

پيري

چئي: جنگ ڪريان تو جوانيءَ سان، ٿي منهنجي جنگ جڳائي،

ڪم جڏا ٿين جواني ۾، ٿي وڏن سان ويڙهائي،

پِيري، اولياء ۽ پڙهيا، ٿي بزرگ ڀُلائي،

اِها مغروري ڪڍ مغز مان، جا ٿي فقيري ڦٽائي،

جهيڙا جهٽا، ڦڏا ڪريو، ٿي مسڪين مارائي،

اِها شوخي ڪئي شيطان هئي، تنهن کي ڇڏيو تڪبر تڙائي،

جوکو آهي تو جوانيءَ ۾، پيري پارس آهي.

پنڌ پري آهي پِيريءَ جو، ڏس دل کي دوڙائي،

مرد آهن جي مانُ سڃاڻن، ڏيندا واڳ وڏن کي ورائي،

نبي پاڪ پيغمبر هئا، جن ڏنو مانُ اڇن کي موٽائي،

اَڄ جوانيءَ چڙهيو ته جنگ مَتِي، بيٺو پيءَ جي ڏاڙهي پٽائي،

اکيون پوري انڌو ٿيو، ڀل پيو سُريلو سڏائي،

پيءُ ڏاڏو پُڻائي، اڳواڻ ٿيندو آڪاهه جو.

 

جواني

اڳواڻ ٿيڻ آڪاهه جو، آهي هِنئين جي همت،

سڀڪو ٿو سَڌون ڪري، پر آهي جوانيءَ کي جرئت،

جي شجرا ڪڍي سامهان ڪرئين، پِيري ! ويندءِ پَت،

اَنڌي، اونڌي، اَڻ ڍنگي، تو ۾ کاڻي ! رڳي کَپت،

توتي اَڻهئي ميڙ مکين جا، ڏس هلڻ جي حالت !

ٽيڪ بنا ٽورو ئي نه اچئي، تون آهين نڀاڳي نست،

سَنڌ تنهنجا سڀ ساڻا ٿيا، ويئي رڳن منجهان رت،

تڏهن به پئي پڏائين پاڻ کي، شوخي ڪريو شدت،

هاڻي نياز ڪر نئڙت، جوڙي هٿ مون جوانيءَ کي.

 

پيري

چئي: جواني ! جوڙيان هٿ تو، پر آهين نه منهنجي مَٽ،

سَکر منهنجي ساڃاهه ڪريو، کِليو وهارين کَٽ،

عزت منهنجي اَميرن ۾، تون ڄاڙي هڻين ڄٽ !

ڪم ڪرين ڪراهت جهڙا، ڪنڌ تي وهائين ڪَرٽ،

ڪڏهن پوين قيد ۾، ڪڏهن مٿا ڦاڙي ڪرين ڦَٽ،

ٽرڙي عادت، ٽونٽيون هڻين، ڳڀرو ٿيو ڳَرٽ،

ڏاڙهي ڪوڙي، ٻُوٿي ٽوري، چوين منهنجو نه آهي مَٽ،

چوئي ڪو چڱائيءَ جو، ته جهڳڙا ڪرين جهَٽ،

پيرين پئو مون پِيريءَ کي، نه ته نڪ چَپ ڪنديسانءِ چٽ،

لکين ڪرين لِيلهَٽ، اچي پرچاءِ مون پِيريءَ کي.

 

جواني

پِيريءَ جي پرچاءُ کان، آهي مرڻ موچارو،

پِيريءَ کان رب پناه ڏي، جا ڪيڙُ ڪري ڪارو،

ويئي جواني، وَڏپڻ آيو، سنگت ڇڏي ويو سارو،

اُٿڻ ويهڻ حال هيڻو، ڏيندءِ ڪونه اُڌارو،

هڪڙو جلو جُونۡئُن جو، ٻيو ڪڍندينءَ کانگهارن جو کارو،

انهيءَ جوانيءَ توکي جڏو ڪيو، نه ته هئين ڀائرن ۾ ڀلارو،

سمجهئي مون سان توڙ ڪندي، پر حال ڪري ويئي هچارو،

هاڻي ڇورو ڪري ڇڏي ويُئي، وري نه ملندءِ وارو،

تو ڀانيو مَٽ نه آهي منهنجو، اهو هئو مون جوانيءَ جو جنسارو،

جو ڀانئين پاڻ ڪنان پيارو، سو سڏ به سُڻنئي ڪينڪي.

 

پيري

سڏ سُڻي ڪينڪي، ته به حال اسان جو هلي،

پر، وَڏ گهراڻا وياءَ کريا، جيءُ اَسان جو جلي،

لوڪ سڄو ٽوڪ ڪري، پيئي ساري خلق کِلي،

بنياد کي بدنام ڪري، ته به ٽهڪ ڏيو پيو ٽِلي،

ڇا جوڀن، ڇا جواني، ڇا چالو سندس چلي،

نامراد پُٽ کي نصيحت ڪريو، پيءُ بيٺو پلي،

پر مڃڻ مُور نه ٿيو، مُرڳو جهڙپ ڏيو ڏاڙهي جهلي،

واه جواني ! تنهنجو وقت آيو، سڄڻ سُور ڪنهن سان سَلي،

ڀاڳ جنهين جو ڀُلي، سو پِيريءَ کان پِٽجيو وڃي.

 

جواني

پِيريءَ کان اُهي پِٽبا، جن ڪيو هوندو غريبن سان غضب،

ٻيا اُهي ٻان ٿيندا، جن جا ڪارا هوندا قلب،

اِن نفس ڪيئي نهوڙيا، طمع مٿي طلب،

پِيري ! تون پوءِ آئين، اڳئي هُئئي جوانيءَ جو جذب،

ڪي ڏينهن جشن ڪيئي جوانيءَ ۾، منهنجو اَنڌِي ! ڪرين ها ادب،

مرڳو عيب پيئي اگهاڙيين تنهن جو لڳو عجب،

وَڏ ننڍائيءَ جو ويڇو ناهي، جن سان سائين ڪري سبب،

مُنڍ مڙني جو آهي مصطفيٰ، جنهن تي راضي ٿيو رب،

جنهن کي هوندي هاديءَ جي حُب، تنهن کي لهر لوڏيندي ڪينڪي.

 

پيري

لهر انهن کي ڪين لوڏيندي، جن سان سّيد هوندو ساڻي،

ڇو ٿي جواني جنگ ڪرين؟ مون سان خار رکيو کاڻي !

پاڻ ٻئي ڀيڻون پاڻ ۾، تون اَنڌي آءٌ ڪاڻي،

ناه جٽاءُ تو جوانيءَ کي، ڇو ايڏا تندا پئي تاڻي؟

مُدا اَٽڪائي مري وينديون سين، پاڻ ولوڙي پاڻي،

پهر پل ۾ پِيري ايندءِ، پوءِ گهر ۾ وجهندءِ گهاڻي،

معذور ٿي ڪرندين مَنجي تي، پوءِ ناحق نماڻي،

قريب تو مان ڪڪ ٿيندا، ڏڙهيون جهليندين ڏهاڻي،

اڄ يا سڀاڻي، توتي به پُکو اِيندو پيريءَ جو.

 

