سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :13

تمهيد

صفت ڪجي تنهن صاحب جي، جو قادر آ ڪرتار،

ڪامل پنهنجي قدرت سان، آهي صاحب رب ستار،

ڇپر ڇانۡوَ آسمان بڻايئين، سهج ڪري سينگار،

ٽيلهون (1) ڪَتيون ٽمڪن چمڪن، تارن جو جنسار،

مير مڪيءَ جي خاطر جوڙي، ساري جوڙ جبّار،

جِيت، پکي، جنّ، ديوَ پري، ڇا اِنسان جي اختيار !

سڀڪو ڀري سلام سيّد جو، صاحب آ سردار،

مٽي، پاڻي، ذري ذري جو، ضامن ذميدار،

مَندي، ميري، چڱي مَٺي جي، تنهن کي خبرچار،

ٻيا سڀ نالا نقلي جڳ ۾، اَصل اُهو آڌار،

تن مان ٻن نانۡوَن جو هت شاعر ڪيو اظهار،

هڪ ’سُٿڻ‘ ٻيو ’مَنجهلو‘، تن جو خوب لڳو تڪرار،

عاقل پنهنجي مت عقل سان، نيٺ ڪندو نروار،

هو ٿا عيب اگهاڙين هڪٻئي جا، ڪي اَمين ڪن آچار،

ڀلي ڀرين پيا بار، پڌر پوندي ڳالهڙي.

 

سٿڻ

کَنۡڀ کنڊيري ڪاٿئون آئين، بي لڄا باندر !

جهنگ ۾ تنهنجي جهوڪ سدا، ڪنن گهمين ٿو تون شهر؟

لڄ لٿا، بيقدرا ! تو ۾ ڪهڙي آهي ڪثر؟

اُگهاڙا ! ٿو آرڏايون ڪرين، ڪرين ڪيڏو مڪر؟

تو ۾ عيب ايترا، جو ڀيڻي ناهي ڀر.

اشرافن کي عار هميشہ، تنهنجي ڪن نه پچر،

لچا ! تنهنجي لڇڻن کان، رهي ثابت ڪين سِتر،

ڇِڪي ڏيڻ سان چُٽِي پوين، واهه واهه تنهنجا وَر !

پوءِ ڪيئن کڻي تون ڪَر، ٿو مَرڪين موچارن ۾؟

 

منجهلو

زال ذات ٿي، وات ڪرين، تو کي لُچي ! ناهه لَڄِ،

واڇون ڦاڙي واڪا ڪرين، واڄٽ ڪري نه وَڄ،

ناسون ڦاڙي نيٺ وجهندا، اڳَٺَ تو ۾ اَڄِ،

ٻوٿ ٻڌنئي ٻولڻ کان، ته به توکي ٿيو نه رَڄ،

ٻسانگي ٿي ٻانهون هڻين، گهڻو کَپ نه کِڄ،

سَوتڪِي ٿي سپاٽ هڻين، تنهنجي ڌاما ٿيندي ڌَڄ (1)،

حياءُ نه توکي هڪ تِڪو، ڀوري ! پري ڀڄ (2)،

پوءِ ڪير ڪڄيندءِ ڪَڄ، جو تو ۾ عيب اڃا گهڻا (3).

 

سٿڻ

اَڙينۡ اصيلن سان، تون بڇڙا بي ايمان !

عيب ڪڍين اشرافن جا، ڇڏ انڌا هي اَرڪان،

تون ڏاڪِيءَ جهڙو ڏيڍو، تنهنجو مان نه شان،

مان ويهان ڪچهرين وچ ۾، جتي جنگي خاص جوان،

مير، امير، وزير هزارين، سوڍا ڇا سلطان !

سندرو ٻڌن مون تي ساهي، ڪُوپا ڪِليوان،

مالها، ملهه جنهن وير وڙهن، جوش ڪري جولان،

تڏ اڇلي توکي پٽ هڻن ٿا، انهيءَ پر پهلوان،

پوءِ کنجي ور کڻن ٿا، منهنجا سنڀاري سجان،

ايڏا ڪئِين احسان، منهنجا آهن ملوڪن تي.

