سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :33

ڌراڙ

ڪيئن ڀڄندينءَ ڀٽاري ! پَر نه توکي پَک؟

چَر پئي چڱيءَ ڀَت سان، ’ڪلري‘ سندا ڪک،

آلوڙا ڪر اَئُٺي ۾، جت روڪ نه اٿئي رک،

توکي پاڙهيا سبق ’سيٺارن‘، ڪئين لچائيءَ جا لک،

پر ماهو مال مون اڳيان، مثل آهي مَگ،

الله ڏني اٿم اَک، جو لچن کي لوڌيو ڪڍان.

 

مينهن

ڀيل ڀَلِي ٻيون ڪن، پر ڪرين مون کي ڪارو،

ڌُران تو ڌراڙ تي، منهنجو پيو نه سولو ستارو،

ڪاهي پونديس ’ڪلري‘ ۾، ڪنديس واڙن کي وارو،

ڀڃي ڀوري ڇڏينديس، ڏنل ٽپ ٽارو،

آهي ڪونه اوڏائيءَ ۾، وڻ به ويجهارو،

سڪي سڙي رهيا، پين پروڪو پارو،

سگهو پوندو ’سنڌ‘ ۾ لکي لابارو،

هاڻي سجهيم ٿو سِيم ۾ ’ٻڍل‘ جو ٻارو،

سَنجهي مان سارو، آءٌ کائي وينديس خوشيءَ مان.

 

ڌراڙ

کائي ويندينءَ خوشيءَ مان، ڪُنڍڙي تنهنجا ڪن !

مون کي مليو مال جو، آهي اصل کان اِذن،

ته سِڱرو مال سَڌ نه ڪري، توڙي اَٺ اچن،

اُهي ڀنڀوريون بچن، جي ڏين اوجاڳا اکين تي.

 

مينهن

سهين اوجاڳا اکين تي، وري وڙهين ٿو ويري !

سُتي پڄاڻا سڀڪو، ڍِنگُ به آهي ڍيري،

’بهادر‘ ڪهڙو برک هو، ’پنهورن‘ ۾ پيري،

ستو هو سنجهي مان، مون سڃ ڪئي هئي ’سيري‘،

مُلڪ اسان جو مائٽاڻو، ’ڍٽ‘ به آهي ڍيري،

فڪر ۽ ڦيري، ڪڍ پنهنجي قلب مان.

 

ڌراڙ

ڪيئن ڪڍان قلب مان، روز تنهنجو اِي رَند،

هرهر تنهنجو هرتالي، پوک ڏي آهي پنڌ،

’کٻڙ‘ ويهندو هو خوش ٿي، ڪاڻو واري ڪنڌ،

آءٌ مُڙيو وڃان ماٺ ڪري، تئن ڏيڻ ! ڪڍين ٿي ڏند،

ڪڏهن تنهنجو ڪنڌ، جهوريندس جهنگل ۾.

 

مينهن

جهورج ڪين جهنگل ۾، ڪر ميان ! هاڻي ماٺ،

اٿم سور سنڌن ۾، ڪشي هنيئي جو ڪاٺ،

گاهه انهيءَ گيباڻي کي، ڏند نه ڏينديس ڏاٺ،

سُڪي ٿينديس ساٺ، ته به وينديس ڪين ولر ڇڏي.

 

ڌراڙ

ويندينءَ ڪِينَ ولر ڇڏي، ٿيندينءَ خوش گهڻي،

آءٌ ٻُوريون، پلڙا، ٻاجهه مان کارائيندس کڻي،

محنت مون مسڪين جي، ويندي تو وڻي،

ڪلمي جي ڪڻي، مون کي يا ربّ ! ڏيارجئين.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو فقيرن ۽ ڍڳيءَ جو

(چيل پانڌي آريسر جو )

]بڪيرن جي پيرن جا ٻه فقير ’دلو‘ ۽ ’دينو شاهه‘، هڱورجن جي ڳوٺ ۾ ويٺل مريدن مان ڍڳي ڪاهي ’بڪيرن‘ ٿي آيا. واٽ تي ڍڳي ڪوڙ ڪري ويهي رهي. فقيرن گهڻيون ئي منٿون ڪيون پر ڍڳي هڪ به نه ٻڌي ۽ ويٺي رهي. اتي مٿس مڙسن جلهه ڪئي، ۽ ’لاڻي ماڇي‘ لوهه ڪري وڃي مٿي ۾ رسو وڌس. پر ڍڳي سٽ ڏيئي ٿونا هڻي سڀني کي ٿڏي ڇڏيو. اتي وري به ڍڳيءَ کي دڙڪا دهمان ٻڌائون ۽ مٿس هلائون ڪيائون. ’نمرو گجو‘ ميدان ۾ نڪري نروار ٿيو پر ڍڳيءَ جي سٽ جهلي نه سگهيو. سڀ اچي تتي ڏينهن ۾ هلاڪ ٿيا. آخرڪار ڍڳيءَ کي چڱي من ۾ پيئي جو کڙي ٿي ۽ فقيرن سان گڏ هلڻ لڳي، پر ظاهر ائين ڪيائين ته: مون کي ساهيڙين جي سڪ ستايو آهي، تڏهن ٿي هلان.[

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، جو عالمن الله،

مير محمّد ڪارڻي، جو ضامن ضعيفن آهه،

ڳئون ڪاهرائڻ جي ڳوٺاين ساڻ، ساجهر ڪيم صلاح،

ڦنڊرون هلن فجر سان ’سِنِڌَوَر‘ جي درگاهه،

جوڙ جماعت جنسار سان، اتي ايندا مرد ملاح،

تڏهن ’هڱورجن‘ مان هڪلي هليا ’دِلو‘ ۽ ’دينو شاهه‘،

ڪاهي پهتا ’ڪُڻڇاري‘ تي، اُتي ’گُجن‘ ڏنو گاهه،

مير موٽيا ٻئي ملڪ ڏانهن، رکي سڪ سَڀاءُ،

تان ’نمرو گجي‘ نوڪر کنيو، ڪيائون ڳنئُنءَ ڪاهو ڪاهه،

اُت ڪري لَيُن ڏانهن لاهه، بَگِي ويهي رهي ڀاڏ ۾.

