سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :4

عشق

عقل ائين آهي حق، جيئن ڏنئي جواب سوال جو؛

آهين ابتدا کان، موليٰ سندو ملڪ،

نٿو آڻيان اُتهين، دل جو شبهو شڪ،

تون ئي هئين حبيب سان، مٿي فوق فلڪ،

لنگهي سدرة المنتهيٰ، بيٺين ڇو بيشڪ؟

تاب تجلي جو تتي، دوست نه جهليئي ڌَڪُ،

هلئين ڪين حبيب سان، ترسئين تنهن طبق،

عقل ڪهڙو نڪ، وٺي الائين عشق سان.

 

عقل ! آءٌ ان دم، هوس حضور حبيب جي،

سنگت سرور ڄام سان، مون ڪين ڪئي هئي ڪم،

هليو ويس ٿي هوت سان، وٿ نه ڪَيم ويرم،

ترسئين تون ڀي تاب کان، اها خبر هُيم،

پوءِ مٿي مرسل سان هليس، اعليٰ عرش اُتم،

لنگهي لامڪان کان، ويس حضرت پاڪ حرم،

”العشق جسر يوصل الحبيب الي الحبيب“ اتي چيو الرحم،

”التحيات لِله والصلوات والطيبات السّلام عليڪ

ايها النبي ورحمت الله برڪاتہُ“ ڪَئين سلام سئم،

”وانت مُحمّد وانا اِلہٰ واحد“ اها پروڙ پيم،

اڳيئون ”اِنَّ عِبۡدُڪ“ جا، ڏنا جواب ڏٺم،

شرف پنهنجي شان جا، چڱا توکي چيم،

وِچئون سڀ وِيم، حرف حجابي حق جا.

 

دل ۾ ڳرهي ڳالهڙي ! عقل امانت ڪر،

دانائي جي دست ۾، دوست ترازي ڌر،

ڪنهن جو تورو اُتري، ڪر تون نيڪ نظر،

ڪنهن جو بخت بلند ٿئي، ڪنهن جي رمز ڪثر،

پروڙي پريت مان، نائي نيڻ نگر،

پرين پوءِ نه پر، جوڙي ڏي جواب تون.

 

عقل

عقل ادب ساڻ، هي جوڙي جواب ڪيو:

تُراڙي منهنجي ڪئي، ڪامل ! ڏاڍي ڪاڻ،

بخش گناهه بحال تون، آڻ نه مون تي آڻِ،

شڪي آهيان شرم ۾، پيهي ڏٺم پاڻ،

پهچي پير نٿو اُتي، جت تنهنجي رمز رهاڻ،

مون تي ڏمر نه آڻ، آءٌ اڳتي آزي ٿو ڪريان.

 

فيصلو

کٽي عشق، عقل کان، جوان جنگاوَر جنگ،

ڀڳو عقل برهه کان، جهلي تيغ تفنگ،

محبت جي ميدان جا، لڳس خوب خدنگ،

”شاهه محمد“ شوق مان، دوست نه ٿي دل تنگ،

وجهي ونگ پرهه کي، ٻيڻا پائج ٻنگ،

لهندين فتح فياض کؤن، نر ! ڇڏي هي ننگ،

هِٽجي حيران ٿي، مُڙج ڪين ملنگ،

اڳيان دوست دلبر جي، پهچ مثل پتنگ،

پائي تاج توڪلي، نڪري ٿي يار ! نسنگ،

خوب رهج خوش رنگ، ڪلمي جي قرار سان.

 

لا اِلہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو عقل ۽ عشق جو

(چيل شيخ ابراهيم جو )

]هن مناظري ۾ شاعر الله تعاليٰ جي ساراهه ڪري ’عشق‘ ۽ ’عقل‘ جو مناظرو چيو آهي؛ جنهن ۾ عقل، عشق کي نصيحت ڪندي صبر ۽ تحمل جي تلقين ٿو ڪري؛ پر عشق ان کان انڪار ڪندي چوي ٿو ته، منهنجي دل ۾ محبوبن جو مقام آهي تنهن کي آرام ڪيئن ايندو؟ عقل انهيءَ دليل کي رد ڪندي چوي ٿو ته، آخر ان مان حاصل ڇا ٿو ٿئي؟ فقط انتظار ۽ ڏک، روئڻ ۽ سڏڪڻ. تڏهن عشق، هيئن چئي عقل کي لاجواب ٿو ڪري ته، خود الله تعاليٰ کي، عشق ئي هن عالم جوڙڻ تي آماده ڪيو، تڏهن اهڙي املهه چيز کي آءٌ ڪين ڇڏي سگهندس؟ ۽ تون به ياد رک ته بنا عشق آڌ يڙا لهندو وتندين.

