سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :36

اميد علي

هُرلي ۾ هلڻ جو، تون بگا ! رک خيال،

وِيهون ڪج وَهڻ سان، سڄو سارو سال،

جئن ماڻهو تنهنجي ملڪ ۾، ڳائين پيا ڳالهه،

جيڪو کاڌو گهرندين، سو ميڙي ڏيانءِ مال،

پوءِ بگا بور ! بحال، اُٿي هَل هُرلي ۾.

 

ڍڳو

هلندس ڪين هُرلي ۾، توڙي وڏا ڪرين وَس،

مون کي چهبڪن تنهنجي، ڏاڍي ڏني چَس،

ماري ماري ماندو ٿيندين، پاڻهي ڪندين بس،

ڪٽي ڪٽي ڪاوڙ مان، توڙي گهِلي ٺاهين گَس،

جي ڪرنگهي ڀَر ڪِريس، ته به هلندس ڪين هُرلي ۾.

 

اميد علي

ٻيلي ڏاند ! ڏاهو ٿيءُ، تون هُرلي ۾ هل،

دغا ڪڍي دل مان، ڇڏ خرابي خلل،

بٽئيءَ مهل بالم ٿي، زميندار ڇڪيندو ڍَل،

هاڻي ڪري ڪائِي ٽَل، اُٿي هَل هُرلي ۾.

 

ڍڳو

هلندس ڪين هُرلي ۾، تون منهنجي دعويٰ ڇڏ،

پاڻ پڃيو بانٺن سان، وري ڪرين ٻين سڏ،

ٻئي هنڌان مهل ڪري، وڃي پنهنجو آتڻ آڏ،

جي ڀَڃِي وجهندين هڏ، ته به هلندس ڪين هُرلي ۾.

 

اميد علي

هُرلي منجهه هلڻ جي، ڪا بگا ! وائي وار،

جي تون ڪانئر ڪم جو، ته مفت کائيندين مار،

باقي ڏينهن ٻه ٽي، سي جئن تئن ڪري گذار،

ڪُوڙائي ڪڍ قلب مان، سچو ٿيءُ سچار،

منهنجي چڱاين پچار، اُٿي هل هُرلي ۾.

 

ڍڳو

هلندس ڪين هُرلي ۾، توڙي ڪپي وجهين ڪنڌ،

پير نه پائيندس پِڙ ۾، توڙي سٽين کڻي سنڌ،

پيو هوندس پاسي ڀر، ويٺو انهيءَ هنڌ،

ڪين ڇڏيندس ڪڏهن، اهو ڦيرو ڦند،

جي ڀڃين کڻي ڏند، ته به هلندس ڪين هُرلي ۾.

 

اميد علي

هلندين ڪين هُرلي ۾، کوهي لاهيندوسئين کل،

بگا ! انهيءَ بَهنش [1] تان، توکي کنيو آهي ازل،

لچائي ڇڏ ”لغاري“ چئي، اُٿي هُرلي ۾ هل،

دغا ڪڍ دل مان، ڇڏ خرابي خلل،

بگا بهارُل ! اُٿي هل هُرلي ۾.

 

ڍڳو

هلندس ڪين هُرلي ۾، آءٌ کڻي هڪ قدم،

نه ڪا پرواهه اٿم پادرن جي، نه ڪا ڳڻتي غم،

وِک نه کڻندس هڪڙي، جيسين اٿم دم،

توڙي ڪونڊيون ڏين ڪڪڙن جون، ته به ڪين ڪندس ڪم،

پوءِ چيري لاهين چم، ته به هلندس ڪين هرلي ۾.

 

اميد علي

هُرلي ۾ هلڻ کان، تون بگا ! منهن  نه موڙ،

سنهي سُٺي ڪُتر سان، ٻي کڙ ڏيندوسانءِ کوڙ،

ڏنگائي ڇڏ ڏاند تون، بيشڪ ٿيءُ ڀلوڙ،

ماڻهن تنهنجي مُجري لاءِ، مِڙي ڪيا گوڙ،

اُٿي ڊڪ پائي ڊوڙ، اُٿي هل هُرلي ۾.

 

ڍڳو

هلندس ڪين هُرلي ۾، ڀل سوين ڏينم سک،

کپئي ته کاڌو کاراءِ، نه ته مفت مارج بک،

سرائي ! تنهنجي سونٽن جا، مون کي ڏاڍا آهن ڏک،

هڪڙو ڪاڙهو قهر جو، ٻي لُوساٽ ۽ لُک،

جي ڪڍي رکين ڪُک، ته به هلندس ڪين هُرلي م.

 

اميد علي

جي هلندين نه هُرلي ۾، ته ڪندس سونٽن جي صفائي،

گهليندوسانءِ گسن تي، نڪرندئي نه وائي،

رٿِي اصل تو روح ۾، آهي بگا ! بڇڙائي،

تو جهڙي ڏنگي ڏاند کي، آءٌ وجهان ها ڇائي،

ڇڏ ڍڳا ڍِلائي، اُٿي هل هُرلي ۾.