 

منجهلو

چئي: ”چُت ۾ چوتو، مُدعي رد“ ثابت چون سچار،

تو ڀي پنهنجي ڪَنين ٻُڌي هوندي هور پچار،

چَندي کُٿِي، چَوڪ چنڊي، ائين به ڪن اظهار،

تون وساري وهندينءَ ڪئن، گوهر جهڙي گفتار،

وٽ ڌوئڻ جي خاطر وتندي تڪين اوراڙ ۽ پار،

اوٽ اچئي جي هٿ نه ڪائي، پئي پليري ساڻ گذار،

وڍا وجهين ٿي چيلهه ۾ چوکا، اَڃا ڏئين آزار،

ڏينهن تتي جو ڏائڻ ! تو ۾، پگهر بيشمار،

گَهڙي ڪيو چاڙهئي چيلهه اتي، ته ٿي پوي بيزار،

لاهي هڻيئي لعنتڻ ! پوءِ پڇي منهنجا پار،

تو ۾ عيب هزار، پر ڪير ڳڻيندو ڪيترا؟

 

سٿڻ

جهيڙو تو سان ڪهڙو، تون وات پٽين ٿو وڏو،

توڙي تو ۾ ڪروڙ ڪچايون، تون هٿ نه ڇڏيندين هڏو ،

مانۡ ملوڪ مرجات واري، تو ڦِڏا ٺاهيو ڦَڏو،

”مور“ چوي ٿو ماٺ ڪريو، هاڻي ڇڪتاڻ کي ڇڏيو،

هُن ري ۽ هِن سوا، پوءِ گِهلجي نه گَڏو ،

جنهن کي ٿيندو سڏو، سو سُتت ويندو سرڪار ۾.

 

مناظرو ٻيڙي ۽ حقي جو

(چيل حاجي ڄام چانڊئي جو )

] هن مناظري ۾ جڏهن ٻيڙي پاڻ کي پڏائي حقي کي چيو ته: آءٌ اڄوڪي زماني ۾ زور آهيان. اڙي حقا ! مون سان هٿ اٽڪائيندين ته پرزا ٿيو رکيو هوندين. تڏهن ٻيڙيءَ جي انهيءَ دڙڪي دهمان تي حقي وراڻي ڏني ته: بي وڙي ! آءٌ اميرن جي ڪچهريءَ جو سينگار آهيان. تون لعنت جي لير (ڌاڳو) ٻڌي ڪيئن ٿي سينو ساهين؟ ماٺ ڪر نه ته نيات مان نڪري ويندئين. جنهن جي جواب ۾ ٻيڙيءَ چيس ته: تون اميرن جو نه باقي مسڪينن جو سنگتي برابر آهين. آءٌ ته هر ننڍي وڏي جي کيسي ۾ پئي آهيان. مون کي امير ۽ شوقين ڇڪين. باقي تنهنجو ته اندر سڙيو پيو آهي. اهڙيءَ طرح هڪٻئي کي رد پئي ڏنائون جو سگهڙ اچي پهتو، جنهن ٻنهيءَ کي تنبيهه ڪندي کين ماٺ ڪرائي.[

تمهيد

الله جلّ جلالہ، خلقيئين عاصين جو اڳواڻ،

پڙهو صلوات سرور تي، هر دم هنئين ساڻ،

اڳ هئا ماڻهن جا ملاکڙا، ڪيو حقي ٻيڙيءَ هاڻ،

وڙهئي پڃاڻا ويريءَ جي، ڪونه رکي ٿو ڪاڻ،

اچي ڦيرايئون فَلَڪ مان، ڪي ڏاڍا وجهي ڏاڻ،

تن جو متو آهه مُجرو، جي لڙيا آهن لَٻاڻ،

من ۾ پين مانڌاڻ، تڏ جُنبي بيٺا جنگ ۾.

جنبي بيٺا جنگ ۾، تڏهن ٻيڙيءَ هنيو ٻاڻ:

منهنجا پيچ پرينءَ سان، ٻڌا آهن ٻانڌاڻ،

تون متان من وڌائي، هٿين پوين هاڻ،

ذرا ڪنديسانءِ زمين تي، ڪڍي ڪولانبي ساڻ،

ڏَٽو رلندءِ ڏيهه ۾، ڪڙهندين ڪاني ڪاڻ،

گوءِ ويندئي گس وٺي، چمٽو نيندا چوهاڻ،

پوءِ انهيءَ عقل ساڻ، نڪري ويندين نيات مان.

