سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :23

ڪانءُ

ڪانءُ چيو باگي کي: توکي شاباس آهي،

الله ڏيندئي پٽڙا، ويتر رزِق وڌائي،

ڇا ڪريان، لاچار آهيان، دل ڦاٿل آهي،

”تُنيو مولڻ“ ڪُور تي، ڌڪا ويٺو کائي،

ڪانءُ، ڏيڏري ۽ باگي کي، ڇڏيو جنهن ٺاهي،

ڳالهه تنهنجي ڳوٺ ۾، هرڪو ٿو ڳائي،

اهڙو ئي مالڪ آهي، جو سڀئي پرتا پاڻ ۾.

 

مناظرو ڏيڏر ۽ کڳي جو

(چيل نور محمد سومري جو )

]شاعر هيءُ مناظرو 1942ع واري ٻوڏ جي هڪ واقعي کان متاثر ٿي چيو آهي. ٻوڏ ۾ هڪڙو کڳو لڙهي اچي ڪنهن کوهه ۾ پيو، جتي ڏيڏر اڳيئي آستان ڪيو ويٺو هو. کڳي کي کوهه ۾ ايندو ڏسي ڏيڏر اچڻ کان منع ڪيس. تنهن تي کڳي چيس ته: ڏيڏر آءٌ هن پاسي اچڻو نه وڃڻو، قسمت سانگي تو وٽ مهمان ٿي آيو آهيان. ڏيڏر جواب ڏنس ته: تنهنجي قسمت سان منهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي، جتان آيو آهين، اوڏانهين واپس هليو وڃ. کڳو وري به سمجهائيس ٿو ته توکي مسافرن سان هيئن وڙهڻ نه جڳائي. پر ڏيڏر هڪڙي به نٿو ٻڌي ۽ چويس ٿو ته ! گهر ڌياڻيءَ سان مهاڏو اٽڪائيندي توکي شرم اچڻ گهرجي. ائين هڪ ٻئي کي دڙڪن تي دڙڪا ۽ جواب مٿان جواب ڏين ٿا تان جو آخر ڏيڏر صلح جي ڪري ٿو ۽ ٻنهي جو صلح ٿئي ٿو.[

ڏيڏر

ڪميڻا ڪم ذات ! آهين تون ڪير؟

اڻ موڪلايو اندر آئين، ٻيو هٿ نه آيئي گهير،

ماريندومانءِ پير، ته پڇاڙجي وڃي پري پوندين.

 

کڳو

چريا ڏيڏر ! چڱيان چئو، اسان ڪڏهن نه اچڻا،

آيا انهن وٽ آهيون، ٻُڌِيسُون جن مڻيا،

 هنئڙن هنڌ گهڻا، پر لکئي آندو کوهه ۾.

 

ڏيڏر

لکيو پنهنجو پاڻ سان، ڇڪي ڳنڍ ٻنڌ،

عزت پنهنجي جي رکين، ته ڇڏ منهنجو هنڌ،

موڙي ڀڃانءِ نه ڪنڌ، ڏيئي نهن نڙيءَ تي.

 

کڳو

ڪنڌ منهنجو مون سان، هميشہ آهي کڏ،

بيٺو آهيان آمد ۾، ڀلي ڪر سٽ،

”ٽان ٽان“ ڪري نه ٽَڏ، مٺا ! مسافرن سان.

 

ڏيڏر

گهوريانءِ مسافر جي نانءُ تان، آهين ڪهڙي بلا؟

پيڙهي پنهنجي پڌري ڪرڻ لاءِ، ٻاهر نه ڪڍ ڪَلا،

هڻندوسانءِ کلا، نه ته ڇڏ اسان جي جائڙي.

 

کڳو

نه ڪا جاءِ تنهنجي، نڪي پڻهين جي آهه،

جيڪا ڪاهڻي اٿئي سا ڪاهه، کڳو هوندئي کوهه ۾.

 

ڏيڏر

کڳا ! هججانءِ کوهه ۾، هاڻي خاصو خبردار،

مارائيندوسانءِ مهاڻن کان، وجهي مڇيءَ جو ڄار،

پوءِ کڳا ! ٿيندين خوار، خلق کلندي تو مٿي.

 

کڳو

خلق کلندي تو مٿي، ۽ خوار به ٿيندين تون،

هڪ هينگون ڏين گڏهه جان، ٻيو ٽان’ٽان‘ ڪرين ٽون،

لک لعنت اهي تُسا ڏون، جو گهڻو گهرين ٿو پاڻ کي.

 

ڏيڏر

گهڻو گهريم پاڻ کي، رکيم هڪ ارواح،

مُور ورهائي ڪونه وٺي، توڙي سڳو هجي ڀاءُ،

هيٺانهون ٿي رهاء، مورگ پُٽ مڇيءَ جا !

 

کڳو

مورک تون، ٻيو مورک تنهنجا پيءُ ماءُ،

ڄڻي جن سنسار ۾، مَت نه ڏنيئي ڪا،

ڏيڏر سندي ذات تي، ڪائي پَت نه آهه،

سڀ ڪڍانءِ ٿو باهه، هڻي ڏنگ ڏاٺَ جو.

 

ڏيڏر

هڻندين ڏنگ ڏاٺ جو، ته مان به ڪندوسانءِ هُون،

ڀڄندا ايندا ڀاڄ ڪيون، ڇڏي پنهنجي ڀون،

ڪهڙي شيءِ آن تون، جو کڳا ٿو کِکراٽ ڪرين !

 

کڳو

جي تون ڪندين هون، ته مان به ڪندس هڪل هاڪار،

پوندو پرو پاڻيءَ وارن کي، ايندا ڪٽڪ ڪارونڀار،

واڳو ورائي ويندئي، ڪندئي ڌاروڌار

اهڙي ئي آچار، ويندئي ’ٽان ٽان‘ نڪري.

 

ڏيڏر

چڱو چيئي چڱو چيئي، مهڻن منجهه ڪيئي مات،

ٻيو سامهون ٿي گهر ڌڻيءَ سان، وائي ويڻا هِي وات،

هاڻي ڏس پنهنجي ذات، آءُ ته پرچون پاڻ.

 

سمجهاڻي

مهڻي مَٽ نه ٿيندو، نڪي وڻندو ويڻين وات،

پر جي ڏاتر ڏيندو ڏات، ته ايندي سُرت ”سومرو“ چوي.

 

مناظرو هنج ۽ ڪونج جو

(چيل پير بخش جو)

]هر سال ڪونجون روهه مان سنڌ ۾ چوڻي خاطر اينديون آهن. هڪ ڀيري منڇر جي ڍنڍ جو هڪ هنج، ڪونج تي عاشق ٿيو. شاعر ان واقعي کي هن مناظري جي صورت پيش ڪيو آهي.......... بعد هنج، ڪونج کي ڀلڪار ڏيندي چوي ٿو ته: تنهنجي.. منهنجو جگر جلائي ڇڏيو آهي، هاڻي تو کان سواءِ منهنجو جيئڻ اجايو آهي. تنهنڪري مون سان شاديءَ جو سعيو ڪر. ڪونج جواب ۾ چويس ٿي ته: اسان جو نه سنڌ سان واسطو آهي، ۽ نه تو سان ڪا مٽي مائٽي آهي، تنهنڪري سڱاوتي ناممڪن آهي. جواب ۾ هنج ساڻس گڏجي، روهه جي هلڻ جو ارادو ڏيکاري ٿو، پر ڪونج کيس جبلن جي تڪليفن کان واقف ڪري اوڏانهن هلڻ کان منع ٿي ڪري. پر هنج اهي تڪليفون سر تي کڻي ڪونج سان گڏ هلڻ جي ڪري ٿو.[

تمهيد

سچو نانءُ سائينءَ جو، جنهن کي دل کؤن ڪجي ياد،

ساوڻ سِڱيون کوڙيون، بڊي ڪئي برسات،

اُٿي اسر ويل جو، پئي پکين ۾ پرڀات،

اها هئن ٻولي وات، ته وڇڙي ڪين وطن کان.

 

وڇڙي ڪين وطن کان، پُوري پوي ڪانه،

پارت ڪيائون پِير کي، تو کي پرتا ربّ رحمان،

ٻچڙا ڇڏيائون ٻيٽن تي، الله جي اَمانَ،

پکين جو ”پير بخش“ چوي، مٽي هليون مڪان،

پوءِ ٻَڌي سور سامان، رڙي نڪتيون روهه مان.

 

رڙي نِڪتيون روهه مان، ڪري ڪُل قطار،

سڀيئي هليون سِنڌ تي، ٻَڌي سَؤ هزار،

جِت بندوقون لڳن بدن تي، ٿين سيهي جا سٽڪار،

هنيو ڪان ڪيريو وجهن، ڪن جگر کؤن ڌار،

پوءِ اهائي پهه پچار، پکي پروڙين پاڻ ۾.

 

پکي پروڙين پاڻ ۾، ته ڏيون ٿَڪيءَ کي ٿوڻيون،

لوڙهه، موٺ لَيُن ۾، ڪُمَ پڪيون ڪُوڻيون،

دُراڙيون تن دُٻَن جون، سرس ڀانيون سهڻيون،

هاڻي چهنبن سان چُڻيون، چڱيون موراکيون منڇر جون.

 

هنج

چڱيون موراکيون منڇر جون، جن هنج وڌو هيري،

ڪاڏنهن آئينءَ ڪونجڙي، تون ساجهر سويري؟

ڪَرڪڻ سان ڪُهي وڌءِ، جيءُ اندر جيري،

هاڻ  ساجهر سويري، سعيو ڪجانءِ سڱ جو.

 

ڪونج

سڱ ڏيڻ سنڌ ۾، ٿيو ڪميڻن جو ڪم،

نه آهين مَٽ اسان جو، نه آهين ڪوبه ڄرم،

آڏو ڏينهن گرم، ته به موٽي وينديس ملڪ تي.

 

هنج

موٽي ويندينءَ ملڪ تي، هوندس اهنجيءَ سنهنجيءَ گڏ،

هاڻي تو سان ئي گڏ، مان جاليان تنهن جبل ۾.

 

ڪونج

جالين تنهن جبل ۾، اَٿِي ڏونگر اسان جو ڏيهه،

تون آنۡ مانجهي مُلڪ جو، ماٺ ڪري نئين ويهه،

اسين وينديوسين اوڏهين، جِت بحري باز بلي،

پئجان پاڻ پلي، هنج ! لهي وڃ هٺ تان.

 

هنج

هنج نه لهي هٺ تان، جنهن جي وئي دل کَسي،

جڙ هڻي وئين جان ۾، اندر جيءَ جُسي،

هيءُ ڀي روهه رسي، هنج تنهنجي حد ۾.

 

ڪونج

هڪ پاڻي جبل جو، ٻجهي ٿو ٻاڙو،

ٻيو ڀؤ بلائن جو، ٽيون ڏونگر ڏهڪارو،

چوٿون وڃڻ پرديس ۾، جيءَ جو جنجارو،

هنج نه ٿيءَ هِنيارو، موٽي ويهه پنهنجي ملڪ ۾.

 

هنج

اهڙا اهک ”پير بخش“ چوي، اسان تنهنجي ڪاڻ سٺا،

هرڪو لوڙي پنهنجا، ڪچا توڙي پڪا،

قلم قادر هٿ ۾، جنهن لکڻهار لکيا،

جنهن جي نيت صفا، سو ڪونج ! ماريندم ڪونه ڪو.

مناظرو ڪُونج ۽ چَتوُن جو

(چيل ڏاتو جو)

]هن مناظري ۾ شاعر، ڪونجن جي هڪڙي قطار سنڌ ڏانهن ايندي ڏسي ٿو. هڪڙو چتون پڻ انهن سان شامل ٿي اڏامي ٿو. ڪونجن گهڻوئي سمجهايس ته تون وڻن جو واسي، اسين ڪوهن جون ڪوڏيون، ڪيئن پنهنجو ميل ٺهي سگهندو ! ان بعد چتون هڪڙي ڪونج سان حال احوال ڪري ٿو جنهن تي هو عاشق آهي. آخرڪار ڪونجون پنهنجي وطن ورڻ جي ڪن ٿيون، ته چتون به انهن سان گڏ هلڻ جي ڪري ٿو. ڪونجن جي قطار اڏامي وڃي ڪڪرن جي ڀر ورتي ۽ سڄي رات هلنديون هليون. چتون ويچارو ڪجهه دير ته هنن سان هلندو رهيو، پر آخر ٿڪجي قطار کان ڇڄي اچي هيٺ ڪريو.]

تمهيد

قصو ڪُونجڙين جو، سڻو اوهين ساري،

جي چُوڻي خاطر چُريون، وطن وساري،

سي پرڏيهه پُريون، ڪوڏان قطاري،

تان ڪو طوطو تنواري، ساڻن ٿيو سنگتي.

 

ساڻن ٿيو سنگتي، ٻيا ڏيئي ٻن،

سڀن پڇيو پرت مان، مِٺُوءَ کان مِڙن:

چئو ميان چَتون ! ڳالهه جيڪا اٿئي من،

ساٿي نه ٿي ساڻ هل، لڳِي ڪُونجن ڪن،

اسين ڏونگر ڏيهه جون، تون سندو سنڌ وڻن،

هيءَ چال چِلولن، وٺ پنهنجي واٽڙي.

 

چتون

پاڻان پاسي واٽَ جو، ڪونجون ! ڏيو مَ ڏَسُ،

 

 

جو دَم جاليون هن جوءَ ۾، سو دم گڏجي گهار،

نظر ڪري نهار، عجب رنگ الله جا.

 

چتون

چئي: عجب رنگ الله جا، هاري ! هل مَ هِيئن،

تو پڄاڻا ڏيهه ۾، هاڻي ويندس ڪِيئن؟

توڻي لڳن ڏينهن، ته به مِٺُو موٽي ڪينڪي.

 

ڪونج

مٺو موٽي ڪينڪي، تان طوطل ڪر تياري،

ڊپ نه ڌارين دل ۾، ٿي هل اسان سان هاڙهي.

ڪري طوطل تياري، وڃي قطارون ڪُونجن سان.

 

شاعر

چتون چڙهي چوٽ تي، ڪئي ڪونجن ساڻ قطار،

اُڏانا هُو عرش تي، آهن اَڻ جهَل اُو اَپار،

طوطي جي تنوار، بيهي ويئي ڀؤ کان.

 

زم چڙهي ويون زوري، چتون ڪيا چرڙاٽ،

ڪونجون ڪڪرن ۾ هليون ساري رات،

پَرن ۾ پکا کنيو، وائي وطن جي وات،

فرڙاٽ فجر جو ڪن، ڪونجون ڪوڪرڙاٽ،

مِٺُو موڳو ٿي موٽيو، هڻي قطارئون کاٽ،

وسري ويئي واٽ، چتونءَ کان چوکڙي.

 

چتون چپ ڪري، ڪِري پيڙو پَٽ،

ملول ٿيو ملڪن ۾، ڪونه ٿيس ڪو مِٽ،

وري وطن ورڻ جي، ڪونجن ڪئي ڪَٿ،

نه هنيائين هوڏ هلڻ جي، ويس هڏان هَٺ،

”ڏاتو“ چئي ڏيهن ۾، اَٿَوَ ڏُکي واٽ ڏٺ،

ڪونجن ڪارڻ ڪِٿ، چتون چوٽ چڙهي ويو.

 

قصو ڪونجڙين جو، سُڻي سڄڻ سارو،

پروڙيو پاڻ کي، يقين مان يارو !

ڪلمون قرارو، پڙهو مومن پرت مان.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو چتون ۽ چانهه جو

(چيل ڪؤڙي لغاري جو )

]هن مناظري ۾، شاعر ڏسي ٿو ته هڪڙي چتون ڪنهن چانهه سان چرچو ڪيو، تنهن تي چانهه ڪاوڙجي دڙڪو ڏنس ته: پنهنجي ڀائرن کي سڏي هينئر جو هينئر ٿي مارايانءِ. چتون جواب ۾ چيس ته چانهه ! ٻين کان مارائڻ بدران تون پنهنجي هٿن سان مار ته سرهو ