حاجي
ٻوڙي ! وڃ ٻئي پاسي، ٿي ٻنيءَ کان ٻاهر،
سُور پٽياسون سانوڻيءَ جا، ڪاهياسون هلاکين سان
هر،
پاڻي ڏنوسون پاڇاٽن کي، سي سَلا ٿيا سڌر،
سهڻي ٻَڌائون ساوڪ گهڻي، وڏا ٿيا ويتر،
ڍڍي چؤنڪ به ڪري، وڃي جام پڪي جوئر،
وريو وارو تنهنجو، جو اَجائي ڪرين ٿي اَر،
هاڻي پِٽيل ڇڏ پچر، نه ڪر هلاک ”حاجي“ کي.
ٻوڙي
حاجي جهڙا هلاک، اڃا هت ڪئين ٿيندا،
آئي آهيان ايڪڙ ٻيڪڙ، اڃا ولر وهين جا ايندا،
جوئر پچي جام ٿيندي، اچي خوشيءَ مان کِيندا،
پوءِ جڏهن لابار پِيندا، تڏهن وري وينديس وطن تي.
حاجي
ويل ڪنهن وطن جي، پاڙئون پِٽيل آهين،
هرڪو خوش گذاري وطن ۾، تون رُلي ڪيئن آئين ؟
کاڄ غريبن جو کريل ! تون ٿي کائين،
ماري ڪندوسئين مائِين، نه ته اٿي ٻوڙي ٻنيءَ تان.
ٻوڙي
ٻوڙي اٿي ڪيئن ٻنيءَ تان، ڏاڍا ڏين ڏهڪار،
آءٌ ٿي ڏسان تنهنجي شرافت کي، نه ته ڪنديس ڪٻرين
کي ڪوڪار،
وهيا آڻيانءِ ولائت کان، ٻيا هيڙهن جا هزار،
ڳيرا تن ڳوٺن جا، ٻيا ٺوڙها تن کان ڌار،
جهرڪين جهڙي جهار، تون تڙي تڙيندين ڪيتري؟
حاجي
ترت تڙيندس تنهنجا آءٌ ورائي ولر،
آدم جي اٽڪل جي، توکي ناهي خبر،
پوڇَڙ وڌو اٿم پَٽ جو، تنهنجي هڪلڻ لاءِ هينئر،
ماري ڪندوسئين مردار، بهنش ڀڃي بانور،
ٿي ٻنيءَ کان ٻاهر، نه ته سٽي ڪڍندوسئين ’سرانڍ‘
مان.
ٻوڙي
سٽيندين ڪيئن ’سرانڍ‘ مان، تون خبر ڏي کولي،
تون ويٺل شهر ’وڪيل‘ جو، ٿيو ’سرانڍ‘ توکان هوڏي،
آءٌ ٿي سهڙان رات ’سرانڍ‘ ۾، ڏينهن ٻنيون ڳولي،
ڀُلج ڪين ڀولي، سٽبين ڪين ’سرانڍ‘ مان.
حاجي
سٽبينءَ ڪين ’سرانڍ‘ مان، آءٌ هلي ايندوسئين هيئن،
ڇانڀا هڻندوسئين ڇوهه مان، جتي ٿي ويهِين،
وڙهندوسئين وانهر تي، تون ڪُٺل ڪندينءَ ڪيئن؟
جيئن هوندو تيئن، آءٌ سٽي ڪڍندوسئين ’سرانڍ‘ مان.
ٻوڙي
سنجهي لوڌ نه ’سرانڍ‘ مان، آهيان نماڻي آءٌ،
ٻچا منهنجا ملڪ ٿيا، جيت جبلَ ڏانهون،
بازون هڻون ٿيون بُک کان، سنگ سٽا کائون،
وجهانءِ ٿي اسم الله جو، ٻيو ٻڌانءِ ٿي ٻانهون،
ڪريان درد مان دانهون، ته وڙهجانءِ نه وانهِري
سان.