 

حقو

ڪونه نڪرندس نيات مان، آهيان وڏي سِر جو وير،

مون کي پين خان خوشيءَ سان، جي اصل کان امير،

سي آڻيو اوطاقن ۾، ڪن مجلسون مير،

هيجئون رکنم هنج ۾، پوڄين ڪريو پِير،

تو کي جوڙيندڙ جُٺ ڪري، ٻَڌي لعنت سندي لِير،

ته به بي وَڙي بلهزير ! هر هر وڙهين حقي سان.

 

ٻيڙي

انڌا ! ڇو ٿو اُڦرڪين، توکي ڪهڙو هنيم ڪان؟

ٽوپي ڪڙهائين ٽانڊي سان، پنهنجي جلائين جان،

جي پنڻا ! وڃين پهرن ۾، ته به جٺيون ڪنئي جهان،

سُلڪائين مون کي صحبت مان، جي پرين چٻين پان،

منهنجو ماڻهن رکيو مانُ، تڏ کُڙڪان پيئي کيسي ۾.

 

حقو

کُڙڪين پئي کيسي ۾، اها موڳي ! لهنديئي ماڪ،

عاشق اُٿي اَسر جو، مون ۾ پاڻي وجهن پاڪ،

ملين ڳُڙاڪُو ڳُڙ سين، ٻيو تکو وجهن تماڪ،

سُوٽا هڻن صحبت ۾، تڏهن چيتو ٿئين چاڪ،

واريو ڏين دوستن کي، هيڏي سندم هاڪ،

تون کاميو ٿئين خاڪ، ته به بس نه ڪرين بي وڙي !

 

ٻيڙي

جهڙو هئين بي وَڙو، تهڙو ڳالهايئي ڳالهاڻ،

مون کي ٺاهينِ ٺاهِه سان، سڀ سالڪ ستر واڻ،

آهيان پيدايش پَنَ جي، ڪُترين ڪَترن ساڻ،

آڻين بنڊل باڪسن جا ٻيون ’سِيلُون‘ رکن ساڻ،

توکي جهِنگيو جهنگ ۾، ٿا ڇورا ڪڍن ڇاڻ،

ڪي گهڻا پُونئي گهاڻ، ٿو ٻِت ٻِت ڪرين ٻيڙيءَ سان !

 

حقو

ناهي ٻِت ٻِت ٻيڙيءَ سان، پر آهين نڀاڳي نِيتَر،

ڏٺم ساوا سنڌ ۾، ٻيا آهينِ ڪي ابتر،

ماڳهين تن ماڻهن وٽ، ڪو ذاتي ناهي زر،

پيسو نه اٿن پاند ۾، نه ساٿين وٽ ثمر،

واپاري ويساهه نه ڪن، جو هٿ ۾ ناهي هنر،

وڃو مسڪين شهرن ۾، ڳولين ڌنڌي سندا در،

ڪک ڪاٺيون نيو ’ڪڍڻ‘ ۾، بيحد آڻينِ بَجر،

پوءِ غاريبو گذر، هر هر آهي حقي تي.

 

ٻيڙي

هر هر آهي حقي تي، تن جا ههڙا حال آهين،

سي کَڙتالون خوشيءَ مان، ويٺا وڄائين،

برهه سندا باٿڙا، توکي پلپل ٿا پائين،

ڪريو گهورڙيا گهٽين ۾، توکي نور جئن نچائين،

جي وڃينِ بَجَر بس ٿي، ته ويٺا کانگهارا کائين،

ڇو نه ٻيڙيون ٻَڌائينِ، جو پُر ٿين پئسي منجهان ؟

 

حقو

سي نه پُر ٿين پئسي مان، جي ماڻهو اڏين محال،

توڙي اندر ويهن عورتون، جن برقعو ڪيو بحال،

آءٌ اشراف اصل کان، آهيان نياڻيءَ جي مثال،

وڃان پل پل پرهيزن ۾، مون کي منع ناهي مجال،

تون اُتَر جِي آهئين، تو کي قسمت آندو ڪال،

هِي جي تنهنجا حال، ته سُڃي ! ويندينءَ سنڌ مان.