 

بگي ويهي رهي ڀاڏ ۾، ڪُوڙي ڪري هيٺ ڪنڌ،

تڏهن ’لاڻي ماڇي‘ لُوهه ڪري، وڃي سِري جهليس سَنڌَ:

پِٽِيَل ! اُٿي تون پير کوڙ، هتان پرانهون پنڌ،

رڻ واهي ڪريو ٿي رات وجهين، ايءُ نسورو اَنڌ،

ڪڍي ڪُوڙ ڪَڇُن مان، اُڪر ’بچاءُ بند‘،

’فتح محمد‘ ٿيو ’ڦُلالين‘ وٽ، ڇڏ هتي تون ڇَند،

بگي ! هل ’بڪيرن‘ ڏي تون رهتُو وٺي رند،

موليٰ توکي محشر ۾، ڪو هادي ڏيئي هنڌ،

ٿي ناڪس ڍور نه نِنڌ، مَر نه هن موريءَ تي.

 

ڍڳي

مرنديس ڪين موريءَ تي، وينديس واٽ وٺي،

ڀر وٺي ’ڀِڙي ڳوٺ‘ جي، وڃي کيندس سيڻ سُٺي،

’ڍنڍرِي‘ ديهه ڍورن سان، منهنجي اندر آس اُٺي،

کنوڻ کڙندي ڪڪرن ۾، اڄ مون جا ڏينهن ڏٺي،

مرضي ڏسي وطن ورڻ جي، آهيان ان پر رٺي،

جنهن کي حُب هڪ جيڏين جي، سا اهڙي قرب ڪُٺي،

تن پانڊوڪن جي ”پانڌي“ چئي، منهنجي اندر آڳ وُٺي،

مون کي برهه باهه بُٺي، ٻري ٿي ٻاٻاڻن جي.

 

فقير

ڀرم ڇڏيو بگي ! تو، نه ٿي ڏيهن منجهه ڏنگي،

ڇڏ آسانگا لوڪ جا، توکي اڳيان تاب تنگي،

سنڀال پنهنجي صاحب کي، هل ’سِنڌِوَرَ‘ ڏانهن سَنگي !‘

ڪڍ ڪوڙ قلب مان: نه ته ايندءِ جُنگ جَنگي،

سي سٽي ڪُٽي سونٽن سان، ڪندءِ ڪامن ساڻ ڪنگي،

پُڇ پَٽي پري ڪري، ڪندءِ گهوگهن ساڻ گِنگهي،

ڪچو پٽيندءِ چم چڪن سان، ايندئي زابر زور زنگي،

تيسين ماري توکي مڪن سان، ڪندا ڦِنجهن کان ڦنگي،

اِهين لَيئن منجهه لون سان، نيئي ڪن توکي رنگ رنگي،

جنڙن وانگر جُوهه ڪري، ايندءِ شر شنگي،

ڪوهه ٿئين اجائي ”آريسر“ چئي، ناڪس نور ننگي،

پوءِ واجهن ساڻ ونگي، مڙسن کڻي موريءَ تي.

 

جهيڙو

تڏهن سِرَهي ڍڳي ساڙ مان، وٺي سِڱُ سَٽيو،

خاص خليفا پيرن جا، پر جانب ڪنهن نه جَٽيو،

اُلرون ڏسي ڍڳيءَ جون، ويا هاتڪ پاڻ هَٽيو،

اُکلن سان ان هنڌ تي ڦنڊر مڙسن کي ڦٽيو،

تان ’نمرو گُجو‘ نروار ٿيو، پر ويو ٿي خان کِٿو،

وير ويا ٿي واٽ وٺي، پنهنجا چَپ چَٽيو،

ڏينهن سڄو اونهاري جو، سو ڪاڙهي منجهه ڪَٽيو،

ڦوڪون ڏي فقيرن کي، ڇڏي ’نِمري‘ کان به نٽيو،

پوءِکڻن واجهه وٽيو، سوگهو ٻڌوسون ٿي سِرهي.

 

فقير

تڏهن ”پانڌي“ پِيرُ پڪاريو: ڪر لطف ڪر لاڙو !

ڍڳي اسان کي ڍَئي ڇڏيو، ٻيو سج ڪيو ڪاڙهو،

هليا هڪلي تنهن کي، ته ڏنائين ’سرهيل‘ سراڙو،

هل هاڻي هنيون هنڌ ڪري، ’ڇڏ هنڱورجن‘ هاڙهو،

درُس هل درگاهه تي، ڇڏي ’لنگهئيءَ‘ جو لاڙو،

آرس ڇڏ اٿي هل، جئن طلب تنواري تاڙو،

”پانڌي“ چئي پرديس ۾، ٻولين ڇو ٻاڙو؟

نه ته نڪ ۾ ناڙو، هاڻي وجهندءِ ’نمرو‘ نوڙ وٽي.

