سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :35

صاحب

ساراهيان سچو ڌڻي، جو مالڪ آهي مختيار،

مرسل مدني ڄام آ، سيّد سچو سردار،

بگا ! مهل بار جي، توکي ڪڻڪڻ ناهي ڪار،

رک چڱائي چِت ۾، اُٺ ! اصيلپ ڌار،

ڪڍ بڇڙائي بدن مان، ٿي بگا ! نه بيڪار،

چاريم توکي چاهه مان، تِر ’سيريءَ‘ جو تار،

نه توکي ڏاوَڻ ڏڦير جهلي، نه مَرڪڻ منجهه مهار،

اٿئي گَهُه گوڏي ٻڌڻ جو، ٻي پيٽ سندي پچار،

ڏيندوسانءِ چپيٽ چِمر جي، هڻي هڏتَريون هزار،

نه ته سودي ڇڏيندوسانءِ ”صاحب“ چئي، پوءِ ياد ڪندين پيو يار !

ٻيلي ! هاڻ ٻيهار، ڪڇڻو آهي ڪينڪي.

 

اُٺ

بيحد ڳالهه بگي جي، تون باري ٻڌ بيان:

’ساکي‘ منهنجو سعيو ڪيو، خوشيءَ منجهان خان،

ڪاهي هليم قطار سان، ڪري ساڳي جو سربان،

لَڏڻ ڪارڻ لاڙ ڏي، بڻجي جت جوان،

بيحد وڌائون بار، ٻيو بُکن ڪيس بيمان،

نه ڪو پلاڻ وڌائون پٺيءَ تي، نه ڪي ڌريائون ڌيان،

چُٽا پئجي ويا پٺيءَ ۾، ڪِيڙن جا ڪرمان،

چُهٽي مون کي چچڙ ويا، ٻي جلي ويئي جان،

آيم مهل مرڻ جي، هوس حياتي لئي حيران،

سچي ڳالهه ”صاحب“ توسان، ڪوڙي ڪيم ڪانه،

تيلهه جثو ۽ جان، ڏڪي ٿو ڏکن کان.

 

صاحب

چئي: بگا ! بيهودائي جا، خاصا ناهن خيال،

رک چڱائي چت ۾، اُچا ڪر افعال،

نه ته سودي ڇڏيندوسانءِ ”صاحب“ چئي، ٿيندءِ برا حال،

جَت پٽيندءِ جان کي، ضربئون ڏيئي زوال،

اهڙا ڪندءِ حال، جهڙا ’عبدالله‘ ڪيا هيئي اڳ ۾.

 

اُٺ

صاحب ! منهنجي سور جي، تون ٻيلي ٻڌ خبر،

آيس ليلائيندو لاڙ کان، گهمندو جڏهن گهر،

لڳي سخت سانوڻي، ورتا ماڻهن ڏاند ڏڱر،

ڪنهن ڏڦير اچي ڏس ڏنن، ته اُٺ وهايو هَر،

مچي ’محمد علي‘ بيٺو، ٻُڌي خان خبر،

تنهن سعيو ڪيو سيگهه مؤن، ڪري سامان سڄر،

قوّت سان ڪاهي هليو، ٻج ڪڍي ٻاهر.

مون ڀي من ۾ مصلحت ڪئي، ته ڪر ڪو مرد مڪر،

نه ته بگا تنهنجو بڻ ڪڍندا، توکي تڙي وجهندا تَر.

هنن هَر ٻڌي هُونگر ڪئي، ڪري الله توهر،

ڪيم گَهُه، گوهيءَ سان، پيس پاسي ڀر،

پيٽ کوڙي پئجي رهيس، ڪري ڇَند ڇَهر،

وڌا ’محمد علي‘ موچڙا، ڌُڪن جا ڌمچر،

اُٿڻ عيب اسان جو، هِن هنڌان هينئر،

ڪپي وجهه ڪُتن کي، توڙي ڪُٽي ڪرين قبر،

اوڙ نه ڏيان اڳتي، توڙي ڪيئين حيلا هُنر.

پئي مهر ’محمد علي‘ کي، ڇوڙيئين هوري هوري هر،

ڏٻرائي کان ڏوڌي وڌئين، ته موچارو ٿئي مَرُ،

ڏاهي جو ڏس وٺي، ٻڌائين ٻاهر،

تپائي ڪِل ڪياڙيءَ ۾، ڏنئين زور زبر،

ٻي چپيٽ ڏنائين چُت تي، جنهن جا ڏس اڃا انگ اکر،

سچي ڳالهه ”صاحب“، توسان ڪيم حال هينئر،

مار نه بک بگي کي، سانڀي ساڄو ڪر،

موليٰ توکي مهر مان، پُٽ ڏيندو پرور،

محمّد ڏينهن محشر، توکي پيغمبر پنهنجو ڪندو.