تمهيد

الله جلّ جلالہُ، سندا ڪم ڪريم،

اُپايائين عظمت سين، پنهنجا عجب عليم،

حوا، آدم خلقيا، جڏهن جوڙي جيم،

سي پاڪ ڌڻيءَ پيدا ڪيا، منجهان محبت ميم،

سوا لک نبين جو آگي ڪيو اولين،

تن مان ٽي سؤ تيرهن اڳ، سي ڪيا مولي مُرسلين،

تن ڪئي بادشاهي ”براهم“ چئي، مٿي روءِ زمين،

آهي ڳالهه عظيم، تنهن جو پاند نه لڀي پيچرو.

 

پاند نه لڀي پيچرو، سڻو ڏيئي ڪن،

’عشق‘ ۽ ’عقل‘ پاڻ ۾ جئن ٿي درس ورهايو ڌن،

جيئن جنهين جو من، تيئن ٿو ڏسي تن کي.

عقل

’عقل‘ چئي، ’عشق‘ کي، تان ڪي صبر سک،

ماڻهو ڏينداءِ مهڻا، لڄ پسي تون لِڪ،

هو جو ملوڪن مَرڪ، سو عشق اندازو اوڏڙو.

 

عشق

’عشق‘ چئي آرام، عقل ! ڪهڙو ڪريان،

وِهان تان وندران، من منجهه محب مدام،

معشوقن مقام، سدا ديرو دوست جو.

 

عقل

’عقل‘ چئي، ’عشق‘ کي، آهين آواٽو،

تون سِڪِين، سُڏڪين، سَڌ مَرين، اندر اُساٽو،

وانجهڻ مان واٽو، تنهنجي پاند پَلءِ پيو.

 

عشق

’عشق‘ چئي ’عقل‘ کي، تنهنجي منٿ نه مڃان مُور،

تون نِرت نه لهين نينهن جي، ٿو پاڻان ڄڻين پُور،

حَبيبن حضور، سگهو ٿِيَنِ سِڪنديون.

 

عقل

’عقل‘ چئي ’عشق‘ کي، ڪونهي سِڪڻ سُک،

سدا جفا جيءَ کي، ڏکن پٺيان ڏُک،

سارو سڀ مُلڪ، ڏي اَجورو اُن کي.

 

عشق

توکي عقل ! ناهي عقل، ٻيا عاقل پڇج عقل جا،

آڳي کي عالمَ جو، ڪيو سعيو عشق اصل،

تنهن نينهن منجهان نروار ڪيو ”ڪُن فيڪون“ ڪُل،

جو اهڙي چيز اَمُل، ڇنڻ ڪنهن نه ڇڏيان.

 

عقل

’عقل‘ چئي ’عشق‘ کي، پاڻ مَدايان موڙ،

توفيق رکي تَن ۾، نيئي خيما کوڙ،

سا تون ڇڻڪي ڇوڙ، جا پِڃيو ڀُڻين پاڻ سان.

عشق

ڇڏيان جي آءٌ، وڏا عقل آڌيڙا لهين،

بنا عشق، عقل کي، ڌُر نه ڌُنائون،

ائين چيائون ته ”نينهن بنا ٻِيو ناهه ڪِي“.
 

مناظرو عقل ۽ عشق جو

]’عقل‘ ۽ ’عشق‘ جي هن مناظري ۾ سوال جواب ڪندي، عقل، عشق کي دنيا جي ڪمن ۾ مشغول رهڻ، هنر سيکارڻ، مال ميڙڻ ۽ عيش عشرت جي زندگي گذارڻ جي صلاح ڏئي ٿو. عشق، اُن جي جواب ۾ چوي ٿو ته، مشغوليءَ سان گڏ عبادت، ۽ مال ميڙڻ کان بهتر آهي ته غريبن تي رحم آڻي انهن کي کارائجي ۽ پهرائجي. دنيا جون فرحتون ملامت آهن، پر ڪنهن درويش جي خدمت ڪرڻ ۽ ڌڻيءَ جي بندگيءَ ۾ جاڳڻ ئي صحيح عشرت آهي. آخر ۾ عقل، هارائي پاڻ کي عشق جو غلام سڏائي، کيس سلام ڪندو هليو وڃي ٿو.[

عقل چوي، سِک هنر ڪجهه ڪم ڪر.

