مل محمود
وصف ڪريان ٿو واحد جي، جو خالق خلقڻهار،
ڳالهه ٻڌو هن ڳيريءَ جي، تند هِنئين جي تار:
سارين جي سماءُ تي، هو ’پَلِي‘ پهريدار،
ڳيريءَ اچي ڳاهه ٻڌو، اَنّ تي ڏاڍو آر،
سج اُڀرندي دير نه ڪري، هُٺي تِهان اڳ تيار،
انّ کِيندي اجايو، مون کي ڏسي لڳو خار،
هڪ هٿ ۾ ڪپ کنيم، ٻي ۾ ڌُڪو کنيم ڌار،
پريان ڏيندي وار، ڏنم ٽوڙي ٽنگ ۾.
ڳيري
ڏنم ٽوڙي ٽَنگ ۾، تڏهن ڳيريءَ ڏني ڦيري،
چئي: خوش ٿي ’پَلي‘ ڪينڪي، مَ ڪِي دل ڪر ميري،
کان ٿي انّ الله جو، ناهي پڻهين جي سيري،
تو دل گوشت لاءِ هيري، سا ’پلي‘ پَلي ڇڏي پانهنجي.
مل محمود
ڪيئن دل پليان پانهنجي، تون حيلا ڪرين هزار،
تون سنبري ايندينءَ سارين تي، آءٌ ڪندس اهڙي ڪار،
ماڻهن ۾ مشهور ٿيندا، پِٽِيَل ! تنهنجا پار،
اڳتي جي اچڻ جي، ڪَر تون ڪيم پچار،
نه ته مفت کائي مار، تون مرندينءَ هن ماڳ ۾.
ڳيري
مُئا ! منهنجي مارڻ جي، تو ڪئي ڳالهه اجائي،
مون عمر سڄي آ هت ڪَٽي، کَرن ۾ کائي،
تون قاضي هت ڪالهه ٿئين، آءٌ آڳاٽي آئي،
تون ڪوٽ پائين ٿو قيمتي، ۽ سُٿڻ مٿان سائي،
مَرڪيا مائٽ تنهنجا ۽ ٺري تنهنجي دائي،
آءٌ ڏنگي توڙي ڏاهي، تون ڳالهه ڦٽي ڪر ڳيريءَ جي.
مل محمود
ڪيئن ڳالهه ڦٽي ڪريان ڳيريءَ جي، مون کي عجب لڳو
آهي؟
جا پڪوڙا کائي نه سگهي پئسي جا، ساٿي سينو ساهي؟
مهڻا ڏئي ٿي ماڻهن کي، لاڳاپا لاهي،
ڪم اسان جو، اسين ڄاڻون، تنهن ۾ تنهنجو ڇاهي؟
توکي اسان جي کَري ۾، اَجل آندو آهي،
اڄ ارادو هي آهي، ته ڪُهي وجهندوسانءِ ڪَپ سان.
ڳيري
ڪِنا ! منهنجي ڪُهڻ جي، تون ڇڏ ڳهيلا ! ڳالهه،
مل ! تنهنجو آهي من وڌيو، ڏسي پرائو مال،
اسين پکي پيٽ پاريون، تن سان ڪرين ٿو تال،
هاڻي تنهنجي ناهه مجال، جو هوڏَ ڪرين هن هولِيءَ
سان.
مل محمود
هوڏ رکان ٿو هولِيءَ سان، ڏس ڏنو ڏاهي:
شيخ پچائي ڳيريءَ جي، جو خوشيءَ منجهان کائي،
ٿڌ ڇڏيندي تنهن کي، سا مون کي پڪ آهي،
اڄ ڇڏيندس توکي هِت کائي کپائي،
اچي ڇيڙَ منهنجي، ته وڍيانءِ هڏ ٺاهي،
تنهنجي ديڳ دمائي، کارائيندس هن کري ۾.
ڳيري
کارائيندين هن کري ۾، مون هنيو آهي کاٽ ؟
ڪانگ، ڪٻرون ڪيتريون، وَهيا سڀ لاءِ ماٺ،
اوڇائي آهين اوڇي جي، وٺن اِها واٽ،
مُٺا ! ڪر تون ماٺ، مٿو نه کپاءِ منهنجو !
مناظرو ڪالو ۽ جهرڪيءَ جو
(چيل ڪالو جو)
]
هن مناظري جي تمهيد ۾ شاعر ثنا ۽ صفت کان پوءِ
جهرڪيءَ سان جهيڙي جو سبب ٻڌائي ٿو ته، هڪڙي
جهرڪيءَ اچي شاعر جي گهر ۾ بيٺل هڪ وڻ ۾ آکيرو
ڪيو، جنهن مان ڪک پن ڪري ٿي پيا جنهن ڪري ڪچرو ٿي
ٿيو. ان کان سواءِ جهرڪين جي چرپر به شاعر کي
بيزار ڪري ڇڏيو هو. آخرڪار، شاعر کيس، جهنگ ۾ ڪنهن
وڻ تي آکيرو ٺاهڻ ۽ ٻچن پالڻ جي صلاح ڏئي ٿو.
