سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :19

تمهيد

زال مڙس پاڻ ۾، ڪيو جهيڙو آچر رات،

ڪوهه ڄاڻان، ڪير هئا، ڪهڙي سندين ذات،

چوريءَ چُپ چُپات، بيٺي مون ٻاهران ٻڌو.

 

بيٺي مون ٻاهران ٻڌو، سارو هي احوال،

ويٺي ٻنهين پاڻ ۾، ڪئي قيل مقال:

تو جهڙي ملڪن ۾، مون ڪانه ڏٺي ڪا زال،

بد صورت، بڇڙي، بي دِيدِي، بدچال،

ڪڍي ڇڏ خود خيال، نه ته جُٺ ڪندوسانءِ جڳ ۾.

 

زال

جٺ ڪندين جڳ ۾، مون کي ڪڄاڙي لاءِ؟

ڪا چوري ڪيم تنهنجي، جانۡ ڪو خون خطاءِ؟

جانۡ ڪَچِي ڏٺئي منهنجي، جانۡ ڏٺئي مون ٻي جاءِ؟

ڪهڙي بدچالي ڏٺئي، سا تون صاف سڻاءِ،

پوءِ ڇتا ! ڇا لاءِ، گولا ! ٿو گاريون ڏئين؟

 

مڙس

چَٻَلَ، چاڳي، چِلولي، تون ڇِتي ! ڇائي پاءِ،

تنهنجي سورن ساڙيو، ڪهڙا سور سلانۡءِ،

سڄو ڏينهن صورت کي، ٺاهيو ويٺي ٺاهِه،

ٿُلهو بوسو ٿنڀ جهڙو، لاهيو ويٺي لاهِه،

ڪاڄ مڙيئي ڪِنا ڪَيئي، هَنگي هَرمُو ماءِ !

پَڙو پلاڻيو پِير تي، ٿي وڃين سنجهه صباح،

چئي: وڏا پِير ! پلڪ ۾، منهنجو عرض اگهاءِ،

دُنبو ڏينديس درگاهه تي، منهنجي پير پُڄاءُ،

اهڙن افعالن سان، وري ڪرين واءِ واءِ !

شل جُنب اچيئي جاءِ، ٿي ٻه- ٽَنگي ٻوليون ڪرين !

 

زال

ناڪَس نَو ٽَنگيا ! تون ڪهڙو آهين نادان،

گار گِلا کان نٿو رهين، بيدِيدا بيڌيان !

ڪهڙا جاگير لُٽيم تنهنجا، ڪهڙا باغ بستان؟

ڀنگ پي ڀورو ٿئين، جانۡ ڪو قهري لڳوءِ ڪان؟

جانۡ امل کاڌوءِ عادتي ؟ جانۡ شراب پيتوءِ شيطان؟

پِير پليندوءِ پاڻهي، پڌرو ٿيندين پشيمان !

ناحَق مون مسڪين تي، ٿو بديون رکين بي ايمان !

هُڙتيا ! تون حيوان، جاهِل ٿو جهيڙا ڪرين!

 

مڙس

جاهل نِرڄي، نَڪ وڍي، پَڏي ڪرين جولان،

ڀُڻ ڀُڻ ڪريو بيحيا، ..........ڪرين بيان،

سڄو گهر سُڃو ڪيوءِ، ڪوڏي ڇڏيئي ڪانَ،

عطر، مشڪ، عنبير سان، ٿي پنهنجو مکين مڪان،

خوشبوءِ اچي خوراڪيءَ کي، خوش ٿئي تنهنجو خان،

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، تنهنجو جاني اچي جوان،

ڦڻي ڏيو وارن کي، مٿي چڙهين ميدان،

حُب منجهان هڪلون ڪرين، جئن راهه منجهه رمضان،

ڳالهائين ٿي ڳوهه بلا ! جئن مرد ڳالهائين مسلمان،

سير سير گهرايو سِيري جا، ٻيا پچائين پڪوان،

مون کي ٻُڌائين، مهڻا ڏين، اڄ به آيا تنهنجا مهمان،

جيتر هُيَم خبر ڪانه ڪا، تيتر هئس حيران،

شرير ! هن شامت جو، تون سڙي نه رکين شان،

شل دين وڃئي ايمان، ٿي واڪا ڪريو وِلَلِينۡ.

