سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :37

مولوي

ٻوڙي ! تو ٻينون کريل ! ڇڏيون کائي،

هر روز هر ڪنهن هاريءَ جي، وات اِهائي وائي،

ته ٻوڙڪي اسان جي ٻنيءَ ۾ اڄ رات به آئي،

ناحق مون وٽ نڀاڳي ! تون اصل ڪٿئون آئي،

گڏهه ! تو گِلا جي، لولي آهي لائي،

ڪهڙيءَ ريت قائم جو، تو کيٽ ڇڏيو کائي؟

 

گڏهه

کيٽ جي کِيَڻ جي، سڻ تون صفائي،

رڱ جي راڱِي، صفا آهيان سائي،

مانائتي هيس ’منروپ‘ وٽ، مون کي ’کينئري‘ کولائي،

پوڙهي ڍڳيءَ جي پئسن ۾، آءٌ اوهان وٽ آئي،

نوڙي منهنجي نصيب لاءِ، ’ساڪو‘ سنڀائي،

سلهڙ هڻي ’سونهاري‘، مون کي مرڳو مُسائي،

ٻڌي پاسا پاڃاريءَ جا، ’عثمان‘ اڙائي،

’مقيم‘ وڌي موچڙن جي، مون کي هيڪاندي هائي،

‘نوروءَ‘ مون کي نوڙيءَ بنا، وڌهه ڪيو واهي،

نيٺ ملي مون کي نوروءَ کان آخر اجائي،

ته ’جيئندي‘ جلدي جلدي پاڻهي پهرائي،

’ڪليو‘ ڪڇيوئي ڪونه ڪو، نه ’منٺار‘ موٽائي،

جهلي اک ’آئل‘ جي، ڪيم وڌڻ جي وائي،

ته ’پارئي‘ منهنجو پاسو وٺي وڃي ورائي،

پر ڀڄي ويس ’ڀرٽن‘ مان، مون کي ’ڊيڊن‘ ڊُگائي،

ٻني ٻين سڀني کان، جڏهن ڏٺيم سائِي،

تڏهن ڪاڙهي تتي ’قائم‘ وٽ، آءٌ انهيءَ پر آئي.

 

مناظرو ملوڪ ۽ ٻڪريءَ جو

(چيل ملوڪ خاصخيلي جو )

]هن مناظري ۾، ملوڪ جي ٻڪري ڳوٺ جي وڏيري جي پوکايل لوسڻ ۾ ڪاهي پوي ٿي. جنهن تي ملوڪ کيس سمجهائي ٿو ته: ’پڃارو‘ لوسڻ ۾ لڪو ويٺو آهي، ڪنهن مهل اهڙو ڌڪ هڻندئي جو ياد ڪندينءَ. ان کان سواءِ ٻنيءَ جا ڌڻي به مون کي مهڻا ڏيندا، تنهنڪري بهتر ڄاڻين ته لوسڻ ۾ نه وڃ. ٻڪري جواب ٿي ڏئيس ته: تون رڳو منهنجو کير کائين پر سنڀال صفا ڪانه ڪرين، بکن سان پيئي مران، پوءِ پرائو لوسڻ نه کان ته ٻيو ڇا ڪريان؟ ملوڪ ٻڌايس ته : رئيس جي واٽر مان اَڏ وٺي گهر ۾ تنهنجي لاءِ گوار پوکي اٿم، هاڻي لوسڻ کي ڇڏي هلي گوار کاءُ. پر ٻڪريءَ صاف جواب ڏنس ته: تون رڳو اجايا دلاسا ٿو ڏين تنهنڪري آءٌ لوسڻ کي بنهه ڪانه ڇڏينديس، باقي منهنجي جهلجڻ جو تون ڪوبه خيال نه ڪر ڇاڪاڻ ته ’حاجي‘ مون کي ڪڏهن ڪونه چوندو. نيٺ ملوڪ جي چوڻ تي لاچار ٿي ٻڪريءَ انجام ڪيو ته وري لوسڻ ڏانهن نه وينديس. پر ٻئي ڏينهن ملوڪ وري کڻي ڏسي ته ٻڪري لوسڻ پيئي کائي. پوءِ ته ملوڪ مهڻا ڏئيس ٿو.[

 

ملوڪ

ٺوڙهي ! ٿي ٺاهيو، ڏيارين گلائون گس تي،

ماڻهو اڳيئي ويندا آهن، اَنبن واري رَس تي،

ڏاهي انهيءَ ڏس تي، لنگهيو پئين لوسڻ ۾.

