سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :16

چلم

پُٺِ پرائي ڌوئندڙ، سولو ڪر ڳالهاءُ،

جي اٿئي شرع پڇڻي، هلين ته هلي آءُ،

پر هلون انهيءَ جاءِ تي، جت ناهي راڄ رياءُ،

پوءِ پوندءِ سُڌ سماءُ، جڏهن، دنينديسانءِ معاملي.

 

فيصلو

پڇي ’پيٽَهڙي‘ (2) مؤن واريئون منصف ”سانگي“ واهه !

”ڇتي“ سڀ سڏائيا، تن جا شاهد ۽ گواهه،

ڏنڊو، ڪونڊو چلم جا، سڀ گُٿا وڃن گمراهه،

دلي، کُمري (3) شاهدي ڏني، واٽ ورتائون واهه !

ته: سائين ! سچو آهي سپرين، پڻ سچو شهنشاهه،

چلم، ڀنگ، تماڪ کي، آهي شريعت منجهه مناهه ،

مرڻ جيئڻ تائين هر ڪنهن جو، آهي ڪؤنري ۾ ڪم ڪاهه،

هن ڪتيءَ کان پڇي ڪونڪو، ٿي ٺاهي پنهنجا ٺاهه،

اتي پائي پاند ڳچيءَ ۾، ٿي بخشائي گناهه،

مردن کٽيا معاملا، ڏنن سوڀ الله،

دعا گهرن درگاهه مان، وڃي ”دودائي“ داناهه،

ڇڏيندءِ ڪين ”ڇتو“ چوي، آهي مرشد ويجهو واهه !

پوءِ جنّت تن جاڳاهه، ڪلمون جن قلوب ۾.

 

اپيل

اٿي هلي اَپِيل تي، چلم منجهارئون چاهه،

دانهين دِلي تي ٿي، وئي رڙندي مٿي راهه،

کُمري اُتي ڪُلاهه، وڃي ٻاريندي ٻيڻا ڪري.

 

ڪؤنرو، چلم اڳيئون، اچي ٿو حال ڪري هاڙهِي:

مُڙ ماسِي انهيءَ ڳالهه تؤن، ٿو رکيس هٿ ڄاڙِي،

چٽو اشرافن کي لڳي، جي رن ٿئي راڙِي،

چئي: ڀڄي پري ٿي ڀاڙي، نه ته نمائينديسانءِ نڙ سان.

 

ڪؤنرو

ڇا نمائيندينءَ نڙ سان، اسان رکيئي ٿي آب،

تون مَناهِڻ معاملن ۾، جيئن شِرڪي آهي شراب،

اُگهاڙي تون عالم ۾، آهين خوار خراب،

جڏهن ڪيانءِ مٿئون پيشاب، تڏهن ڦوڪان ڏين ڦوسن جهڙيون !

 

چلم

فرحت منهنجي ڦوڪن ۾، ڀلي ڇڪين ڀَلا،

هُو ڇِڪين هيٺ تي، ڪن مٿي ”اَلا، اَلا“،

”وَهُوَ عليٰ ڪُل شيءِ محيط“ مام سندي موليٰ،

جن جا اُتي روح رُليا، تتي قاضي ويندر ڪونڪو.

 

ڪؤنرو

قاضي ويا آهن ڪيترا، اتي ناميا نمازي،

ڪن ٿا عبادت الله جي، ٻي نادر نيازي،

”واقِيمو الصّلواة وآتوالزّ ڪواة“ ٿيا غازي گُدازي،

اُهي روزن سان راضي، ٿا ريجهائين ربّ کي.

 

چلم

روزا فرض ربّ جا، گهڻا چيا به گهڻن:

اک ڪن کي روزو هجي، جو اجايو نه اَڙي،

هٿن پيرن کي روزو هجي، جو خطري سان کڻن،

وات زبان کي روزو هجي، جو ڪنهن کي نه تاڻن،

”مارَئَيۡتُ و مارئيت الا الله“ اهو قول چيائون ڪن،

پوءِ طرح انهيءَ سان تن، هئا ساري رکيا سڀئي.

