سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: --

صفحو :1

مناظرا

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

مقدمہ

مناظرا، عام سنڌي شاعريءَ جو نج ۽ نادر نمونو آهن. جنهن ۾ اڪثر سنڌ جي ڳوٺاڻن شاعرن پنهنجي ٻهراڙيءَ جي عام زبان ۾، عام فهم موضوعن کي ورجايو آهي، ۽ پنهنجي روزمرهه جي مشاهدن کي بيان ڪيو آهي. کل ۽ خوش – طبعي مناظرن جي جان آهن. ٻن ڌُرين جي وچ ۾ مناظرو آهي ته شاعر ٻنهي جي جيتري آهي تيتري بيان ڪري ٿو، ۽ جيڪي کيس ڀرجي اچي ٿو سو چئي ڏئي ٿو. فُڪاهت ۽ ظرافت، خوش گوئي ۽ خوش طبعي، وندر ۽ ورونهه مناظرن جي مضمون جا مکيه مقصد آهن.

مناظرن جي هيئت ۽ سٽاء

 اڪثر مناظرا ٻن ڌرين جي وچ ۾ زباني جهيڙا آهن، جيئن ته خير شاهه جو چيل ”ٽوپي ۽ پڳ جو جهيڙو“ مشهور آهي. پر سنڌي شعر ۾ هن قسم جا مڙيئي جوڙيل قصا ۽ نظير ”جهيڙا“ نه آهن: ڪي فقط حجتن وارا آمهان سامهان ”سوال جواب“ آهن، ته ڪي وري محض مُڪالما يا مُنهن مقابل ڳالهيون آهن جن ۾ ”جهيڙي“ جو مذڪور ڪونهي، پر البت هر ڪا ڌر حجتن ۽ دليلن سان پنهنجي ڳالهه ۽ پنهنجي نڪتي نظر کي مٿي ڪرڻ گهري ٿي. هن ڪتاب ۾ سترهن مذڪور (ص ص 1- 45) اهڙا آهن جن ۾ ايترو جهيڙو جهڳڙو ڪونهي، حجتون ۽ آمهان سامهان سوال جواب آهن*، ۽ ڇهه مذڪور محض مڪالما آهن جن ۾ ٻن ڌرين جي پاڻ ۾ گفتگو آهي، جنهن ۾ نه ڪي جهيڙو ته نه ڪي آڏا جواب آهن؛ انهن کان سواءِ باقي هڪ سؤ پنجٽيهه مذڪور اهڙا آهن جن کي ’جهيڙا‘ چئي سگهجي ٿو. هن صنف جي انهن ٽنهي قسمن – ’جهيڙن‘، ’حجتن وارن سوالن جوابن‘ توڙي ’مڪالمن‘ ۾ البت مناظري جو پهلو سمايل آهي، ڇاڪاڻ ته هر هڪ جو قالب سوالن جوابن وارو آهي، ۽ هر هڪ ۾ ٻنهي ڌرين مان هر ڪا ڌر پنهنجي ڳالهه کي موثر نموني ۾ بيان ڪرڻ جي خواهان آهي. انهيءَ ڪري مجموعي طور سان، انهي ٽنهي قسمن جي منظوم مذڪورن کي ’مناظرا‘ سڏيو ويو آهي.

