خيال، خوديءَ جو لڳو آهي جهيڙو،
ڪير پروڙي ڪير، ميان !
خيال چوي: خوش ڇو ٿو گذارين؟
ڪونهي خوشيءَ ۾ خير، ميان !
خودي چوي: ڪو خوف نه آهي،
غم ڪنهين جو غير، ميان !
خيال چوي: ڀڃ طرح ڪنهين سان،
ڀانئڻ وارو ڀير، ميان !
خودي چوي ! هج سَرهو سدائين،
پاءِ نه ايڏهين پير، ميان !
خيال چوي: خود خاڪ آهين تون،
ماڳ مٽيءَ جو ڍير، ميان !
خودي چوي: آءٌ خاڪ نه آهيان،
ڪين چوي مون کي ڪير، ميان !
”حافظ سليمان“ سڀڪنهن سِر ۾،
سمجهه سڄڻ جو سير، ميان !
هر هنڌ هادي حاضر ناظر،
واحد ويران وير، ميان !
مناظرو علم ۽ ڌن جو
]
هن مناظري ۾ اول ڌن پنهنجي تعريف ڪندي چوي ٿو ته:
دنيا جو ڪار وهنوار مون کان سواءِ هلي نه ٿو سگهي.
ان جو جواب علم فقط اهو ٿو ڏي ته: پاڻ پڏائڻ گهٽ
درجي وارن جي عادت آهي. تڏهن ڌن ڪاوڙجي علم کي گهٽ
وڌ ڳالهائي ٿو، پر علم وري به کيس جواب ٿو ڏي ته:
ڌن ! سچ چوڻ تي ڪيئن نه مرچ لڳا اٿئي ! تو مورک جو
جواب، مون وٽ ماٺ کان سواءِ ٻيو ڪونهي. اتي ڌن
هيڪاري ڪاوڙجي کيس گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو. ان وير
اوچتو عقل اچي اُتان لانگهائو ٿئي ٿو، جو ٻنهي کان
سندن جهيڙي جو سبب پڇي ٿو. پهريائين ڌن پنهنجي
اهميت ظاهر ڪئي. ان کان پوءِ رد ۾ علم پنهنجي
اعليٰ رتبي جا ثبوت ڏنا. آخر ۾ عقل پنهنجو فيصلو
ڏيئي علم کي مٿانهون ڪري ٿو.[
ڌن
هجان ها نه جڳ ۾ ٿئي ها نه ڪم،
دنيا ڌنڌا سڀ، هلن ها نه دم،
هلي جاءِ هر ڪنهن وڏائي سندم،
ڪري سڀ ڪو هردم بڙائي سندم،
دنيا جو ٿو ڪم ڪار، مون کان بڻي،
سندم ڳالهه دنيا ۾ سڀ کي وڻي.
علم
اڙي ڌن ! ٿي ڪئن ذات تنهنجي وڏي؟
پڏائڻ جي عادت آ توکي جڏي،
عنبر جي ڀلا بانس ڪئن ٿي لڪي؟
ٻڌي ڪو کڻي، اُن کي هڙ ۾ ڇڪي.
ڌن
جهلي وات پنهنجو، مٿس ڏي ڍَڪڻ،
چڱو ناهي وِت کان زياده بڪڻ،
ڪرين ٽوڪ بازي جا، اي بيشرم !
حيا ۽ ادب سک ۽ سک ڪو مرم.
علم
ميان ! بيحيا ڇو نه مون کي سڏيو،
چيم سچ جو مِرچن سان آهي گڏيو،
ڀلا توکي ڪهڙو ڏيان آءٌ جواب !
مورک جي ورندي، ڀلي آهه ماٺ.
ڌن
اجايو نه ڳالهاءِ ٽَرٽَر ڇڏي،
ڪندوسئين سنئون ميڙ ۾ نه ته گڏي،
اجائي هڻين ٿو يَخِي ايتري،
ويئي آهي مت تو سموري مَري.
عقل
اوهين ڇو ادا پاڻ ۾ پيا وڙهو؟
رڳو ڳالهه ٿوريءَ مٿي پيا لَڙو،
وڙهڻ جنگ مان ناهي هرگز نفعو،
اهو جان تي ٿيو اجايو خفو.