 

ڪؤنرو

منهنجا ساري رکن ٿا سڀئي، تنهنجا سجدو ڪين ڏين،

مُڙيا مسجدن کان، ٿا اوتارن ڏانهن وڃن،

”لغت الله علي القوم الڪٰفرين“ ٿا مڙهين کي مڃن،

پوءِ ٿينديون تعديون تن، جن شرّ وڌو آ شريعت ۾.

 

چلم

شرّ ڏسڻ شريعت ۾، ان جو شوق اٿئي شريعت،

ٿيا تنها طريقت ۾، ٿين حاصل حقيقت،

”لا تحرّڪ ذرةُ اِلا باذن الله“ ٿين معلوم معرفت،

جتي ڪُل هُوڪن ڪثرت، اتي پڄي ته مامَ مُلن جي.

 

جهيڙو

اتي ڪؤنري وٺي هنيس ڪنڌ کؤن، ته رَنَ وٺي ڪئي ريهَه،

خُتابي خوشيءَ کان، کِليا ٻُڌي ڪِيهَه،

اوتاري کان اٿي هليا، ٽهڪ ڏيئي ٽِيهَه،

اُتي مُلا ڏهه ڪي وِيهَه، قُزاڪَن ڪڍي ڀڳا.

 

قُزاڪن ڪڍي ڀڳا، تن پير ڪيا پَرتي،

ڪونڊو ڪاوڙ قصد کؤن، ٿو هَئي هَئي ڪيو هٿي،

ڏنڊو ڏک ڏمَر کؤن، پاٻوهِيو پَلٿي،

هَنيس سؤنٽا منجهه مٿي، پر ڪؤنري کي ڪڍي ويا.

 

ڪؤنري کي ڪڍي ويا، ٿيڙو هُل حشر،

مَٽُ مڙني جو هليو، پريو مڙس مَشَرُ،

ساڻس هليا سڀئي، جيڪي ذات ٺِڪر،

پوءِ رکي سُرت سَٻَر، پيو پڇي شاهد ”ڇتو“ چوي.

 

پُڇي شاهد ”ڇتو“ چوي، سالڪ کنيو ساهه،

چاڙهيائين چلم تي، سندا ڳالهين ڳاهه،

ڪرڙان ڪؤنري کان ڪڍيون، ڪري ڪير مناهه،

چئي: ديري مٿي دانهن، رَن ! ڏئين راڄن تي.

 

رَن ! ڏئين راڄن تي، مَٽَ ڪئي آ موڙ،

تنهن پاري، پيالي کي چيو: وجهو نانگيءَ کي نوڙ،

جا ٿئي مادي مردن سامهون، تنهن کي وجهو پنج پنجوڙ،

جڏهن سخت رکيائونس سوڙهه، تڏهن وايون ويس وسري.

 

ويس وايون، ٿي وائڙي، رکيائونس زور ضرب،

اتي لوٽو لنگهي آئيو، اُٿي ساڻ ادب،

چئي: شرع ويهي ڄاڻ تون، راحم ڪارڻ ربّ،

پوءِ جِنهن ڏي ساري مهر سَڀ، ڪجي تعدي تنهن سان.

 

ڪجي تعدي تنهن سان، مَٽَ ڪئي آ ماٺ،

ته آڻيو ڪنهن گواهه کي، ته ڪوڙي وجهون ڪاٺ،

سچي شابس ساٺِ، ڪيس جَس جهان ۾.

 

ڪيس جس جهان ۾، ٿا حال چون هر هر،

ٻنهي طرفن پاڻ ۾، پئي هلي هيءَ پچر:

جا ’جام‘ چوي ’جمشيد‘ جو، سا مڃون ساڻ مِهر،

تنهن پيالي کي پيدا ڪيو، آ ڪرم سين قادر،

جيڪا ڪري خان خبر، سا قبول آهي اسان کي.

 

سا قبول آهي اسان کي، اتي حال چيائين هيءُ،

مَٽ موٽائي تنهن کي، جوان چيو: جيءُ،

چئي: کير سدائين پيءُ، مٽ تون مينهُن جو.

 

پيءُ کِيرُ، مينهُن جو، اٿئي خبر مڙيئي خير:

نالن حق ڇپائيو، اٿس ڍڪ مٿانئس ڍير،

سمجهڻ ناهي سٿرو، ڪو صفائيءَ جو سير،

ڪثرت ۾ ڪير، نه ته حقيقت ۾ هڪڙو.