 

زال

وِلَلَ ماريا ! تو کي ڪهڙي وائي لڳي آهي؟

گدڙ ! منهنجي گهر ۾، ڇِتا تنهنجو ڇا آهي؟

اهو مَڱڻي رات مائٽن، مون کي ڏيج ۾ ڏنو آهي،

ڪاوڙ ڪريو ڪُشومَ مان، تون ڪتا ! اچين ڪاهي،

ڇڏ لُچا لڙ لاهي، نه ته خوار ڪنديسانءِ خلق ۾.

 

مڙس

ڪندينءَ خوار خلق ۾، ڇا توکي طاقت آهي؟

گهر ساڙي ساعت ۾، اهو ڍانڍڻ ڏيانءِ ڊاهي،

جهليو، هِن جڏيءَ کي، جا ٿي سينو ساهي،

شرم نِٿو اچي سڙيءَ کي، اڃا ٿي ڳَهلي ڳالهائي،

وَرَ وَرَ ڏيو وِلِلُون ڪري، کاڻي کٽل کائي،

ٻُڌو گفتار گنديءَ جي، جا ٿي ڌوڙ مُنهن ۾ پائي،

شل ڦِٽل ! اچِين ڦاهي، ٿي ڪرين خوار خلق ۾ !

 

زال

خَر، خَبُوزَ، خارِزَ، اٿئي ڪهڙو خار؟

کُٽل، کاڻا، کوٻلا، ڪهڙو مچايئي آزار؟

پلپل منهنجي پيٽ جي، پٽيل اٿئي پچار،

مئا ماريا، مکين جهِنگيا، ڪهڙو مَکو لڳوءِ مردار !

مهاڻن وانگر مهڻا ڏين، بدو ماريا بيڪار !

ڪڇان ڪين قرب کان، تون مٿي تي چڙهين منهن ڪار،

هاڻي تَڙيل ! ڇڏ تَنوار، منٿ ڪر ته معاف ڪريانءِ.

 

مڙس

منٿ ڪريان تو موڳيءَ کي، جنهن جا اهڙا آهن پار،

لِيڪو لنگهي لُچِي تون، گندي ڪرين گفتار،

لِڪيو لِڪيو ليئا پائين، ڪرين دريءَ منجهان ديدار،

هڪڙو ڪپڙا ڍڪين قيمتي، ٻيو بيهين منجهه بازار،

ڪندي اچين گوڙ گگي سان، سهڻو ڪري سينگار،

تنهنجي دردن مون کي دم دم ڪيو دشوار،

واڪا ڪريو ٿي وِللين، جئن ٻانۡڀ ڪري ٻاڪار،

سمجهائي ٿڪس توکي، ساري سڀ ڄمار،

ته لُچي لچائي ڇڏ، چَري چال سڌار،

تان ڀي رهين ڪينڪي، تنهنجي اِهائي ڪار،

هاڻي مُور نه ڇڏيان توکي، ماري ڪندس مِسمار،

مَٽڪو هڻي مغز ۾، ٿو ڀيري ڀڃانءِ ڪپار،

ڪڍي ڪاتي ڪمر مان، ڪيانءِ ڌڙ سسيءَ کان ڌار،

ڏيئي اهڙي مار، سُڪايانءِ ٿو سَنڌن کان.

 

زال

مار نه مِٺا ! مون کي، پروڙي ڏس تون پاڻ،

آءٌ عورت، تون مرد منهنجو، پنهنجو ننگ سڃاڻ،

اڳي ته اهڙو ڪين هئين ڪُڇندو ڪنهين ساڻ،

هاڻي ڀانيان ٿي ٻيءَ ڪنهن سان، تنهنجو ٻهڳڻ لڳو ٻاڻ،

پر عشق جي اَلوليءَ جو، ڏيانءِ ڪهڙو اهڃاڻ ؟

ان کان پُري ڪجانءِ پاسو، پنهنجو پنهنجن کي ڄاڻ،

توکان سواءِ ڪنهن سان، ڪنديس روح رهاڻ ؟

ڇڏ ڏنگايون ڏکيءَ ساڻ، پرج پرين ! ڏس پاڻ ڏي.