مناظرو دوست محمد ۽ وڇونءَ جو
(چيل دوست محمد جو)
]سگهڙ
دوست محمد کي وڇونءَ کاڌو. ان جي آزار کان پنهنجي
ٻارن ’طيب ۽ نصير‘ کي پنهنجي ڀاءُ ڏانهن احوال
موڪلڻ لاءِ سڏي ٿو. ۽ خط جي احوال جو ذڪر ڪندي چئي
ٿو ته: هن ويري (وڇونءَ) سان آءٌ پڄي کائيندس.
وڇون اهو ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڀرجي کيس وري وري ڏنگڻ جو
دڙڪو ٿو ٿئي. سگهڙ ان دڙڪي کي وزن نه ڏيئي کيس
دٻائي ٿو. وڇون اتي جي راڄ سان ٿو ذڪر ڪري ته: هي
ڊڄڻو ۽ روئڻو پنهنجي عزيز رمضان وٽ روئندو ويو ۽
فتح عليءَ کي ’ياسين‘ پڙهڻ لاءِ چيائين سو ٿو مون
سان وير رکي؟ وري سگهڙ کي ٿو چئي ته: مون ملڪ سڃا
ڪري ڇڏيا آهن ۽ مون کي سدائين وَرُ پيو آهي،
تنهنڪري اهڙو مغز نه ڌار. پر سگهڙ کيس چئي ٿو ته:
آءٌ به اهڙي ڪار ڪندوسانءِ جو سڀ ڪجهه وسري
ويندءِ.[
تمهيد
فرض پڙهي فجر جو، ٿيس ترت منجهان تيار،
هڪڙي آبت علڻ جي، ٻيو ڪاوڙيو هو ڪمدار،
ڀيڙا ڪري ڀاڪر وڌم ته ٿي ڇيڻن منجهه ڇَوڪار،
هنيو ڏنگ ڏاڍو، وهه سندو وينجهار،
هڪڙي طلب ’طيب‘ جي، ٻيو ’نصير‘ نڪر ٻهار،
مون سان هي آزار، وري کڻي وڇون ڪيو.
دوست محمد
بيشڪ ڀاءُ منهنجي ڏانهن، کڻي وڃو خط،
وڙهندس هن ويريءَ سان، ماري ڪندوسانس مَٽ،
نه ته لاشو منهنجو لاڏڪو، هوندو وري وڇونءَ وٽ،
مڙد آءٌ به مٿير آهيان، لوڪ سمجهان لٽ،
پنهنجي ڳالهه گهٽ، ڪيئن ڪريان هن وڇونءَ لاءِ.
وڇون
پنهنجي ڳالهه گهٽ نه ڪرين، تون وري وجهين ٿو زنگ،
حرامي ! متان اچين هُڙِيءَ ڏانهن، تنهنجو ڪسي آهي
دنگ،
آءٌ سارو بدن سور ڪندوسانءِ، ڏاڍا هڻي ڏنگ،
نه ته ميدان رکان موڪرو، جتي جوٽِيندسُون جنگ،
نروار ٿيو نسنگ، وجهين وير وڇونءَ سان.
دوست محمد
وجهندس ويرُ وڇونءَ سان، آءٌ به جوان آهيان جُنگُ،
اِئين ماريندوسانءِ، جيِئن ڪُرڙِي چونڊي ڪُنگُ،
اِئين آءٌ پيَئِين جيئن ڀنگي پيئن ڀنگ،
سڀئي سڏايان صوبيدار، وجهايانءِ ونگ،
اهڙا ڪرائي رنگ، مڃائيندوسانءِ موچڙن سان.
وڇون
مڃائي ٿو موچڙن سان، سُڻو راڄ ’ستّار‘،
روئي ويو هو ’رمضان‘ وٽ، اڳيان ڏيئي اوڇنگار،
ڦيرو ڪيائين فتح عليءَ ڏانهن، ’ياسين‘ پڙهه يار !،
دانهون ٻُڌي ’دوست محمد‘ جون، رُنس ٿي ٻار،
ته ته کاڻو رکيو کار، وجهي وير وڇونءَ سين.