علم
ادا ! منهنجي مرضي وڙهڻ جي نه آهه،
ڪنهين ساڻ جهيڙو ڪرڻ جي نه آهه،
ڪيو ڪونه هن جو ذرو مون گناهه،
نڪي ڳالهه مشڪل ڪا اهڙي وڏي آهه.
عقل
ادا ڌن ! تون ئي ڳالهه اَوّل ٻڌاءِ؟
ڇني معاملو ڇڏ نه گڙٻڙ وڌاءِ.
ڌن
چيو مون دنيا ۾ ٻه چيزون شريف،
هڪو ڌن، ٻيو عقل آهي لطيف،
هئڻ ساڻ منهنجي سڀن دل بهار،
رکن چور ۽ ساڌ مون سان پيار،
مرادون ٿيون حاصل ٿين مون منجهان،
پڇي علم کي ڪونه ٿو درجهان.
گُهري هَڙ ۾ هرڪو ٿو ڪلدار اڄ،
سوا مون رهي هرڪو بيزار اڄ،
بنايان منڊل محل ماڙيون عجيب،
لڳن مون سان بَر ۾ بزاريون عجيب.
ڪري علم لاءِ ڪير ٿو ڏاکڙا،
سهي سِر مٿي ڪونه ٿو جاکڙا.
مفلسن سان هردم ٿيون تعدايون ٿين،
دنيا دار کي سڀ مرحبا چون.
پُڇي علم کي ڪونه اڌ تي ادا !
ملي مانُ ان کي نه عزت ادا !
عقل
علم ! ڳالهه ڌن جي ٻڌم خيال سان،
ڀلا تون به واقف مون ڪر حال کان.
علم
ڪيو ڌنّ جيڪو اوهان سان ذڪر،
سياڻا نه ڪن ان جو ايڏو فڪر،
رکن دنيا سان دل وڏا بيعقل،
نه جن کي خبر نيڪ بد جي اصل.
هجن جي نه موجود علم ۽ هنر،
نه دنيا جا ڌنڌا هلن بيخطر.
اياڻي کي سياڻو ٿو آءٌ ڪريان،
نڀاڳو هجي تاج ان تي ڌريان.
سياڻا دنيا کان رهن دور ٿا،
نِچوئين مون لاءِ ڪئين نور ٿا.
سدا آدمين جو ٿو رهبر رهان،
خدا جي سڃاڻپ ٿئي مون منجهان.
اياڻي کي سياڻو ڪريان جلد مان،
ڪڍان دل مان ان جي سڀئي درد مان.
وڏائي ۽ قدرت خدا جي ڏَسيان،
ڪري ڪين مغرور ڪنهن مت کسيان.
علم ري ٿو انسان سهي سڀ عذاب،
سياڻا چون جاهلن کي خراب.
ٿين ٿا دنگا ۽ ظلم ڌن منجهان،
صلح سانت قائم رهي علم مان.
سدا علم جو آههِ محتاج ڌن،
پڙهي علم تنهن کي ملي ڏاج ڏن.
ڏين ساک مون لاءِ جڳ جا ڪتاب،
بنايم غريبن مان بيحد نواب.
عقل
اوهان جو ذڪر مون ٻڌو آهِه هاڻ،
سچي کي نه بيشڪ ڪا ڪنهن جي آ ڪاڻ،
ڪريان فيصلو هي ٻڌو سان خيال:
آهي علم ڌن کان بلاشڪ ڪمال.
مبارڪ هجي علم ! توکي هزار،
متان ڌنّ ڪرئين تون ضِد ڪو ٻيهار،
پڏاءِ ڪين پاڻهي تون ڌن پاڻ کي،
ڇڏي ڏي اجائي تون هن تاڻ کي.
مناظرو ٽوپي ۽ پڳ جو
(چيل خير شاهه جو )
]هن
مناظري ۾ شاعر، الله تعاليٰ، نبي سڳوري ۽ ٻين جي
تعريف بعد ٽوپيءَ ۽ پڳ جو پاڻ ۾ جهيڙو ڪرايو آهي.