 

مڙس

ڪڏهن پرچندس ڪينڪي، آهيان توکان بيزار،

منٿ نه مڃيندس تنهنجي، توڙي حيلا ڪرين هزار،

نارَ ڪريو ٿي تالَ ڪرين، روئين زارو زار،

مڪر تنهنجا ملڪن ۾، مشهور آهن مردار،

ويهاري مائٽ پانهنجا، ڪري ڏس ويچار،

ڏوهه ڪنهن ڏانهن آهي گهڻو، ۽ ڪهڙو سزاوار،

هيڏي هوڏ هروار، اڃان ڪِني پيئي ڪرين.

 

سگهڙ

ڇڏيو جهيڙو پاڻ ۾، ڪي ٻڌو ٻول ٻيهار،

گهڻو شور شهر ۾، بيحد مَچايَو بِسيار،

ڏاها ٿيو، ڏنگا نه ٿيو، داناءَ ٿيو هُشِوار،

’نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي منجهه ڪنوار‘،

عورت ائين نه گهرجي، مردن ناهه ميار،

مردن سان مقابلو، آهي ڪميڻين جي ڪار،

يارو ! ڪريو الله توهار، جو پِرين پرتا پاڻ ۾.

 

پِرين پرتا پاڻ ۾، لٿي لوڪ پچار،

ڪوڙو قصو ڪوڏ مان، مون هي تهدل ڪيو تيار،

بخشيندو پاڻ ڌڻي، باري بخشڻهار،

خالق آهي خلق جو، صاحب ربّ ستار،

”لائق“ ان لفظ جو، آهيان عاصي عيبدار،

اصل رهندڙ سيوهڻ جو، جت شاهه آهي سردار،

ڪني ڪراچي شهر ۾، ٿو گذاريان دشوار،

مُنگهڻ، ماڪوڙا مصيبت جهڙا، ڪارڙا ڇِنن ڪَپار،

مَکا وڌيڪ مکين کان، جي بيحد ڪن بيزار،

چُوڻي خاطر پيٽ جي لالڻ ٿيم لاچار،

قسمت واڳون ڇڪيون، آهي ڌڻيءَ هٿ مهار،

دعا ڪجو دل مان، ته آءٌ دائم رهان درڪار،

ڪريو الله توهار، جو ڪوڙو قصو پورو ٿيو.

 

مناظرو زال ۽ مڙس جو

(چيل حاجي مهوال جو )

]هن مناظري جو سچو واقعو هن ريت آهي ته: شاعر حاجي مهوال هڪ دفعي ڳوٺ ’روڻجو‘ تعلقي کپري ويو. جتي هڪ واقفڪار عرس جوڻيجي مانيءَ جي صلاح هنيس. عرس، حاجي مهوال کي گهر جي ڀرسان، واريءَ جي دڙي تي ويهاري پاڻ گهر ماني پچارائڻ لاءِ ويو. گرمين جي موسم ۽ ٻن پهرن جو وقت هئو، اوڏيءَ مهل عرس جي زال ’نوري‘ ستي پئي هئي. عرس کيس ننڊ مان جاڳائي مهمان جي مانيءَ پچائڻ لاءِ چيو. هڪڙو گرميءَ جو وقت، ٻيو ڪچيءَ ننڊ مان جاڳ ۽ وري ويتر نوريءَ جي چيڙاڪ طبيعت، سو اٿندي شرط مڙس سان منهن اٽڪايائين. ٿوري. ڏندي ڏيڻ بعد هم نه تم ڪري مڙس کي کڻي دسيائين ۽ پوءِ پاڻ وڃي پنهنجي مائٽائي ڳوٺ ’گولاڙي‘ نڪتي. سگهڙ اهو سمورو حال دڙي تان ويٺي ڏٺو، سو مانيءَ جي پچر ڦٽي ڪري اچي گهر نڪتو، ۽ هيءُ مناظرو جوڙيائين.[

تمهيد

عرس گڏيو اوچتو، خان اچي خاصو،

مور نه ڇڏي ’مهوال‘ کي، ڪيائين دعوت دلاسو،

وهايائينس واريءَ تي، جتي ڪيو تڙڪي تماشو،

پوءِ ٻَڌي پاسو، وڃي جاڳايائين جوءِ کي.