مناظري جي اندروني سٽاء ۾ ٻن منهن مقابل ڌرين جو هجڻ لازمي آهي، جن جي وچ ۾ آڏا سوال جواب هلن؛ جيڪڏهن ڪنهن مذڪور ۾ آمهون سامهون سوال جواب ڪندڙ يا ڳالهائيندڙ ٻه ڌريون موجود نه آهن ته پوءِ انهيءَ مذڪور کي ”مناظرو“ نه چئبو. سنڌي شاعرن پنهنجن مناظرن ۾ جن ۾ ٻن ڌرين کي منهن مقابل ڪرايو آهي، سي زندگيءَ جي هر ڀاڱي سان واسطو رکن ٿيون؛ خواهه اهي جاندار يا بيجان آهن، يا محض حقائق ۽ نظريا آهن، مگر انهن مڙني کي عام زندگيءَ جي عملي توڙي ذهني وارداتن ۾ وڏو دخل آهي. ڪي مدمقابل ڌريون اهڙيون آهن، جي هڪٻئي جون مخالف يا ضد آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ مباحثو هڪ فطري امر آهي؛ ڪن ڌرين کي زندگيءَ جا حالات ۽ حادثا منهن مقابل ڪرائين ٿا؛ ۽ ڪي ڌريون وري شاعرن محض مزي ۽ ظرافت خاطر پاڻ ۾ اٽڪايون آهن. ڪتاب جي شروعات ’عقل ۽ عشق‘ جي مناظري سان ٿئي ٿي، جو فلسفي توڙي تصوف جي نظرين جي لحاظ سان مباحثي جو روايتي موضوع آهي. پهرين ستن مناظرن (1-45) ۾ هڪ ڌر عشق يا عاشق آهي انهن مان ٽن ۾ ٻي ڌر دلو يا گهڙو آهي جو سنڌي ماحول جو نمايان نشان آهي. ٻهراڙيءَ ۾ ٻانهياريون جڏهن هڪ دلو ڪڇ ۾ يا ٻيلهڙو مٿي تي کڻي هلن ٿيون، ته ڪير ناهي جو ٺِڪَر جي دِلن جي ايڏي بخت بلند تي واهه واهه ڪري ! ويچاري عاشق جي انهن رقيبن سان ريس ته هڪ فطري امر آهي ۽ انهيءَ ڪري عاشق ۽ دلي جي وچ ۾ سوالن جي ڏي وٺ ٿئي ٿي. ان بعد اٺين کان سورهين مناظري (48-90) تائين ٻئي ڌريون سنڌي جي رومانوي داستانن جي ڪردارن مان آهن. سسئي ۽ سندس سهيلين يا ليلان چنيسر جي وچ ۾ سوال جواب روايتي طور مشهور آهن، مگر اسان جي ڳوٺاڻن شاعرن سهڻي ۽ سسئي (66) توڙي مارئي ۽ مومل (85) کي منهن مقابل ڪرايو آهي ته معلوم ٿئي ته منجهائن ڪهڙي برک آهي. سترهين کان ويهين تائين (95-107) ”جواني ۽ پيري“، ”خيال ۽ خودي“ ۽ ”علم ۽ ڌن“ جي وچ ۾ مناظرا آهن، جي معنوي لحاظ سان مباحثن جا موضوع آهن. ايڪهين کان اوڻيتالهين تائين (112-197) ٻين شين جي وچ ۾ مناظرا آهن، جن جو پاڻ ۾ اٽڪي پوڻ بالڪل ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن مان ڪي هڪ کي پسند ڪن ٿا ته ڪي ٻئي کي، ڪي هڪ جا طرفدار ته ڪي ٻيءَ جا. انهن مان پهريون مناظرو ”ٽوپيءَ ۽ پڳ“ جي وچ ۾ (112) آهي، ۽ ٻين ۾ ٽوپي ۽ پٽڪو، کٿو ۽ بوڇڻ، سٿڻ ۽ گوڏ، ٻيڙي ۽ حقو، ڪؤنرو ۽ چلم، پان ۽ ٻيڙي، سون ۽ لوهه، موٽر ۽ جيپ، واٽر ۽ گهلو واهه، ناڙي ۽ سنڌ، اونهارو ۽ سيارو وغيره ڌريون آهن. ان بعد چاليهين کان اوڻونجاهين مناظري تائين (202-255) ڌريون اهي آهن جن جو هڪٻئي سان منهن گهنجائڻ هڪ فطري ڳالهه آهي، مثلاً زال ۽ مڙس، سس ۽ ننهن، ملان ۽ موالي، يا فقير ۽ بخيل. ملان سڪول جي استادن ۽ سرڪاري سڪول جي ماسترن جي وچ ۾ پڻ برٽش حڪومت واري دور ۾ قدري رقابت هئي، ۽ انهي ڪري هڪ مناظرو ”ملان ۽ ماستر“ (245) جي وچ ۾ آهي. پنجاهين کان وٺي ايڪهٺ تائين (264-311) مناظرا ٻن جانورن جي وچ ۾ آهن ۽ ٻاهٺ کان وٺي اٺهٺ تائين (314-326) مناظرا ٻن پکين يا اُڏامندڙ جي وچ ۾ آهن، جن ۾ شاعرن ڌرين کي محض وندر ۽ ورونهه، خوشي ۽ خوش طبعي خاطر پاڻ ۾ اٽڪايو آهي. اوڻهتر کان وٺي اوڻاسي تائين (340-393) مناظرن ۾ هڪ ڌر هاري آهي ۽ ٻي ڌر ڏاند آهي جنهن سان هاري جو روزانو ڪم آهي؛ يا ڪانءُ، ڪٻر، ڳيري آهي، جن کي هاري پوک تان تڙي ٿو؛ يا ڪو جانور ۽ مرون (هرڻ، گڏهه، سيڙهه، گدڙ) آهي جو سندس ڀيل ڪري ٿو ۽ هاري کيس هڪلي ٿو. انهي سلسلي ۾ هاريءَ جا ٻه مناظرا (391-393) گدڙ سان آهن. پر گدڙ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو مکيه شهري آهي؛ هڪ مڙس نالي وارو ٻي سه گهٽ، انهي ڪري گدڙ جا هاري کان سواءِ ٻين گهڻن سان پاند اٽڪن ٿا. سڄا سارا تيرهن مناظرا اٺهتر کان وٺي نوي تائين (391-437) اهڙا آهن جن ۾ هڪ ڌر گدڙ آهي، ۽ ٻي ڌر ڪو هاري، ڌنار، رئيس، ملان يا خود ڪو شاعر ۽ سگهڙ آهي. ان بعد ايڪانوي کان سؤ ڇٽيهن تائين (442-650) جيڪي پنجيتاليهه مناظرا آهن، تن ۾ هڪ ڌر ڪو ماڻهو يا ڪو خاص شخص (جنهن جو نالو ڏنل آهي) آهي، ته ٻي ڌُر ڪو جانور آهي. انهن جانورن ۾ اٺ، گهوڙو، مينهن، ڏاند، ڍڳي، پاڏو، ٻڪري، گڏهه، کودو، ڪتو، ڪتي، ٻلي، ڪوئو، موراڙو (سانڊو)، مڇي، ڏيڏر، وڇون يا ڪو پکي آهي. پکين ۾ ڪانءُ، سرڻ، چٻ، ڳيرو، ڳيري، جهرڪي ۽ ٻوڙي اچي وڃن ٿا، جن جي وچ ۾ ۽ ڪن خاص شخصن جي وچ ۾ تيرهن مناظرا هليل آهن، جن مان ڇهن ۾ هڪ ڌر ڪانگ آهي (573-606)، جيئن جانورن ۾ گدڙ تيئن پکين ۾ ڪانءُ نالي وارو آهي. ڪانءُ جي به گهر ۾ ٻارن سان ۽ ٻاهر پوک تي هارين سان چڪري آهي، انهيءَ ڪري مڙسن ۽ ڪانگن جي وچ ۾ هميشہ معاملا متا پيا آهن. مناظرن جي مطالعي مان ڏسبو ته ڪانگ به هڪ ڳري ڌر آهي، جنهن سان سولائي سان پڄڻ جي ڀيڻي ڪانهي. ان بعد ٻه مناظرا (653-660) شاعر ڪانهيي مينگهواڙ ۽ مڪڙن جي ڪَهه (ننڍڙا ٻچڙا يا پونگ) جي وچ ۾ آهن. ٿر ۾ مڪڙ آنا لاهين ٿا ۽ ڪَهه وڌي ٿي، جنهن کي مارڻ لاءِ ڪئين ڪوششون هلن ٿيون ڪانهيو خود ٿر جو شاعر آهي ۽ انهيءَ ڪري ڪهه سان منهن مقابل ٿيو آهي. ان بعد ٽي مناظرا لاڳيتا (666-671-674) ۽ هڪ ان کان اڳ (464) جملي چار مناظرا اهڙا آهن. جن ۾ هڪ ڌر شاعر ته ٻي ڌر ڪو وڻ يا گاهه (ڪونڀٽ، ٿوهر، ٻٻر، ڇٻر) آهي. ان بعد چئن مناظرن (678-681) ۾ هڪ ڌر شاعر ته ٻي ڌر ڪا شيءِ (ڪاني، ناڙو، ٽوپلو، موتي) آهي، ۽ ان کان پوءِ ڇهن مناظرن (685-714) ۾ ٻئي ڌريون ماڻهو آهن. پڇاڙيءَ جو ضميمي ۾ جيڪي مناظرا آهن تن جو مضمون سنڌ جا عشقيہ قصا (سسئي، مارئي، سهڻي) آهن، ۽ انهن جا ڪردار پڻ انهن قصن سان واسطو رکن ٿا.