 

ٻڪري

لنگهيو پوان لوسڻ ۾، جو آهيان بکيت بيڪاري،

 

ٻڪري

ڪندو بند بنگلي ۾، ڪنديس درد منجهان دانهون،

ڪڏهن ٽِڪنديون ڪينڪي، بُکيون ڪي بلائون،

ڪنديس عرض آءٌ، ڪونه ڪندو بند بنگلي تي.

 

ملوڪ

توکي ڪندو بند بنگلي تي، جو ڏاڍا ڏين ٿي ڏک،

پاڻي توکؤن پري ٿيندو، بڇڙو ڪندئي بک،

اُس ڪڍندئي اکيون، ليڙو ڪندئي لُکَ،

پڃرو ٿي پئي رهندينءَ، سائي سُڪندئي ڪُک،

اڳيان سنڀارين سُک، ته مهڻا نه ڏيار ’ملوڪ‘ کي.

 

ٻڪري

مهڻا ڏياريان ٿي ’ملوڪ‘ کي، جو ڌڪا ڏيندم ڌرار،

ٻچا جهليا اٿن تِترين جا، سي ٻڪريون ڪيئن چاريندا ٻڪرار؟

انهن کؤن ويساهي وينجهار ! لنگهي پونديس لوسڻ ۾.

 

ملوڪ

لنگهي پوندين لوسڻ ۾، هيڏي ڪري هل،

ڪاراوا مون تي ڪاوڙجي، مدومون کائن دل،

مون کي ملي موڪل، پوءِ لنگهي پؤ لوسڻ ۾.

 

ٻڪري

موڪلائڻ مون لاءِ، تون ڪڏهن وڃين ٿو ڪونه،

سارو ڏينهن ستو پيو آهين، نه اٿئي اندر ۾ اون،

بڇڙو ڪيو بَون، ستو پيو آهين سوڙ تي.

 

ملوڪ

توکي ساڙ سوڙ جو، ڪميڻي ٿيو آ ڪهڙو؟

ماڻهو هن ملڪ جا، مون سان جهٽ پٽ ڪندا جهيڙو،

چنبن سان چوٽي پٽي ويندا، جيئن ڪنڌ کُٿل ڳيرو،

ڦَسِي ! ڏيو ڦيرو، تون لنگهيو پوين ٿي لوسڻ ۾.

 

ٻڪري

لنگهيو پوان لوسڻ ۾، ميري آڇ مَ مَت،

ڀڄڻ جي ڀيڻيءَ جي، مون صلاح ڏي ثابت،

ڪئين گهمن ٿا ڪيترا، ’صادق‘ جهڙا سُست،

’حاجي‘ ويٺو آ هت، مون کي لوڌيندو ڪونه لوسڻ مان.

 

ملوڪ

توکي لوڌيندو لوسڻ مان، سڄو ڏينهن ڪري ٿو سڏ،

مون واٽر مان وهائي وڌي، اندر هڪڙي اڏ،

هيرڻ پوکيا اٿم حُبَ مان، ٻي گوار تنهن ۾ گڏ،

بڇڙي ! بانور ڇڏ، مهڻا نه ڏيار ’ملوڪ‘ کي.

 

ٻڪري

مهڻا ڪانه ڏيارينديس ’ملوڪ‘ کي، جنهن سان ساڻي ٿيندو ستّار،

روضي پاڪ رسول جي، آهي ڪبوترن جي قطار،

پڃري پاڪ رسول جي، آهي طوطن جي تنوار،

رکو پيار پنجتن ڏي، ٿيو حسينڻ جا حبدار،

انهي ڪلمي جي آڌار، بيشڪ هلندئو بهشت ۾ [1].

 

ملوڪ

بُري ! بهانو ڪري، وئينءَ لوگهي مان لڪي،

 

جي ديڳڙا رکيائون ڌوئڻا، سي اُتئين اُٺايان،

داٻلا پنهنجيءَ دل تي کڻيو کپايان،

وٽا جي هن وراڙ جا، ٿي لوڪان لڪايان،

ٻنڌڻا تن ٻروچن جا، آءٌ چڪن ۾ چايان،

پُڇ نه لُٽڪايان پيٽ تي، نڪي ستايان،

مانيون پنهنجي مڙسيءَ تي، خوب ڀُڻي کايان،

جي سر سهسايان، ته به رهنديس ڪڏهن ڪينڪي.

 

جان محمد

رهندينءَ ڪڏهن ڪينڪي، توکي مانين ڏني ميٺ،

ڪنهن ڪئي آهي ڪانڪا، چري ! تنهنجي چيٺ،

آئينءَ ڪِني جي آوَرَ ۾، ته ڪٽيندءِ پاسا پيٽ،

پادر هڻندءِ پٺن ۾، نڪ ۾ هڻندءِ نيٽ،

ٽِٽر ! تنهنجي ٽيٽ، روز ڪنداسين رات جو.

 

ڪتي

روز ڪندئو رات جو، ته ڪڏهن اينديس ڪانه،

جو عزت وڃايان اڳوڻي، مڙيئي مان شان،

پاروٿا منهنجي پيٽ مان، نڪري پون نه نان،

هاڻي ڪڏهن اينديس ڪانه، ’مسڻ‘ جي ماڻهن ڏي.
 

مناظرو الهيار ۽ ڪُتيءَ جو

(چيل الهيار گَڏاڻِيءَ جو )

]هن مناظري ۾ هڪڙي ڪتي، الهيار جي اٽي جي ڳوٿري کڻي وڃي کامن ۾ پهتي ته الهيار به ڳوليندي ڳوليندي وڃي مٿان پيو ۽ ڪتيءَ کي هڪل ڏنائين ته ڪتي ڀڄي ويئي ۽ هو ڳوٿري کڻي موٽي آيو. پوءِ اهو سمورو واقعو مناظري جي صورت ۾ چيائين. ڪتيءَ کان ڳوٿريءَ جي کڻڻ جو سبب پڇي ٿو. ڪتي جواب ڏئي ٿي ته: آءٌ نڪا چور آهيان ۽ نه وري چورن جي ساٿياڻي آهيان. واٽ وٺيو پئي ويس ته ٺلهي ڳوٿري ڏٺيم جنهن ۾ اٽي جي چپٽي به پيل ڪانه هئي، رڳو هڪڙي ڪئنچي ۽ هڪڙي پراڻي پاڪي پيل هئس، ان جو ڌڻي ڌوڻي هئوئي ڪونه تڏهن کڻي آڻي کامي ۾ ڇڏيو مانس. ناحق تو مون کي کڻي چور بنايو آهي. جيڪڏهن ڪڇان ٿي ته وري معاملو وڌي ويندو. تنهن تي الهيار جواب ڏنس ته: اسين ڪي رواجي ماڻهو ناهيون، جيڪو ڏوهه ڏنڊ تنهنجو هجي ته ٻڌاءِ. اسين ته توکي ڏوهاري ڪيو ويٺا آهيون. جواب ۾ ڪتي جهيڙي کي پسند نه ڪري چئي ٿي ته ”آڻ مڃي جهڳڙا ٽُٽا‘.[

 

الهيار

ڪتي آئي قسمت سان، مٿئون لَڄ سٽي،

وسلا تن ويچارن جا، ويٺي عام نڪي،

بازي سا بلوچن کان، ويئي ڪانه کٽي،

جيڪا مڏي کنيائين پاڻ سان، سا ويئي کامن منجهه سٽي،

 

جي ٽَپڪي [2] تي ٽَهِين، سو مون سين مَ ڳالهاءِ ”مير“ چئي.

 

گدڙ

مير ! ٻٽي ڏينهن ٻِچن سين، مون آهين ڏک ڏٺا ڏر،

پِنڊي ڏٺيام پَٽَ ۾، سا مون گهِري آندي گهر،

هاڻي مير ! مناسب ڪر، نه ته وڌ گهٽ ڪري وڙهنداسين.

 

مير

جي وڌ گهٽ ڪري وڙهندين، ته آءٌ پورا ڏيندوسانءِ پار،

تنهنجو چائو آهي چوريءَ سين، ٻي آهيئي بُک ڏني ڏاتار،

مٿي تي ميار، تون ٿو اڳي کڻين ذراپَچا [3] زالين جا.