 

جوءِ اٿي جوش مان، تنهن ڪُڏي کنيو ڪايو:

ته مئا ! هڪڙو هڻئين پٺن تي، ٻئي جو ڪندس سعيو،

روح جو اٿم رايو، ته سَٽيئينۡ هوند سونٽن سان.

 

مڙس

سٽيندينءَ ڪئن سونٽن سان، آءٌ چَٽ جهليندس چوٽي،

ماڻهو ٿيندا منٿائو، ته به مور نه ڇڏيان موٽي،

رن ! هينئر روٽي، پچائڻي اٿئي پريت سان.

 

زال

پچارائي پريت مان، ڪئن ’نُوريءَ‘ کان نيندين ؟

بي مانو ڀائرن اڳيان، ٿُڪن سان ٿيندين،

مون وٽان ويندين، مار کائي تون منٽ ۾.

 

مڙس

چئي: مون کي مارڻ جا، جوءِ ! نه هڻ تون جَکُ،

دسي هڻانءِ ڌوڙ ۾، وجهي سوگها ٻَکَ،

هڻي لتون لَکَ، گڏي ڇڏيندس گند سان.

 

زال

گڏيندين ڪئن گند سان، آءٌ مڙنديس ڏيئي مَڙهو،

وٺي واٽ ’گولاڙي‘ جي، ٿينديس لس لَڙهو،

پڌرو ڏيئي پَڙهو، وينديس مَرڪي مائٽين.

 

مڙس

ويندينءَ ڪيئن مائٽين، تون آهين ’عرس‘ سان اَڙِي،

بڪ پنهنجي بند ڪري، سُرت رک سڙي !

ڏيندو  سَئِين تَڙِي، ته ڪڇي سگهندين ڪينڪي.

 

زال

ڪچي سگهنديس ڪينڪي، جو آهيان آءٌ اَڻڄاڻ،

تو جهڙا تِتر ڪئين، مون ماريا مُڪن ساڻ،

هاڻ سنڀالج پاڻ، متان چوين ته ڪونه چيئي !

 

سگهڙ

ائين چئي اُڇل ڏيئي، ٿي ’نُوري‘ نشانبر،

وجهي هٿ ڏاڙهيءَ ۾، واري ڏنائين وَرُ،

ڏيئي سَٽ سڌر، پُرڙي هنيائينس پَٽ ۾.

 

پُرڙي هنيائينس پَٽ ۾، ’عرس‘ ڏني اُڇنگار،

مئي رن ماري ڇڏيو، وٽي ڏاڙهيءَ وار،

خوب ڪيائين خوار، دسي دوستن اڳيان.

 

دسي دوستن اڳيان، رن ٿي راهي،

وٺي گس ’گولاڙي‘ جو، ڪري الله واهِي،

کاڌئين اچي خير سان، سرتين وٽ ساهِي،

هاڻ آگو الاهي، ڪندو مهر مِڙن تي.

 

مناظرو زال ۽ مڙس جو

(چيل غلام رسول رند جو )