مٿئين تجزيي ۽ تفصيل مان، مناظرن ۾ اٽڪندڙ ٻن ڌرين جي حيثيت توڙي نزاع جي نوعيت تي قدري روشني پوي ٿي. گهڻن شاعرن مناظرى جي بنيادي سٽاء ۾ ڪي اهم اضافا ڪيا آهن، ۽ ٻن منهن – مقابل ڌرين کان سواءِ ٻين کي پڻ پيش ڪيو آهي. هيءُ روزاني زندگي جو عام مشاهدو آهي ته جڏهن ڪن ٻن ڌرين جو پاڻ ۾ اختلاف ٿئي ٿو ته آخرڪار ٻئي گڏجي ڪو امين وارين ٿيون ۽ فيصلو راڄ جي چڱي مڙس وٽ کڻي وڃن ٿيون، يا وري سندن چوڻ کان سواءِ پڻ ڪو چڱو مڙس وچان پئي سهڻي نموني ۾ سندن صلح ڪرائي ٿو. ڪڏهن هيڻي ڌر پاڻ هلي وڃي ڪنهن سکر يا سٻر کي دانهن ڏئي ٿي يا ميڙ وٺي اچي ٿي. بهرحال، ٽياڪڙ يا امين معاملي نبيرڻ ۾ هڪ مکيه ڪردار آهي. ڪيترين ئي حالتن ۾ وري ٻن کي وڙهندو ڏسي خواهه مخواهه ٽيو وچ ۾ ٽپي پوي ٿو ۽ آب لهي ٿو. بعضي وري ڪنهن ڌر جو ڪو طرفدار اچي جهيڙي ۾ ڀيڙو ٿئي ٿو. ڪڏهن امينن آڏو هرڪا ڌر پنهنجا شاهد گواهه پيش ڪري ٿي.