 

ڍڳو

هلندس ڪين هرلي ۾، تون ٿو ڏيڪر ڏيکارين،

اي ”لغاري“ لڪڻن سان، مون کي مفت ٿو مارين،

هڪڙا سونٽا هڻين ساڙ مان، ٻيا وٽهڙ ٿو وارين !

جي سِر کڻي ڏارين، ته به هلندس ڪين هُرلي ۾.

 

اميد علي

ٻيلي ڏاند ! ”ٻروچ“ کي، تو ڏاڍا هنيا ڏنگ،

آءٌ ڳانيون آڻي ڳچيءَ ۾، چَڙيون ٻڌئين چنگ،

ماڙهو مِڙي مُلڪن جا، تنهنجو ڏسن اچي رنگ،

ته آهي ڏاند ”ٻروچ“ جو، اَرڏو ڪو اَڙٻنگ،

ڇڏ ڍلائيءَ جو ڍنگ، اُٿي هل هُرلي ۾.

 

ڍڳو

هلندس ڪين هرلي ۾، توڙي، قهري هڻين ڪان،

وک نه کڻندس هڪڙي، جواب اٿيئي جوان !

ماڙهو مجرو منهنجو ڏسي، ڀل کِلن بيٺا خان،

پير نه پائيندس پڙ ۾، توڙي دڙڪا ٻَڌين دهمان،

جي جلي ويندم جان، ته به هلندس ڪين هُرلي ۾.

 

اميد علي

هُرلي ۾ هلڻ کان، تو ڏنو ڏاند جواب،

اصل هئا اَندر ۾، توکي دغا ۽ دولاب،

ڏِيڪر ڏيکاري ڏاند کي، مون ڏاڍا ڪيا تاب،

مُور نه ماسو چُريو، ڇڏي هستيءَ جو حساب،

اڙي بگا ! بي حجاب، اُٿي هل هُرلي ۾.

 

ڍڳو

هلندس ڪين هُرلي ۾، تون ڇو ٿو ڪرين منٿ،

هڪڙا سونٽا هڻين ساڙ مان، ٻيا ريلا وهائين ٿو رت،

سرائي ! سور تنهنجا، مون کي آهن اندر ۾ البت،

ڇو ڪاوڙ جي قهر مان، تون ماندو ٿين ٿو مفت،

کيٽو ڪرين کَپَت، ته به هلندس ڪين هُرلي ۾.

 

اميد علي

هلندين ڪين هُرلي ۾، ڀڃي ڪندوسانءِ ڀور،

ڊاهي وجهندوسئين ڌوڙ ۾، جئن ناسون ٽِيڙي نور،

سامهون ٿين ٿو ساڙن مان، سِٽي جئن سور،

ڪِنا ! ڇڏ ڪاوڙ کڻي، بگا منهنجا بور !

هاڻ ٽَل سُهڻيءَ ٽور، اُٿي هل هُرلي ۾.

 

ڍڳو

هلندس ڪين هُرلي ۾، تون مٿو مُور نه هڻ،

هنڊاءِ هينئين سان، ڳالهه به منهنجي سڻ،

رسو ڪڍ سڱن مان، پوءِ منهنجا ڏس ڀڄڻ،

ڪريان هڪ پَهر ۾، عمرڪوٽ آسڻ،

کاڌا کارائين مَڻ، ته به هلندس ڪين هُرلي ۾.

 

مناظرو بهرام ۽ بگي ڏاند جو

(چيل نواب جانوري جو )

]هن مناظري ۾ سگهڙ هڪڙو اکين ڏٺو واقعو بيتن ۾ چيو آهي. بهرام ٻوڙو ذات جو چانڊيو، هڪ ڍڳي گاڏيءَ ۾ ڦٽين جون برڪيون کنيو پئي ويو. هلندي سندس بگو ڏاند هلڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو. ويچاري گهڻيئي مٿا ڪٽ ڪئي پر ڏاند نه هليو، نيٺ ڍڳو بدلائي گاڏي گهر آندائين. انهيءَ وچ ۾ ڏاند، بهرام کي پنهنجي بيوسي ٻڌائي ٻين چانڊين کي ڏيئي ڇڏڻ جو عرض ٿو ڪري ته: اتي نه رڳو موچڙن کان ڇٽندس. پر کاڌو پڻ چڱو وڃي کائيندس، پر بهرام کيس خبردار ٿو ڪري ته چانڊيا مڙس موالي آهن، انهن وٽ ڪم نه ڪيئي ته رڳو بانٺا جهليندين. آخر ۾ لاچار ڏاند هيئن چئي آڻ مڃي ٿو ته: شڪر آهي جو تون ٻوڙو آهين پر جي ڪن هجنئي ها ته به منهنجي ڪانه هلي ها.[

تمهيد

بگو ڏاند بهرام جو، بنهه ڪري ويو بس،

گاڏي پنهنجي گهر تائين، موٽائي آندائين مس،

ته ڪونهي منهنجو وس، ٻُڌايائين ٻوڙي کي.