 

ڍڳي

اِتي سِرهي ڍڳِي ساڙ مان، ڳئون ڪيو ڳالهاءِ:

آءٌ اُٿنديس ڪينڪي، کڻي ڀُڙ ! هڻو ڀالا،

آءٌ وٺنديس ڀَر ’ڀِڙي‘ جي، انشاء الله تعاليٰ،

ڇو اجايا اوهين ڪريو، شعور منجهان شعالا،

چرنديس وڃي چَڙو ٻڌي، جيڏين سان جالا،

ميڙ ڪيو مسڪين تي، ڇُوهئون اَچو ڇالا؟

هاڻ ’بڪيرن‘ بابلا، منهنجي بلا هلندي ڪانه ڪا.

 

ستائيندي صاحب کي، هيڻا ٿيا حال،

تڏهن ڀڙڪو ڏيئي بگي اُٿي، ڇڏي تال بخال،

ڳئون اُت ڳالهائيو: مون کي سرتين جي سِڪ سال،

نيڻ وهايم ناز منجهان، آڻي جر اکين مان جال،

اُمالڪ اڳ ۾ هلي، آءٌ ڇُوهئون ڏينديس ڇال،

ٻيون مڙئي ٻن ڏيئي، مڏيون ڇڏيان ٿي مال،

هاڻي وڌم ڪم ڪريم تي، اهو ڪندو ڀلايون ڀال،

مدد مون سان مرشد هادي ’لعل قلندر‘ لال،

پوءِ ڪلمي ساڻ ڪمال، ملنداسون ميڙي محمّد جي.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو فقير ۽ ڪُتي جو

(چيل حاجي عبدالله ”واقف“ جو)

]هن مناظري ۾ تمهيد طور ساراهه کان پوءِ هڪڙو فقير خيرات گهرڻ لاءِ ’خان‘ جي در تي وڃي ٿو ته ڪتو مٿس ڀونڪي ٿو. فقير کيس لٺ ڏيکاري دڙڪا ڏئي ٿو پر ڪتو پچر نٿو ڇڏيس. فقير ۽ ڪتو ٻئي هڪٻئي کي رد ڪد ڏين ٿا. آخر ۾ شاعر هن مناظري جي تمثيلي مراد ڄاڻائي آهي ته ڪتو، نفس آهي ۽ گنهگار انسان آهي جو نيڪ ڪمن ڏانهن راغب ٿيڻ ۽ نيڪ شخص جي صحبت مان فيضياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته نفس اماره کيس نيڪيءَ ڏانهن وڃڻ کان جهلي ٿو.[

تمهيد

ساراهيان سبحان کي، جو آهي عاليشان،

مهر ڪري محمّد تي، جنهن لاٿو آ فرقان،

راحت ۽ رنج سندو، جنهن پيدا ڪيو سامان،

مشڪل موليٰ منهنجي ڪر، ٿو ”واقف“ چئي آسان،

تنهنجو نالو آ رحمان، تڏهن ميٽ مدايون منهنجون.

 

ميٽ مدايون منهنجون، آهيان مان انسان،

ڌوتيءَ هن دنيا ۾، گهمان پيو حيران،

آس اندر جي پوري ڪر، متان رهي نه ڪو ارمان،

تو وٽ موليٰ ! منهنجي آهي، درد سندو درمان،

تنهنجي نالي تان قربان، ”واقف“ ٿيندو واهه جو.

 

هڪ ڏينهن مون کي اوچتو، اچي پيو ڪو خيال،

داور جي درٻار ۾، ويٺو ڪيان هيءُ سوال:

ته رحم ڪر ”واقف“ تي ۽ ٿئي شل دور ملال !

پورو هيءُ قصو ڪريان، ته مان ٿي پوان نِهال،

پسان جانب جو جمال، جنهن جوڙيو هن جنسار کي.

قصو ڪُتي، فقير جو، ٿو شروع ڪيان في الحال،

ٺارو شاهي ”واقف“ ٿو، اهوئي ڪري احوال:

نه واڪا ڪيان ٿو محب لئي، جر وَهائي جال،

مون سان محب ملي اچِي، من ڀلائي ڀال !

صديون لڳن يا سال، اوڏو نه ويندس ڪنهن اوپري.

 

سئينَ هنئين فقير اچي، ته ڪتي ڪيو مارو،

چيو فقير ڪتي کي، ڪر مسڪينن کان ٽارو،

جهڙو آهين اندر جو، تهڙو ٻاهر جو ڪارو،

متان نڪري پوئي نه تارو،جي اڇلي هڻانءِ لٺ اوچتي.

 

ڪتو

لٺ هڻين، ڇا به ڪرين، ته به بهڪڻ کان ناهي بس،

رلين ڇو رولاڪن جان، اهو اڄ مون کي تون ڏس،

پٺيءَ ڇڏيانءِ ڪينڪي، جهڙي وڃين گس،

ڏاڙهڻ کان ناهي بس، توکي وٺندس ٽَنگ مؤن.

 

فقير

وري ورائي فقير چيو: ڀڙوا ! ڀؤنڪ نه ڪر،

وٺيو وڃان ٿو واٽ مان، ته به ڇڏين نه منهنجي ڀر،

ڪيو ڪميڻا ! ماٺ تون، هُج ويٺو پنهنجي گهر،

ڇڏ پنهنجي پرائي پَر، نه ته سوڙهو ڪندو سانءِ ساهه کي.