 

ٻيڙي

ماريا ! ڪين وڃان ٿي سنڌ مان، ناهي تنهنجو وس،

تون وڃ لڙي ’لاڙڪن‘ ڏي، اٿئي ’گڏ هاڏي‘ تان گس،

جي جهُرندين وڃي جهنگل ۾، ته ڏکيا پوندءِ ڏَس،

پٽِيا ! پيءُ ماءُ نه تنهنجو، نه سڙيا ! تنهنجي سس،

ته به بنهه نه ڪرين بس، مٿو کائين ٿو ماڻهن جو.

 

حقو

مٿو نه کِيانۡ ماڻهن جو، پر آهيان آءٌ امُل،

جڏهن سائو ڪن ٿا سپرين، تڏهن گُڙڪيون ٿيان ٿو گُلُ،

ٿيا وِهانۡءَ ويڙهيچن ۾، شاديون ڪئين شغل،

اتي ٻيڙِيون ٻروچن، ڪڍي ڇڏيون ڪُل،

سچ، منهنجوهَڪڙ هُل، پيو ڇُني ۾ ڇِمڪا ڪري.

 

شاعر

اڄ ٻنهي کي ”ٻروچ“ چئي: ائين بيحد آهيو بدنام،

هي ڪيم قصو ڪوڙو، ٿو ڄاڻي چوي ”ڄام“،

حُب رکج حسنين ڏي، هجئي هنئين اندر هام،

ڪلمون پڙهِي قلب مان، وٺجئين نبيءَ سندو نام،

آهيون سيّد ! تنهنجي سام، تون اُڪاريندين احمدا !

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو ٻيڙي ۽ ڀونگريءَ جو

(چيل قاضي الهورايي جو )

] سگهڙ هيءُ مناظرو ان وقت ٺاهيو، جڏهن ٻيڙين جا پن اڻلڀ ٿي ويا هئا ۽ ٻيڙي پياڪن ڀونگري ڪم آندي. ڀونگريءَ جي عام جام استعمال بعد هن ويچاريءَ ٻيڙيءَ کي هيسائڻ شروع ڪيو ته: ٻيڙي ! تون جو پاڻ کي سريلن جو ثمر ٿي چوائين، سو غلط آهي، ڇو ته هڪڙو تنهنجا پن پري کان اچن ۽ ٻيو ته تون مهانگي آهين. تنهنڪري تنهنجي خريدار خانن کي به تمام گهڻو نقصان پيو آهي. ٻيڙي ان جي جواب ۾ ڀونگريءَ کي چيو ته: تون پهرين رڳو ڪولهين ۾ هلندي هئين. هاڻي مسلمانن ۾ تنهنجو رواج پيو آهي، تنهنڪري تون بدنسل آهين. ٻيو ته هاڻي پاڻ منهنجو قدر گهڻو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ننڍو وڏو منهنجي عزت ڪري ٿو. ازنسواءِ ڪامورا ۽ وڪيل وغيره به مون کي ئي پين ٿا. اڙي ڀونگري ! هڪڙو ته تون ڦڏي، ٻيو تنهنجي مٿي تي ٻارين مچ، انهن کان سواءِ ٻيا به تو ۾ عيب گهڻا آهن، تنهنڪري مٿو نه هڻ نه ته بيعزت ٿيندئين. ان بعد سگهڙ دعا گهري مناظرو ختم ڪيو آهي.[


(1). ٽيلهون = ٽيڙو.

(1) . سوتڪي = پليت، تنگ؛  سپاٽ = ٻٽاڪ.

(2) . تڪو = ذرو.

(3) . ڪڄ ڪڄڻ = ڍڪ ڍڪڻ.

(1) . هڏو = هڏ، مور، ڪڏهن.

(2) . گڏو = گاڏو، ڇرخو، ڌنڌو.

(3) . سڏو = سڏ، آواز.

* . هن مناظري جي روايت لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مقبول احمد بلوچ کان ملي.

. ڄام خان پٽ محمد رحيم چانڊيو،، ڳوٺ ٻڍي خان چانڊئي تعلقي بدين ۾ 9 جون 1891ع / 1309 هه ۾ ڄائو. اڻ پڙهيل هو. سندس ڪلام تمام گهڻو آهي، جن مان مناقبا ۽ ڪافيون مشهور آهن. سڄي عمر ڪنوارو رهيو، تنهنڪري اولاد ڪونه اٿس. 23 سپٽمبر 1954ع/ 1374 هه ۾ سلهه جي مرض ۾ وفات ڪيائين.

* . هن مناظري جي روايت خود شاعر کان ملي.

. سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 95.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org