 

ڏاند

مون سان مهرباني ڪري، وڃي حال هنن کي ڏس [2]،

چاريندا ’چانڊيا‘ ٻروچ، توکي ڪهڙي ڪس ؟

من پوين ترس ۽ بيهارين بگو چئي.

 

بيهارين بگو چئي، کارائين کڙ،

اٿي آڌيءَ رات جو، چڱا ڪيان ڪي چَڙهه،

پتيءَ خاطر پانهنجي، ٻوڙا ! ڇو ٿو مارين مَڙهه ؟

آهيان اصلي سَڙهَه پيو ٻَڙها [3] جهليندس ٻوڙي جا.

 

بهرام

بگا ! تون ڪيئن بِهين، جو آهي ملڪ ۾ مَهانگُ،

’چانڊيا‘ مڙس موالي، آهن ڀنگڻ ڀانگ،

نه ته آڏو کڻي ڏانگهه [4]، بڇيندءِ ’بهرام‘ چئي.

 

ڏاند

حقيقت هن حال جي، بوڙا ڪين ٻُڌَن،

ڏسي بار برڪين جا، ڦڦڙ [5] ٿا ڦڙڪن،

پر توڙي ڪَن هجن، ته به ڪانهي بات ’بهرام‘ سان.

 

مناظرو بچائي ۽ ڏاند جو

(چيل بچائي رند جو )

]بچائي فقير اتر (سنڌ) مان هڪڙو ڏاند خريد ڪيو. ڏاند ٻٽي سال نار خوب وهيو. پوءِ هڪڙي سال بچائي فقير، ڏاندن لاءِ جوئر جو ٽڪر رکيو، پر ان به قد ڪيوئي ڪونه. فقير ڏاندن لاءِ کڙ ورتي هئي سا به پئسي جي اوچتي گهرج سبب وڪڻي ڇڏيائين ۽ ڏاندن جي ڪتر ڪرڻ لاءِ قادو نالي همراهه کي مزوريءَ تي بهاريائين، مزوريءَ جي پئسن لاءِ مٺن شاهه ضامن به ڏنائين، پر قادو انڪار ڪري هليو ويو. خود فقير جو ڀاڻيجو، جو ڏاندن لاءِ گاهه پٺو ڪندو هو، سو به ڀڄي ويو. ان کان سواءِ ڏاند به اچي وهيءَ چڙهيو هو، سو نار ۾ ٻه ڦيرا ڏيئي بيهو رهي. تنهن تي بچايو فقير کانئس نار ۾ بيهي رهڻ جو سبب پڇي ٿو. جواب ۾ ڏاند مٿين سموري حقيقت کيس ٻڌائي نار ۾ بيهي رهڻ جو سبب ٿو ٻڌائي. آخر ۾ بچائي فقير کيس دلاسو ڏيئي نصيحت ڪئي آهي.[

ڏاند

ڪئن بازي ڇڏيان ’بچائي‘ سان جو حرف مٿس هڪڙو،

ڪمي بهاريائين ڪونه ڪو، ڪيائين پئسن کي پورو،

خاصخيلي کان کڙ وٺي، ڪيئين پنهنجو پورائو،

آءٌ مران بک ۾، ڏس ڍورو سڪو سارو،

اهو سور سهيو سارو، آءٌ بچايا ! بيهو رهان.

 

بچايو

بيهڻ جي ”بچايو“ چئي، تون وائي سڀ وسار،

وسندا مينهن ملير تي، ٿيندا گاهن جا گلزار،

چريو ايندين چسون ڪيو، ڏسيو وڻ ولهار،

ساوا ! تنهنجي سار، اسين لهنداسون لابارن ۾.

 

ڏند

لهندين لابارن ۾، پر حرف رکين ٿو هاڻ،

’قادو‘ ويٺو ڪُتر ڪري، تون ڪُتر ڪرين ٿو ڪانه،

اهو اٿم ارمان، تڏهن بچايا ! بيهو رهان.

 

بچايو

بيهين ٿو ’بچائي‘ سان، تون ساوا ! ڪر ساڃاهه،

’قادو‘ مون سان ڪين بيٺو، جنهن کي ڪيم وس وڏا،

’مٺن شاهه‘ کي مون چيو، جنهن پاڻ ڏنا ٿي پئسا،

ڀاڻيجو ڀڄي ويو، جو آندو هيم اتان،

هئاسون انهيءَ حال ۾، تيسين وهي آيو واهه،

ڪتر مون کان ڪانه ٿئي، آهين واقف ورهين کان،

ساوا ! ٿو سڃاڻان، توکي انهيءَ ڏينهن کان.