 

صاحب

توکي چاري چاهه مان، سوکو ڪيم سر پُور،

خيال ڏيکارين ٿو خوديءَ جا، مستيءَ ۾ مغرور،

تنهنجي ڀر منجهان ٿو ڀؤ ٿئي، تون چرين وانگر چور،

ٻَڙ ٻَڙ تنهنجي ٻَڙڪڻ جي، جي ڏاچيون ڏسين ٿو ڏور،

نه توکي هڪل سان هيبت ٿئي، نه ضربن جو ضرور،

مارڻ سان پڻ مور، توکي سمجهه نه پئي ”صاحب“ چئي.

 

اُٺ

نه ڪر ڀؤ بگي مان، تون چڱيءَ طرح چار،

ايندءِ پٺاڻ پري جا خاصا خريدار،

ڪندا پاس پڙيءَ ۾، درس ڪري ديدار،

ٽي سؤ ته ٽياڪر چوندا، ڪندا پهه پچار،

پيسا ڏيندءِ پلؤ ۾، ڳڻي ڪُل ڪلدار،

آهيان تنهنجي اختيار، اڳتي کٽن ڀاڳ بگي جا.

 

صاحب

پٺاڻن جي پڙيءَ تائين، توکي بگا ! نه اچي بس،

پئي اٿئي مستي من ۾، چَرڻ پِيڻ جي چس،

مور نه سمجهين مار مان، رکين زور حرص،

توکي ساڄو ڪيم ”صاحب“ چئي، جڳ چويم ٿو جس،

هاڻي ڏيهه ڏيئي ٿو ڏس، ته بيهار ڪين بگي کي.

 

اُٺ

جي بيهارين نٿو بگي کي، ته به ڪجان منهنجي ٽَل،

سودو ڪجان نه ’ڪِرڙُوءَ‘ سان، جو کرڙي ڇڏيندم کَلِ،

بس نه ڪندو بيهڻ کؤن، ڪندو گهُمرن جي گهَلَ،

پُٺي پٽيندو مون سندي، ڏئي چڙهاڪن جي چَل،

رحم نه آهي ’رستماڻي‘ کي، پاپي آهي پِٽيل،

’جمعو‘ مُڪو اَٿس جاچ تي، آيو اَرڙ ٻَڌي اٽڪل،

ٻاهر ڪڍي ’ٻڍي‘ کي، ٿو ڏئي دلاسا دل،

’ولڻ’ سمجهي وقوف سان، جهٽ پٽ ڪيس جهَل،

ڪجانءِ نه سودو ڪَنهڙ تي، مَيو اَٿئي مرضيل،

موليٰ بچايو مٿي ڪُوڙيي کان، قادر ڪئي ڪهل،

ڦِري آيو ’ڦلواڻين‘ ۾، جتي ’فيضو‘ ٻڌا ڦَڪل،

ڪڇ، ڪوڙيون، ڪياڙي ڏسي، ڏٺئين ٽور ٽَهل،

چيلهه، چُتَڙ، چَڏا ڏسي، ڏٺئين کُچن جا خلل،

سؤدو ڪنداسون صبح جو، ترت ڪري توڪّل،

منهنجو ساهه سڪي ويو وڃي ’قنبراڻين‘ کان ڪَل،

هڻن هَڏتريون حساب جون، مستن جان آهن مَل،

ونگي واهه تَري ۾، ڳاٽو وجهندا ڳَل،

هڻندا گَزيون غضب جون، رنڊڪون رَيفل،

ڳالهه انهن جي ڳوٺن ۾، پوي هُوڪ هڪل،

ڏي خريدي خان کي، هو پاس اٿئي ’پريل‘،

ٻولي ڪر نه ’ٻروچ‘ سان، ڪندءِ دريافت دل،

ڪنواٽ ڏيندءِ ڪثرائتو، ٻي اُتر جي به اُٽَل،

جام چران جاگير ۾، جت جان ڇڏيندم جَل،

”صاحب“ شل سهنجو هوندين، عمر تائين اصل،

پرور توکي پٽ ڏيندو بهاءُالدين بخشيل،

مير مٺي مرسل، تنهنجا آگي عرض اگهائيا.

 

پورو ڪريون ٿا پِرت مان، بگي جو ته بيان،

دعائون ڪري ٿو دل سان، هرهر هو حيوان،

پرور شل پُٽ ڏئي، راضي ٿئي رحمان،

بَخشيل ڀاڱا خير جا، ڌرئون ڏيندو ڏان،

ٻُڌندو صدا “صاحب“ جي، ڪندو اَوکيون سڀ آسان،

ماڙ ڪندو سو مصطفيٰ، ضعيفن جو ته ضمان،

محمّد ڏينهن محشر جي، خبر رکندم خان،

جيڪي ڪلمون چون زبان، سي جاري ٿيندا جنّت ۾.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو چَنيين ۽ اُٺ جو

(چيل مولوي الهرکئي جو )

]الهرکئي وٽ هڪڙو ڪاڻو اُٺ هو، جو سندس هاري ”چنيون“ وهائيندو هو، هڪڙي ڏينهن الهرکيو ڏسي ته اُٺ گهر وٽ بيٺو آهي، نڪا اٿس ناڪيلي ۽ نه ڪا مهار، ان تي عجب ۾ پئجي اٺ کان سبب پڇي ٿو ته: اڄ ڪم تي ڇو نه ويو آهين؟ تنهن تي اُٺ، چنين جي مارڻ ۽ ٻين کاڌي جي تڪلين بابت الهرکئي کي ٻڌائي ٿو. مڄاڻ اتي چنيون به اچي پهتو جنهن الزامن جو جواب ڏيندي ٻڌايو ته: ٻيا هاري جڏهن توکان ڪم وٺن ٿا، بار کڻائين ٿا تڏهن ته ڏاڍو خوش ڏسبو آهين، پر مون سان هلر ۾ وهندي توکي ٻرو چڙهيو وڃي. توکي هيترو کارايان پياريان پوءِ به ڪالهه ’لاٽي‘ ڀڃي آيو آهين ! ورنديءَ ۾ اُٺ چويس ٿو: آءٌ به ڪيترن ئي هارين وٽ وهيو آهيان پر تو جهڙو ظالم ڪٿي ڪونه ڏٺم. مون کي هلر وغيره ۾ وهڻ کان ڪوبه انڪار ڪونهي، پر ڪالهه هڪڙو ڏينهن تتل، ٻيو هلر جي هائي، مٿان وري ’جانيءَ‘ منهنجي ڦر تي پاهوڙيءَ جو ڌڪ هڻي ڪڍيو. ان ايذاءِ ۽ اوهان جي بي انصافيءَ کان برابر لاٽي ڀڃي آيو هئس، مون کي ڏوهه ڏيڻ بدران اوهين پاڻ کي ڏسو. آخر ۾ اُٺ ۽ چنيون هڪٻئي کي پرچائين ٿا.[

الهرکيو

الهرکئي اُٺ کي ڏسي، ويٺي ڪيو ويچار،

ته نه ڪا ناڪيلي نڪ ۾، نه ڪا مولهي کي مهار:

ڏي خاصي خبرچار، توکي ڪاڻا ڪوهه ٿيو؟

 

اُٺ

ڪاڻو ٿو ڳالهه ڪري، سموري هيءَ ساري:

ته ننڍي هوندي نار ڪاهيم، هئس هُرلَن تي هاري،

جت وهائيندا هئا جوڳ ۾، چارئي پهر چاري،

رجائيندو هوس رات ۾، ٻني سڄي ساري،

جت پوندي هئي پهري، پر ڪاڻي ڪَٿايو ڪونه ڪو.

 

ڪاڻي کي قسمت کڻي، اوهان وٽ آندو،

تون ماٺ ڪيو مسيت ۾، ويٺو آهين واندو،

ڪاڻي کي ڪونه ٿئي، ڪُتر جي ڇٻيءَ مان ڇاندو،

پوءِ هن گهڻو ماندو، چَپُوءَ جو چاري لاءِ.

 

الهرکيو

چَپُو ! توکي چارو ! تون ته جهجهو جام چَرِين،

ايندن ويندن اٺن تي، تڏهن ٿو گُڙين،

هينئر ٻئي آيا اٿئي ٻنيءَ تان، وري گهران به ٿو گهُرين،

پوءِ ڪاڻا ! ڪيئن ڦِرين، جو تو کي ناڪيلي ناهه نڪ ۾؟

 

اُٺ

ناڪيلي جا نڪ جي، سڻ تنهن جي ڳالهه ساري،

متان بيهارين ’مُبيناڻي‘ کي، هيل تون هاري،

چوان ٿو ته هي ’چَنيُون‘، منهنجو آهي ماري،

مون عمر ساري اوٺن سان، گڏ آهي گهاري،

پر ڪونه ڏٺو مون ڪڏهن، ههڙو هِراري،

رحم رقت ان اصل ڌُريان نه ڌاري،

گوڏا ٻڌي ’گڻتيٖ‘ [1] ۾، چار نه اُن چاري،

اها خلاصي خبر ساري، سچي پڇ ’شڪُور‘ کان.