اول اول ٽوپي پنهنجي هلڪائي جي تعريف ڪري پڳ کي
ڌڪاري ٿي. پڳ وري پنهنجون وصفون ۽ ٽوپيءَ جون
ڪوتاهيون بيان ڪندي چوي ٿي: شادي جهڙي وڏي رسم ۾
به پڳ ڪم ايندي آهي ۽ نه ٽوپي. ٽوپي جواب ۾ چوي
ٿي: ته ٺڪرن جي راڄ اها ٽوپي پائڻ جي رسم ٺاهي آهي
۽ انهن ئي توکي آنڊن جهڙي سمجهي اڇلي ڇڏيو. وري پڳ
چوي ٿي ته: جن جو پخت بالا آهي سي ئي مون کي ٻڌن
ٿا. ان جي رد ۾ ٽوپي چويس ٿي ته: توسان هميشه کنڀ
تي چڙهڻ ۽ مڱرن جي مار جو آزار آهي، پر پڳ ٻڌائي
ٿي ته: ڌوٻيءَ جي ڌمال مون منجهان مجاز جي مرڪڍي
ڇڏي ٿي. اڙي ٽوپي ! توکي شاهاڻي شعور جي ڪهڙي خبر؟
ٽوپي ان جو رد ڏيندي چوي ٿي ته: برابر ڪالهه
تنهنجو وارو هو پر اڄ ٽالپرن اسان کي مان ڏيئي
بلند بخت ڪيو آهي. آخر ۾ پڳ دليل ڏنو ته اڙٻنگ ۽
جنگاو جوان ئي مون کي ٻڌي بيفڪر ٿي جنگ ۾ گهڙن ٿا،
جتي تون هڪڙي اُڇل سان اچيو پٽ تي پوين. اها ڳالهه
ته ڇڏ پر ٻڌاءِ ته اڄ تائين ٽوپي پائي ڪو امام ٿيو
آهي؟ هاڻي ڪنهن شرع جي صاحب کان پڇي پوءِ مون سان
تڪرار ڪر. آخر ۾ شاعر پاڻ مصنف بنجي پڳ جي حق ۾
فيصلو ڏئي ٿو.
الله جل جلالہ، وڏي سگهه ستار،
پرور جوڙي پانهنجا، ٿو ڪم ڪري ڪلتار،
مَهند اُپايائين نُور نبيءَ جو، آدم کان اڳوار،
پوءِ اُپايائين عالم ۾، بندا بيشمار،
خاصو ختم الانبياء، جو مُڪائين مهندار،
دعوت سندي دين جي، اچي دُر ٻَڌي دَستار،
پنجن تنن جو پڌرو، ٿيو ڏيهن ۾ ڏهڪار،
اڳي جي نبي ٿِي لنگهيا، هئا بيحد بيشمار،
هئا مڙيئي سي ڀلا، هڪ لک چويهه هزار،
ڄاڻان ڪين جهان ۾، مرسل جي مقدار،
پوءِ آگي ڪيو اظهار، انهيءَ حشمت هاشمي.
انهيءَ حشمت هاشمي، ڪري الله توهر،
ٽوپيءَ پڳ پاڻ ۾، ڪيو هل حشر،
لڳي لڳايئون پاڻ ۾، ڏاڍو ڏک ڏمر،
هوءَ ڀانئي پاڻ ڀليرو، هوءَ ڀانئي پاڻ سَڌر،
پوءِ ٽوپي چوي: ٽر، ڀڄي پڳ ! پري ٿي.
پڳ
چئي: ڪئن ڀڄي پڳ پري، جا جُڙي منجهه جهان،
پڳ بنا پرڻو، ڪنهن کي ڪين سري،
تو منجهه رکن اڳڙيون، منجهان ڀاڻ ڀري،
ڪُڇ ڪنهين سان ڪينڪي، وَڃ تون ماٺ ڪري،
نه ته ظاهر منجهه ذري، پڙد ڪنديسانءِ پڌرو.
ٽوپي
چئي: اڙي ! پڙد ڪندينءَ پڌرو، سو ته مڙني ۾ آهي،
سُجهي اسان کي ڪانه ڪا، سينو جا ساهي،
ڳالهه ته تنهنجي ڳوٺ ۾، ڪو راڄ نٿو راهي،
رسم اسان جي ڳوٺ ۾، ٺَڪُرن ڪئي ٺاهي،
پوءِ لس وڌائون لاهي، توکي آنڊن جهڙي اڇلي.
پڳ
چئي: ڙي ! اُڇلن ڪين اسان کي، بخت جني بالا،
چميو ٻَڌن چاهه سان، مٿي اتي متوالا،
حيلا هلندءِ ڪينڪِي، چَندي کُٿي ! چالا،
تون انشاء الله تعاليٰ، پاڻهي پوندين پيش اچي.
ٽوپي
چئي: پونديس پيش اچي، ٻهڳڻ لاهي ٻاڻ،
اسين چَندي کُٿيون چڱيون، تون پنهنجو پاڻ سڃاڻ،
قبول ڪري ئي ڪونه سندءِ، مرتبو ۽ مان،
تون هلڻ ڪاڻ اُٻهري، هو ڪين نين توساڻ،
کَٽِي کنيو کنڀ تي، ڇاڻيو ڪڍنئي ڇاڻ،
پوءِ ڦهڪايو ڦرهن تي، ٿي پڇاڙائين پاڻ،
انهيءَ عقل ساڻ، ٿي مٿان جهلين مُڱرا.
پڳ
چئي: ڙي ! مُڱرن جي مارن کان، اسين ڪريون ڪونه
قصور،
ڏيو ڌمالون ڌوئن ٿا، ڌوٻي اِن دستور،
مهٽيو مَرُ مجاز جو، ڪن نرمل نُورئون نُور،
ٿيان اڳي کان اُجري، ظاهر منجهه ضرور،
لکيو توکي ڪونه ڪو، شاهاڻو شعور،
پوءِ ڙي ڪيو ٿي ٽُور، لوڻي ! اُتي لاتيون ڪرين.
ٽوپي
ڙي ! ’هان هان‘ ڪر مَ هيترو، آهي هر ڪنہ جو ڀاڳ !
جي وڙ آهن جن جا، تون ليک تنهين جا لاڳ،
جن کاڌا پر پلاءَ ٿي، سي هيل سِڪن لئي ساڳ،
ٽيلي ٽالپرن جي، اسان جي واليءَ واري واڳ،
ڪالهه هو وارو تنهنجو، اڄ اسان جي آڳ،
تنهن لئي ڪريون چاڳ، هن مولي سندي مُلڪ ۾.
پڳ
چَئي: مولي سندي مُلڪ ۾، آءُ ته ڳالهيون ڳالهايون،
هت ڪي راڄ رهي ويا، دايون ۽ ٻايون،
ٽهلون ائين ٽوپيءَ تان، ڪنهن ڪين ڪرايون،
پوءِ عقل ۾ آيون، انڌيون تنهنجون عادتون.
ٽوپي
چئي: چڱيون اسان جون عادتون، جي چيون ٿي چڱن،
ترت ڏيئي تعظيمون، سي مٿي منجهه رکن،
اهو ٻَڌڻ پيو ٻن، جو ٻئي هٿ ٿڪجن هاج ۾.
پڳ
چئي: پڳ ٻَڌن پرس ٿا، جي آهن ارڏا ۽ اڙٻنگ،
جوان جنگاور جنگ جا، خاصا خان ختنگ،
رانول رڪ راند ۾، پون جئن پتنگ،
هڻن سڪيلا سيگهه مان، ڇِڪي تازين تنگ،
اتي ٽوپي کنيو ٽَنگ، ترت ڪريو پوي پٽ تي.
ٽوپي
چئي: ڙي ! ٽہ ٽہ ڪيو ٽوپيءَ تي، ترت هڻين طعنو،
اکئين ڏسين ٿي ڪينڪي، هي ظاهر زمانو،
هندو رکن ٿا حراست جو، بيشڪ بتانو،
پوءِ ڪوڙ سندو ڪانو، ٿِي ٽِڪو ٽوپين کي ڏئين.
پڳ
چئي: ڙي ! ڪو ٽوپي پائي امام ٿيو، مڙني جو مهندار؟
شرع جا شفيع جي، سا تون پڇي ڪر تڪرار،
جي ڪڇندينءَ ٻيهار، ته جُٺ ڪنديسانءَ جڳ ۾.
ٿيو خير ”خير شاه“ چوي، لٿو جهٽو ۽ جهيڙو،
ڪميڻيءَ اشراف سان ڪيو بُرڙيءَ بکيڙو،
نبيريوسين نڪ وڍيءَ جو، سَنڌو ۽ سيڙو،
تَڙ تنهين ٻيڙو، ڪلمون جن قلوب ۾.
لاالہٰ الا الله محمد رسول الله
مناظرو ٽوپي ۽ پٽڪي جو
(چيل بچائي اوٺي جو )
]
ٽوپي ۽ پٽڪي جي هن مناظري ۾، تمهيد بعد شاعر،
ٽوپيءَ کان اڳرائي ڪرائي آهي. جا پٽڪي کي واڻ
وانگر وٽيل چئي کانئس نفرت ظاهر ٿي ڪري. جواب ۾
پٽڪو، ٽوپيءَ کي ٻڌائي ٿو ته: توکي شهرين ۽ پئسي
وارن پائڻ شروع ڪيو آهي، پر انهيءَ ڏينهن کان اُهي
به اهڙائي اگهاڙا ۽ بي لڄا ٿي پيا آهن، جهڙي تون
پاڻ آهين، تنهنجي آئي رشوت ۽ ٻيون بڇڙايون ملڪ ۾
وڌي ويون آهن، مون کي مٿي تي ٻڌڻ سان ماڻهو چڱن جي
سٿ ۾ ويهڻ جهڙو ٿئي ٿو، آءٌ ڪهڙي به آهيان پر ڍڪيل
آهيان، پر تون عضون الڙڻ کان پوءِ ڀڳل ڀانڊي جهڙي
ٿيو پوين. اهڙيءَ طرح هڪٻئي کي ڪافي نندڻ ۽ سٺڻ
بعد ٻنهي صلح جي صلاح ڪئي ته اسين جو پنهنجو ڦورو
ڦولهي پاڻ کي بدنام ڪريون. ان بعد ٻئي ڀاڪر پائي
پاڻ ۾ پرچي وڃن ٿا.[
تمهيد
ساراهيان سچو ڌڻي، جو رازق رب رحمان،
قادر پنهنجي قدرت سان، جوڙيو جڳ جهان،
ماڻهو مَلڪ خلقيائين، ماڙيون، مُلڪ، مڪان،
تنهن باريءَ جا بيان، قلم ڪندو ڪيترا ؟
هڪ ڏينهن گڏيا اوچتا، هڪ شهري ۽ هاري،
وجهي ڀاڪر ڀچي ويا، رکي محبت موچاري،
ٽَڪرِي وڃي ٽوپيءَ سان، پٽڪي پڇاڙي،
هُو ٻڌي ويٺا ٻاري، هنن گهنڊ وجهي گهور ڪئي.
جي ٽاٽائي ٽوپيءَ کي هئي، ته پٽڪي به رکيو پاڻ،
ٽوپيءَ ٽرڙائي ڪري، رکي پٽڪي اتي تاڻ،
منهن کي موڙو ڏيئي، جُهلي جهيڙي ڪاڻ،
چئي: وٽيل جهڙي واڻ، آبرو ٿي انسان جي !
پٽڪو
پيٽ سڙندي پٽڪي چيو: آهين ڙي ! تون ڪير؟
مهمان ٿي مون وٽ آئين، ڀري ٻٽي پير،
اچڻ سان آڪڙي آهين، وڏو رکي وير،
ڦيلهِي ۽ تو ۾ ڪو ڦير، جو مانائتي ٿي آهين ملڪ ۾؟
ٽوپي
مانُ ته منهنجو ملڪ ۾، جِت ڪٿ آهي اڄ،
پڇنئي ڪونه پٽڪا ! لورا، ويَئِي لڄ،
ٽوپيءَ جي ڀيٽ ۾، تو پيا ڇائيءَ ڇڄ،
ڀيڙي مُٺيون ڀڄ، جو انقلاب اچي ويو.