جواني

پُکو اِيندو پِيريءَ جو، ته شوقئون ڪنديس شُڪر،

ڇو پِيري ! پَت وڃائين، مون تي چري ! ڪري چٿر،

آءٌ سينگار آهيان جڳ جو، مُلڪن ۾ مَشر،

سَٿ پَٿ ۾ آءٌ سونهان، تون منهنجي پٽيءَ ڇڏ پچر،

دانهن کڻي وينديس ڪنهن در تي، ته پِيري ! کائيندينءَ پادر،

ٻوڙي ! ٻڌندئين ڪينڪي، تون پُڇا ڪندئين هَر هَر،

پوءِ تنهنجو پنڌ اجايو، سُڃاڻندئي ڪونه سَکر،

اڄ ويو مان مسڪينن جو، اچي ٿيو ڪمينن جو قدر،

وڏيرن کي تڏهن وڻندئين، جڏهن ڏيندئين لُچائي جي لَرَ،

ويو عدل اَميرن مان، رڳي هلي پاليسيءَ جي پَر،

گلا ويئي گوءِ کڻي، ٿيو آهي ڪوڙ ڪثر،

نه آهي غور غريبن جو، اَچي دُزن مچايا ڌمچر،

چڱن مڙسن کي وڻي چاپلوسيءَ وارو، جي ڪندا حرامڙائيءَ جا هُنر،

جي سچ سُڃاڻن ڪينڪي، نڪي مٺاين جا مَڪر،

ڪڍندا عيب اشرافن مان، اَڄ سڀ  کي وڻي ثمر،

پِيري مُريدي پوري ٿي، آيو وقت آخر،

غيرت ويئي گم ٿي، هلن پيا ناحق جا نظر،

نڪي سُڃاپن ننگ نياڻين جا، هلن پيا لُنبن جا لشڪر،

حياء لَڏي هليو ويو، سڃاڻن نه ڀيڻ مادر،

زالون هن زماني جون، ڏين چارئي پهر چڪر،

”قاضي“ بند ڪر قلم کي، اِهو ظاهر ڪر نه ذڪر،

نه ته ويندي خوشي خلق مان، رهندم غم گوندر،

رک اُڊڪو اَجل جو، اڳيان سخت سُڄي سفر،

رڳي محبت من ۾، وٺ سچائيءَ جو وکر،

پِيري جواني پاڻهي مڃينديون، آگي جو اَمر،

پرچي وينديون پاڻ ۾، تون ڇڏ پرائي پچر،

ڪلمون پڙهو ”قاضي“ چئي، ٿئيوَ موچارو محشر،

پاڪ سچو پَروَر، لاهيندو ڏولائو ڏيهه تان.

لاالہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو جواني ۽ پيريءَ جو

(چيل پيروز مرگر جو )

] هن مناظري ۾ جواني، پيريءَ جي ٺٺول طور چوي ٿي ته: جنهن جوڀن تي هيترو ڪڏئين ٿي تنهن کي اوچتو ڇڏي ڀڄي وئين. انهن افعالن سان پوين کي به پشيمان ڪيئي يعني عضون کي بي طاقت ڪيئي ۽ محبت کي به مهڻي هاب ڪيئي. تنهن تي پيري جواب ٿي ڏئيس ته: انهيءَ ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟ وار ڪارا ڇڏيم، هٿ پير ۽ ٻيا عضوا سڀئي سلامت هئن. اڃا به مون غريب جي گلا ڪن ته کين ٻڏي مرڻ گهرجي. تنهن تي جوانيءَ ٻڌايس ته: انهن جا ڪهڙا حال آهن، ڏند ڏاٺون وين، مت وين، ايتري قدر جو هاڻي لڄ ليهه لاهي ڳوٺ جي گهٽين ڳلين ۾ هنگندا وتن. تو پنهنجي پت وڃائي باقي پيٽ اُهي به پيا پارين. ان تي پيريءَ چيس ته: لاچاريءَ کان پيٽ ضرور پارڻو اٿن، باقي مون ته ائين نپايا جئن مائٽ اولاد کي سانڍين. اڙي جواني ! سچ ٻڌاءِ ته هينئر سندن ڪهڙو حال آهي؟ ان تي جواني ٻڌايس ٿي ته: هاڻي انهن پير مردن جو اهو حال آهي جو ڏاڙهيءَ ۾ جون پيل اٿن ۽ ڪپڙا ليڙون ليڙون. رات ڏينهن سرڪيون ڀري رٻ پيئن ٿا. نڪي ناٺي ٿا سندن سڏ ٻڌن نڪي وري ننهون سنئون منهن ڏيئي ساڻن ڳالهائين. بس منهن ويڙهيو هڪڙو هنڌ وٺيو پيا آهن.[

جواني

جوڀن جٽيهءِ ڪينڪي، جيڏو ڪيئي دوفان،

هنيئي ٿي هٿن سين، بنا سيڱ ڪمان،

ڀِت ڏيئي ڀڄي وئين، ڏنئه ڪونه ضمان،

وڌءِ پويان پشيمان، محبت وڌءِ مهڻي.

 

پيري

ڇو محبت پئي مهڻي، مون ڇڏيا منجهه ڪارن،

هٿ پير آڱريون عضوا، سڀئي ٿي ورين،

هاڻي ٻُڏي وڃي مرن، جي ڪن گلا مون غريب جي.

 

جواني

ڏند ڏاڙهون نيئي پاڻ سان، ٻي نِيئينِ مَت،

هنگن ڳوٺ ڳلين ۾، ايءَ پرايائون گَت،

تو پنهنجي وڃائي آ پَت، هو ٿا پارين پيٽ کي.