]هن مناظري ۾، زال پنهنجي مڙس کي چوي ٿي ته: زال ذات جو سينگار زر زيور آهي، تنهنڪري مون کي به اهڙا جڙاءَدار سونا زيور گهڙائي ڏي جهڙا منهنجي جيڏين وٽ آهن. مڙس، زال کي انهيءَ ضد تان لاهڻ لاءِ پهريائين ته کيس سمجهائي ٿو ته: شريعت موجب اجايو خرچ ڪرڻ گناهه آهي. قيامت جي ڏينهن انهيءَ جي سخت سزا ملندي. پر زال ضد تان نٿي لهي، تنهنڪري وري چويس ٿو ته: اهي رنگا رنگي ڳهڻا پائڻ اشرافن جو ڪم نه آهي. اڃا به زال ضد تان نٿي لهي، تنهن تي وري سمجهائيس ٿو ته: گهر ۾ ڪوڏي به ڪانه لڀي ۽ تو کڻي اجايو حراس پکيڙيو آهي. تنهن کان سواءِ هار سينگار مان سواءِ دنيا جي ناموس جي هڙ نڪي حاصل ! سادگي ۽ غربت اعليٰ چيز آهي. دنيا دولت ۽ ان جا پوئلڳ فاني آهن. انهيءَ تي زال کيس ڪنجوسيءَ جو طعنو ڏئي ٿي. مڙس ’حديثون‘ پڙهي هدايت ڪريس ٿو ته زال چويس ته: ڪوڙيون حديثون نه ڪر. ڳهه عورت جو سينگار آهن. مڙس وري به زال کي تنبيهه ڪري ٿو ته سون جو شوق ڇڏي ڌڻي کي ياد ڪر.[

زال

منڌ ڪري هي دل........ ور کي ويهي ڪيائين سوال،

سڻ تون منهنجي ............. قرب منجهان ڏي وٺي ڪٺمال،

............ ڪر ڀال ڀتار !

.......... آهي جنسار.

 

مڙس

منڌ ! آهين تون بلڪل ڀوري،      ڪهڙي اچي لڳئي لوري !

ڇو ٿي چورين ناحق ندوري !       هردم ٿي تون حق جي گهوري،

ڇڏ اجايا کيٽا خيال،

رک تون چوکي چلگت چال.

 

زال

ڏس تون ميان ڌيان ڌري،   چوڏهين صديءَ جو چالو ڦري،

گدلي کان آهي سڀڪو پري،   تنهن کي ڪونه ڪو مٽ ڪري،

ڀائر تنهن کان سڀئي بيزار،

جڳ کي پيارو آهي جنسار.

 

مڙس

نانگي ! تون ڪجهه ننگ سڃاڻ،    شان شريعت جو ڪجهه ڄاڻ،

ٺلهي نا ڪر ٽِينگر ٽاڻ،            اڳيان ٿيندو قاضي پاڻ،

اتي ڪم جا ٿيندئي اعمال،

رک تون چوکي چلگت چال.

 

زال

ڪُنڍي ڪَڙ ڪوٺي ڏي ڪڙي،        اَلولڪ سان دلڙي اَڙي،

جُهومَڪ، جهالَر جيءَ سان جڙي،         سڪ ۾ گذريا سال سڙي،

مون تي ڪر ڪا مِهر موچار،

جڳ کي پيارو آهي جنسار.

 

مڙس

لوٺي ! لاهي ڇڏ گمان،             توکي مت ڏني شيطان،

پاڻ ٿي سمجهين پُر ڌيان، پر ظاهر آهين منجهه زيان،

نه وقت وڃاءِ، ڪر نيڪ اعمال،

رک تون چوکي چلگت چال.

 

زال

بُولو، بئنسر گهرجي دهري،         ٻيڙا، ٻانۡهيون سڀئي سونهري،

پازيب، پابند، بُرج بلوري، آس انهن جي ڪريان پوري،

سمجهه ميان، ڪجهه ڌيان سار !

جڳ کي پيارو آهي جنسار.

 

مڙس

چوڙا، ٻانۡهيون، چُهڙا پائن، ڀلو تنهن کي ڀڙوا ڀائن،

حياء وارن کي ڪين جڳائن،       رنگي رنگ رنگيلا لائن.

سمجهي پنهنجو پاڻ سنڀال،

رک تون چوکي چلگت چال.

 

زال

چندن هار وٺ چوٽيءَ ڦل، ڪنگڻ ڪاوا قِسِمَ ڪُل،

ڏانوڻي ڏانيل، ڳانا ڳتيل،   هر ڪنهن ۾ هجن هيرا جَڙيل،

سهسين ڪريان هار سينگار،

جڳ کي پيارو آهي جنسار.

 

مڙس

گهر ۾ ناهي هڪڙي پائي،        مُئي ! ڇڏيو تو مٿو کائي،

تو کي ڪنهن هي سمجهه سکائي؟  ڇوري ! ڇڏ تون بڪ اَجائي،

نه ته ماري ڪندو سانءِ بُرا حال،

رک تون چوکي چلگت چال.