عشق چوي، جَپ هَري آرام ڪر.

 

عقل چوي، ڪجهه جمع ڪري وٺ اَمال.

عشق چوي، ڇڏي ڏي دنيا جو خيال.

 

عقل چوي، خوش کاءُ خوش پوشاڪ ڪر.

عشق چوي، پهرين تون دل کي پاڪ ڪر.

 

عقل چوي، ڀر پيٽ، خوش خواب ڪر.

عشق چوي، سجاڳ ٿي ثواب ڪر.

 

عقل چوي، ڪهڙي حڪمراني آهه خوش؟

عشق چوي، دلبر جي درباني آهه خوش.

 

عقل چوي، ڪهڙي بادشاهي خواب آهه؟

عشق چوي، حق جي گدائي خواب آهه.

 

عقل چوي، ڪر نوڪري سرڪار ۾.

عشق چوي، گهُم گهٽي بازار ۾.

 

عقل چوي، سڀ ڪم ۾ هوشيار ٿي.

عشق چوي، ڏينهن رات ۾ سرشار ٿي.

 

عقل چوي، آهن وڏائيءَ ۾ مزا.

عشق چوي، ٿيءُ غريب، کاءُ نه سزا.

 

عقل چوي، مَن لڳاءِ گهر ٻار سان.

عشق چوي، دل لڳاءِ دلدار سان.

 

عقل چوي، ڪر ظلم ۽ مغرور ٿي.

عشق چوي، ڪر رحم ۽ مسرور ٿي.

 

عقل چوي، رکي ٻيائِي، دشمن کي مار.

عشق چوي، رک دوستي گهَٽ گهَٽ ۾ يار.

 

عقل چوي، ٿي مطلبي، نه رک حياء.

عشق چوي، مطلب نه رک، ڪجهه رک دَيا.

 

عقل چوي، جمع ڪر، ڪنهن کي نه ڏي.

عشق چوي، سُکئي کان وٺ، بُکئي کي ڏي.

 

عقل چوي، پنهنجو پيٽ ڀَر تمام،

عشق چوي، لِڪ ڇپ ۾ کائڻ آهه حرام.

 

عقل چوي، سڀ پاڻ کي پهرائي ڏِس.

عشق چوي، ننگا ڍڪاءِ، ننگيءَ کي ڏِس.

 

عقل چوي، مسجد ٽڪاڻي ۾ آهي پاڻ.

عشق چوي، ڪافر ۾، بتخاني ۾ آهي پاڻ.

 

عقل چوي، مالها رکڻ خوب آهه.

عشق چوي، دم دم ۾ جَپَڻُ، خوب آهه.

 

عقل چوي، ٻڌي تعريف آءٌ کِلان ٿو.

عشق چوي، ٻُڌي گِلا، آءٌ ٽِڙان ٿو.

 

عقل چوي، لُٽ جو مال گهَر ڌَرِ تُون.

عشق چوي، زر در سَٽي، ڊِڄ ڊَر تون.

 

عقل چوي، سُمهڻ هضم ڪري ٿو طعام.

عشق چوي، سُمهڻ آهي قيامت تائين ملام.

 

عقل چوي، آهي سمهڻ فرحت بدن.

عشق چوي، آهي جاڳڻ عشرت بدن.

 

عقل چوي، باقي عُمر عيش ڪر.

عشق چوي، ڪجهه خدمتِ درويش ڪر.

 

عقل چوي، هاڻي ڪير ماري مون کي؟

عشق چوي، هاڻي ڪال ڏاري توکي.

 

عقل چوي، ڪيو بچاءُ سندم تڏهن.

عشق چوي، نه چئو تون هَڏهِن.

 

عقل چوي، آهيان عشق جو غُلام،

هاڻي منهنجو عشق کي ڏي وڃي سَلام.

 

عقل چوي عشق کي، منهنجو مرشد آهين تون،

سچ آهي سوڀ، اظهار عاشق آهين تون.