 

گدڙ

مير ! مانئِر [4] آن، ته به سکرين جو ملاحظو ڪر،

آءٌ آهيان سکر ’سيالين‘ ۾، منهنجو آهي چڱن سين چلاءِ،

رکندو مون کي الله، ان ذري پچين زالين جي کان.

 

مير

ڪوڙا ڪُليون [5] ڪرٽڻا، گانڊو گلارا،

پيرهاڻ [6] پانڌيئڙن جا، وڃين کڻيو کڏهارا [7]،

ڦِڪا ڦَشارا، تون ڪيئن مرن جو مٽ ٿئين !

 

گدڙ

مير ! رک پنهنجي سانئري ’سنگهر‘ ۾، آهي جتي تنهنجي جاءِ،

مون آهي سُوئي [8] ڳالهه سندياءِ، ته تون ٿو پَڳين تان بيت ڏئين.

 

مير

جي ٿو پڳين تان بيت ڏِين [9] ته تون به ان کان اڳرو ڪونه آهين،

جي پوئي ڪل ڪُتين جي، ته تون سَٿو [10] ڪونه سهين،

تون جو ٽَپڪي تي ٽهين، سو مون سان مَ ڳالهاءِ ”مير“ چئي.

 

گدڙ

سونهن واٽ ’سنگهر‘ جي، ڪڏهن آءٌ املهي [11] ايندوس،

چم تنهنجا چوري، آءٌ کَلون سڀ کيندوس،

ناز منجهان نيندوس، شُوشِي [12] تنهنجو سٽيڪڻيون [13].

 

مير

جي شُوشِي نِيندون سٽيڪڻيون، ته پوُندي ڪتين کي ڪَل،

چڙهندين وَر وانچ [14] جي، اُها آهي اُمهاڙي اَجهَل،

کُسِي ويندياءِ کَل، اهي ٿوٿا ڏيندين ٿوهرين ۾.

 

گدڙ

اونداهي اڌ رات جو، آءٌ لونگهو لکيندوس،

واچ ڳَنا [15] ويندوس، آءٌ پُترندوس [16] پاڙي ۾.

 

مير

جي پُترندين پاڙي منجهه، ته هيءَ [17] مڙس کڻي مڙندياءِ.

 

بيٺل ڏسي بُل تي، وئين کر ! گهڻا کائي،

ناهي تنهنجي دل ۾، ڪو خوف خدائي،

جهَڙپ ڏيو جهٽيو وڃين، تون ڪُڪڙ ڪاسائي !

کڻيو وڃين کُڏين مان، اٿئي عادت اهائي،

خيال نه ڪرين ”خاصخيلي“ جو، پليد تون پائي،

ڪريو بيحد بڇڙائي، پوءِ لڪيو وڃين لوڙهي ۾.

 

ٻلو

لڪان نٿو لوڙهن ۾، اهو اٿئي منهنجو گهر،

مائٽاڻو مڪان آهي، پِيڙهين کان پَڌر،

ڪڙم قبيلا منهنجا، ٿي رهيا ان اندر،

آءٌ به رهان ٿو اتهين پنهنجي ساڻ سڳر،

سوين منهنجي ساٿ ۾، آهن صورتون سڌر،

منهنجي هن مذڪور جي، توکي ناهي خان خبر،

مذاق مَٺو ڀانئيان، تون بَڪ اها بند ڪر،

اسان جي اخلاق جي، توکي پروڙ ناهي پچر،

ٻار ! تون ٿو ٻِلو چئين، مون کان ڪنبن ٿا ڪيهر،

سڀئي سلامي منهنجا، اٿئي جيڪي جانور،

جي ڪندس حڪم همراهن کي، ته ڇا ڪندين ڇوڪر؟

کُڏين مان کڻي ويندئي، اُٺائي ازگر،

ٻيو نه پسندين پَٽ ۾، آنو انهيءَ پر،

ڪڏهن ڏسندين ڪونه وري ٻچو تون ٻيهر،

ڪندئي صفائي سيگهه ۾، لوڙهائي لشڪر،

سڙيا ! سک صبر، جهيڙو نه ڪر جوان سان.

 

مجيد

جهيڙو ناهه جوان هي، تون هنئين ساڻ هنڊاءِ،

سئي ڳالهه سُرت ڪري، وڃي سڳر کي سمجهاءِ،

سڌ ڪري سيگهه تون، قربئون ائين ڪوٺاءِ،

حقيت هن حال جي، تون ٻِلن کي ٻڌاءِ،

ته ويهجي وڻ جي ڇانوَ ۾، سو وڍڻ ڪين جڳاءِ،

جي ڪتو نه پڪڙي چور کي، ڦِري ڌڻيءَ کي کاءِ،

ته ڪڍجي تنهن ڪتي کي، رکڻ ڪين رهاءِ،

اکر انهيءَ هڪڙي مان، تون پروڙ پرجهي پاءِ،

همراهه پنهنجي هٿ سان، وڃي چڱيءَ چال چلاءِ،

ڪڪڙ منهنجي ڪم جا، تون کاهُه نه ڪري کاءُ،

لشڪر هيڏو لوڙهي ۾، تون رهزن ڪيم رهاءِ،

سَڏي مڙيئي منٽ ۾، تون پنهنجي هتان پٽاءِ،

ڪُڪڙن جي قاتلن جا، کِيما سڀ کڻاءِ،

نه ته چاڙهيندس لشڪر لوڙهي تي، سڏي برادر ڀاءُ،

آهن خار ”خاصخيليءَ“ کي، پنهنجون پاڙون ڪيم پٽاءِ،

وڃي لحظي منجهه لڏاءِ، لشڪر پنهنجو لوڙهي مان.

 

ٻلو

لشڪر هن لوڙهي مان، آءٌ ڪڏهن ڪين ڪڍندس،

جيسين آهي ساهه سرير ۾، تيسين پيو وير رکيو وڙهندس،

ڪڪڙ تنهنجا قرب مان، پيو کڳيون هڻيو کڻندس،

بازي ڪريو بُل ڏيو، ٻچا ٻوساٽيندس،

ضد رکيو، زيان ڪريو، هتي پيو هلندس،

اَرڏايون اهڙيون ڪريو، پيو چال اها چلندس،

شوق منجهان شڪار ڪري، پيو مزا ماڻيندس،

تو جهڙي ڇوڪر جي، آءٌ ڪاڻ نه ڪڏهن ڪڍندس،

جي ڪندين لڙائي مون سان، ته بهادر ٿي بيهندس،

ڪر هڪل همراهن کي، ڪيهر جان ڪُڏندس،

مورئون نه مُڙندس، جي ڪندين جنگ جوان سان.

 

تُرتئون ٿيءُ تيار، موذي ! اچ ميدان ۾.

 

ٻلو

مرد آهيان ميدان ۾، تون ڇا وڙهندين ڇوڪر !

وات منجهان وائي ڪڍ، سنڀالي سکر،

نه ته ايندي ڪاوڙ ڪيهر کي، ڏڪي ويندا ڏونگر،

’ميائو ميائو‘ موج مان، ڪندس گروڙيون گهر گهر،

ويندئي سارَ سرير مان، ٿيندين بيحد بيخبر،

وڃي وٺي اچ پانهنجا، دوست ٻيا دلبر،

اڪيلو اڳتي نه اچج، نه ته مرندين منٽ اندر،

سَهي سگهندي ڪانه ڪا، دل تنهنجي ڌڌڪر،

جوان پنهنجيءَ جوءِ ۾، آهيون آفتون ازگر،

آهيان سردار سڀن جو، پختو پَٽ اَندر،

نانءُ منهنجو نينگر ! آهي مشهور ملڪن ۾.

 

مجيد

ٻلا ! تون ٿو ٻار سمجهين، پر نينگر آءٌ ناهيان،

نوريئڙي کان ننڍڙو، تو ڀاڙئي کي ڀانيان،

سر تنهنجو سيگهه ۾، ٿو وڍيو وڃايان،

لَوڻي تي لت ڏيئي، توکي سڀڪجهه سمجهايان،

زيان ڪريو ظاهر چئين ’نقصانڪار ناهيان‘،

شيطان تنهنجي شوخيءَ جي، ٿو لاک هينئر لاهيان،

جي ڪُڪڙ ڪرٽيئي قديم کان، سي ٿو ڀيڙيو ڀرايان،

سوگهي توکي سزا ڏيئي، ٿو حق تي هلايان،

اِجهو اُٿيو آهيان، ماريندوسَئِين ميدان ۾.

 

ٻلو

ماريندين ميدان ۾، جو اَڪ جي ماکي آهي،

ڏن منهنجو ڏيهه ۾، ڪو مِير نه موٽائي،

راز منهنجي روح جو، ڪير واپس ورائي،

کپيم اتان کڻيو وڃان، ڪُڪڙ ڪڏائي،

نوڪر مون نر اڳيان پيو سڀڪو سڏائي،

ڪنهن کي قوت ڪانه آهي، جو لوڌي لڏائي،

مون حشمتي حيوان اڳيان، ڇوڪر هڪ ڇاهي،

خبر ڏي ’خاصخيلين‘ کي، ته ٿو ٻِلو ٻولائي،

سنگتي سورهيه سورما، ڪُل اچ ڪوٺائي،

ڪو ڪٽڪ اچ ڪاهي، ته ڪريون مقابلو ميدان ۾.

 

مجيد

مقابلو ميدان ۾، هاڻي جوان ڪندا جهونجهار،

گهڻا ڏينهن گوهيون ڏنئي، بل کاڌئي بدڪار،

اڄ ڏيان ٿو رخصت راڄ کي چوطرف چوڌار،

سامهون ٿي تن سورهين سان، تو ڪندين ڇا تڪرار؟

تنهنجا ڏينهن پورا ڪيا، اڄ پرور پالڻهار،

ڦاسي هينئر ڦاهي ۾، ٿيندين گانڊو گرفتار،

ڪڍندئي ساڙ ڪُڪڙن جا، ماڻهو ڏيئي مار،

ٻلا ! تون ٻيهار، ڪندين مقابلو ته ”مجيد“ سان.

 

ٻلو

مقابلو جي مرد ڪندا، سي آڻي ڪو اِظهار،

ڪونه سجهي ٿو هت ڪو، مرد ميڻادار،

جوان نه آهي هن جوءِ ۾، ڪو حرفتي هوشيار،

جو مرد وڙهي ميدان ۾، اهڙو سورهيه ناهي سوار،

مانگر کي منهن ڏيئي، هت جوان بيهي جهونجهار،

ڪڏهن ٻڌو اٿم ڪونه ڪو، اهڙو ناليرو نروار،

باقي منهنجي مڙسيءَ جي، توکي آهي خان خبرچار،

ڪڏهن سامهون ٿيندين ڪينڪي، تؤ جهلي تڪرار،

تون ويهي ڪر ويچار، پوءِ پَتو ڏي پهلوانن جو.

 

مجيد

پتو ٻڌ پهلوانن جو، تون سنڀالي سارو،

پاڙو منهنجو پهلوانيءَ ۾، آهي ڪُل کان ڪرارو،

هڪل ڪندس ’هاشم‘ کي، ڪندو ’ولي‘ وسڪارو،

’ابراهيم‘ اڳيئي آهي، درد دِل وارو،

کنيا اٿئي ڪُڪڙ ’خاصخيلي’ جا، ٻڌي لس لابارو،

سو کنيو ايندو خار مان، ڪلهي ڪوڏارو،

’گلو فقير‘ گوڙ ڪري، ڏيندئي لٺ جو لامارو،

جي ٿو اچيو وڃين اري ۾، ته ڪندئي ’متل‘ منهن ڪارو،

’راڻي’ کي آهي روح ۾، وير ڪڪڙ وارو،

سو ڪڏهن ڇڏيندءِ ڪينڪي، ’مياڻو‘ موچارو،

’ڇٽو‘ ايندو ڇِرڪ سان، ڪري دهشت ڌڌڪارو،

’حاڪم‘ هڪڙي منٽ ۾، لاهيندئي لابارو،

’امام بخش‘ اُٿندو، ٻيو ’جمعو‘ جهونجهارو،

جڏهن مرد ڪندا مارو، تڏهن ”مجيد“ مڙندو ڪونه ڪو.

 

ٻلو

اهي ٻول ٻڌڻ سان، ٻلي ڇڏيو ٻَر،

منٿ ڪيائين ’مجيد‘ کي، ته اڄوڪو ڏينهن تون ٽر،

صبحاڻي صبوح جو، پهرئين سج پهر،

ڪڍي ويندس پنهنجو، لوڙهي مان لشڪر،

وڃي ويهندس جهنگ ۾، جت ٻيا جانور،

وري ايندس ڪينڪي، ڪڏهن تنهنجي در،

هاڻي دلجاءِ ڪر، اسين آهيون اڄوڪي راتڙي.
 

مناظرو محمد رحيم ۽ ٻليءَ جو

(چيل محمد رحيم جو)

]محمد رحيم ڳوٺ ’اڪليون‘ تعلقي ڇاڇري ۾ ماستر هو. هن ڳوٺ ۾ ’سميجا‘ مسلمان ۽ مينگهواڙ رهن ٿا. ’محمد رحيم‘ وٽ هڪڙو واقفڪار ’همٿو‘ نالي هندو سوٽهڙ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ اچي مهمان ٿيو، جو پنهنجي هٿ جي ماني ڪندو هو. انهيءَ ڳوٺ ۾ هڪڙي ٻلي رهندي هئي، جنهن کي ’همٿو‘ روز مانيءَ ٽڪر ڏيندو هو. محمد رحيم کي روزانو ڳوٺ مان ڪجهه کير ملندو هو، جو هڪڙيءَ رات ٻلي ڦٽائي ويئي، تنهن تي محمد رحيم کيس چوي ٿو ته: ٻلي ! کير پي اُن جي خمار ۾ آڪڙجي پئي هلين، هڪڙو چوري ڪرين ٻيو سينو سهائين. هاڻي هتان هلي وڃ، نه ته چڱي ڳالهه نه ٿيندي. محمد رحيم جي انهيءَ دڙڪي جو جواب ٻلي هن طرح ڏئي ٿي ته: ماستر صاحب ! کير جو ايڏو خوف نه ڪر ۽ نه ڪي وري اهڙو موذي ٿيءُ جو کير چڪي لاءِ وڙهڻ تي سنڀري بيهي رهين. توکي کير پاڙي مان پنيو ملي ٿو، ان تي به ايتري ڪاوڙ ! تون ...[


* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان اڪبر علي لغاري کان ملي.

.. ملوڪ پٽ علي خاصخيلي ڳوٺ حيدر خان لغاري لڳ سيرانڊ تعلقي سنجهوري جو رهاڪو آهي.

[1] . ان بعد ٻڪري ضد ڇڏي انجام ڪيو ته وري لوسڻ ۾ ڪانه وينديس، پر وري ٻئي ڏينهن ملوڪ ڏسي ته ٻڪري لوسڻ م بيٺي آهي، ۽ وري سوال جواب هلن ٿا.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان محمد عالم ”شور“ کان ملي.

. الهيار پٽ الهداد گڏاڻي، ڳوٺ گاجي گڏاڻي تعلقي ميرپور ماٿيلي جي رهاڪو آهي. سندس جنم اٽڪل 1325هه/1907ع ٿيو. سندس نڙ جا بيت مشهور آهن. ڳجهارتن جي ڀڃڻين جا بيت جن ۾ گاهن ۽ شهرن جا نالا آهن سي گهڻي انداز ۾ ياد اٿس.

[2] . ٽپڪو = ٺڪاءُ.

[3] . ذراپچا = ٿوري گهڻي شيءِ.

[4] . سانئر = شاعر.

[5] . ڪليون = چم جون وڍيون (جتين جو).

[6] . پيرهاڻ = چپليون، جتيون.

[7] . کڏهارا = دغا خور.

[8] . سُوئڻ = ٻڌڻ.

[9] . ڏين = ڏيان.

[10] . سٿو = صبر.

[11] . اَملهو = ڪُمهلو.

[12] . شُوشڻ = تلاش ڪرڻ.

[13] . سٽيڪڻي = جنڊ جو اِستر جنهن تي اٽو ڪري.

[14] . وانچ = ڪتيءَ جو نالو.

[15] . ڳنا = کان.

[16] . پُترندوس = پوندس.

[17] . هيءَ = ڪتيءَ ڏانهن اشارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org