مناظرن ۾ اسان جي سڄاڻ سگهڙن ۽ شاعرن معاملي جا اُهي مڙيئي پاسا پيش ڪيا آهن. ٻن ڌرين کان سواءِ، واريل امين يا ٽياڪڙ، ڪو وچان ايندڙ چڱو، خواهه مخواهه وچ ۾ ورندي ڏيندڙ، ميڙ ٿي ويندڙ، طرفدار ٿي ڳالهائيندڙ، توڙي شاهد گواهه سڀ مناظرن ۾ پيش ڪيل آهن، سهڻي ۽ سسئي ٻئي مجني ۽ رانجهو کي امين وارين ٿيون (72) مارئي ۽ مومل ڪنهن قاضي کي ٽياڪڙ ڪن ٿيون (87)؛ گهوڙو ۽ ڏاند خود شاعر هوت چارڻ جي گهر هلي اچن ٿا ته سندن ڳالهيون ٻڌي (272)؛ مڇر ۽ ڀنڀوري پاڙي جي پرين مڙسن وٽ پنهنجو معاملو پيش ڪن ٿا (338)؛ ڪنڊي ۽ ڄار ۽ پاڻ ۾ اٽڪن ٿيون ته ڪنڊي خود شاعر منٺار کي، جو اتان اچي لانگهائو ٿو ٿئي، سکر سمجهي دانهن ڏئي ٿي ته هو سندن ڳالهيون ٻڌي (171). ڪن معاملن ۾ وري ڪي چڱا ازخود اچي وچان پون ٿا: علم ۽ ڌن جي وچان عقل اچي پوي ٿو (108)؛ کٿي ۽ بوڇڻ کي وڙهندو ڏسي، قاضي وچان پئي کين پرچائي، ڀائر ڪري ٿو (124)؛ چلم ۽ ٻيڙي پاڻ ۾ چپ پون ٿا ته خود شاعر اُميد علي امين ٿي ٻنهي جي ڳالهه ويچاري ٿو (147)؛ ناس جي دٻلي ۽ چلم جي هل پکيڙي تي تماڪ اچي وچان پوي ٿو ۽ ٻنهي کي تنبيهه ڪري بس ڪرائي ٿو (151)؛ واٽر ۽ گلو واهه اٽڪن ٿا ۽ هڪ هاري اچي لانگهائو ٿئي ٿو جو وچان پوي ٿو (189)؛ ناڙي ۽ سنڌ پاڻ ۾ نَڪا ڏين ٿيون ته ڪي چڱا ۽ اشراف اچي وچ ۾ پون ٿا (195)؛ ”اچي اُٺ ۽ ڏيڏريءَ کي پاڙي پرچايو“ (283)؛ هڪ زال ۽ مڙس جي جهيڙي کي خود سگهڙ پاڻ ويهي ويچاري ٿو (207)؛ ۽ هاري ۽ ڍڳي جو تڪرار هڪ امين اچي نبيري ٿو. (358).