 

مناظرو دلي ۽ طالب جو

(چيل شاهه محمد ديدڙ جو )

]هن مناظري ۾ شاعر تمهيد طور ڌڻي تعاليٰ، نبي صلعم ۽ اصحابن سڳورن جي ساراهه ڪرڻ کان پوءِ، هڪ طالب جو ذڪر ڪيو آهي، جو محبوب جي مٿي تي پاڻيءَ جو دلو ڏسي، رقابت جي جوش کان دلي کي چوي ٿو ته، ”اي دلا ! مون کي سڄي ڄمار محبوب جي غم ۾ گذاريندي فقط ديدار به نصيب نه ٿي سگهيو آهي ۽ تون جنهن جي قيمت آنو مس آهي، الائي ڪهڙي سبب محبوب جي سر تي چڙهي اُن سان ڪلهو ٿو هڻين؟ اي دلا ! توئي سهڻيءَ کي لهرين ۾ لوڙهيو هو؛ تنهنڪري ڀلو ڄاڻين ته محبوب جي مٿي تان لهي وڃ.“ دلي جواب ۾ چيو ته، ”اي طالب ! جي منهنجو ملهه ٿورو آهي، ته تون وري ڇا ۾ وڌيڪ آهين؟ آءٌ سٽجي ڪٽجي، سڙي، پچي، سور سهي هن رتبي کي پهتو آهيان. ان هوندي به تون مون کي خسيس ۽ ٿوري ملهه وارو چئين ٿو، پر تون به ته مٽي، پاڻي، باهه ۽ هوا جي پيدائش آهين.“ ان جي جواب ۾ طالب چيو ته، ”انسان آزل کان ئي بلند آهي، ڇو ته جڏهن الله تعاليٰ هيءَ دنيا خلقي، انسان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو، تڏهن کان ئي انسان خلافت جي امانت جو بار ڪلهن تي کنيو. آءٌ اهوئي انسان آهيان جنهن جي اندر ۾ ازلي عشق جي آتش پئي ٻري. اي دلا ! تون فقط ڪنڀار جي ٽن ڏينهن جي سختي سهي، ڪيئن ٿو مون سان ڪلهو هڻين؟“ آخر ۾ دلو اهو دليل ٻڌي طالب جي اڳيان پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار ڪري، طالب جو ادب ڪري ٿو.[


* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان ملي.

[1] . شيخ ابراهيم پٽ شيخ حمر، لس ٻيلي ۾ شيخن جي ڳوٺ جو رهاڪو هو. ڄام مير خان اول (1776-1818ع) جي دؤر حڪومت ۾ ٿي گذريو آهي. ڀٽائي بزرگ جو همعصر هو. مختلف روايتن موجب سندس ڄم 1730ع ڌاري ٿيو هوندو. ڪهنه مشق شاعر هو. هن جي ئي بدولت لس ٻيلي جي شاعريءَ کي عروج ۽ شهرت ملي. وقت جي حاڪمن وٽ سندس قدر هوندو هو ۽ وقت بوقت ڄامن جي درٻار ۾ کيس گهرايو ويندو هو؛ جتي هو پنهنجو ڪلام ٻڌائي انعام اڪرام حاصل ڪندو هو. ڪبير شاهه سان سندس مشهور مقابلو به ڄام ميرخان جي درٻار ۾ (1771-1781) ڌاري ٿيو. سندس ڪلام بي انداز آهي، انهن سڀني سرن تي بيت چيا اٿس، جيڪي شاهه ڀٽائي ڳايا آهن. سندس سنڌي شاعريءَ ۾ انوکي سٽا ۽ قافين جي پختگي، ۽ مضمون جي جدت سبب کيس لس ٻيلي جي ”شاعرن جو سرتاج“ چئجي ته بجا آهي. سندس ڪلام مان جمجما سلطان، بانڪو بهرام، حسنا پري، ميلڪ ڪافر ۽ حضرت عليءَ جو مقابلو، ۽ هرڻيءَ جو معجزو وغيره مشهور آهن. (ٻيلاين جا ٻول).

* . هن مناظري جو متن ڇپيل چوپڙي، مصطفيٰ پريس لاهور، سن 1900ع تان ورتل آهي. شاعر جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

* . هن مناظري جون ٻه روايتون، اتر مان عبدالڪريم سنديلي (لاڙڪاڻو) ۽ غلام رسول جتوئي (تعلقو وارهه) کان مليون.

. سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 01.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org