 

حقيقت ۾ هڪڙو، هيءُ چيائين حال،

مهندان پيو مٽ کي، وڃي خاوند ڏانهن خيال،

درد لهي ويس دل تان، جا هُيس ڪاوڙ ڪال،

هئي مشڪل ڳالهه محال، پر وَرُ سمجهائين ويجهڙو.

 

وَرُ سمجهائين ويجهڙو، ٿي اَولي آساني،

ساڻي آهي سچن سان، هادي حقاني،

بديون تنهن بخشائيون، جي ڪيون زائفان زباني،

تنهن پرچائي پنهنجن سان، ڪئي راحم رواني،

ڪئي خاوند خيراني، ڀائر وڌائونس ڀاڪرين.

 

ڀائر وڌائونس ڀاڪرين، ڪيس شابس جڳ جهان،

ظاهر باطن جو ذڪر، اٿو منجهه انسان،

ڏسو پروڙي پاڻ ۾، سندا بِرهه ’بيان‘،

سوين تنهن پرت کؤن، شوق درد ديوان،

چئو ڪلمون ساڻ زبان، مٺي محمّد مير تي.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو ڪؤنري ۽ چلم جو

(چيل احمد چاڪي جو )

] هن مناظري ۾، ڪنهن هنڌ ڪؤنرو ۽ چلم پاڻ ۾ اچي گڏيا آهن، چلم صلح خاطر ڪؤنري کي چوي ٿي ته: پاڻ ٻئي هڪڙي پيءُ ماءُ جو اولاد آهيون، پر ڪؤنرو ان کان انڪاري ٿي، چلم کي لوڌي ٿو. جنهن تي چلم ڏوراپو ٿي ڏئيس ته: اهو تو کي نامناسب آهي، ڇو ته منهنجو نڙ سهڻو ۽ ٽوپي ٽنڊ واري آهي. تو وانگر آءٌ موريز ۾ ڪانه ٿي ويهان. انهيءَ دليل جي جواب ۾ ڪؤنري رد ڏنس ته؛ موريز ۾ به مون کي سٺي جاءِ ملندي آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجا جماعتي سدائين صاف رهندا آهن ۽ مون سان مسجد ۾ محفلون ڪندا آهن. پر تون ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا جهنگلين جي هٿن ۾ اچين ٿي جتي تو سان جوڙي جٺ ٿا ڪن. چلم ان تي ڪاوڙجي ڪؤنري کي دڙڪا دهمان ڪري ٿي. آخر ۾ شاعر فيصلو ٿو ڪري ته ڪؤنرو وڌيڪ چڱو آهي جو مرڻ کان پوءِ به انسان کي پاڪ صاف ڪرڻ ۾ مدد ٿو ڪري.[

تمهيد

پاڻ ٻنهي جو هڪڙو، آهي ڪنڀر ماءُ پِئا،

ڪؤنرو چوي چلم کي: تون ونۡءُ وچين را،

چئي: ڪؤنرا ڙي ڪؤنرا، تون وڏا ٿو ويڻ ڪرين !

 

چلم

نَڙ ته منهنجو ڳَهڻو، ٽوپي منهنجي ٽانۡءِ،

تو وانگر نانِہۡ، جو ويهين موريزَن وچ ۾.

 

ڪؤنرو

ويهان موريزَن وچ ۾، چڱِي چڱيريءَ جاءِ،

جيئن منهنجا جماعتي، هوندا صاف سداءِ،

ڀَلي ڀليرا ڏين ڀاءِ، منهنجون محفلون مسجدن ۾.

 

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، توکي کڻن ڀوچَ،

ڳهلي تون نه ڳُٽڪِين، ته ڏينَئي گڏي گهوچَ،

سڙي ويندينءَ سَوچَ، مُٺِي ! جِيئين ڇو جهان ۾؟

 

چلم

جيئان ڇو نه جهان ۾، ناهي هيڻو حال،

ويهان ملوڪن وچ ۾، وجهنَم تماڪو جال،

پوءِ تو جهڙائي ٻال، هوند ڌوئاريندا هٿڙا.

 

ڪؤنرا ڙي ڪمذات ! هوڏ ڇڏي ڏي هَٺ،

متان پوين مامري، گَندڙا ڇڏي گَٺ،

تون سؤ ڀيرا سَٺ، مان هڪڙي هلنديس هوڏ تي.

 

ڪؤنرو

هلندينءَ ڇو هوڏ تي، تون گَندي آهين گَر،

هٿ ڌوئارڻ مَرڪُ اسان جو، ٻيو مسيتن جو دَر،

ٽِيڪَڻ ! هتئون ٽَر، ته ڦيرائي هڻانءِ نه فرش تي !

 

چلم

ڦيرائي هڻين جي فرش تي، پوي ڀڄي ٻانهن،

پوءِ ڏيئي ديري دانهن، قُزا ! وجهانءِ ڪاٺ ۾.

 

شاعر

پر چئي: ”احمد چاڪي“، جنهن کنيو مڙهه مقامَ،

ڏي ڌانواري ڌوئي، پوءِ سڀئي سَريا سام،

اهي ڇڏيو خلل خام، چٽ چُڪا تال چلم جا.

مناظرو پان ۽ ٻيڙيءَ جو

(چيل بچائي اوٺي جو )

] ’پان‘ پنهنجي تعريف سان هن مناظري جي شروعات ڪئي آهي ته: ماڻهو مون کي ڏاڍي چاهه سان کائين ٿا. انهيءَ لحاظ سان منهنجي جنس جي شين جهڙوڪ چانهه، ٻيڙي، چلم وغيره سڀني ۾ منهنجو مان مٿانهون آهي. اتي ٻيڙيءَ کيس جواب ڏنو ته: ايڏي ٻٽاڪ نه هڻ، سٺو هجين ها ته توکي ٿڪي ڪونه ڇڏين ها ! تنهنجي کائڻ سان وات ڳاڙهو ٿئي، ۽ ڪٿو ۽ چن ڏندن جي سونهن وڃائي، کين خراب ڪري ڇڏين ٿا. توتي ڄڻ ته شيطان جو اثر پيل آهي، جو هو بهشت سان تڙجي نڪتو ۽ تون ٿڪجي وئين. هاڻي جيڪڏهن تون منهنجي آڻ نه مڃيندين ته اڃا به پول پڌرا ڪنديسانءِ. پان وري ان جي رد ۾ ٻيڙيءَ کي سندس خرابيون ٻڌائي ٿو ته: تون اندر ساڙ آهين. تنهنجي پيئڻ سان وات مان ڏاڍي ڌپ نڪري، ۽ ان کان سواءِ ڪيتريون بيماريون تو مان پيدا ٿين ٿيون. تنهنڪري شل ڪنهن جو توسان پلئه نه اٽڪي. اتي ٻيڙي هيڪاري ڪاوڙجي کيس ٻڌائي ٿي ته: تنهنجو زور آهي پناهگيرن تي جيڪي رندن تي رلندا وتن. ٻيو ته اتي تون هندن جو ساٿاري هئين، ۽ هينئر ڀڄي اچي پاڪستان ۾ مسلمانن کي مارڻ شروع ڪيو اٿيئي. سٺي صلاح اٿئي ته وري هندستان هليو وڃ. اهو ٻڌڻ سان پان لاجواب ٿئي ٿو ۽ آڻ مڃي ٻيڙيءَ کي هٿ ٻڌي صلح لاءِ عرض ٿو ڪري.[

پان

مون سان آهي ماڻهن جي، پان چوي، پريت،

کائين ٿا خوشيءَ مان، رکيو راهه ريت،

چَشڪا وٺن ٿا چِت سان، ڪن ٿا ڪانه ڪُرِيت،

انهيءَ سبب جنس ۾، منهنجي آهي جِيت،

ڪن ٿا وقت وَتِيۡت، پريت رکيو پان سان.

 

ٻيڙي

ٻيڙي ٻاڪاري اُٿي، هڻ مَ ايڏي هام،

وڏي وات واڪو ڪريو، ڪَهين ٿو ڪلام،

ٿُڪيو ڪڍنَئي ٿُڪن ۾، هَنيا !  آهين حرام،

نانگا ! تنهنجو نام، لَتين پيو لتاڙجي.