 

ڏاند

سڃاڻين انهيءَ ڏينهن کان، جڏهن هيم جوڀن جواني،

ڏاڍا منهنجا ڏند هئا، ٻيون ڏاٺون ۽ ڄاڙي،

جوڀن ويو اٿم جاڙ ڪري، تڏهن مهڻن سان مارين،

پوءِ ڳالهه سڻيو ساري، آءٌ بچايا ! بيهو رهان.

 

بچايو

بيهين ٿو بچائي سان، تون ساوا ! ڪر ساڃاهه،

وڌا اٿئون وقوف سان، چيڄا چڱيءَ جاءِ،

ايندا جڏهن انجام تي، تڏهن خوشيءَ سان پيو کاءُ،

رکين ٿو تون ’رند‘ تي، ارمان اجايا،

اٿئي ڳالهه اها، تون بازي ڇڏ ”بچائي“ سان.

 

ڏاند

ڪيئن ڇڏيان بازي ”بچائي“ سان، اهو اٿم ارمان،

جوئر وڌئي اهڙي جاءِ تي، جو قد ڪري ٿي ڪانه،

ڏسان ٿو جوئريون جهان جون، ٿيون آهن تار تمام،

پاسو ڏيان پنهنجيءَ جو، تڏهن هنيئون ٿئي حيران،

پوءِ اهو اٿم ارمان، تڏهن بچايا ! بيهو رهان.

 

بچايو

بيهين ٿو ’بچائي‘ سان، ٿي اٿئون ڳالهه ڳري،

وڌي اٿئون ووڻن ۾، ٻنيءَ اندر ٻاجهري،

آڻي ڏيندس اوهان کي، ڪجو چس چري،

ڇڏ بازي ’بچائي‘ سان، ڪر ڪا همٿ وري،

”بچايا“ رک نينهن نماز سان، متان وقت وڃئي وسري،

پوندو ڪم قبرستان سان، ويندا هڏ ڳري،

پوءِ ويندا تار تري، ڪلمون جن جي قلب ۾.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو رستم ۽ ڍڳيءَ جو

(چيل رستم فقير رند جو )

]هن مناظري ۾ رستم فقير پنهنجي بگي ڍڳيءَ جي نه مڙڻ تي اُن کان سبب پڇي ٿو ته: ڪهڙو ڏک سور اٿئي جو گاهه کايو اوڳارين بيٺي، باقي مڙڻ جي وائي ڪانه ٿي وارين ؟ هاڻي اسان کي بک نه مار مهر ڪري مڙي پؤ ! جواب ۾ ڍڳي ٻڌائيس ٿي ته: اوڳاريندي اکين مان لڙڪ وهيو پون ٿا، ڇاڪاڻ جو هڪڙو سڄو ڏينهن رولڙو ٻيو ڌنار جا ڌڪ جي نه ڏي

اڙي رستم ! هاڻي رکي مانيءَ سان گذران ڪر

اهڙي طرح ڍڳي آخر تائين ’نه مڙڻ‘ واري ضد تي قائم رهي

رستم فقير کيس گهڻئي مهڻا طعنا ڏئي ٿو ۽ گذريل سک ياد ڏياري مڙڻ لاءِ منٿون ڪري ٿو پر ڍڳي صفا جواب ڏئي ٿي. آخر ۾ شاعر، کيس ’رمون‘ کان ٻل ڏيارڻ وغيره جا ڊپ به ڏياري ٿو پر ڍڳي پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿي.[

رستم

مِڙڻ جي مَن ۾، تون وائي نَٿي وارين،

کايو گاهه خوشيءَ مان، بيٺي اوڳارين،

ڪهڙو درد اٿئي دل ۾، ڏي سڌ سچي ساري،

رنج ڪڍي ”رستم“ چئي، ڪر بَگي ! بهاري،

بک ڇو ٿي مارين، مِڙي پؤ مِهر سين.

 

ڍڳي

مِڙان ڪيئن مهر سان، اَٿم ڏک ڏمر،

پهرايو پرهه سان وڃي، ڇن منجهان ڇوڪر،

هڪڙا ڌڪ ڌنارن جا، ٻيو سڄو ڏينهن سفر،

اوڳاريندي اکين مان، پيو جام وهي جَر،

رک رستم ! دل رُکاڻيءَ سان، ته پوئي ڪو قدر،

ڏيهه ڌڻيءَ کان ڏر، مون تي نه رک ميار مِڙڻ جي.

 

رستم

مِڙڻ جي من ۾، نٿي بگي ! ڪرين بات،

ڇيڪ چرين ٿي ڇَن ۾، وڃو پنهنجي وات،

سنگن برابر گاهه ڏيئين، چرين سڄي رات،

اکر اصل کان اَرڏائيءَ جو، ٻي تن ۾ اٿئي نه تات،

ڏاهي ٿي ڏمر ڇڏي، پنهنجي سڃاڻ ذات،

پوءِ ڏاتر ڏيئي ڏات، مِڙي پؤ مِهر سان.