دوست محمد
وٺين ٿو نالا ٻارن جا، تون ڪڃر آهين ڪير؟
سُڀاڻي تو تي صبح جو، ڪندس مڙدن سندا ميڙ،
لُنب، لوفر ڀيڻهان ! تنهنجو ڪونهي هتي ڪيڙ،
آءٌ ننڍا وڏا نينگر گڏ ڪندس، جنهن ورايو هوندو
ڀير،
اڌ سير سمجهين اسان کي، پاڻ سڏائين سير،
آءٌ مٿان ڏيئي پير، بڇڙو ڪندوسانءِ ڀٽونئڙا !
وڇون
بڇڙو ٿو ڪري ڀٽونءَ کي، ڏسو هن مڙد جو مگر !
آءٌ پنهنجن کان پري آهيان، وجهيو گهمان وَرُ،
لڏائيندوسانءِ لوڪ مان، پٽي اهو گهَرُ،
ملڪ ڦٽائي مون ڇڏيا، سُڃا ڪري سَر،
وٺي وڇن جا ولر، لڙي ايندوسانءِ لوڙهي تي.
دوست محمد
لڙي ايندين لوڙهي تي، ڏيئي پير چار،
آءٌ به ڪندوسانءِ ڪار منهان قاعدي سندي ڪار،
اهڙي ملنديئي مار، جو وڙهڻ ويندءِ وسري.
مناظرو ڪانهيي ۽ ڪَهه جو
(چيل ڪانهيي مينگهواڙ جو )
]هن
مناظري ۾ شاعر ٿر ۾ ڪَهه (ماڪڙ جي ٻاچ) جي پيدا
ٿيڻ جو ذڪر ڪري، ماڪڙ کي چئي ٿو ته: چڱي موسم ملي
ويئي اٿئي جو ٽپڪيو پئي وڻ ٻوٽا کائين، هاڻي جي
ڀلائي مان ڄاڻين ته هي ملڪ ڇڏي وڃي ڪو ٻيو ملڪ
وساءِ. جنهن تي ماڪڙ چويس ٿي ته: مون کي تنهنجي
دڙڪن جي ڪاڻ ڪانهي، تنهن کان سواءِ کائڻ لاءِ کيرو
۽ مڪ ملي ويئي اٿم، سو ڇا به ڪرين آءٌ تيستائين نه
وينديس جيستائين کائي موج نه ڪريان، تنهن تي
ڪانهيو کيس چئي ٿو ته: مون کي ننڍيءَ عمر جو ڏسي
مستي نه ڪر، آءٌ جيڏي مهل هاري وٺي آيس ته اُهي
ٻُهاري کڻي کڏن ۾ هڻندءِ ڪهه به کيس ٺهه ڦهه جواب
ٿي ڏئي ته: اسين هارين جي هٿ اچون ڇو؟ هڪڙيءَ کي
جهليندا ته ٻي ٽپندي. اهڙيءَ طرح اسين نچي ٽپي
پيون موج ڪنديونسين. نيٺ شاعر انهيءَ جي مهڻي تي
ڪاوڙجي ٿو چويس ته: توکي اڃا پئي تِيڪ وهي، سو وري
ڪندينءَ مقابلو مردن سان. تو لاءِ ’مهريو‘ ئي ڪافي
آهي، اهڙي ڪار ڪندئي جو سارو لوڪ سڻندو. اڃان به
جي جند نه ڇڏيئي ته انگريز کي چئي کل لهرائي
ڇڏيندوسئين. آخر ۾ ڪهه پنهنجي هار قبول ڪري چئي ٿي
ته: هاڻي پڪ اٿم ته توهين مون کي ٻهاري ٻورين ۾
وجهندا، پوءِ ڌڻيءَ کي سوال ٿي ڪري ته: اي ڌڻي !
مون کي هاڻي کنڀ پيدا ڪر ته اُڏامي اُڀ ڏسان. شاعر
وري به کيس ٻڌائي ٿو ته ايڏي تڪڙ چڱي ڪانهي، ڇو ته
تنهنجي ڪڏڻ جو مهينو آهي فقط ’ڪتي‘، ان کان پوءِ
مانگهه موڙي وجهندءِ، آخر ٿيندي سياري جي موسم
جنهن ۾ نه رڳو سيءُ ساڙيندءِ پر ڪاوڙيل ڀيل به
ماري پورو ڪندءِ.[
ڪانهيو
نڪريو هو نروار ٿي، ٽپڪيون ڏيو وهي،
جهُوڙ ٿئي وڃي جهاڙين تي، ٽونريا ڪريو ٽهي
،
نيٺ ٻَنو ڏيندي ٻاجهرين کي، ”ڪانهيو“ ڪهي
،
هيءَ ڪيئن رهي، جو موسم ويئي آهي ملي.
موسم ويئي آهي ملي، جنهن جو ويساهه ڀڳس ويس،
اَڀرو ڏسي تون آڙو مَ ڪر، مٿي ڪندوسانءِ ڪيس
،
نڪري تون ملڪ مان، ڏِينهان ڇڏ ڏيس
،
سا به نه ڏيندس سيس، جو آهين ڪميڻِي ڪَهِه تون.
ڪهه
ڪميڻي چئين ڪَهِه کي، ڪانهي تنهنجي ڪاڻ،
سڀ کان سوکو آهي، کيري منجهه کاڻ
،
ٻولائي تنهنجي ٻنيءَ ۾، اڃا اينديس هاڻ،
توکي ريهلي ٻني ڀيلي، ڪنديس رانديون ٻِي رهاڻ،
ڪانه هلي ڪاري ”ڪانهيا“ ! تنهنجي، ڇو ڪرين ٿو ٽاڻ
،
پنهنجو پاڻ سڃاڻ، ڪهڙو قصو ڪندين ڪَهَه سان.
ڪانهيو
ڪهڙو قصو ڪندس ڪَهِه سان، مون کي ڏينهن ننڍو مَ ڏس
،
پورپِتا پوکنِ ۾، تون ڪيئن مرين ٿي ٽِس
،
اَڏ ٻَڌيو تون اُڃَ جي، ڪرين ”مينگهواڙ“ سان مِس
،
گَسن مٿان گِس، يا ٻاهر رهه وڃي ٻنيءَ کان
.
ڪهه
ڪيئن ٻاهر رهان ٻنيءَ کان، تون ريت سان رهاءِ،
سڌي اينديس گِدِي ڪري، تون مون کي ڪندين ڇا ؟
هُڇڪندين، ڇُڇڪندين، ڇڏي ڏي ڇانڀا
،
ويهي ٽاهه لِئي سين، تون ڏس مشاهدا
،
هڪڙي اُڏي، ٻي ڪُڏي، ڦاٽي ويا هارين جا ٻاڪا
،
اهڙا ئي هاري هئا، تون ڏاڍو ڪو ڏاهو آهئين.
ڪانهيو
آءٌ ڏاڍو ڏاهو آهيان، ويندس کيٽو کٽي
،
لاسِيئر ڏسي تون لڙائي نه ڪر، ڇڏيندس ڦوڳن سان ڦٽي
،
ويجهي نه اچڻ ڏيندس واڙ کي، چاڙهيندس ڀِٽ کي سٽي،
هڪڙا هڻندس، ٻيا کڻندس، پل ۾ پوڙا پَٽي
،
هاري کائيو کُڦر ڦِڳائين، چڱيءَ طرح تي چَٽي
،
اهڙا ڏينهن ٿي ڪَٽي، سا ڪَهِه ايندي ڪيئن وري !
ڪهه
ٻِيهار کڻي ڪين اينديس، پر آهيان هيلوڪي به هِت،
وينديس هلي وطن تي، مون کي رات پيئي جِت،
ڇِتي ٿي پوان ڇانِهين تي، مون کي ٽُوهَن کان اچي
پِت،
منهنجي ليکي ڪِت، آءٌ ڪنديس لحاظ ’لاڪُو‘ جو
.
ڪانهيو
تون ڪهڙو لحاظ ڪندينءَ ’لاڪُوءَ‘ جو، جنهن کي ڊگهو
ڏسي ٿئي ڊپ،
هونڇي هڻندو هاهِي ۾، مٿان ڏيندئي ڏَپ
،
تون رُهلا ڪندينءَ ريٽن ۾، هو لُوهَه ڏيئِي ڀريندو
لَپ،
مٿان ڏيندئي ڏپ، ته لينڊي لَس وهنديئي.