جهرڪي جواب ۾ کيس ٻڌائي ٿي ته: مون بازن ۽ ٻين
آفتن کان بچڻ ڪاڻ ته هن وڻ ۾ اچي آکيرو ڪيو آهي، ۽
هاڻي آنن تي آرو ڪيو ويٺي آهيان؛ ڀلي ٻچا ڦٽن ته
پوءِ اُڏامي وينديس. اڙي ڪالو ! مون مسڪين مان
توکي ڪوبه نقصان ڪونهي، پوءِ الاجي ڇو منهنجي
پٺيان اچي پيو آهين؟ پر تنهنجو ڏوهه ڪونهي، اها سڀ
چوڏهين سن جي برڪت آهي. ان تي ڪالو کيس گهڻي جُٺ
ڦٽ ڪري انهيءَ مهل ئي آکيري پٽڻ لاءِ چوي ٿو، پر
جهرڪي کيس ان جو پورو جواب ڏيندي رهي ٿي. نيٺ
جهرڪي ڪاوڙجي کيس اهو دڙڪو ڏئي ٿي ته: آءٌ پنهنجا
مٽ مائٽ (پکي) گهرائي توکي جوڳي جُٺ ڪرائينديس. پر
جهرڪيءَ جي انهن ڌمڪين ڪالوءَ تي ڪوبه اثر نه ڪيو
۽ آخر ۾ ڪالو کيس ائين چوي ٿو ته: اڄ جو اڄ آکيرو
پٽي ٻچا ساڻ وٺي جهنگ ڏانهن هلي وڃ ۽ پاڻ هليو وڃي
ٿو.[
تمهيد
ساراهيان سبحان کي، ساڻ سچي سردار،
چؤڻو پاڻي چوڳو، ٿو ساري ڏي ستّار،
جيت جانور ڪيترا، ٻيا پکي ٿيا پرمار،
پرور کڻي پيدا ڪيا، بيحد بيشمار،
قادر جي قدرت جا، آهن عجائب اسرار،
قصو مڙئي قرب جو، وهم وڏي ويچار،
ڪريان ٿو پچار، جهرڪيءَ سندي جهيڙي جي.
ڪالو
ڪري وڌو ’ڪالو‘، جهرڪيءَ سان جهيڙو،
ڪَن کائين ٿي ڪيترا، تون مچايو ميڙو،
پئي وڃ پنهنجو، تون دالي هتان ديرو،
ڪک ڪيرائين ڪيترا، ڪري گهر مٿي گهيرو،
سُڃي ! اسان جي سِر تي، تو آندو آکيرو،
پرڏيهي پکي تون، وساءِ وڃي ويڙهو،
ماڻهن ۾ اي موڳي، تنهنجو ڪم آهي ڪهڙو؟
پوءِ اسان تان آکيرو، کڻي وڃ تون جهنگ ڏي.
جهرڪي
ڇو کڻان آکيرو جهنگ ڏي، مون کاڌو ڪهڙو ڌن؟
ماڻهو ڏسي منهنجو، موهجي پيو آهي من،
بچائي پاڻ بازن کان، ترسايم هتي تن،
کڻنديس ڪين کري مان، آءٌ وهان جو اَنّ،
ڪيو اٿم ڪالهه هتي، آرو مٿي آنن،
ٻچا اُٿاري پوءِ مان، ٻيو وسائينديس بَن،
پر قصور ناهي ڪنهن جو، ٿو چلي چوڏهون سن،
”ڪالو“‘ تو ۾ ڪم، ڪو ناهي هن ڪميڻيءَ جو.
ڪالو
ڪم ناهي تو ڪميڻيءَ جو، بڇڙي ڇڏ تون بڪ،
سمجهايم سؤ ڀيرا، توکي نانگي ناهي نڪ،
جهرڪي تنهنجي جهڳڙي ڪيو ”ڪالو“ کي ڪڪ،
ويچار ڪر تون وڃڻ جو، پکي ڏي تون پڪ،
لڏي وڃ ليلي تون، جهرڪي هتان جهٽ،
پٽي وڃ پانهنجو، تون آکيرو اَڻ کُٽ،
مُلڪ وڃي موليٰ جو، تون پري وساءِ پٽ،
قبضو ڇڏ تون ڪميڻي ! ڦُوسي هتان ڦُٽ،
ڪوڙي ! هتي نه ڪٽ، متان موچڙا کائين منهنجا.