مٿيان اهڙا مثال آهن جن ۾ ڪي چڱا ۽ امين پاڻمرادو وچان پئي فيصلو نبيرين ٿا يا جهيڙو ٽارين ٿا. ٻين مناظرن ۾ حالات اهڙا بنجن ٿا جو ٽياڪڙ وچان پوي ٿو؛ سس ۽ ننهن پاڻ ۾ نڪا ڏين ٿيون ته مڙس اول زال کي پرچائي ٿو پر ماءٌ جي تنبيهه کان پوءِ سندس آڏو پڻ نيزاري ڪري ٿو ۽ ٻنهي کي منٿون ڪري جهيڙو ٽاري ٿو (227-229)؛ ڏيڏري ۽ اُٺ اٽڪن ٿا ته ڏيڏري وڃي ڪرڙي يا سانڊي کي دانهن ڏئي ٿي جو ساڻس همدردي ڪري ٿو (280)؛ چتون ۽ چانهه جو پاڻ ۾ ٺاهه نٿو ٿئي ته چتون مئنا کي ميڙ ڪري وٺي وڃي ٿو (323)؛ ڏٻو ڏاند ڪڙميءَ کي وهنوار نٿو ڏئي ته ڪڙمي سَڙهه ڍڳي کي دانهن ٿو ڏئي، جو اچي ڏٻي کي تنبيهه ڪري ٿو (350). ڪٿي وري ٻه ڌريون پاڻ ۾ اٽڪن ٿيون ته ڪو ٽيون وچ ۾ ٽپي ٿو پوي ۽ هيڪاري خلل ٿو مچي: ڪانءُ ۽ ڏيڏري پاڻ ۾ اٽڪيل آهن جو باگو، اچي ڪانءَ کي تنبيهه ڪري ٿو جنهن تي وچان ڪانءُ ۽ باگو اَٽڪي پون ٿا (308-309)؛ هاري ۽ ڪٻر جو معاملو متل آهي جو ڳيرو وچ ۾ هاريءَ پاران ورندي ڏئي ٿو جنهن تي ڪٻر ۽ ڳيرو پاڻ ۾ ڳنڍ ٿي وڃن ٿا (364)؛ چِٻَ ۽ مرزو نوحاڻي پاڻ ۾ سوال جواب ڪن ٿا جو ڪٻر وچ ۾ مرزي پاران ورندي ڏئي ٿي جنهن  تي چٻ ۽ ڪٻر پاڻ ۾ ڳنڍجي وڃن ٿيون (616). ڪڏهن وري ٻنهي مان هڪ ڌر ڪنهن ٻئي کي پنهنجو طرفدار ڪري وٺي اچي ٿي. هونئن به جهيڙي ۾ طرفدار پڻ هوندا آهن. مرون ۽ سيڙهه جو ٺاهه نٿو ٿئي ته مرون پنهنجي طرفان چراخ کي وٺي وڃي ٿو، پر سيڙهه کيس سڌيون سڻائي ٿي (288)؛ بچل ۽ ڪُئي جو پاڻ ۾ تڪرار ٿئي ٿو، جنهن تي بچل هتان مير محمد کي پنهنجو طرفدار ڪري وٺي وڃي ٿو، پر ڪُئي جي دهشت سببان هي پاڻ ۾ مصلحتون ڪندي هڪٻئي سان سوال جواب ڪن ٿا (555). ڪن معاملن ۾وري خواهه مخواهه وچان ٽي ڌر ڦاسي وڃي ٿي؛ گنگو مينگهواڙ جڏهن محمود فقير کٽياڻ جي هڪ به نٿو ٻڌي ته فقير کيس رئيس بچل خان جو ڊپ ڏئي ٿو جنهن تي گنگو کيس چئي ٿو ته آءٌ تنهنجي بچل کي سڃاڻان، ۽ گُٿا الفاظ ڪڍي ٿو، جنهن تي بچل خان ۽ گنگو پاڻ ۾ وڌي وڃن ٿا. (697-698).

اهڙيءَ طرح، مناظرن جي سٽاء ۾ ٻن واسطيدار ڌرين کان سواءِ ٽيو ڪردار ڌرين طرفان واريل امينن، يا صلح خاطر وچان ايندڙ چڱن ۽ اشرافن، يا وچ ۾ ٽپي ورندي ڏيندڙن، يا وچان پوندڙ طرفدارن جو آهي. ڪن شاعرن اڃا به انهيءَ سٽاء کي وڌائي، امينن هٿان فيصلي نبيرڻ وقت ٻنهي ڌرين جا شاهد پيش ڪيا آهن ۽ پڻ ڌرين جي ٻين حمايتين ۽ طرفدارن کي وچ ۾ آندو آهي. اهڙي سٽاء جو عمدو مثال ڪونري ۽ چلم جو مناظرو (155) آهي جو داناءُ شاعر ڇَتي فقير سانگي جو چيل آهي. ڪونرو ۽ چلم گهڻيءَ ڇڪتاڻ کان پوءِ شاعر ڇتي فقير سانگي وٽ سندس ڳوٺ ”پيٽهڙي“ ۾ پڇائي فيصلي لاءِ اچن ٿا. امين ٻنهي ڌرين جا شاهد سڏايا. ڏنڊو ۽ ڪونڊو چلم جي پاران، ۽ دلو ۽ کُمرو ڪونري جي پاران شاهدي ۾ آيا. ڏنڊو ۽ ڪونڊو شاهديءَ ۾ گُسي ويا پر هوڏانهن دلي ۽ کُمري ڪونري پاران ڀري شاهدي ڏني، جنهن تي فيصلو چلم جي خلاف مليو. اتي چلم اپيل ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙي ٿي ۽ ڪؤنري اچي منٿون ڪيس پَر هن ڪانه مڃي ۽ وري معاملو مچي ويو. هاڻي ڪؤنرو ۽ چلم اچي هٿين پيا ۽ چلم جي دانهن تي ڪونڊو ۽ ڏنڊو ڪاهه ڪري اچي ڪؤنري تي ڪڙڪيا، پر کٿابي ڪونري کي وچان ڪڍي بچائي ويا. اتي سڀني ٺڪر جي ٿانوَن جو چڱو مڙس مَٽ نئين سر فيصلي لاءِ اُٿيو ۽ راڄ اچي گڏ ٿيو. پاري ۽ پيالي چلم جي برخلاف ڳالهايو؛ لوٽي چيو ته فيصلو شرعي ٿيڻ کپي، پوءِ جنهن ڏي مهڙ ٿئي تنهن کي نندجي. آخرڪار چيائون ته پيالو، جام جمشيد آهي، جيڪي اهو چئي سو قبول آهي. انهيءَ تي پيالي ٻڌايو ته نالا جدا جدا آهن باقي حقيقت ۾ سڀ هڪ (مِٽي) آهن (158-167). بهرحال هن مناظري ۾ ڪردارن جي ڪثرت آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان شاعري جي هنرمنديءَ ۾ هي مناظرو مڙني ۾ برک آهي.

مناظرن جا مکيه پهلو

مناظرا، عام سنڌي شاعريءَ جو نج نمونو آهن ۽ عوام جي روزمره جي زندگي جي مشاهدن جو آئينو آهن. جا عوام جي زبان سا مناظرن جي زبان آهي. مقامي ماحول جي نقش نگاري مناظرن جي جان آهي. مناظرن جو نقشو نه ڪي محض شاعرن جي تخيل جو نتيجو آهي ته نه ڪي ڪنهن ٻاهرئين اُڌاري ورتل نقش جي نقالي آهي؛ بلڪ مناظرا ٻهراڙيءَ جي نج سنڌي ماحول جي مشاهدن جي جيئري جاڳندي تصوير آهن. مناظرن جو تَر ۽ زمين خود سنڌ جي سرزمين آهي. مناظرن جي سانگ واري سٽاء، ماحول جو جائزو ۽ سماج جي تنقيد، ظرافت ۽ چرچي جي چاشني، ۽ نج سنڌي ٻوليءَ جو استعمال-  اهي چار خصوصيتون مناظرن جا نمايان پهلو آهن، جن تي مختصر طور روشني وڌي وڃي ٿي.

(الف) سانگ واري سٽاء: ”سانگ“ سنڌ جو ”ڊراما“ آهي، جنهن جي شروعات آڳاٽي وقت کان ٿي. مڱڻهار، ڀٽ، شيدي ۽ ٻيا خاص حرفتي ۽ هنرمند گروه شادين ۽ محفلن جي موقعن تي سانگ وجهندا هئا، جنهن ۾ مختلف ڪردارن جا روپ اختيار ڪري، واقعي يا سماجي منظر جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪندا هئا. هنرمند عورتون وري عورتن جي مجلس ۾ سانگ وجهنديون هيون. اڃا تائين ڪن جاين تي اهي سانگ رچايا وڃن ٿا. مناظرن جي سٽاء ساڳي سانگ واري يعني ”ڊرامائي“ آهي. ڪي مناظرا ڄڻ ”هڪ منظرا“ سانگ آهن، جنهن ۾ ٻه ڪردار هڪٻئي سان مخاطب ٿين ٿا ۽ آخر ۾ ٽيون ڪردار (امين، چڱو، يا قاضي) داخل ٿي فيصلو ڪري ٿو؛ ڪي مناظرا ”ٻه منظرا“ سانگ آهن، جن جي پهرئين منظر ۾ ٻه ڌريون هڪ ٻئي جو منهن مقابل ٿين ٿيون ۽ آخر ڪو امين وارين ٿيون جو موجود ڪونهي؛ ان بعد ٻئي منظر ۾ ڌريون ۽ امين گڏجن ٿا ۽ نبيرو ٿئي ٿو. ڇَتي فقير سانگي جي چيل ”ڪونري ۽ چلم جي مناظري“ (155) ۾ ٻن کان وڌيڪ منظر سمايل آهن. بهرحال مڙني مناظرن جي هيئت سانگ يا ڊراما واري آهي، ۽ اهي مڙيئي مناظرا ڄڻ شعر ۾ رچيل ننڍڙا سانگ آهن.