 

ڪتو

سوڙهو ڪندين تون ساهه ڇا، هڻ نه اجائي ڊاڙ،

ڪيل قول اڳوڻو تون پنهنجو مون سان پاڙ،

ڦِري پنهنجي وعدي تان، اندر نه منهنجو ساڙ،

لٺ کي هوڏي لاڙ، ته پاڻهي پونديون خبرون.

 

فقير

وفاداري تو ۾ نه ڪائي، توکان رهان بيزار،

جڏهن اچان ٿو در تي، تڏهن ڪرين تڪرار !

خيرات گهران ٿو خان کان، جنهن جو هلي پيو واپار،

متان ڀڄي پوئي ڪاپار، ”واقف“ چوئي ٿو ويسلا !

 

ڪتو

وڃ هليو واٽ وٺيو، ان ۾ تنهنجو آهي خير،

ٽنگ وجهندوسانءِ ڦاڙي، پوءِ ڪري نه سگهندين سير،

”واقف“ ويٺو ٺاهي پيو، اهو اڄ اسان تي شعر،

جي گهرين پنهنجو خير، ته ويجهو نه وڃ تون خان جي.

 

فقير

خان ۾ آهي آسرو، ٻيو ڪنهن جي وڃان گهر،

بهڪي ڪتا بانولا ! ڪَنَ  مالڪ جا نه ڀر،

آهي ئي خيال خان جو، توڙي جهنگ وڃان يا جهَر،

بس بهڪڻ کان ڪر، توکي چوان ٿو بار بار.

 

ڪتو

فقير ناهين ڦِڏا، ڪا آهين وڏي ڦَڪڙي،

ويجهو اچان ٿو تنهنجي، ته وک وجهين تڪڙي،

خيال ڪرين ٿو ڪهڙو، تنهنجي جان پئي آهي جڪڙي،

ڇڏ هٿ واري لڪڙي، ته کوڙي وٺانءِ مان خبرون.

فقير

تو جهڙن ڪتن کان، مون کي لڪڙي آهي بچاءُ،

سچي اها حقيقت آ، ان ۾ ناهي ڪو وڌاءُ،

موٽي وڃ ملعون تون، ته وڌي نه هيءُ وڻاءُ،

يا ٻيو ڪو ڪيان اُپاءُ، من پوءِ وڃين تون بانولا !

 

ڪتو

اُپاءَ ڪندين ڪهڙا، تون ۾ ناهي حياءُ،

وڙهان ٿو رولاڪن سان، منهنجو اِهو سڀاءُ،

خان چاڙهي ديڳ آ، جنهن ۾ رجهي پيو پلاءُ،

تو کي نه لڳندو داءُ، موجود آهيان جسين مان.

 

فقير

کارائيندو خان مون کي، تون بيٺو ڀَونڪ ڀلا،

ايندو پاڻ هلي هتي، ۽ هڻندءِ خوب کَلا،

دُور ٿيندي دائما، تو منحوس جيهِي بلا،

پوءِ فقيرن سندا گَلا، ڏسندين هِن گُدام تي.

 

ڪتو

ڪوڙي ڪرين ڳالهه ٿو، اٿئي پيٽ وڏو،

پِنين ٿو پيناگن [1] جان، آهين تون ته جڏو،

سنڀري نڪتين صبُوح جو، ٺاهي هيءُ ڦڏو،

ملندءِ ڪونه هڏو، ڇو ٿو ٿئين ڪانهلو؟

 

فقير

ورندءِ ڪونه ٻيائيءَ مان، آهين نه ون ساڙول،

رکين وير واسينگ جان، دل ۾ اٿئي هول،

لوڏي لوڏي لٺ سان، وجهانءِ نه ڦاڙي بول،

سچو اهو ٿي ٻول، مغرور نه ٿي ملعون تون.

 

ڪتو

جي عادت ڇڏين پنڻ جي، ته توسان نه ڪيان تڪرار،

هرهر تپائي مون کي، ڇو ٿو ڪرين لاچار،

منهنجو توسان ازل کان، آ شروع ڪيل وهنوار،

هاڻي نه ڪر بيزار، نه ته ڇڏيندوسانءِ ڪينڪي.

 

فقير

موذي ! چوان توکي ٿو، آهين تون منحوس،

مون کي ڪري تنگ تون، ڇو ٿو ڪرين مايوس،

شيطان سندو آهين، سمجهان ٿو جاسوس،

هاڻي ڪيم محسوس، ته آهين ڪميڻا ڪير تون.

 

ڪتو نانءُ نفس جو، فقير ٿيو اِنسان،

هڪل ڏنائينس هيبت مان، جڏهن آيو جنگ جوان،

کڻي بار اُمت جو، ٿيو اُمت تي مهربان،

آيو دوست خدا جو، جنهن تي لٿو آ فرقان،

ڪل پوندي ڪان، جڏ ايندو عزرائيل اوچتو.

 

ايندو عزرائيل اوچتو، پوءِ ڏبا حساب ڪتاب،

قطار ڪري بيهندا، اتي غريب ۽ نواب،

ڪم نه ايندا پوءِ اهي ’خانصاحبي‘ جا خطاب،

سوال پڇندا ملائڪ جي، ته ڪهڙا ڏبا جواب،

”واقف“ ڪر ثواب، متان عزرائيل اچئي اوچتو.

 

دم ويندو نڪري، پوءِ وجهندا منجهه قبر،

ايندا ملائڪ ڊوڙندا ۽ لهندا خوب خبر،

ڪم ايندا اُتي اَدا ! جي هوندا چڱا وَکر،

ويا ”واقف“ لڏي هتان، لکين تو جهڙا بَشر،

هوندا ساڻ ثمر، ته ليکا لهندا خير سان.

 

مناظرو ٻِلِي ۽ کُٿابي جو

(چيل مولوي الهرکئي جو )

]هڪڙي سيٺ پنهنجي هٽ تي ڪوئن جي آزار کان ٻلي ڌاري، جنهن کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ کيس منجيءَ تي ويهاري گيهه ۾ ڪٽيل ماني کارائيندو هو. ٻليءَ کي جو ماني ڍؤ تي ملي، سا ڪوئن ڏانهن نهاري به ڪانه، اٽلندو سيٺ کي ڏاڍو بيزار ڪيائين. تنهن تي سيٺ ڪاوڙجي پنهنجي نوڪر ’گوڪل‘ کي چيو،  جنهن ٻليءَ کي هٽ مان هڪالي ڪڍيو. ٻليءَ کي ٻچا به ساڻ هئا، تنهن اول رخ رکيو مدرسي ڏانهن. اتي ڪڪڙن جا ڪي ٻچا ڌاريل هئا ۽ پهرئين ڏينهن حملو ڪري پنج ٻچا چٽ ڪيائين ۽ پوءِ روزانو هڪڙو ٻچو کائيندي رهي. سڀني کٿابين کي اچي ڳڻتيءَ ورتو. نيٺ سهي ڪيائون ته ڪورڙ ۾ ٻلي ويٺي آهي ۽ هي ڪم ان جا آهن. پوءِ ته سهي سنڀري ٻليءَ تي ڪاهي پيا، آخر ’امين’ جي ڦرهي جي ڌڪ سان ٻلي منڊڪائي وري وڃي هٽ ۾ پهتي، ته اتي وري ’گوڪل‘ گهڙڻ نه ڏئيس. آخر کٿابي آيا جي ٻليءَ جو ٻچو کڻي راهي ٿيا. ان بعد ٻليءَ ۽ کٿابين جي وچ ۾ بحث هلي ٿو. ٻلي تيرهن چُوزا باقي ستن چوزن لاءِ صفا انڪار ڪيائين. آخر ۾ کٿابين کي چيائين ته ڪوئو هٿ ڪونه ٿو اچي تڏهن ٿا ڪڪڙ جهلٽيون لاچار کي آچار ڪونهي.سو مُڙي وڃو جو آءٌ اوهان جي اجهي ۾ پناهه وٺيو پئي آهيان.[

تمهيد

سوائي ٻلي سيٽ جي، اڻانگي آهي،

مهٽيل ماني منجيءَ تي، ٿي کير سان کائي،

سيٺ جو سگهو ئي، وڌئين تڏو تپائي،

تنهن گار ڏني ’گوڪل‘ کي، ته ٻلي هَٽ تان هٽائي،

سو نوڪر سيٺ سان، سينو ڪهڙو ساهي !

آخر ڪُڪڙن لاءِ ڪاهي، ’گوڪل‘ ڍاري گام ڏي.

 

ٻلي ٻچن سوڌي هلي، ڪڪڙن تي ڪاهي،

مانجهاندو ڪيائين مدرسي ۾، جو اوڏڪو آهي،

قصد ڪري ڪورڙ ۾، لڏو ويٺي لاهي،

پنج ٻچا پهرئين ڏينهن، ڇڏيائين کائي کپائي،

چُوزو روز چٽ ڪريو، ٿي خوشيءَ مان کائي،

وجهي مار ’محمد‘ کي، هليو ’ساڪر‘ سنڀاهي،

”ته ڪو ڪُوڪٽ هن ’ڪورڙ‘ ۾ ’الله جو سونهن‘ آهي،“

’دلو‘ آيو در مان، سونٽو سنڀاهي،

’امين‘ گهڻي اُڇل سان؟ ٿو ڦرهي ڦهڪائي،

’صديق‘ سونٽو هٿ ۾، ڀڃي ڀڳڙا کائي،

’محب‘ جهليو مَلن کي، ٿو جهُڪيو جهوتون پائي،

’ته پاٿاري ڪريو ’پاٿرن‘ ۾، اوريان ويٺي آهي‘،

’مبين‘ چيو: مون کي مارڻ جي، اٽڪل گهڻي آهي،

ويٺل اتان ويجهو کڻي، رَلي ريجهائي،

پوءِ ٻلي ٻولائي، هٿ مان هلي وئي.

 

هٿن مان هلي وئي، جنهن کي ڦرهيءَ ڪيو ڦٽ،

ٽِپندي وئي ٽِن تي، چوٿون پير چٽ،

هوڪاري هٽ ۾، وئي واڻئي وٽ،

’گوڪل‘ گانورجي آيو، ته ماڻهوءَ سندو مٽ،

متان هن کي ماريو، هي آهي اسان جو هٽ،

پوءِ تنهن جي ٻَچي کي ٻِسَٽ، کٿابي کڻي آيا.

 

کٿابي کڻي آيا، ٻچو ٻولائي،

’موڙو ڀيل‘ منٿ ڪري، ٿو ڇيڪئون ڇڏائي،

ته ماريو مَ معصوم کي، ان ڇا ڪيو آهي؟

پوءِ ڪاڻو ڪڍائي، ٻچو کڻي ويو ٻاجهه سان.

 

ڪري ٻاجهه ٻچي تي، ڀيل ڪيو ٻِليءَ ڀيڙو،

ڪيئون هُل هٽ ۾، جتي واڻئي جو ويڙهو،

’شيوڪ‘ سنڀري اُٿيو، ته اوهان کي ڪُٽي ٿو ڪهڙو؟

’سرتئي‘ ڪيو ’ساڪر‘ سان، جهٽ پٽ جهيڙو،

’مُولي‘ مَنڊي کَٽِي ميڙو، هڪلي ڪڍيا هٽ مان.

 

ٻلي

هڪلي ڪڍيا هٽ مان، ٻلي اُت ٻولي:

خالي مون تي کٿابين، لائي آهي لولي،

ڪڪڙ جيڪا مون ڪُرٽي، سا مِڙين ۾ مولهِي،

ڏٺِي ٿي ٽولهي، ڪڪڙين جي ڪٽڪ مان.

 

کٿابي

’مولهِي‘ جي مارڻ جو، توکي لاچار ڪهڙو لڳو؟

ڪوٺو ڪڪڙين جو، تو ڀيڙي رات ڀڳو،

هڪ موڀي ٻي ’مولهي‘ جو، ٻيو تنهن جو سوٽ سڳو،

پوءِ وِيهه جو وڳو، تو لاهي لباس ڇڏيو.

 

ٻلي

ٻلي اُت ٻچي کي، ٿي سچي ساک لاءِ سڏي،

ته ٻارهن کاڌم ٻچي سان گڏ، تيرهون آندم تڏي،

ڀڄي هن ڀونگي ۾، کاڌم گوڪڙ سان گڏي،

باقي ستن جي سڏي، توهين ڳولا ڪريو ڳوٺ مان.

 

کٿابي

ڳولا ڪري ڳوٺ مان، ’ابراهيم‘ آيو،

ته ڪوڙ ڪري ٿي ڪارڙي، ڇڏي ٿي کايو کپايو،

رانڀوٽا هڻي ٿي راڄ تي، هو لقو اٿس لايو ،

هاڻ ٻليءَ کي ٻولايو، ته کڻي هلونس کٿاب ۾.

 

ٻلي کٿاب جي کڻائڻ جي، تڪڙ ڪر مَ تون،

سُنهن کنيو اٿم ستن جو، جي مور نه کاڌا مون،

پارابو اسان جو پکي آهن، ٻيو ڪُوئن تي ڪَٽيُون،

ڪوئو ڏسون ٿيون ڪونه ڪو، تڏهن ڪڪڙ جهٽيون،

اوڏا ڪڪڙ ’الهرکئي‘ جا، تن کان ڪئن منهن مٽيون !

پوءِ پيون ڪلمي ساڻ ڪَٽيون، اَجهي ليو اوهان جي.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو تتر ۽ تيتريءَ جو

(چيل حاجي ڄام خان چانڊئي جو )

]هن مناظري ۾، هڪڙي تيتري وٽ ڪو تتر پڃري ۾ بند آهي، سو تيتريءَ کي منٿ ٿو ڪري ته: منهنجي قيد ڪرڻ مان توکي ڇا ٿو هٿ اچي، جو چنڊ اُڀرئي جو اٿي گونيءَ جا ڪپ ٿو گهمين ۽ هيڏيون تڪليفون ٿو ڪرين ! سواءِ پکين جي پٽ جي ٻيو ڇا هٿ ايندئي ! جواب ۾ پکيءَ جي ڳالهه قبول ڪندي تيتري چوي ٿو ته: سچ پچ انهيءَ شوق پٺيان بکون کاٽيون ٿا، تڪليفون سهون ٿا؛ ان کان پوءِ به هٿ آيل پکيءَ کي ڇڏيون، سو ٿي نٿو سگهي. تيتري، پکيءَ کي اول رد ڏيندي فخر مان پنهنجا عيب ٻڌائي خوش ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته سندس خيال ۾ اهو چڱو ڪم آهي، پر پوءِ پکي جي نندڻ ۽ جٺ ڦٺ تي کيس ٿيڻو لاجواب پوي ٿو. آخر ۾ شاعر سڀني جي سلامتيءَ لاءِ دعا گهري ٿو.[

تمهيد

موليٰ سندي ملڪ ۾، ماڻهن ڪهڙا ڪم ڪيا،

ڏسو دور دنيا جا، هڪڙا ناچُو ٿي نچيا،

ٻيا شڪارين جي شوق پئي، وڃي ڀانگرين تي پيا،

ٽيان لاهي خوف خدا جو، وڃي ڪولهين ساڻ گڏيا،

چوٿيان حرامي هميشہ جا، جن هئا لاوا لٽڪايا:

بندي خانو بڇڙو، تِتر تتو تاءَ منجها،

ڪيائينس چهنبن جا چهڪا، سچ چوي ٿو سيس کي.

 

تتر

ڌوڙ پوئي، ڌَڙڪي رُلئي، ڇڏ ته وڃي ٻوليان ٻچن وٽ.

تون چنڊ اُڀرئي چوٽ ڪرين، جهَلين ’گوني‘ سندا گهٽ،

ات سڄو ڏينهن سِيٽيون ڏئين، جئن ڀڻندو اچي ڀَٽ،

ڦاسايو ڦاهين ۾، ٿو چُلها ڪرين چٽ،

اهو پاراتو پليت کي، وڃي ٻاهر چڙهيو ٻِسَٽ،

پرايئون پکين کان ڪا پِٽ، انهن تيترين تڏي کان.

 

تيتري

چئي: ڇڏڻ نٿو اچي مون کي، الله ۾ ڪرين پَت،

اها عادت اسان جي اصل کان آهي گَت،

ٻيو ماني نه اسان ماڻهن وٽ، ڀاڄي نه ڪو ڀت،

رٻ پيون ٿا رات جو، ڪُني سندو ڪٽ،

سا آنٽي وجهي آنڊن ۾، بادي ڏئي ٿي وٽ،

ڪٿان سَهو هٿ اچي سيم منجهان، تڏهن ٿا ڪريون جهڙالو جهَٽ،

ڪڍو سُنڍين کي سٽ، اسين آرام ڪريون ٿا ته آڌيءَ جو.

 

تتر

آرام اوهان جو الله ڦٽايو، آن جو پَروَر پٽي پاڙ،

اُٿي ڪتا لڳ ڪمائيءَ کي، جهڙو متو آهين مَواڙ،

جهاتوئا ڏئين ٿو جهنگل ۾، ڪالُنڊي وجهندئي ڏاڙ،

اتي مانڊو ملندئي ڪونه ڪو، پوندئي جهونتري نه ڪا جهاڙ،

پڙهڻ وارا پري ٿيا، جن جي آهي منتر ڏي مُهاڙ،

پوءِ دانهون ڪندين درد مان، رنگيلا ڪي راڙ،

جئن ڀڻو ڪرين جاڙ، تنهن کان مرين انهيءَ ملڪ مان.

 

تيتري

ڇو مران هن ملڪ مان، توکي ننڍو نپايم،

پِڃرا آڻي پريت مان، توکي پلپل پُڄايم،

ڏاڍيون ٺاهي ڏونگهڙيون، تنهن ۾ توکي چانور چڳايم،

مِنا سڀ ملڪن جا، توتان ڪُتا ڪئين ڪاهيم،

ڏئي اوجاڳا اکين کي، ڪئين راتيون وهايم،

کڻي گُندلا گس تي، پنهنجي چيلهه به ڀڃايم،

وجهي موچڙا وات ۾، پاند ڳچيءَ پايم،

پٽڪا ڪئين لاهيم، ته به منٿ نٿو مڃين منهنجي.

 

تتر

منٿ مڃجان من جي، تون بيشرم ڀاڙي،

آءٌ لاهيان وچينءَ جو، تون ڏڪيو ڏئين ڏاڙهي،

دام کڻي ٿو دور وڃين، پٺيان وڌئي پئي واڙي،

ڪٿي نه ڪٿي مرندين رڃ ۾، کِيندئي بول به بگهاڙي،

ڦِڪو نٿو ٿئين ڦَسا ! ڏس اٿئي آڪهه اُگهاڙي،

اُٿي آڻ انهن لئي، ٽپڙ ڪي ٽاڙي،

نه ته ماڳهين هڻ مٿي ۾، ڪشي ڪهاڙي،

تنهن کان مرين مُرداري، لهي آڪهه کي اهو آسرو.

 

تيتري

منهنجي آڪہ کي آسرو، اڳي ڪونه آهه،

تمام پيو تتر جو ڪ چَتُون ۾ ڪو چاهه،

جيڪي لوفر لوڪ جا، سڀ اچي گانڊو گڏ ٿيا،

اسين جهليو جهانگي جهنگ مان ڪئين ڪڙايون ٿا،

جا ڏنل ڏات ڏاڏاڻن جي، سا ڇڏيون ڇا جي لاءِ؟

اهي ٻولين جا ٻهڪا، تون جام ويٺو ڪر جُوين ۾.

 

تتر

آن جون جڏيون جهڙيون جُويون، تهڙا انڌا اوهين اَهير،

اڃا ماڻهو ملڪ ۾، ڪي سالڪ آهن سڌير،

اوهين گدڙ گٿا گسن کان، جي کريا آهن خنزير،

جي پٺيان لڳا پکين جي، سي ويندا سوڙهي گهٽي سير،

پَٽ تون پاڙ پِٽين جي، داتا دستگير !

سي ٿيندا دوزخ ۾ دلگير، ويا تري تحت ثريٰ جي.

 

تيتري

جي ويا تري تحت ثريٰ جي، کامي سي کَواس،

اڃا چوي اسان کي آهي، ڪا کِيَڻ سندي خاش [3]،

ڪريون جهاٽڪو جهٽ ۾، کائون مِني سندو ماس،

جي ٿا پوکون کائين پرايون، سي متان آهن مَواس،

رنون اسان جون رات منجهه، تن کي رڌيو ڪن راس،

ٻٽي ٻڙڪا ڏياريو، پوءِ لويو وجهن لاس،

اسان کي کاڌي ۾ کَٽو لڳي، پڻ پيو ڪريون پاس،

پوءِ نڪ ۾ سونگهيو ناس، ڪُڏيو اُٿون ڪوڙڪَن تي.

 

شاعر

ڪُتا، ڪُڪڙ، ڪُڙهيون، ڪوڙڪيون، اهي ٿا ڌِيَتا ڌڻ ڀائين،

ڏسيو ڪک ڪرن ۾، وڃيو ٿا بازيون بنائين،

هو جي گربهه اچن گس وٺيو، اچو پير اندر پائين،

انهن کي چَٽيون چتون جون، اتي ڪڙڪا ڪرائين،

پوءِ لوهون ڏين لين ۾، ٿا تنديا تڻائين،

تانسين ٽرو ٽُلڪي، ٽپري پُٺيان، انهن کي ڇهه مان ڇڏائين،

وڃيو نِپوٽين نهن سان، هڪ تهه نه تڳائين،

جي جر خرگوش ڀُڻا کائين، حيف انهن جي حال تي.

 

حيف انهن جي حال تي، انهن کي جئڻ ڪونه جڳاءِ،

مور مور ڪندي تن کي، ورهيه وهامي ويا،

ايڏيون خواريون خلق جون ٿا جٺيون سهن جڏا،

جي ڇنيو اچن ڇانگن مان، سي ويري ٿيا وڏا،

ٿيندا گُونهن گسن تي، تن موڳن جا مڏا،

هورين ٿين هڏا، جِني پِٽايو پکين کان.

 

جن پِٽايو پکين کان سي سڀ آهن ڪَڍڻ جي قريب،

اهي انڌا ٻڌيو آکاڙا، وڃيو ٿا گڏائين غريب،

ويهو ٿا ماڪُو ڏسن مُجرو، هو جنگيون ڪن ٿا جِيو،

سي اڻ هوندا آڌڙ ٿيا، ڪنهن هنين ڌڪ طبيب،

ٿيندي آزادگي عالم ۾، ايندو مشڪلڪشا مير،

پکي ڇٽندا پڃرن مان، عيدون ڪندا اَسير،

سنجهي ويو سَچ سِير، ٿي اَلوداعي اَسر جي.

 

ٿي اَلوداعي اَسر جي، آخر پڇاڙيءَ جو پُور،

تڏهن مرد موڪلائي هليو، هن تڙي ڪڍيو تُور،

جي ٿئي سڏ صلوات جو، ته پين سَنڌن ۾ سور،

جي ڍيٻڪ وڄي ڍنڍ ۾، ته وڃيو جهٽ پٽ ٿين جهُور،

اتي وهيو وڄائين وانرا، دِلا ۽ دَنبُور،

ڪڏهن اچي ويندا اهُڏ ۾، پوءِ گهر نه ڇڏيندن گهُور،

پوءِ ڏَس نه پوندن ڏُور، ته اهي ڪي آدمي اتي هئا.

 

ڦِٽي اُنهن جي ”فقير“ چئي، هاديءَ جي هٿا،

هاوي منجهه هڄي ويا، تن سوئرن جا سٿا،

هاڻي بخش بديون بدڪار کي، خالق سڀ خطا،

پرور تون پناهه ڏئين، منهنجا ڀائر جي ڀائٽيا،

ٻي جيڪا مومنن جي، مادر آهي ماءُ،

تنهن کي هادي هٿن سان، وڃي جنّت جاءِ ڏجا،

مومن ڪلمون ياد ڪجان، ته آجا ٿيون عيبن کان.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو شاعر ۽ ڪونڀٽ جو

]’ناري‘ جي پٽ ۾ هڪڙي شاعر جي نظر وڃي ’ڪونڀٽ‘ جي ٻوٽي تي پئي، جو وڻن ۽ ولين جي وچ ۾ بيٺو هو. شاعر کي حيرت لڳي ته ٿر جو ٻوٽو هن ملڪ ۾ ڪيئن آيو؟ سو ڪونڀٽ کان پڇائين ته: ٻيلي ڪونڀٽ ! تون احوال ڏي ته هن پرديس ۾ ڪيئن آئين ؟ متان ڏڪار جي ڏولائي کان سفر سنباهيو هوئي؟ ڪونڀٽ پهرين ته نٽائڻ لڳو پر آخر ٻڌائي ٿو ته: مائٽن کان ڪاوڙجي سنڌ ڏانهن رخ رکيم پر هڪڙو ته ٻٻرن جي وهه ۾ اچي ڦاٿو آهيان، ٻيو ته گهاٽيون وليون ويڙهي ويون اٿم، هاڻي چرڻ پرڻ کان سوگهو ٿي ويو آهيان. هاڻي وطن جي سڪ به ڏاڍو ستايو اٿم ۽ جيڏا سرتا به ياد ٿا اچنم. ائين چئي ڪونڀٽ پنهنجي وطن جي ساراهه ڪري ٿو. آخر ۾ شاعر، ناري جي وڻن کي منٿ ڪري ٿو ته: ويچاري ڪونڀٽ جي جند ڇڏيو جيئن وطن وڃي آسودو ٿئي.[


* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

. پانڌي پٽ مانهي آريسر ڳوٺ چارڪي، تعلقي ٽنڊي الهيار جو رهاڪو آهي. اٽڪل 1314هه/1896ع ڌاري ڄائو. قرآن شريف ۽ پارسيءَ جو چڱو ڄاڻو آهي. ٻار پڙهائڻ ۽ حڪمت جو ڌنڌو ڪندو آهي. سندس ڪلام مان مداحون، مناجاتون، مولود ۽ ڪافيون وغيره مشهور آهن.

[1] . پيناگن = پيناڪن، پنڻن.

* .هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

. مولوي الهرکيو پٽ غلام محمد اوٺو، ڳوٺ ستي ڏهر تعلقي ننگرپارڪر جو ويٺل آهي. سندس ڄمڻ جو سال اٽڪل روءِ 1905ع/1323هه آهي. مولوي صاحب کي پنهنجو مدرسو آهي جنهن ۾ تعليم ڏيندو آهي، ان کان سواءِ طبابت به ڪندو آهي. سندس ڪلام ڪافي چيل آهي.

[2] . لقو لڳائڻ = منافقي وجهڻ.

* . هن مناظري جر روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مقبول احمد بلوچ کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 129.

[3] . خاش = خواهش.

* . هن مناظري جي روايت ٿر (تعلقي مٺي) مان رائچند هريجن کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org