 

پيري

پيٽ پارڻ اُني جو، تڏهن هوندو ئي لاچار،

مون اِيهين ٿي سانڍيا، جيئن مائٽ سانڍي ٻار،

ٽِڪَ سُئيرو (1) هٿ ۾، سهسين ڪيائون ٿي سينگار،

هاڻي آهن ڪهڙي منجهه آچار، مون سان متان ڪوڙ ڪرئين؟

 

جواني

ڪوڙ ڪريان ٿي ڪينڪي، ڪريان سڀ سَچي،

هاڻ هزارين هڏا (2) ڏاڙهيءَ ۾، ٻي ڪانچ ڦاٽن ۽ ٻَچِي،

ڳَڀُورن نَچِي، ان جي پاڳهه (3) ٿي پيرن ۾.

 

پيري

سچ چئو، سچي ڪر، ڪي کِلين ٿو اِني مٿان هاڻ،

هنن لِک لِک ٿي لِڱ ڇنڊيا، عضوا اِنڊن(4) ساڻ،

ڪهڙي پيين ڪاڻ، جيتوڙي ايهين تارڪ ٿيا (1).

 

جواني

چئي: رڌائون رٻ راڙهو (2) ڪري، سُرڪڻ لاءِ سنهون،

سڏ سڻين ئي ڪونه ڪو، ناٺِي نڪو نُونۡہ (3)،

مُٺا ويڙهيو مُونۡہ، پيا آهن ”پيروز“ چئي.

 

مناظرو خيال ۽ خوديءَ جو

(چيل حافظ سليمان ”سائل“ جو )

] هن مناظري ۾ شاعر، انسان جي ’خيال‘ ۽ ’خودي‘ جو مقابلو پيش ڪيو آهي، جيڪي انسان کي صلاحون ٿا ڏين. خيال چوي ٿو ته: اي انسان ! خوشي نه ڪر، ڇاڪاڻ ته پويان وري غم آهي. پر خودي انسان کي صلاح ٿي ڏئي ته: خوشي ۽ غم، نفعو ۽ نقصان، هن زماني ۾ لازم ملزوم آهن، تنهنڪري ڪوبه ڊپ نه ڪر. وري خيال ٿو چئي ته: جسم مٽيءَ جو آهي جا فاني شيءِ آهي، ان جو عمل به فاني آهي. جنهن جي جواب ۾ خوديءَ چيو ته: روح لازوال آهي ۽ ان کي فاني ڪير چئي نه سگهندو. آخر ۾ شاعر چئي ٿو ته: روح الله تعاليٰ جي وجود جو عڪس آهي ۽ هيءُ سارو عالم سندس ئي مظهر آهي.[


* . هن مناظري جي روايت خود شاعر قاضي الهورائي کان ملي.

. قاضي الهورايو پٽ عبدالله خان نظاماڻي، ڳوٺ گل محمد خان نظاماڻي تعلقي بدين ۾ 1321هه/ 1903ع ۾ ڄائو. ننڍي هوندي مشهور شاعر سانوڻ فقير جي صحبت ۾ رهيو. سانوڻ فقير جي بيتن جو گهڻو حصو کيس ياد آهي. هن وقت ڳوٺ باقر نظاماڻي، لڳ ٽنڊو محمد خان، ۾ رهي ٿو. سندس ڪلام بيتن تي مشتمل آهي. قاضي الهورايو هڪ سمجهو سگهڙ ۽ ڳجهارتن جو وڏو ڄاڻو آهي.

* . هن مناظري جي روايت سگهڙ حاميد خان رند، ويٺل ڪڪرانڊ، تعلقو ميرپور ساڪرو کان ملي.

. پيروز مرگر ويٺل ”ڍوهڙو“ مڪان، تعلقو ميرپور ساڪرو، کيس وفات ڪئي سٺ سالن کان وڌيڪ عرصو گذريو آهي.

(1). سئيرو = سرمون.

(2). هڏا = ليکون.

(3). پاڳهه = پڳ.

(4). انڊو = آڱر جو ٺونگو.

(1) . نارڪ ٿيا = پري ٿي ويا.

(2) . راڙهو = کيٽو.

(3) . نونہ = ننهن.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي گنبٽ) مان گل محمد خواجي کان ملي.

. حافظ سليمان ولد حافظ سعد الله خواجه، تخلص ”سائل“ هوس.  ڳوٺ کهڙا ضلعي خيرپور ميرس جو ويٺل هو. درويش شاعر هو. سندس مولود، مداحون، خطبا ۽ ٽيهه اکريون مشهور آهن. اسي ورهين جي ڄمار ۾ 1940ع ڌاري وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org