 

چنيوُن

’شڪور‘ ڪهڙي سچي ڪندو، تو ڀڳي لاٽي ڀَلين،

هيترا ڏينهن ’هارون‘ ڀڻي، کنڀئي ۽ کَلين،

ٻه مڻ ٻيلاسو ’حيات‘ سان، ’واريءَ تڙ‘ تي هَلين،

مون ته اڌ مڻ اَٽي جو، ڀِرڻي ۾ ٻَڌو ڀَلين،

ڪاڙهي تتي ’ڪرنور‘ وٽ، ’خانوڙي‘ کَلين،

۽ ’مريد‘ مهندان چڙهيو، جانڀوٽا جهلين،

نٿو هَلَر ۾ هلين، هُت مارڻ اچين مون کي.

 

اُٺ

هُتي جي هَلَر جي، مون کي ڪاڻ نه هئي ڪائي،

هڪ ڪاڙهو تتو قيام جهڙو، ٻي هَلَر جي هائي،

’جاني’ مون کي جا، ڦري هُئي ڦَر تي ڦهڪائي،

تڏهن چڪ پاتم ”چنيين“ کي، وڌم خارن ۾ کائي،

ٻنهي منهنجو ٻوٿ ٻڌي، وڌي لٺين جي لائي،

تڏهن لاٽِي پهرئين لاهه سان، مون ٽپي ٽوڙائي،

پوءِ تن سِهلي سٽڪائي، ماري مون مسڪين کي.

 

چنيُون

مارَ تو مسڪين کي، ڪانه ملي آهي ڪائي،

ڪاڻا ! تو ڪوڙ جو، هيڪاندي هائي،

ان افعالن اک وڃايئي، ڏسڻ کان ڏائي،

چارو تو سڀ چٽ ڪيو هو، کري ۾ کائي،

بُکَ جي توکي ’بهاؤالدين‘ ڏني، لولي آهي لائي،

’لغت الله علي الڪاذين‘ اها تو پِٽ پرائي،

هاڻي وحدت جي وائي، ڪاڻا ! رک تون قلب ۾.

 

اُٺ

ڪاڻي جي قلب ۾، چوکيون ڳالهيون چار،

پنج فرض پَرور جا، پورا سڀئي پار،

روزا جي رمضان جا، سي ٽيهئي ڪم ٽار،

سُنَتُون جي سيّد جون، سي پڻ سڀ سنڀار،

هڻي هوڏ حيوان کي، مُنهن ٻڌي مَ مار،

پوءِ جا ڪَيئِي مون سان ڪار، سا مڙئي توکي معاف ڪيم.

 

چنيُون

مڙيئي توکي معاف ڪيم، پرتاسون اڄ پاڻ،

خوشي پَوَنَئِي هَل کيٽ ڏانهن، تڪڙو مون کي تاڻ،

اچ ته هلي اَڪن واري ٻني، پوکي اچون پاڻ،

پوءِ ڪاڻي ڪلمي ساڻ، ورتي راهه رسول جي.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو الهرکئي ۽ گهوڙي جو

(چيل مولوي الهرکئي جو )

]هن مناظري ۾ شاعر الهرکئي کي ڪنهن پاسي وڃڻو هو، تنهنڪري ’محمد عارف پلي‘ کيس ڪميت گهوڙو سنجي آڻي ڏنو. گهوڙي تي، مولوي صاحب چڙهي هليو پر واٽ تي گهه ڪري بيهي رهيو، جيئن لڪڻ لڳنس تيئن پستيون هڻي ۽ پوئين پير موٽي. آخر گوڏا کوڙي ويهي رهيو. مولوي صاحب جو ارادو اڃا اڳتي هلڻ جو هو پر گهوڙي جو اهو حال ڏسي کانئس ان جو سبب پڇائين. تنهن تي گهوڙو کيس ٻڌائي ٿو ته: محمد عارف مون تي ڏاڍو ظلم ٿو ڪري، پاڻ ته ماري پر ٻين کان به ٿو مارائي. ڪڏهن ڏسو ته هاليپوٽا ڪاهيو وڃنم، ته ڪڏهن آبدارن وٽ ڳهان. هاڻي منهنجو ڪو داد فرياد ڪر. مولوي صاحب ٻڌايس ته آءٌ تنهنجو داد ڪهڙو ڪندس، جڏهن تنهنجائي افعال بڇڙا آهن. تنهن تي گهوڙي به ڪاوڙجي چيس ته سچ چيو اٿن ته: ”جهڙا روح تهڙا ختما“، تون به ريا ڪري پنهنجن جو طرف وٺي ٻين تي اجائي آڪڙ ٿو ڪرين. ائين چئي مولوي کي کڻي آڻي ڳوٺ جي مسيت ۾ ڇڏيائين.[

الهرکيو

’محمد عارف‘ مون لئي آيو، ڪميت گهوڙو ڪاهي،

وجهي سنج ’صافي‘ لئي، آيو ’ساڪر‘ سنباهي،

کلي کيڪارون ڪري، هني هٿڙا لائي،

واکاڻ ڪري وهٽ جي، ته اوريان بيٺو آهي،

ٿو پلڪ ۾ پهچائي، جو واقف آهي واٽ جو.

 

واقف آهي واٽ جو، سو ’مينگهواڙ‘ هلي مَر،

هتان هلي وڃي، وٺ بند جي ڀر،

مهندان مسجد وٽان، واٽ کِيندِي وَر،

اُتان پوءِ اُتر، هليو وڃج ’هوندي‘ مان.

 

’محمد عارف‘ مون لاءِ، آيو ٽپالي ٽوري،

پروڙيم ڪونه ’پليءَ‘ مان، ڪا ٻيڙي ٿو ٻوڙي،

ڪشيان ڪام ڪميت کي، ته اُتي پير کوڙي،

پير کوڙيو پست هڻندو، اچي پيو اوري،

ٿاٻا کاڌائين ’ٿريءَ‘ سان، جٺ به ڪيئن جوڙي،

گوڏا کوڙيائين گپ ۾، ’عالم‘ کان اوري،

هاڻي مُڇ موڙي، ڪاهي وڃانس ’ڪرنا‘ تي.

 

گهوڙو

ڪاهيو وڃين ’ڪرنا‘ تي، مون سان ظلم آهي زاري،

’محمد عارف‘ مون تي، آهي اَڻهي اَتياري،

قبول ’ڦوٽي‘ ڪُٽي ڪُٽي، منهنجي مئي آهي ماري،

چندي چاري ڪانه ڪا، نه ڪي ڏئي ٿو ناڙي،

’دادن‘ منهنجو داد نه ڪري، اَڙيس عمر ساري،

ڪڏهن هڻيو وڃن ’هاليپوٽا‘، ڪڏهن آبداري،

ڪڏهن واڳيون وڃن ’واگهوريا‘، وري ’راڄڙ‘ راهداري،

ڪونه نيو ڪنهن اوٺي، عمر ۾ هڪواري،

اڄ اٿم آهه زاري، داد ڪر ڪو مون درويش جو.

 

الهرکيو

داد تو درويش کي، آءٌ ڪهڙو ڏيان ڪري !

پناهگير پاڻ ٿين، پسڻ کان پري،

هِت ڪُڇن رڳو ڪنڌ مان، اچن ’نارائي‘ ۾ نرين،

پوءِ جي ٿيا منجهه ٿَرين، تن جو زور نه هلي زميندار سان.

 

گهوڙو

زور ته زميندارن سان، ٿيو بيشڪ هلي بندا !

چئبو حق هر ڪنهن کي، پوءِ ڇا ڪندا ؟

منهن تي مُکان ٻولڻ، نه آهي ڪنهن جي ندا،

غريب ! غضب کان ڇٽندئو، اوهين عزتوندا،

ظاهري زور تي ٿيندا زدا، ورندو ڪونه واءُ وکوڙڻ مان.

 

پر زور زميندار سان، تون کڻي حقيقي هلاءِ،

مون کي هن مينگهواڙ سان، رڳو ڪيم رلاءِ،

هڻي جوٽ ’جوڳوءَ‘ کي، ’ساڪر‘ کي سمجهاءِ،

ته وڙهي نه واٽ تي، نڪي ڊيڍ ڊُڪاءِ،

’پلين‘ کي پهچاءِ، سهوليت سان ’صافي‘ تي.

 

الهرکيو

سهوليت صافي تي وڃڻ جي، ڪانه ڏئين ڪائي،

سارو ڏينهن تو سُور ڏنا، وک نه وڌائي،

چئن ڪوهن جي چوٽ تي، تو تِرڪي تپائي،

ان دستور دُنب تي، مون ڪشي ڪاهه وهائي،

تو پاهون ٿي پستين جي، ڪئي هيڪاندي هائي،

گانڊو ! انهيءَ گَهَه جي، توکي عادت ڪٿان آئي؟

مون مسافر سان واٽ ۾، ڪانه اٿئي رهائي،

هاڻي ڇڏ گدلائي، تون گهوڙا ! وڃ گهرن کي.

 

گهوڙو

گهوڙا ! گهر ڪيئن وڃان، اڳيان سور به ٿا سجهن،

هو ’پلي‘ آهن پنهنجيءَ ۾، ٻي ڪانه ٻجهن،

مون جهڙي مسڪين تي، قياس ئي ڪونه ڪن،

هاڻي ٻيون وجهي ٻَن، ڪر ڪو ترت تدارڪ منهنجو.

 

الهرکيو

ترت تدارڪ تنهنجو، آءٌ ڪري ڪريان ڪهڙو؟

ماڻهومانُ ڪنہ شيءَ کي ڏيندا، تون آهين افعالن اهڙو،

مون ويندل واٽهڙوءَ سان، تو جهٽ پٽيو جهيڙو،

هينئر ڇڏ کڻي ڇيڙو، قدر اٿئي ڪونه ڪو.

 

گهوڙو

اڄ قدر ڪنهن کي ڪونه ڪو، سڻ سوال منهنجو سائين !

پنهنجا ڇڏيو پراون تي، ٿا آڪڙ ڪريو آئين،

”جهڙا روح تهڙا ختما“ چٽو چيائين.

بس هلي هتائين، تون مُلان ! گهِڙ مسيت ۾.

 

مناظرو مهتي ۽ مڪڙي گهوڙي جو

(چيل علي بخش جو)

]هن مناظري ۾، ’نائونمل‘ نالي هڪڙو مهتو، مڪڙي گهوڙي تي چڙهي پنهنجي هٽ لاءِ وکر وٺي موٽيو ٿي ته واٽ تي گهوڙي گهه ڪري کڻي پٽ تي هنيس. تيل جا ٽين ڀڄي پيا، مرچون زيان ٿيون ۽ مهتي کي به چڱو ڌڪ لڳو. اٿندي سان ئي مهتو چويس ٿو ته: گهوڙا ! تو نه رڳو منهنجو نقصان ڪيو آهي پر منهنجا هڏ گُڏ به ڀڃي وڌا اٿئي، هاڻي ضرور وڪڻندوسانءِ. جواب ۾ گهوڙي چيس: اڙي بي ايمان ! هڪڙو بکون ڏين، ٻيو وري وڪڻڻ جا دڙڪا ٿو ڏين ! ائن ڪندي مٿان ڪي ’شر‘ اچي وڃن ٿا، جي سيٺ جا گفتا ٻڌي گهوڙي جي ملهه ڪرڻ جو چونس ٿا. مهتو، ملهه جي مقرريءَ لاءِ ’صالح‘ کي امين واري ٿو. صالح جيسين ڪڇي ئي ڪڇي تنهن کان اڳ گهوڙي ’شرن‘ کي پنهنجا پار ڏسيا ته: پل جي پنڌ تي رات وجهو ڇڏيان ۽ رستي تي گهه ڪري ويهي رهڻ منهنجي عادت آهي. ’شر‘ گهوڙي جي واتان اهي لفظ ٻڌي خريداريءَ کان توبهه ڪري هليا وڃن ٿا، پوءِ اچي گهوڙي تي ڪاوڙيو ۽ گهڻوئي گهٽ وڌ ڳالهايائينس. گهوڙي به مهتي جي خوب لاک لاٿي، آخر ۾ گهوڙو، راڄ وارن جي سمجهائڻ تي ماٺ ڪري ٿو.[

تمهيد

مڪڙو گهوڙو مهتي جو، ٿو هلي هزارو،

گهوٽ سنڀريو گهور تي، هو مهتو موچارو،

رکيائين سنج سُرخي تي، ڪري آڪڙ اُمارو،

بور اُٿي ٽور هليو، جنهن جو پري پَسارو،

گَهَه ڪيائين گس تي، چڱو ڏسي چارو،

واڪي هنيائين واڻئي کي، ور ڪڍي وارو،

ڪِريو اچي ڪنڌ ڀر، هو واڻيو ويچارو،

هڪڙا ڀڳس ٽِينَ تيل جا، ٻيو ٿيو مرچن سان مارو،

سيٺ پنهنجي سور ۾، ڪڙهي ٿيو ڪارو،

پوءِ چِٽو اُتي چپن سان، هنيو ”نائونمل“ نعرو،

مڪڙا ! اَٿئي مُنهن ڪارو، آءٌ ويڪُو ڪندوسئين واٽ تي.

 

گهوڙو

ويڪُو ڪرين ٿو واٽ تي، بکون ڏيئي بي دين،

 ڪانا مون کي قُوت لاءِ، تو ڪڏهن ڏنا هئا ڪين،

آءٌ ڀريان پيٽ پنهنجو، ڇُڙيوِ ٿو زمين،

اڃا انهيءَ هُل ۾، گهڙي گذرين ڪين،

تانسين آيا اوچتا، ’شر‘ مٿان شوقين،

سونجهيو سي ’سرخي‘ کي، جوان بيٺا جاچين،

ڪر مناسب مُلهه تون، جو مهتا ! آهيون مسڪين،

تڏهن سيٺ چيو ’صالح‘ کي، ڪر عدالت ٿي اَمين،

اٽڪل موجب اَٺ لهي، ته تون چوڏهن کڻي چَوين،

ڪر اٽڪل ٿي امين، اهو مڪڙو ٽار مون مٿان.

 

گهورو

تڏهن مڪڙي چيو منهن مٿي ڪري، ته واڻيا ! بند ڪر وات،

چاپلوسي ڪرين ٿو چورن جئن، تون ڪريو چپ چپات،

دغا واري دل مان، تون تڙي ڪڍي ڇڏ تات،

مُلوڪن اڳيان ميدان ٿي، ڪر مِٺي چِٽي بات،

آءٌ پارن مان آهيان پڌرو، تون مهتا ! ڪر نه مات،

جتي پنڌ هڪڙي پل جو، اتي وجهيو ڇڏيان رات،

گهَه ڪريان ٿو گَس تي، مون کي ڏاتر ڏني آهي ڏات،

آهي اهڙي منهنجي ذات، ڪو ڪاهي ته ڪَرَ لهي.

 

مهتو

ٻُڌي باتِ بورَ جي، ڪيا ’شَرن‘ پويان پير،

وٺي راهه روانا ٿيا، مِڙئي مرد مٿير،

’صالح‘ پڻ سري هليو، ’جانو‘ ۽ ’جُبير‘،

تِل نه ترسي سگهيا، ويا ورنہ انهيءَ وير،

ڏسي بازي بدلبي، وڃي سيٺ کنيو سير،

هنيائين مڪڙي کي مٿي ۾، پختا ڪري پير،

پر گُسي ويو گهاءُ سو، ٿيو شرمندو شير،

پوءِ ڏنيون گاريون گهوڙي کي، بيهي دانهه گهڻي دير،

هاڻي پَلي ڪيهر کي ڪير، جو مهتو پيو مرچ چونڊي.

 

گهوڙو

ڏسي مرچ چونڊيندي مهتي کي، مڪڙي ڪئي مانڊاڻ،

چيائين چٽو چپن سان، ڪري وات وَراڻ:

منهنجي محبت مڪڙين سان، آءٌ سونهان سُرخين ساڻ،

آهيان اولاد دلدل جو، تکي ڪريان ٿو تاڻ،

هلي ڪانه مون اڳيان، ڪنهن جي ٽيڙي ٽاڻ،

تڏهن خَچرن، اُٺن کان آهن، ٻيڻا منهنجا ٻاڻ،

رهن صاف سٿرا اسان جا، هر ڪنهن ويل وٿاڻ،

تو جهڙا کنيو پاهوڙيون، ٿا ٻهارين منهنجا ٺاڻ،

جي بدلجي بيهي رهان، ته ماريان لَتُن ساڻ،

پر قابو آهن قسم جا، ويڙهيل مون کي واڻ،

آهيان الله جي اَماڻ، تون ڪر نه مستي مون اڳيان.

 

مهتو

مستيءَ جو مون کي نه چئو،  مڪڙا ! ڏيئي موڙا.

نصيحت ’نائونمل‘ جي، تون ٻڌين نٿو ٻوڙا،

ڪهڙا توکي ڪانَ هڻي مون، ڦٽيل ! ڏنا آهن ڦوڙا،

جو بيفائدو بَڪُ ڪري وهائين ٿو ڳوڙها،

هاڻ ڇڏ وڏائي وات جي، پاپي، پِٽيل پوڙها !

نه ته هڻندو سئين لتون لوڻن تي، ٻيو ڪٽيندس ڪوڙا،

کڻي سونٽو سَرن جو آءٌ، ڏيندوسئين چٽي تي چوڙا،

وسري ويندءِ ويرم ۾، آهي کيٽي جا کوڙا،

آهن دانگيءَ جا دوڙا، مڪڙا ! تنهنجي منهن تي.

 

گهوڙو

اڙي مهتا ! منهنجي منهن تي، ٿو ڪنو ٻولين ڪوهه؟

مون ڪهري توکي تڪليف ڏني ۽ ڪهڙي رلايم روهه؟

سٽيندي سفر ۾، توسان ڪهڙو ڪيم ڊوهه؟

هليس هميشہ همٿ سان، کڻي لڱن تي لوهه،

بکيو اُڃيو برن ۾، مون ڪيئي ڪيا ڪوهه،

تو جيڪي ڪيون تعديون، اوکيون، اهنج اندوهه،

اهي جيڪر بيان ڪريان، ته پاڻهين پتو پوءِ،

اڙي مهتا ! توکي موهه، اکين هوندي کڻي انڌو ڪيو.