(ب) ماحول جو جائزو ۽ سماجي تنقيد: ٻهراڙيءَ جا شاعر حقيقت نگار آهن. جيڪي ڏسن ٿا سو بيان ڪن ٿا ۽ جيڪي مٿن گذري ٿو تنهن جو اظهار ڪن ٿا. انهيءَ ڪري سندن تنقيد پڻ حقي ۽ حقيقي آهي. محض پرچار خاطر تنقيد کان سندن پَلو آجا آهن. هو ڄاڻي واڻي  نه ڪنهن کي نندين ٿا ته نڪي ڪنهن کي ساراهين ٿا. هو پنهنجيءَ ڌُن ۾ پنهنجي ڳالهه ڪن ٿا، ۽ ڳالهه ڪندي جيڪڏهن ڪو ڳالهه جي ور ۾ اچي ٿو ته جيڪي کين ڀر جي اچي ٿو سو چئي ڏين ٿا: پوءِ ڪنهن کي ڪُوارين ٿا ته ڪنهن کي واکاڻين ٿا، ۽ جنهن جي جيتري آهي اوتري بيان ڪن ٿا.

مناظرن جي شاعرن جو اهو ئي شيوو آهي. هنن مناسب موقعن تي شخصن ۽ گروهن جي ڪردارن توڙي ملڪ جي حالتن کي بيان ڪيو آهي، ۽ جيئن ته اهو عيني مشاهدن ۽ عام حقيقتن جو اظهار آهي انهيءَ ڪري اِن ۾ صحيح تنقيد جو پهلو سمايل آهي.

ٻن ڌرين جو منهن مقابل ٿي هڪٻئي سان سوال جواب ڪرڻ مڙني مناظرن جو مرڪزي پهلو آهي. ڪيئن اهي ٻه ڌُريون اچي هڪٻئي سان سامهون ٿين ٿيون، ڪهڙيءَ ڳالهه تان اٽڪن ٿيون؛ ڪهڙي ڌُر اڳرائي ڪري ٿي؛ ڪهڙي ڌُر ڳالهين ڪندي وڌي وڃي ٿي؛ ڪهڙي ڌر ۾ ست ٿورو ته آڪڙ گهڻي آهي. ڪيئن ٿيون وچ ۾ خواه مخواه ٽپي پوي ٿو ۽ هيڪاري خلل مچي ٿو، ڪيئن ڌرين کي وڙهندو ڏسي ڪو چڱو وچان پئي اچي کين ٺاري ۽ ٺاهي ٿو، شاهد رڳو طرفداري ڪن ٿا يا حق جو ڪلمون چون ٿا؛ ڪيئن ڌريون امين وارين ٿيون ۽ ڪهڙا امين وارين ٿيون؛ امين ڪهڙو نياءُ ڪري ٿو؛ ڪهڙي ڌر فيصلي تي بيهي ٿي يا نٿي بيهي، ۽ ڪيئن آخر ۾ صلح يا پرچاءُ ٿئي ٿو- مناظرن جي مضمونن جي انهن مڙني ڀاڱن ۾ سماجي تنقيد جو پهلو سمايل آهي. مناظرن جي مطالعي مان پاڙي توڙي راڄ جي ڌرين جا معاملا اکين آڏو تري اچن ٿا ۽ انهن ۾ ڌرين جي ڪردارن جا مڙئي پهلو نمايان نظر اچن ٿا.

رهڻي ڪهڻي جي ڦير گهير ۽ حالات جي تبديلي عام شاعرن کي فطري طور متاثر ڪيو آهي. نوجوانن ۾ لڇڻن جي مَٽ، وڏن ۾ محبت ۽ الفت جي گهٽتائي ۽ امينن ۾ انصاف جي کوٽ- انهن مڙني تان مناظرن ۾ پَن کنيو ويو آهي. هيڻي توڙي ڏاڍي لاءِ انصاف هڪ جهڙو هئڻ کپي. شاعر جي زباني بگهڙ ٿو چوي، ته آخر پٽيل آيو ۽ آسرو ٿم ته ڇڏائيندو، پر عدل ۽ انصاف جي بجاءِ پاڻان بڇ بگهڙ تي (473):

آيو پٽيل پڙ ۾، سرهو ٿيم ساهه،

چيم: ڇڏائيندو ڇيهن کان، جو راڄ ڌڻي آ راءُ،

پر پاڻان بڇ بگهڙ تي، پيو ديمئون ڪري داناه،

چئي: ڏسون ڪم ڪتن جا ! اچي رونشي چڙهيو راءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org