 

ڍڳي

مِڙان ڪيئن مهر سان، اهو اَٿم اَرمان،

پهرايو پرهه جو وڃي، مستيءَ ڀريو مستان،

ڇڏي ڪونه ڇن ۾، مون کي ’ڪمالو ڪپتان‘،

هڪ ريچڪ اٿس راند جو، ٻيو ملهه وڙهي مستان،

سارو ڏينهن سڃ ۾، مون کي بک ڪري بيران،

وڻي ڪونه وجود کي، آدم ڪو اِنسان،

پنهنجو به ڦر فڪر ٿيو، اچي زهر زبان،

دانَهه ! ڪر ڌيان، مون تي رک نه ميار مِڙڻ جي.

 

رستم

ميار توتي مِڙڻ جي، منهنجي هميشہ هئي،

ڌاريم توکي ڌن ڏئي، منجهان چاهه چَهِي،

پيئندس کير خوشيءَ مان، موڙا ڏئي مَهِي،

ڏُڪر سُڪر سندا ڏينهڙا، ويندا لحظا سڀ لهِي،

آڻي بيهاريندوسئين بندر تي، ساوا گاهه ڏئي،

وڙ نه وڃائج پانهنجو، حياتي هُئئِي،

نه ته آڻيندس رمون ”رستم“ چئي، ڏيندئي ٻُل ٻَهِي،

نهري توکي نئِي، وڃي گڏيندس گوهر ۾.

 

ڍڳي

گوهر جي گڏجڻ ۾ مون کي ادا ! ڏي نه اَڙي،

’رمون‘ ايندو ڪينڪي، مون ڏي لغاري لڙي،

ويجهو ويهندو ڪينڪي، تنهن کي آهي اڳ ڏنل تڙي،

راڳ ڇڏي ڏي رستم ! ڏينديسانءِ اَٺين پَهر ڦُڙي،

پوءِ رمون جهڙا رڙي، مون وٽان ڪئين مرد موٽي ويا.

 

رستم

ڪئين مَرد موٽي ويا، پر هي اٿئي لغاري لُچ،

ماريندئي مُڪن سين، ڪوسي ڏيندئي ڪُچ،

راڳ ڇڏي ڏي ”رستم“ چئي، لڳئِي ٿو مِڙڻ کان مچ،

صفا چوئين سچ، ته مِڙِي پئو مهر سين.

 

ڍڳي

مِڙان ڪيئن مهر سان، ٿو تاوَ رکين تَڙڪا،

رمونءَ جا ”رستم“ چئي، ٿو دانَهه ! ڏين دڙڪا،

کڻي ڇڏينديسانس کُرن مان، ٺيڪر ڪري ٺَڙڪا،

هاڻ مير ! متان مُڙجان، ٿي روانو ’رمون‘ ڏي !

 

ڏيرن جا ڏيهه ڌڻي، باري کڻندو بار،

رزق تن کي ربّ رسائيندو، ڏيهه ڌڻي ڏاتار،

ٻَڌو ! ٿم تُرهو توڪل جو، ٿيس الله جي آڌار،

’ڪرمونءَ‘ اهائي ڪار، ڏئي ٿو گاهه گهوڙن کي.

 

ڏئي ٿو گاهه گهوڙن کي، مون کي ڏي اولڙ اُڇلائي،

کايو پيو خوش ٿين، ڇڏين لِڏ ۾ وڃائي،

ڪاوڙ اچي ڪرمونءَ کي، ڪڍي گهٽيءَ مان ڪاهي،

هاڻي ڪاتي سنڀرائي، ڪيو ٿن پاڏو پاڪ [6] جو.

 

ڪيو اٿن پاڏو پاڪ جو، اهو آهه، سچن جو شان،

خير ڏين ٿا خوشيءَ مان، ٻيو دهرو ڏين دان،

باري تون بخش ڪرين، ’الهڏني‘ کي ايمان،

لطف سان لهي ويا ”احمد“ سڀ ارمان،

هو پاڏو پشيمان، هاڻ سائو چري سرهو ٿيو.

 

مناظرو جيئند ۽ گڏهه جو

(چيل جيئند علياڻي جو)

]هن مناظري جي شاعر جيئند علياڻي ويٺل ڳوٺ ٿهي کي ڪنهن هندو سيٺ چئن روپين مزوريءَ تي هڪڙو گڏهه ڏنو ته خيرپور ۾ ’ٻالو مل‘ کي پهچائي اچ. جيئند گڏهه وٺي هليو، واٽ تي هڪڙي هنڌ گڏهه گوهي ڪري بيهي رهيو. جيئند وڏا وس ڪيا پر گڏهه هلي ئي نه. نيٺ جيئند کيس هرکايو ته: پنهنجي ملڪ جي مهتن کي گڏهن جي چڙهيءَ ڏاڍو چس ڏنو آهي، تنهنڪري گهه ڇڏي هل ته جلدي رسون، ۽ توکي ٻالومل جي حوالي ڪريان، جو تمام گهڻو سنڀاليندءِ. پر گڏهه جواب ڏنس ته: آءٌ ’هئدي‘ ڏانهن ويندس پر توسان ڪونه هلندس. تڏهن فقير چيس ته: تنهنجو خيال آهي ته وڃي وس چرين، پر آءٌ سونٽيءَ سان سڌو ڪري هلي ٻالوءَ جي هٿ ۾ ڏيندوسانءِ. اڃا به نه هلين ته پوءِ ’سميجا’ سڏي ايندس جيڪي مون سان مدد ۾ ٿي توکي وٺي هلندا. ’جيئند‘ گڏهه کي ٻيا به گهڻا ڊپ ڏئي ٿو، پر گڏهه اهائي ’هئدي‘ وڃڻ جي ڌم لائي بيهي ٿو.[

جيئند

خرچيون ٿيون خوشيءَ مان، چئن روپين ڏنو چَس،

همٿ ڪري هلجانءِ تون، گڏهه وٺي گس،

مهتا اسان جي ملڪ جا، جن کي چڙهيءَ ڏنو آهي چس،

’خيرپور‘ هلي رس، ته ٻاهران ڏيانءِ ’ٻالو‘ کي.

 

گڏهه

ٻاهران ڏيندين ٻالوءَ کي، تون لاهي ڇڏ خيال،

’مِٺو‘ ناهي ملڪ ۾، تڏهن ڪرين پيو تال،

هيڪر پسي حال، هليو ويندوسئين ’هئدي‘ کي.

 

ڪين ڇڏيندءِ ڪڏهن، اهي ’ساهڙ‘ پَئِي سارا،

جڏهن پوندا پارا، تڏهن ماريندءِ مِٽيءَ سان.

 

گڏهه

ماريندا مٽيءَ سان، نه ويندوسانءِ ”لغاري“ لِڪي،

چُٽا منهنجي چيلهه تي، پوندا چوڌاري چِڪي،

گاهه چريس ٿي ’گهوگهاري‘ جو، ناز ڪري نچي،

سڀ ڪريان ٿو سچي، ته هليو ويندوسانءِ ’هئدي‘ کي.

 

مناظرو گوئند مل ۽ گڏهه جو

(چيل مبارڪ ملڪ جو )

]’گوئند مل‘ دڪاندار هڪڙو گڏهه خريد ڪري، ان کي کارائي پياري چڙهيءَ لائق بنايو. هڪڙي ڏينهن ’ٻگهومل‘ جي مدد سان گڏهه کي ٻنڊي ٻڌي، سودي سامان خريد ڪرڻ لاءِ اُٿي هليو. جڏهن سامان سڙو خريد ڪري گڏهه تي رکي موٽيو ته ڳري هجڻ سبب واٽ تي گڏهه اِٽ هڻي بيهي رهيو. اتي ’گوئندمل‘ ڌتارڻ لڳس ته: توکي داڻو ۽ گاهه گهڻو کارائيندس. اڳ به توکي ڳڙ ۽ پنير کارائي ٿلهو متارو ڪيم، جيڪڏهن هينئر به خير سان هلي رسائين ته گوئيد کارائيندوسانءِ. گوئندمل گهڻئي قسم سنهن وڌس پر گڏهه مڃيئي نه، نيٺ ڪاوڙجي گوئندمل دڙڪا ڏنس ته: ڏنڊيءَ سان ٽنگون ڀڃي، واڇون چيري ۽ ناسون ڦاڙي ڇڏيندوسانءِ. جواب ۾ گڏهه به ٻڌايس ته: مون کي پنهنجي پيءُ جو چوڻ آهي ته ڪڏهن پن به پٺن تي نه سهج. سو جي مون سان گڙٻڙ ڪندين ته سمورو سامان ڌوڙ ۾ اڇلي ڏيندوسانءِ، ٿڙا به مٿي تي کڻڻا پوندءِ. آخر ۾ شاعر هن مناظري جو فيصلو پئنچن تي ڇڏي پنهنجيءَ راءِ جو اظهار ڪري ٿو ته گڏهه کي مارڻ سببان پاپي گوئندمل کي نيات مان ڪڍي ڇڏجي.[

تمهيد

اوّل اوّل نام الله جو، قادر ڪل جو آهي،

’ڪُن‘ چوڻ سان عرش ڪرسي ۽ ڪُل مخلوق بڻائي،

واحد واهه وڏائي تنهنجي، بندو ڇا بيان ٻڌائي،

”اَلانسان سِرّي وَ انا سِرّه“ ته ڀي ڀيد نه پائي،

جيڪا آهه ڄاڻ ڏنيس ڄاڻوءَ، تنهن مان بات بتائي:

’گوئندمل’ گڏهه جو ڌاريو، ڏوڪڙ پنج سيڙائي،

گاهه داڻي جي ڪمي ڪانهي، ويٺو خوب کارائي،

ڏاڻ مکڻ ڏيئي ڏاڍا تنهن کي، ڇڏيئين خرچ کَپائي،

نيٺ ندوري ساهه پَٽيو، هينگ تي هينگ ٻُڌائي،

ڪُشتيون کيڏي، پستيون ماري، ٺينگ ٽپا ٿو کائي،

ٻنڊي ٻڌايائين ’ٻگهومل‘ کان، منٿ ڪري ۽ مڃائي،

تنگ ڇڪي پوءِ تيار ٿيو، سودي لاءِ سنباهي،

رکي خرزين خريديءَ لاءِ، هَڙ ۾ پئسا پائي،

وڃي ورتائين ’ويڙهي مل‘ کان، سودو سندرو ساهي،

روڪ ڏنائين، رِهندا آيو ليکي منجهه لکائي،

ڪوهه پنڌ جو ڪوڏ منجهان، پوءِ آيو گڏهه کي ڪاهي،

هلندي گڏهه گوهي ڪئي، ويٺو جهوڪ اَلائي،

اچو پئنچو ! پرميشور کي دانهن ڏيون دل لائي:

ته ’گوئندمل‘ جي گڏهه هاڻي گوهي ڪئي آهي،

پرور پت بچائي، نه ته پوندي رات ’راهوجن‘ ۾.

 

گوئندمل

اٿي گڏهه ! ڇڏ گوهيءَ کي، توکي چوان چڱائي،

پاليومانءِ پيار منجهان، ڪر لائِي سَجائِي،

ڳُڙ پنير جي ڳاڙيم توکي، سي هل يار ملهائِي،

مار پوئي، ڪهڙي مَرِي آيئي، ويٺين کُپ کپائِي ؟

داڻو وجهندس دل تي، توکي قسم ذات خدائِي،

گهڻا وجهندس گاهه، تولئي تون کوئيد ڇڏجان کائِي،

هاڻي تنهنجي ڀلائي، اُٿي خان کڙو ٿي خير سان.

 

گڏهه

گوئندمل ! ڇڏ گوڙ گهڻو، ڪر ناحق نه گهمساڻ،

بار کڻڻ کان عار اسان کي، ثابت رک سڄاڻ،

ستن پيڙهين کان ٿوڪ ٿڙا، ڪين قبوليون پاڻ،

ڏور واڳ جو ڏانءُ نه اٿئي، تنگ گهڻو نه تاڻ،

ٻنڊي ٻڌ ٻين تي، جن کي ناهه ڄاڻ پڇاڻ،

گهمڻ گهٽين جي عادت اصلي، ڏيئي پڇتايئ يڏاڻ،

ناحق ڏنئي نياريون مون کي، اڳ نه ڄاتئي ڄاڻ،

اسان جا اهڙائي اهڃاڻ، تون ڳولي ڏس ٻين کي.

 

گوئند مل

اشرافت تي اصل نه ايندين، مون کي به ڪانهي دير،

ڀڃي ڏنڊيءَ سان ڀور ڪندوسئين، تنهنجا چارئي پير،

پُڇ پٽي مان لنڊو بڻائيندس هن ۾ ڦند نه ڦير،

ڌڪ هڻندس دهڪا ڪري، ڪونه ڇڏائيندءِ ڪير،

کڻ خرزين خوشيءَ مان، رک دل ۾ مَند نه مير،

ڪن ڪٽيندس ڪَنُو ! تنهنجا، واڇون رکي وير،

ناسن ڦاٽا ! ناسون ڪُٽي، ڍونگِي ڪندس ڍير،

وري به توسان وعدو آهي، جي ستت نيندين سوير،

ته توکي ڪڙٻ وجهندس ڪيترو، اٿي ڳالهه نبير،

هاڻي دم نه ڪر تون دير، ڇڏ گوهي توکي ’گوئند‘ چئي.

 

گڏهه

گوئند چئي، گوهي ڇڏيان، مون کان اها پڄي نه ڪار،

ڄاپڻ لاڪون پِيءَ پنهنجي سان، اهو ڪيم اقرار:

ته پَنِ نه سهندس پٺيءَ تي، توڙي مَڻين ملندم مار،

ٺُڪَ ٺهرايان پاڻ تي، جي هيڪر کڻان بار،

روز روز جي رِنگهه چِنگهه کان، اڄ ئي ڪريان انڪار،

مُول نه ڪوجهو ڪم ڪريان، پوي پويَن تي به پچار،

کڻ خرزين ڪلهي تي، هاڻي پنهنجي راهه سنڀار،

سودو ٿيندءِ سڃ ۾، نه ته ڪنُوڙي ڀوتار !

کڻ ٿَڙا پنهنجي سر تي، نه ته ٿيندين مفت خوار،

ڌاڻا ٿيندءِ ڌوڙ ۽ ٿيندءِ مصالحو مردار،

ڳُڙ مٺائي ڳري ويندءِ، جي لوڻ ڏنين لغار،

مرچون ملندءِ مٽيءَ ۾، ڪڍنديون رنگ اَپار،

هيڊ ٻڌجان هَڙ ۾، نه ته گم ٿيندءِ غمٽار،

هاڻي اسان جا اهيئي پار، تون پؤ پنڌ پيرن تي.

 

گوئند مل

پوان پنڌ پيرين تي، تنهن کان کل لاهيانءِ ڇو نه،

وڃي ڏيندس ميراثين کي، مون کي ڪَس لڳندي ڪونه،

سوا رپيو ثابت ملندو، سو به مَون لئي سون،

وڃي وڄائنيدس ڏوم، ڏونڪا هڻي ڏيهه ۾.

 

فيصلو

گڏهه ماريو آ گوئند، هاڻي ويهي ڪيو ويچار،

پئنچ ! مڙو سڀ پاڻ ۾، ڪيو پاپيءَ جي ته پچار،

سوا رپئي لئي گگدامن کي، ماريو هِن مردار،

ٿالهي پاڻيءَ کان لاهي ڇڏيو، ڪَيو ڌوتي کي ڌار،

”مبارڪ“ چئي ملوڪن جي، اچي ٿيو اختيار،

جنهن پاپيءَ جا هي پار، سو سُونهين نه پئنچن وچ ۾.

 

مناظرو مولوي ۽ گڏهه جو

(چيل مولوي الهرکيو اوٺو جو )

 ]هن مناظري ۾، مولوي الهرکئي جي گڏهه قائم جي ٻني ڀيلي ويئي. جنهن جي دانهن ملڻ تي مولوي شڪايت ڪندي چويس ٿو ته: تنهنجون گلائون ٻڌي ٻڌي هاڻي ته ڪڪ ٿي پيو آهيان، روز ٿي تنهنجي دانهن مليم. هاڻي ٻڌاءِ ته قائم جي ٻني ڪيئن کاڌي؟ ان تي گڏهه کيس سمورو احوال ٻڌائي ٿي ته: ڪهڙيءَ طرح آءٌ پوڙهي ڍڳيءَ جي مٽا سٽا ۾ تو وٽ آيس ان کان پوءِ عثمان پاڃاريءَ ۾ ڦاسايم ۽ مقيم موچڙن جي مار وڌي. اهڙي طرح نوري، جيئندي ۽ منٺار وغيرهه انهن سڀني وٽان سور سهندي وڃي قائم جي سائي ٻنيءَ ۾ پيس ۽ کائي ڍؤ ڪيم.[


[1] . بهنش = بحث، ضد.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي خيرپور) مان شاهنواز سومري کان ملي.

. نواب جانوري تعلقي خيرپور جي ڳوٺ لقمان جي اُتر اوڀر ۾ جانورين جي ڳوٺ جو رهاڪو آهي. اڻ پڙهيل آهي. سندس عمر هينئر اٽڪل چاليهارو سال کن آهي.

[2] . هنن کي = چانڊين کي.

[3] . ٻڙها = سونٽا، ڌڪ.

[4] . ڏانگهه = لٺ، ڌڪو.

[5] . برڪي = ڦٽين جو ٽهه مڻو ٻوجهو.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان جمال رند کان ملي.

. بچايو فقير عرف الهه بچايو پٽ بنگل خان رند لڳ ڳوٺ اگهاماڻي تعلقي ماتلي ضلعي حيدرآباد جو رهاڪو هو. ننڍي هونديئي پيءُ وفات ڪري ويس، انهيءَ ڪري کيس ننڍي وهيءَ ۾ ئي پيٽ گذر لاءِ مال چارڻ جو پورهيو ڪرڻو پيو. جوانيءَ ۾ ڪڙمت ڪيائين. بعد ۾ ڳوٺ محمد خان رند تعقلي جهول ۾ لڏي آيو، جتي سندس اولاد اڃا تائين رهي ٿو. سندس بيت مشهور آهن. اندازاً اَسي ورهين جي ڄمار ۾ 27- رمضان 1304هه ۾ وفات ڪيائين.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان جمال رند کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 409.

[6] . تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ پاڪ سنگهار ولي جو مزار آهي.

* . هن مناظري جي روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڊگهڙي) مان نور محمد لغاري کان ملي.

* . هن مناظري جي روايت اتر (تعلقي اوٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

. مبارڪ ملڪ، ڳوٺ جهنگل ملڪ تعلقي اوٻاوڙي جو رهاڪو آهي. اٽڪل 1895ع ڌاري ڄائو. ڪافيون ۽ ڏور جا بيت مشهور اٿس. ڳجهارتن ڳولڻ جو سلوڪ آهي.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو ص 454.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org