 

مهتو

چئي: پار اَنڌن جا تو ۾، مون کي چئين ٿو ڪيئن؟

سچ ۽ انصاف سان، ’نائونمل‘ جو نِينهن،

تون ٻُڌ پار پنهنجا، هَنيل ! هينئر هيئن،

توتي سنج رکان صبح جو، ته اُڀارين ڏهن وکن تي ڏينهن،

منزل مُني ڪوهه جي، تون وِچڙين وچينءَ سينئن،

جڏهن کڻيو بُٺ بانٺن جو، ٿو اُٿل ڪريانءِ اِيئن،

اُڇلون ڏيانءِ اَلياڻ کي، ٻيو تلهڙ هڻانءِ ٿو تِئين،

پوءِ جکيو تون جيئن تيئن، ٿو هليو رسائين هٽ تي.

 

گهوڙو

هنيل ! تنهنجي هَٽ جو، ٿو ذڪر ڪرين ڪهڙو؟

تون پِٽيل آهين پڌرو، حرامي ههڙو تِهڙو،

ڦرين ٻار ٻروچن جا، کڻيو پاٽي ۽ پَهنڙو،

تون جاهل آهين جهڙو، تهڙو ڪندوسئين ڪچهريءَ ۾.

 

مهتو

دانهون ڪرين ٿو ديوَن جان، رمزن ساڻ رڙهيو،

جي چوانءِ ٿو چڱائيءَ جو، ته پوين ٿو چڙيو،

مڪڙ ! تون مستيون ڪري، پوين واڻيي سان وڙهيو،

تون آهين کڙکڙيو، جو ڌڪا ڏين ٿو ڌڻين کي.

 

گهوڙو

ڌڪا ڪهڙا ڌڻيءَ کي، مون آهن ڏوراپا ڏنا،

ڏينهن گهاريان پيو ڏکن ۾، کاڌي کان بِنا،

تڏهن به تنهنجئي تُوئي تُوئي، تِنا ۽ مِنا،

ڪئين مڪڙا ماريئي مون جهڙا، ڪري ڇورا ۽ ڇنا،

ڏاڻيٖ ڇڏيئي ڏهرن ۾، پئي چَپَ چٽيو چِنا،

وهٽ سڀني ولايتن جا، آهن ڊاءَ تنهنجي ڊِنا،

تون ڪِرڪِر ڇڏ ڪِنا، نه ته پول ڪندوسئين پڌرا.

 

پول ڪندوسئين پڌرا، آءٌ ويٺو آهيان سڙِيو،

مون تان بوجو لاهه بصر جو، کولُو ! لاهه کڙيو،

مران ٿو ناسُور کان، تون آهين چٽي تي چڙهيو،

آءٌ بيهي نه سگهان بک کان، تون آهين سواريءَ لاءِ سڙيو،

انهن اهڃاڻن ”علي بخش“ چئي، اچي گهوڙي گهاٽ گهڙيو،

اچي خلق سوڙهي ٿي، متو ڌُمَ ڌُڙيو،

سڀني کي سِرَ جي لڳي، ته ڪيئن ڇڏائجي اَڙيو؟

پوءِ هُن ڪلمون پاڪ پڙهيو، تڏهن واڻيو ڇٽو وهٽ کان.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو اميد علي ۽ ڍڳي جو

(چيل اُميد علي لغاري جو )

]هن مناظري ۾ هڪڙو هاري پنهنجي ڍڳي کي چئي ٿو ته: بگا ! تنهنجي هرلي ۾ وهڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن، هاڻي سڄو سال ائين وهج جو سڀئي واهه واهه ڪن. کاڌو جيڪو گهرندين سو ملندئي. پر ڍڳو هرلي ۾ وهڻ کان صفا انڪار ٿو ڪري. چئي ٿو ته: تو جهڙو بيرحم هاري مون عمر ڪونه ڏٺو، مون کي بانٺن سان اچيو وٺين، پاڻ ٿڪجين ته وري ٻين کان ڪٽائين ۽ نه وري کاڌي لاءِ ڪو سٺو چارو ڏين، تنهنڪري تون ڀلي مون کي ماري وجهه پر آءٌ هرلي ۾ مور نه وهندس. هاري پهريائين ته گهڻيئي دڙڪا دهمان رکيا، پر جڏهين ڏٺائين ته بگو صفا پڙ ڪڍي بيهي رهيو آهي، تڏهين مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ٻڌائي منٿون ڪيائينس، پر ڍڳي جي نهه کي نو ڪوٽ. پڇاڙي سوڌو هرلي ۾ وهڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيائين.[


* . هن مناظري جر روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 454.

[1] . گڻتو = تعلقي ڇاڇري ۾ ڳوٺ.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 454.

* . هن مناظري جي روايت ضلعي ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ کان ملي.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 144.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org