پٽڪو
انقلاب اچي ويو، تڏهن جوٽيو اٿئي جهيڙو،
آبرو اصل کؤن، مردن مون ڀيڙو،
لِڳڙِيءَ ٽوپيءَ جو، آهي آب به ليڙو،
جيڪو ڇڏي ڇيڙو، سو سُونهين ٿو سٿ ۾.
ٽوپي
ٽوپي ڏيئي ٽهڪ، کڙي ٿي خوشيءَ مان،
چئي: منهنجي ئي ملڪن ۾، هلي ايڏي هاڪ،
سونهان سڀڪنهن سر تي، پائينِ جي پوشاڪ،
آهيان خانن جي خوراڪ، پل نه پاسي ڪن مون کي.
پٽڪو
پٽڪي به ڪيو پاڻ، ته آهيان آءٌ سچار،
سونهان سڀن وچ ۾، جت چڱا مڙن چار،
وڏيرا، پٽيل، پڙهيل، ڪريان ٿي پڳدار،
منهنجي قد ڪاپار، ٻيو ته ٿيندو ڪونه ڪو.
ٽوپي
مشهور آهيان آءٌ، منجهه ميرن ۽ پيرن،
مَرڪان ٿي مٿن ۾، وڪيلن وزيرن،
ڪامورن ڪَرڙن منجهان، ٿي آيس اميرن،
آهيان سونهن شوقينن، مِڙيئي ماندا آهن مون لئي.
پٽڪو
ٽوپي ! ڇڏ ٽَر ٽَر، لڳيئي ڇو ٽانڊِي؟
جسم تنهنجو جمنيءَ جهڙو، آهين تون ٻانڊي،
اشرافن سان ٿي اٽڪين، او گولاڙي گانڊي !
ٿِين ڀڳل ڀانڊي، جڏهن عضوا وڃنئي اُکڙيو.
ٽوپي
پڳڙي ! تون ئي پاڻ، آهين اهڙي تهڙي،
وٽيو توکي واجهه جيان، ڪنئي ٿا ڍيري،
اکئين لڳين اوچتو، ڄڻ آنڊن جي ويڙهي،
تون سرير ۾ سيڙهي، ڪلهو هڻين قراقلي سان.
پٽڪو
پڳ ٻڌائينِ پرئي مڙس کي، پوءِ ٿيو پڳدار،
ڏي صلاحون سڀن کي، ٿِيو مڙن جو مهندار،
ڪمن ڪاڻ هلي اچن، سو آهي سرڪار،
ٻيائيءَ جي ٻاڪار، اصل جنهن ۾ ڪانه ڪا.
ٽوپي
منهنجو اچڻ ساڻ ٿيو، اگهه به اُتاهون،
هرڪنهن جي حاجت ناهي، آڻي ڪٿاهون،
امير پائين اسان کي، مِڙن مٿاهون،
تون آهون ۽ دانهون، ڪڄاڙي لئي ٿي ڪريان؟
پٽڪو
تو اچڻ سان آندي، خواريءَ جي کاري،
وٺين رشوت راڄن کان، ڪامورن ۾ ڪاري،
زر وارن خريد ڪيوءِ، ته ڇا مهانڊي موچاري،
هَلي اچي هاري ! تو پَت وڃائي پرديس ۾.
ٽوپي
مهڻا ڏيڻ مُنهن تي، آهه ڪم ڪميڻن،
پت وائکي ڪرڻ جو، آهي عيب اشرافن،
ڪجن وڙ انهن تي، جي ٻهون ڪين ٻجهن،
تيلانهه مِهر ملوڪن، جڳائي ڪرڻ جڳ تي.
پٽڪو
اشرافت اک پوري، ويئي لڄ لڏي،
چڱا مڙس چَٽُو ٿيا، وڌئون ڳالهه گڏي،
مارائين هٿن سان، جو ٽُري آيو تَڏي،
لڳي ويئي هوڏ هڏي، قرب ڪٿي آهه ڪونه ڪو.
ٽوپي
تو جا ڳالهه ڪئي، سا سچي آهِي ساري،
ويو ماڻهپو ملڪ مان، مَتِي خلل خواري،
راڌاويڌ پاڻ ۾، ڪريون هڪواري،
پَتِ پنهنجي پياري، جئن لڪائي گهمُون لوڪ ۾.
پٽڪو
هاڻ پرچون پاڻ ٿا، گهڻو ڦولهيوسون ڦورو،
هليو ڪونه حُجت ۾، ٻنهي جو گهوڙو،
ٻئي محتاج ماڻهن جا، ڪونهي ڪنهن تي ٿورو،
تون چري، آءٌ ڀورو، ڳنڍيا آهيون ڳالهه تان.
پرچاءُ
پرچي ويا ٻئي اُتي، ڇڏيائون لَڙڻ جو لاڙو،
رقم رولينِ ماڻهن جي، انهن کي ڪُڄاڙو،
هاڻ ماڻهن ڪيو ملڪ ۾، آهي مٿو اگهاڙو،
پوءِ ستت لٿو ساڙو، ٽوپي پٽڪي جو پاڻ تان.
پڳ ته اڳيئي پري هئي، پر ڪيوسون ٽوپيءَ کان ٽارو،
”بچائي“ به بس ڪئي، وَٺي ڪلمي ڪنارو،
سگهي ساڃهه وئي هلي، پُٽ مائٽ نه پيارو،
جي ٿيو اڃا مونجهارو، ته به پري ناهه پت ’پتلون‘
جي.
لا الہٰ الا الله محمد رسول الله
مناظرو کٿي ۽ بوڇڻ جو
]
هن مناظري ۾ کٿي ۽ بوڇڻ جو جهيڙو آهي. کٿي بوڇڻ کي
چيو ته: کهرو برابر آهيان، پر آءٌ ٻيڻي چوڙ ڏيان
ٿو، ان ڪري آءٌ گهڻن ئي ڪمن ۾ اچان ٿو. ماڻهو مون
کي پسند ٿا ڪن. اي بوڇڻ ! مضبوطيءَ ۾ منهنجي اڳيان
تون بيهي نٿو سگهين. بوڇڻ ان جي رد ۾ جواب ڏنو ته:
اي کٿا ! توکي فقط ڄٽ ٿا پهرين. اسان ۾ سراسر پٽ
آهي ۽ اسين بادشاهي ويس آهيون. اي کٿا ! تنهنجو
پيءُ گهيٽو اڃا ڪنهن حال ۾ آهي پر تنهنجي ماءُ رڍ
ته ڪار منهين آهي، پوءِ تون ڪيئن ٿو مون سان
برابري ڪرين؟ کٿي جواب ۾ گهٽ وڌ نه ڳالهايو، پر
پنهنجا ڪارج ٻڌايا ته: مينهن وسندي ڇٽي بنجون،
ڪاٺين لاءِ نوڙيءَ جو ڪم ڏيون، مطلب ته جنهن جو
ساٿي نه هجي ان سان ٻانهن ٻيلي ٿيون. آخر ۾ سگهڙ
مناظري جو فيصلو هڪڙي قاضيءَ کان ڪرايو آهي، جنهن
ٻنهي کي ڀائر ٿي صلح رکڻ جي تلقين ڪئي آهي.[
تمهيد
ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙي جوڙ جبار،
کٿي ۽ ڀوڇڻ جا، ٻڌ ته ٻڌايانءِ پار،
ڄاڻي ڄاڻڻهار، ته وڙهيا ڪهڙي ڳالهه تان !
گڏي ڇڏيا هئم گڏ، پروڙڻ وين وڻي،
ڳالهه تن جي پاڻ ۾، ٿي گهڻي کان گهڻي،
بازي اچي تن جي، هيءَ عجائب بڻي،
ڪجو انصاف سڻي، ڳالهه ٻنهيءَ جي ڳُجهه جي.
کٿو
کهرو کپرو آهيان، پهري نه مون کي ڪو،
پر ڍَڪي مون کي ڪو، ته بوڇڻ کان ٻيڻو چُڙان.