جهرڪي
موچڙا نه کان تنهنجا، ڪنهن جو جگر ناهي جيرو،
ويٺي آهيان وڻ تي، آءٌ دمايو ديرو،
طاقت ناهي توکي، ڪرين گهر مٿي گهيرو،
اچي ڪونه ڪوئي، متاڻ نادان ڪو نيڙو،
وٺين سان وات مان، ڀرائي ڪريان ڀيڙو،
ٺاهي ڪريان ٺونگن سان، مٿي تي ميڙو،
پوءِ ”ڪالو“ تو ڪهڙو، جهڳڙو ٻڌو جهرڪيءَ سان ؟
ڪالو
جهڳڙو ڪريان توسان، تون چِڙي هتان چل،
ڪيو آهي تو ڪيڏو، کري ۾ خلل !
اُڏري وڃ اسان کان، موڳي منجهايل !
سائو وڻ سهڻو، آهي انسان لاءِ آيل،
پري رهه تون مون کان، هت گهڙي نه رهه گهايل،
هيءَ الاٽ ناهي نڀاڳي، توکي سکڻي سڪايل،
هتي تنهنجو حرامڙي ! ڪجهه ناهي ڪمايل،
”ڪالو“ ناهي قائل، جهرڪا ! چئو جهرڪيءَ کي.
جهرڪي
جهرڪو نه چئي جهرڪيءَ کي، ڪيم امن سان آرو،
وڃايوسون ورهيه آهي، سال سڄو سارو،
اڳيئي آهي اسان کي، ٻچن سندو ٻارو،
آفتون آنن کي، کڻيو وڃن کارو،
سٽون ڏين سرڻيون، ٻيو بازن جو وارو،
کڻيو وڃن کيلوڙيون، هڻي نور به نارو
،
بلائن بڇڙين جو، آهي سدائين ساڙو،
چِڙي ڏسي چارو، ٻچا اُٿاريندي ٻٻر تان.
ڪالو
ٻچا انهيءَ ٻٻر تان، تون ويندينءَ مارايو،
ڪميڻي ! تو ڪهڙو، آهي معاملو مچايو ؟
ليلي ! تون لَڏڻ جو، سيگهه ڪر سعيو،
موڳي ! تو موت کي، ڇو چڙي آهي چاهيو؟
ڀڄي وڃ ڀوري تون، ٿيندءِ سور سوايو،
مغز ڇو منهنجو آهه، تو خالي کپايو؟
چڙي ! تون چاهه مان، ڪر وڃڻ جو وايو،
منهنجي هٿان موت، ڇو ازل اَٿئي آيو،
لڏي وڃي لايو، مڪان ڪنهن ملڪ ۾.
جهرڪي
آئي آهيان ملڪ ۾، وينديس ڪين وري،
پرواهه ناهي پکياڻيءَ کي، جسين ساهه اَٿم سري،
بهادر بر ۾ پکي، نه ڇڏيندا پڙي،
ايندو ڪير اسان جي، گهرن منجهه گهڙي ؟
جهرڪي ! آءٌ جهنگ ۾، چالاڪ آهيان چڙي،
’ڪالو‘ ڇڏ ڪُرڪو، ليلي نه پوي لَڙي،
معاملو ڇو مون سان، ڏي نه مون تڙي،
پکي اِهائي پِڙي، وسائيندا انهيءَ وڻ تي.
ڪالو
ڪيئن وسائيندا اِنهيءَ وڻ تي، ناهي ورتل تنهنجو
وڻ،
لشڪر ۽ لڏو، تون کِاڻي ! هتان کڻ،
مڃ ڳالهه منهنجي، چڙي تون چوڻ،
جهلو ناهي جهرڪي، ڇا سڃي تو ۾ سهڻ ؟
پکي ڇڏ پاڙو، تون اسان جو آسڻ،
کَري ڇڏ گوڙون، ولهي ! تون وڙهڻ،
چاهين رڳو ٿي چڙي، فقيرن کي ڦرڻ،
رنڙي ! تنهنجو رهڻ، هتي ناهي هاڻي ڪو.
جهرڪي
هتي رهڻو آهي مون کي، ڪر پکيءَ سان پيار،
’ڪالو‘ تنهنجي ڪهڙي آهي، مُٺيءَ تي ميار؟
جهيڙي لاءِ جهرڪي، ترت آهي تيار،
ناهي پروانو مون کي، هٿ ۾ ڪو هٿيار،
پلٽڻون پکين جون، منهنجي ڪنديون وهار،
باز، باشا، بلبليون، ڪٻرن سندي ڪار،
چيها، چتون چوطرف، ليلا لک هزار،
ڳجهون، ڳيرا، ڳاهيون، ڪندا ڪبوتر قطار،
گگهه، گوهڙ گرم ٿي، ڪندا توکي بيزار،
ساٿي مڙيئي سڃيءَ جا، جوڙيندا جنگ جهونجهار،
فوجون سڀ فريب سان، ڪندو لشڪر تو لاچار،
ميڙا ڏسندين ميدان ۾، حملا تو مٿي هزار،
پکي سڀئي پڙ ۾، وٺندا سڀ وهنوار،
هنج ايندا هيڪاندا، مڙيئي ڏيندا مار،
ڪانگل قربدار، ٺونگا هڻندءِ ٺوڙهه تي.
|