ڪهه
وَهندي لينڊي لَس، آءٌ وينديس ننڍي نڪري،
جڏهن مڙسي اچي مون ۾، تڏهن اينديس چوڌاري ڦِري،
لڙهندي آءٌ لُري، ساري سَرهَه ڦِري
،
جيڪو ڄاڻي مون سان وڙهي، سو ڪونه ڏسان ٿي ڏيهه ۾.
ڪانهيو
ڪونه ڏسين ٿي ڏيهه ۾، پر نيٺ ’مهريو‘ آهي مارو،
جنهن وٽ هنر کيٽا گهڻا، ٻيو ڪَڻ نه ڏيندئي ڳارو،
نياپو ’مهرئي‘ موڪلبو ته: پريان اورهين ڪري وارو،
هو ته گَرڙ گُسي ڪين، توسان ٿيندو کارو
،
سُڻندو لوڪ سارو، ته اهڙا ڪم ٿيا ڪَهه سان.
ڪهه
اهڙا ڪم ٿيا ڪهه سان، ڪِني ڪيو آهي ڪُوڙ،
پڇي پنهنجو پاڙو، مون کي پَڪ پيم پروڙ،
ڪين ڇڏينديس اُن کي، جهيڙو ڪنديس ضرور،
ٽنڊڙڻ لاءِ ٿي ٽپ ڏيان، جهٽ ڏيئي ڪندس جُهوڙ،
اِي سِيئا جو سُور، مون کي آهي من ۾
.
ڪانهيو
اي مهڻو ڪندينءَ من ۾، ته پهر نه رهندين پَل،
نِياءُ نبيريون ’نَبي سر‘ ۾، ’مٺيءَ‘ ۾ تون هَل،
تعلقي مِٺيءَ جي جو، آءٌ ڀريندڙ آهيان ڍل،
عرض ڪيم انگريز کي، آيو ته اُڏائيندئي کل،
ڪِني ! تون ’ڪانهيي‘ سان، ڪهڙو ڪندينءَ خلل ؟
ڪهڙو قصو ڪندينءَ ڪانهيي‘ سان، جنهن کي ٽاهڻ جي
آهي ٽل،
پهر پائي پل، هُونڇي هڻندوءِ هائيءَ ۾.
ڪهه
هونڇي هڻندين هائي ۾، وات جو آهين ويڙهو،
چِٻ ! تنهنجي چئي سان، آءٌ ڪين ڇڏيندس سيڙهو،
اچين ٿو تون آڪڙ مان، ڪهڙو ڪندين جهيڙو؟
ڪونه پوان ٿي قبوليءَ ۾، ٻاهر ڇڏيو مون ڏيرو
،
جڏهن ڪڍيم ڦيرو، تڏهن ويندس ڪانا ڪيرائي.
ڪانهيو
ويندينءَ ڪانا ڪيرائي، آءٌ تان نه ڇڏيان تاري،
تون خوشيون ڪرين ٿي کائڻ لاءِ، ڀِٽن تي ڏيو تاري،
اڌ آهي ’جوڻيجي‘ جو، اهو حق وهنواري،
ٻني ’فقير محمد’ جي، آءٌ آهيان هاري،
توکي ڇڏيندس ماري، نه ته وڃ سِڌي ’سنڌ‘ کي.
ڪهه
وڃان ٿي سنڌي ’سنڌ‘ کي، گُونٽا ڪندي گس
،
سنڀريو وڃان ٿي سارين ڏي، ليها ڏيندي لس
،
پهرين پٽ اوهان جو کِينديس، پوءِ وڃي ڪَس
،
ساري آءٌ سانوڻ ۾، ماڳهين نه ڍاپان مَس،
مون کي چاري ڏنو چَس، وات نه ڪڍان وڻن مان.
ڪانهيو
وات نه ڪڍندينءَ وڻن مان، ڪرين ٿي موت لاءِ،
هينئر هِن هَرپار تي، آهن جام به ’جوڻيجا‘،
مارڻ لاءِ ماندا آهن، جي ايندئي اوچتا،
گُسڻ جهڙا گانڊو نه آهن، ڪڍندا تنهنجو ساهه،
جيسين ڪرائيندينءَ نِياءُ، هو ٻُهاري هڻندئي ٻورين
۾.
ڪهه
بهاري هڻندا ٻورين ۾، تون بندا ڇڏ بَڪ،
کارين تان کٻڙين جي، آءٌ مڃر کِينديس مَڪ،
هت نه آءٌ ٽڪان، مون کي سورهَن ئي آنا شڪ،
پرور ! ڏي تون پک، ته اُڏامي چڙهان اُڀ کي.
ڪانهيو
اُڏامي چڙهندينءَ اُڀ کي، چتوڙي مَ وڃ چوري،
ڪُڏهن ٿي ’ڪَتي‘ ۾، ’مانگهه‘ وجهندئي موڙي،
سرڪي تون سنجهي مان، ٿيندينءَ سيءَ ۾ سوڙهي،
’ڀِيل‘ ڀيڙا ويٺا آهن، ڪوٺي ايندس ڪوڙي،
پنڌرهن ڳائُو پهر ۾، ”ڪانهيا“ هلو ڏوري ،
ڌڻي به گڏيا ڌوڙي، اُت ڪندا مار مَڪڙن ۾.
مناظرو ڪانهيي ۽ ڪهه جو
(چيل ڪانهيي مينگهواڙ جو )
]هن
مناظري ۾ شاعر، ٿر ۾ ٻئي ڀيري ماڪڙ اچڻ جو ذڪر ڪرڻ
کان پوءِ ان جي ٻچن ڏيڻ جو بيان ڪري ٿو. ان بعد
ماڪڙ کي ننديندي کيس ياد ٿو ڏياري ته مون چار سال
اڳ به چيو هو ته: تنهنجي اچڻ مان ويچارن وهين جو
وارو وريو. جواب ۾ ڪهه ڪاوڙجي چئيس ٿي ته: تون
هميشہ ائين ٻارن (ماڪڙ جي ٻچن) کي دڙڪا ڏيو
ڊيڄارين ٿو. آءٌ به لڪي لت هڻئين ۽ هنگي هٿ ڀريئين
ته خبر پئجي وڃئي. ان تي شاعر به سندس طبعي حالتن
بدلجڻ جو ذڪر ڪندي کيس ٻڌائي ٿو ته: جي ڌڪو کڻي
اچي ورتو مانءِ ته هيءُ ملڪ يڪدم ڇڏي ويندينءَ.
تنهن تي ڪهه ٻڌائيس ٿي ته: ائين تڪڙي آءٌ به هن
ملڪ مان يڪدم ڪانه وينديس، ڇو ته پنجن مهينن جي
ترسڻ لاءِ موڪل اوهان جي ساڌن (چڱن مڙسن) ڏئي ڇڏي
آهي.شاعر وري به کيس ٻڌائي ٿو ته مون کي ننڍڙو ڏسي
نخرا نه ڪر ۽ يڪدم هتان هلي وڃ نه ته ٻهاري
هڻندوسئين کڏ ۾. ڪهه چيس ته چوويهن مڙسن جي ڇيڙ
انهيءَ ڪم تي لڳائي اٿو پر اڃا مون کي ڪجهه به نه
ڪري سگهيا آهيو، مٿان اچي منهن انڌارو ٿيو آهي،
اوهين هروڀرو اچي هلاک ٿيا آهيو، هاڻي خدا خير ڪري
ته سگهوئي موٽي ملڪ هلي وينديس. اهڙيءَ طرح سوال
جواب ڪندي آخر ۾ شاعر کيس ٻڌائي ٿو ته: انگريز
آفيسرن جي حڪم سان توکي ناس ڪرڻ جو سندرو ٻڌو
اٿئون، تون ڏسين نٿي ته پورهيت تنهنجي پٺيان اچي
پيا آهن، تنهنڪري توبهه ڪري ڀڄي وڃ.[
|