بوڇڻ
کٿو برابر ٻيڻو چُڙي، پر نه اسان جو مٽ،
اسان کي پهري پاتشاهه، کٿو پهري ڄٽ،
اسان جو بُت پَٽُ، وار کٿي ۾ وِترا.
کٿو
تنهنجو بُت برابر پَٽُ، آءٌ به پنهنجي جاءِ،
ٻارهين مهينا ٻُر نه ڇڏيان، اڳڙي پوي نه ڪاءِ،
بوڇڻ ! وڌ نه ڳالهاءِ، جو ڇهين مهيني ڇڄي پوين.
بوڇڻ
جي ڇهين مهيني ڇڄي پوان، ته به عزت ڏين گهڻي،
هڪڙا چوڙين چوڄ مان، ٻيا گهمن فخر ساڻ کڻي،
ڀڃ ڏيئي بازار ۾، ڄاڻي هڪ ڌڻي،
توکي ڪيئن کڻي، گاهِين نيو هو گاهه کي؟
کٿو
جي گاهي نِينِ گاهه کي، ته اُو آڻين گاهه ڀري،
اُٿي اسر ويل جو، گهوڙو گاهه چري،
توکي گهر ڌري، هيڻو ڪري نه نيائون.
بوڇڻ
جي هيڻو ڪري نه نيائون، ته به آهيان ڄائي جيم،
چوٽيلا چؤڻو ڪري، ڀاري ٻڌن ڀيم،
هو جي ٿيا حاڪيم، تن کٿو هيٺ مٿي نه ڪيو.
کٿو
حڪم کڻن نه پاڻ سان، پر مان غريبن جو يار،
ڌنارن پنهوارن جو، اصل کان آهي پيار،
سياري ۾ سولو لڳان، ٿئي هرڪو خريدار،
روز روز تون کائين، مُڱرين سندي مار،
اها تعدي ۽ تڪرار، تو لئي ڳالهه ڳرڻ جي.
بوڇڻ
مُڱرين جي مار سان، ٿين لِڱ سنوان،
رکن روزا پڙهن نمازون، تن سان روز پوان،
کٿا ! توکي ڳالهڙيون، ڪهڙي منهن چوان،
اوچو پڻهين اڃا، پر منهن ڪارو ماڻهين سندو.
کٿو
کٿو، کٿو نه ڪوٺ، کٿي چيو ڊوڙي،
مينهن وسندي ڇٽي ٿيان ۽ ڪاٺين ڪاڻ نوڙي،
جن جو ناهه جوڙي، تن جو ڪم مون کان اُڄهي.
قاضي
قاضي ڏٺو ڪوٺي تان، ته وڌيو جهڳڙو جائي،
کٿي ۽ بوڇڻ کي، اُن چئي واتان وراڻي،
ميان ! آهيو ڀائي ڀائي، پڙهو ڪلمون قرب سان.
لا الہٰ الا الله محمد رسول الله
مناظرو سٿڻ ۽ منجهلي (گوڏ) جو .
(چيل مور فقير جو )
]
هن مناظري ۾ سگهڙ تمهيد طور الله تعاليٰ ۽ نبي پاڪ
جي ساراه ڪري ان بعد سٿڻ کان منجهلي جي عيب جو ئي
ڪرائي آهي. سٿڻ چويس ٿي ته: تو ۾ اُگهاڙپ ۽ اوچتو
کلي پوڻ جو عيب آهي، تنهنڪري اشراف توکي ويجهو اچڻ
به نه ڏيندا آهن. منجهلو به سٿڻ کي رد ۾ گهٽ وڌ
ڳالهائي ٿو ته: تون زالاڻي وات مڙسن سان منهن نه
اٽڪاءِ، مون کي امير ۽ پهلوان ٻڌندا آهن. پر سٿڻ
پنهنجي بيان کي وضاحت سان بيان ڪري، منجهلي کي
لاجواب ڪري ماٺ ڪرائي ٿي. آخر ۾ سگهڙ ٻنهي کي
فائدي وارو ڄاڻائي، کين صلح سانت سان رهڻ جي نصيحت
ڪري ٿو.[
|