پان

چئي: ڙي بڪواز بند ڪر، ڪڇين ڪُڄاڙو؟

هام هڻيو ايتري، ٻولين ٿي ٻاڙو،

دُکي ٿي دونهان ڪڍِين، اندر جو ساڙو،

مرض بيماريون ڪيتريون، تو مان لَيو ڪِن لاڙو،

تو پُوپانۡ سان پاڙو، قادر ڪنهن جو مَ ڪري.

 

ٻيڙي

مُٺل ! تون ماٺ ڪري، سڻ سماچار سارو،

وجهن توکي وات ۾، ٿِينۡ ڏند سان ڏارو،

خوبي تنهنجي کائڻ جي، رتڙيو وات ڳاڙهو،

بگهڙ، ڪنهن گڏهه کي، ڄڻ چيريو ۽ ڦاڙيو،

پوين جنهن وات ۾، تو وات اهو کاريو،

ڪَٿي چُن جو مارو، ويئي ڏات ڏندن جي.

 

پان

مردار ! تون ماٺ ڪر، تو ۾ بَدبوءِ ۽ بانس،

کنگهڻ ۽ کِلڻ سان، اچي ويٺلن کي واس،

سِلهه ۽ سِر جي تو منجهان، ڪرين ڪونه قياس،

ڦِڦڙ، جيرا، بُڪيون، هنئين منجهه هراس،

ماڻهوءَ سندو ماس، ڳهلِي ! تون ڳاريو ڇڏين.

 

ٻيڙي

پان ! توتي پيئي، شيطاني شامت،

هُو تَڙيو، تون ٿُڪجِي، وٿين، اها علامت،

بنا پاڻيءَ ڪٿ نه رهين، صحيح سلامت،

تو ۾ کوڙ خرابيون، ڪهڙي منجهئي ڪرامت،

هاڻ ڪر گيدي غُلامت، نه ته پول ڪريانءِ ٿي پڌرا.

 

پان

پول پڌرا ڇا ڪندينءَ، تون نڀاڳي نِڌر،

”نه ڪا گهٽ گهوٽ ۾، نه ڪا ڪمي منجهه ڪنوار“ اهي اٿيئي اکر،

ڀاءُ ڀيڻ آهيون پاڻ ۾، ڪونهي وڌ سَکر،

خبر نه ڏي خلق کي، ڇڏ ٽرڙائي ٽڪر،

مار پَوَئي، ڇڏ مڪر، ته پرچي رهون پاڻ ۾.

 

ٻيڙي

بيحيا ! بَس ڪر، ڏِين ٿو گاريون ۽ گند،

مڙساڻي وات واڪا ڪري، سارين ٿو سڀ سنڌَ،

نياڻيءَ سياڻيءَ جي ساڃَهه، تو ۾ ناهي نِنۡڌَ،

پاڙي تنهنجي پناهگير، جي رُليا مٿي رند،

پَريان ڪري پنڌ، هلي آئين هندستان مان.

 

پان

هندستان کان هلي، آئي آهين تون،

ڏينئي ٽانڊو ٽِپڻ ۾، کامين پَچين تون،

مُنهان پويان مچا، ئي دَٻي ڪڍنئي دُونهون،

اچو بيهن اڳٺ تي، پوءِ ڀيڙينَئِي ۾ ڀُون،

آءٌ پيور کئين مونہ، تون ڪڙڪيو چڙهين ڪنڌ تي.

 

ٻيڙي

حقيقت تنهنجي حال جي، آهي مُلڪن ۾ مشهور،

اُگهاڙينديس عيب تنهنجا، سڙيا ! ٿيندءِ سُور،

نه ته مُٺا، ڇڏ مذڪور، خوار ٿيندين خلق ۾.

 

پان

وٽيل ! تون وات نه ڪر، نه اٿئي اَندر ۾ آنڊو،

تکي تماڪ مان، تنهنجو ڀريو اٿن ڀانڊو،

 تو لاءِ تيار ٽانڊو، سڙيل ! ٿي سامهون ٿئين.

 

ٻيڙي

هل ڙي هل، هاڃي هَنيا ! پٽيا ڪِيم پَڏ !

ڌُرئون هڻنئي ڌوڙ ۾، کنيو منجهه کڏ،

لوٺيا ! هتان لڏ، هليو وڃ هندستان ڏي.

 

پان

هندستان ڇو هلان، آهيم پناهه پاڪستان،

سَولو رهندس سِنڌ ۾، منهنجو آهي مان،

سڀني مون کي سڏي، رکيو آهي شان،

ڪَمِي آهيم ڪانه، وندريو ويٺو آهيان.

 

ٻيڙي

پاڪستان ۽ هندستان، جڏهن ورهايو سارو،

تڏهن هو توتي ڪيو، مسلمانن مارو،

ڪي هندو ڀڄي آئيا، ڏسي ڪونه چارو،

هاڻي ڏيو لامارو، مڙن جو ٿو موت ڪرين.

 

پان

ماسي ! تون ماٺ ڪر، منهنجي ڍَڪَ ڍَڪِ،

عيب نه اُگهاڙ منهنجا، ڪي ته ڏِجئين ڪَکَ،

تنهنجا گن غريبن تي، اوۡلا آهن اَلَک،

مڃبا ٿورا لَکَ، ٻئي عيبدار آهيون.

 

ٻيڙي

بي عيب خدا آهي، ٻيو سڀڪنهن ۾ عيب،

معلوم آهي سڀ ڪنهين، پر ظاهر آهي زيب،

وڌيڪ خبر خدا کي، جو ڄاڻي ظاهر ٿو غيب،

پرخلق ۾ کِريب، پنهنجو آهي اڳهين.

 

پان

پر چاچي ! تو چاڳ مننجا اڄ سڀ ٻوڙيا،

اڳيان تو ادب سان، مون هٿ ٻئي جوڙيا،

ڏوهه نه آهي ڪنهن جو، پاڻ لِکيا آهن لوڙيا،

”بچائي“ ٻئي ٽوڙيا، جي پرتل هئا پاڻ ۾.

 

مناظرو ڪنڊي ۽ ڄار جو

(چيل حاجي منٺار پليءَ جو )

] هن مناظري ۾، سگهڙ ٿر ۾ هڪڙي هنڌ ڪنڊي ۽ ڄار هڪٻئي جي ڀرسان بيٺل ڏٺا، ڏڪار جو زمانو هو، جيئن ماڻهو سنڌ ڏانهن لڏيو پئي ويا، تيئن ڄار به سنڌ ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. تڏهن ڪنڊيءَ چيس ته: جو اڌ کي ڇڏي سڄيءَ ڏانهن ڀڄي تنهن جو اهو اڌ به هليو وڃي. تنهنڪري اتيئي هج، ڏکيو سکيو وقت گذري ويندو. اتي سگهڙ به اچي اتان لانگهائو ٿيو، جنهن کي ڪنڊيءَ ساڳي دانهن ڏني ته: ادا درس ! تون سانگي سان اچي سهڙيو آهين؛ اڳو پوءِ اسان جو آچار ڪيو وڃ. پوءِ ڪنڊيءَ ٻڌايو: اسان جا گهر ’گوٺيي‘ جي ڀر ۾ هئا، پوءِ اسين ٻئي گڏجي پريت جو پيچ پائي هتي وڏيون ٿيون آهيون. مون ۾ سڱر ٿيندا هئا ۽ڄار ۾ پيرون جن تي ’گرگيجن‘ جو گذر هوندو هو. هاڻي هيءَ ڄار مون کي ڇڏي هلي ٿي وڃي. تون کيس منهنجي پاران منٿ ڪر ته نه وڃي. اتي ڄار، جواب ۾ درس کي ٻڌايو ته: ڪنڊي ڪوڙ ٿي ڳالهائي منهنجي مرضي آهي ته ٻئي گڏجي سنڌ وڃون، ۽ وري جڏهن مينهن وسندا، تڏهن هتي موٽي اينديونسين، نه ته هتي بکن ۾ مري وينديونسين. اتي ڪنڊيءَ رد ڏنو ته: مون کي شرم ٿو اچي جو پنهنجو وطن ڇڏي پرديس وڃان. چڱو ائين ٿيندو ته هتي ئي رهجي. ان بعد ٻئي ڄڻيرن پاڻ ۾ ٺاهه ڪري، پليءَ کي موٽي وطن وڃڻ لاءِ چون ٿيون. آخر ۾ سگهڙ پنهنجي ۽ وڻن جي زباني، انهن پرديس ويل سانگيئڙن جي سڪ ۾ اظهار ڪيو آهي.[

ڪنڊي

ڪنڊيءَ ائين ڳالهايو، ته پلؤ اٿئي پرور،

پلي ! تون پاڻهي آئين، هاڻ سڻج ڳالهه سکر !

ته: مون ۽ ڄار پاڻ ۾، واري ڏنا هئا ور،

ننڍي ڪري نپائي مون، ڪري اوجاڳا اڪثر،

هئا اسان جا اصل کان، ’گوٺيي‘ پاسي گهر،

پيرون لڳا ٿي هِن ۾، ۽ مون تان سانگين لاٿا ٿي سڱر،

چونڊيو ڏاڍي چاهه مان، ٿي ڪيا ’گُرگيجن‘ گذر،

هاڻ ڏڪار پئي ويو ڏيهه ۾، تڏهن ٿيلهيو ڇڏي ٿي ٿر،

منٿ ڪرينس مون پاران، چئينس چڱيءَ پَر،

آهي ڪا اهڙي پَهَرَ، جا ڄمائي هتي هن ڄار کي.

 

ڄار

اڙي ڪنڊي ! ڪوڙا ڪاچڙا ڪيم ڪر،

دانهون ڏين ٿي درس کي، تڏهن وري ويهان ٿي گهر،

هلين ته ٻئي گڏجي هلون، ڪريون پورهئي جي پر،

وري اينديونسين وطن تي، جڏهن ڪارا ٿيندا ڪڪر،

ناحق ڏوهه مَ ڌر، موڪل ڏي ”منٺار“ کي.

 

ڪنڊي

موڪل ڏيان ”منٺار“ کي، جي ڪريين تون قسم،

سنڀري آهين سنڌ کي، مون کي اچي ٿو شرم،

جيڪو اڌ ڇڏي ڀڄي سڄيءَ ڏي، تنهنجو وڃي سڀ ڀرم،

تون ڪر ڪنڊيءَ تي ڪرم، وري ويهه وطن ۾.

 

ڄار

ويٺي آهيان وطن ۾ ڇڏ بي ايماني جي بات،

قسم کنيم ڪيترا، ته به توکي اها تات،

داد تنهنجو آهه دُرس، هاڻي وينديس ڪين ولات،

جي لڳن ڪهڙا ڪات، ته به مون منٿ مڃي ”منٺار“ جي.

 

ڪنڊي ۽ ڄار

دليان جانيان هاڻ توکي، موڪل آهي منٺار !

وري پنهنجي وطن ڏي وڃي ڏس ٻچا ۽ ٻار،

ڏينهن توکي ڏاڍا لڳا، اسان ’مُبين‘ وکندو ميار،

خدا ڪارڻ توسان، اسان جي ياري آهي يار،

قسمت آهي قرب ٿيو، تو پرديسيءَ سان پيار،

نباهج انهيءَ نينهن کي، وسارج نه ڪنهن وار،

پوءِ موٽي تون ٻيهار، سگهو اچج ساڻيهه ۾.

 

منٺار

سگهو ايندس ساڻيهه ۾، جڏهن ڪارا ٿيندا ڪڪر،

وسِي مينهن وسون ڪندو، ٿيندو سکيو ٿر،

تازيون ڀربيون تَرايون، ٿيندا پوٺن تي پَلر،

سانگيئڙا ساڻيهه جا، ڪندا گولن تي گذر،

موليٰ ڪندو مهر، انۡگي ملندس اچي ”منٺار“ چوي.

 

ڄار ۽ ڪنڊي

پرين ! تنهنجي ملڻ ۾، آهي ڦير نڪو فتُور،

اڳي اڻ سٻينڌا هئاسون، هاڻ سانڍبو ڪين سُور،

سمهڻ اسان جو سک ويو، ويهڻ ٿيو وهلُور،

پرديسيءَ جي پريت جو، پئي ويوسون پُور،

رت روئڻ، جهوري جهڄڻ، اندر ۾ انبُور،

ڪيئن ڪريون، ڪيڏانهن وڃون، چاڪن ڪيوسون چُور،

 

ڪڇڻ پڇڻ ڇڏي، ڪيوسون ماٺ کي منظور،

دلبر ! ڪنهن دستور، سگهو اچج ساڻيهه ۾.

 

سگهو اچين ساڻيهه ۾، تڏهن خبر ڪج کري،

ته اچون توکي ملڻ لئي، چوٽين تان چڙهي،

بيهي منجهه برهه جي، ڪاريون ٿيونسين ڪڙهي،

جهونيون ٿيونسين جهنگل ۾، روئي ۽ رڙي،

هينئون ڦُٽي ڦارون ٿيو، اندر سِڪَ سڙي،

ول رات رمي ويا، ڪاهي ڪاپڙي،

ڏيئِي ويا ڏاج ڏکن جو، دردن جي ڌڙي،

ان جي انتظار ۾ آءٌ، کامان ڀُڻي کڙي،

جن سان جيءَ جڙي، سي ملندا ڪڏهن ”منٺار“ چئي.

 

ملندا ڪڏهن ”منٺار“ چئي، سي دوست دل وارا،

جن سان پريت پينگهي جي، سي ڪامل قرارا،

پرديسي ٻئي ”پلي“ چئي، نيڻين وهن نارا،

آهن روز اندر ۾، ٻارڻ ۽ ٻارا،

اچي آهن اوچتا، محبت ڪيا مارا،

دردن دونهون دکايو، سور اُٿيا سارا،

ائين آهي آگم اکين تي، جيئن اُڀ ۾ ڪڪر ڪارا،

جي مندائتيون برسن ڀُڻيون، وسن ڪيا وارا،

اهي پرمل پيارا، ملندا ڪڏهن ”منٺار“ چئي.

 

مناظرو سون ۽ لوهه جو

(چيل ڌرمون مل جو )

] هن مناظري ۾، سون پاڻ کي لوهه کان وڌيڪ ڪمائتو ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏئي ٿو ته: مون مان سهڻا ڳهه ٺهن ٿا ۽ بازار ۾ هرڪو مون کي چاهه مان خريد ڪري ٿو. جيڪڏهن وڃائجي وڃان ته مالڪ کي کائڻ پيئڻ زهر ٿي ايندو، جيسين مون کي ڳولي هٿ نه ڪري، پر لوهه کي ڪو به ماڻهو نڪو ڳنڍ ٻڌي کڻي ٿو هلي ۽ نه وري ايڏي چاهه سان ڪو سانڍي ٿو. ان جي رد ۾ لوهه جواب ٿو ڏئي ته: سون برابر قيمتي آهي ۽ جيڪڏهن وڃائجي وڃي ته به ان جو ڌڻي طعام ضرور کائيندو، اهو ان ۽ کاڌو سمورو منهنجي استعمال مان پيدا ٿئي ٿو. آءٌ نه هجان ته دنيا ۾ ڪٿي به آبادي ڪانه ٿئي. پر اڙي سون ! تون تڏهن ٿو سهڻي صورت ۾ اچين جڏهن لوهه جي اوزارن سان سٽجين ٿو. ان بعد سون کانئس هٿ ٻڌي معافي وٺي ٿو، ۽ چوي ٿو ته: اڄ زمانو ڪوڙ جو آهي ۽ اشراف ويچارن جو قدر ملڪ مان نڪري ويو آهي.[


(2) . شاعر ڇتو فقير سانگي ”پيٽهڙي“ ۾ رهندو هو.

(3) . کمرو = خمرو = ڪپو.

(4). مناهه = منع.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي ڏوڪري) مان غلام نبي کان ملي.

. سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 117.

* . هن مناظري جي روايت ٿر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ کان ملي.

. سوانح عمري ملي نه سگهي آهي.

* . هن مناظري جون ٻه روايتون اُتر مان غلام قادر (تعلقي ميرو خان) ۽ الهداد چغتائي (لاڙڪاڻو) کان مليون.

. سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org