 

زال

جيڏيون سڀ جنسار سان جڙيون،   سونهن تن تي زيورَ زريون،

هس ۽ هار، قرب جون ڪڙيون،     جهاٻا جهومر ڇمڪن ڇيريون،

ڪر نه تني ۾ مهڻيدار،

جڳ کي پيارو آهي جنسار.

 

مڙس

ڏس دنيا ۾ پسند پيارا،    تنگ حالت ۾ ڪيا گذارا،

ڍريا تن جي بخت جا ڍارا، مزا ماڻيندا مهند موچارا.

حيف هجي تنهنجي هئي هئي حال !

رک تون چوکي چلگت چال.

 

زال

مون جيڏيون ڪن جڳ ۾ موجون،     سرتيون سونهن سڀئي سهنجون،

ويهن ورن سان واڳيون ويجهيون،      توڙي هجن ڪنيون ڪوجهيون،

سرس تني کي ڪيو سينگار،

جڳ کي پيارو آهي جنسار.

 

مڙس

جيڪي هتي ڪن جنسار، سي سڪنديون لاءِ سينگار،

روزن پٺيان عيد پچار،              ڏکن پٺيان سک سنڀار،

ڇڏ ٻين ڪر پاڻ خيال،

رک تون چوکي چلگت چال.

 

زال

جيڪي خلقيو جلّ جلال،   توڻي ملڪيت توڻي مال،

انسان کي سڀ آهن حلال، هيرا، زرُّ، جواهر، لال.

عيش عشرت کان ناهي انڪار،

جڳ کي پيارو آهي جنسار.

 

مڙس

ويا ڏس عيش عشرت وارا، راڻيون راءَ ڇڏي ويا سارا،

ڪونه رهيو ڪو سڪندر دارا،       مَلَڪَ مٿن جڏهن آيا مارا،

ڪين آڏو آين ملڪيت مال،

رک تون چوکي چلگت چال.

 

زال

الاجي ٿيندو ڇا اڳتي،              هينئر سڀڪجهه آهي هتي،

هِت جو ڪم ڪئن ايندو هُتي !     جوڙ جيڏيون ٺهن جتي ڪٿي،

ڪِيم سِڪاءِ لئي سينگار،

جڳ کي پيارو آهي جنسار.

 

مڙس

انسان نه آيو ٿي عياش،    ڪارڻ عبادت خلقيو خاص،

هادي ڏنا اٿس هوش حواس،        سوچي سمجهي ڪر تپاس،

اڳيان مَخول جي ناهه مجال،

رک تون چوکي چلگت چال.

 

زال

ميان ! ناحق ڪِر نه ڪنجوسي،  ڪهڙي تنهن ۾ نيڪ ناموسي؟

ملڪيت ميڙ مَ ٿيءُ مجوسي،      دين دنيا کان ويندين ورسي،

خوف ڌڻيءَ جو ڪجهه تون ڌار،

جڳ کي پيارو آهي جنسار.

 

مڙس

ادا ٿئي حق منجهه نخرن، مرڪ اهو نه آهي موحدن،

ڏاها ان کان ڏور رهن،  ’الدنيا سجل المومنين‘ اوڏا ڪين اچن،

ويجها اُهي ٿيندا وصال،

رک تون چوکي چلگت چال

 

زال

دنيا ڇڏيو توکي ڀورا ڀلائي، ٻڌائي حديثون هٿ جون ٺاهي،

”الدّ نيا جَنّهت المومنين“  چوين ته ڇاهي،

زيور ”زينت النساءِ“ بيشڪي آهي،

ڪرين تن جي ڪوهَه ڪُوار،

جڳ کي پيارو آهي  جنسار.

 

مڙس

ڪوڙيون حديثون ڪبيون نه ذڪر،  ڏاڍ ربّ جو آهي ڏمر،

مُوڙهِي ! هاڻي ڇڏ مَڪر،       هردم ياد خدا کي ڪر،

پڙهه ”ساقي“ ڪلمون قرب ڪمال،

رک تون چوکي چلگت چال.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو زال ۽ مڙس جو

(چيل احمد علي شاهه جو )

]”رب ڪو ڏيوئي هوش ڌيان“ واري هن نصيحت آميز مناظري جي شروعات مڙس کان ٿي آهي، جو زال کي نصيحت ٿو ڪري ته: شال خدا توکي سمجهه ڏئي، ماڻهو ٿيءُ ۽ چڱي چال رک. زال مڙس جي انهيءَ چوڻ کي ڪوڙو بهتان چئي ٿي، جنهن تي مڙس چويس ٿو ته: اجائي بڙ بڙ ڪري مٿو نه کاءُ، تون پراين گهرن ۾ جهوتون هڻندي گهمين، اها گهٽ بدنامي آهي ! شرم ڪري گهر ۾ ويهه. زال ان جو جواب ڏنس ته: تون نڪي ڪمائين نڪي کٽين، ۽ نه وري مون کي کاڌو پيتو ۽ ڪپڙو لٽو ڏين. آءٌ پراين درن تي پورهيو ڪريان تڏهن گذر ڪريان. اٽلندو تون به پنهنجو پيٽ منهنجي ڪمائيءَ تي پارين ۽ وري مٿان مڇون مروڙي آڪڙيو اچين. انهيءَ کان ٻڏي مرين ته چڱو اٿئي. تنهن تي مڙس کيس بدچال هئڻ، گهر جي ٽپڙن وڪڻڻ ۽ پنهنجي مائٽن کي کارائڻ جا طعنا مهڻا ڏئي ٿو، جنهن جي جواب ۾ زال به کانئس پڇي ٿي ته: تو ڪڏهن چار ڏوڪڙ ڪمائي گهر آندا آهن؟ ڪهڙو سامان تنهنجي گهر ۾ هو جو مون وڪيو آهي؟ تنهنجي گهر ۾ مون نه ڪڏهن سڻڀو ٽڪر کاڌو آهي ۽ نه ڪو موچارو ڪپڙو پاتو آهي. مون تو سان اشرافت سان وقت گذاريو آهي مٿان وري بدچاليءَ جا مهڻا ٿو ڏين. آخر ۾ سگهڙ زال کي نصيحت ٿو ڪري ته مڙس سان جهيڙو ڪرڻ عورت کي نه جڳائي.[


* . هن مناظري جي روايت ٿر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ کان ملي.

. شاعر حاجي مهوال خاصخيلي، ڳوٺ پالهاري، تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ جو رهاڪو هو.

* .....هن مذاڪري جي روايت....... (تعلقي ساماري) مان غلام حيدر............

......... شهلي واءِ (تعلقو عمرڪوٽ) جو ويٺل آهي. 1925ع ۾ ڄائو.... درجا ۽ قران شريف پڙهيل آهي، فارسيءَ جي به ڪجهه ڄاڻ اٿس. گهڻو عرصو ديني تبليغ ۾ صرف ڪيائين. سندس ڪلام مان ٽيهه اکريون ۽ نڙ جا بيت مشهور آهن. شعر ۾ ڪٿي ڪٿي ”ساقي“ ۽ ”حافظ“ تخلص ڪم آندو اٿس.

(1). دنيا مومنن لاءِ قيد خانو آهي.

(2) . دنيا مومنن لاءِ جنت خانو آهي.

(3) . زيور عورتن لاءِ سينگار آهن.

* . هن مناظري جون ڇهه روايتون مليون. اُتر مان، احمد خان ”آصف“ (تعلقي ڪڪڙ)، غلام نبي (تعلقي ڏوڪري)، محمد عالم ”شور“ (تعلقي ميرپور ماٿيلي) ۽ غلام نبي (لاڙڪاڻو) کان چار روايتون مليون. لاڙ مان محمد طالب لوهار (تعلقي ٽنڊي باگي) ۽ قاضي الهه ورائي (تعلقي گوني) کان ٻه روايتون مليون.

. سيد احمد علي شاهه ماتليءَ جو رهاڪو هو. سندس وڌيڪ احوال معلوم ٿي نه سگهيو آهي، سندس ڪلام مان مناقبا، معجزا ۽ ڪافيون مشهور آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org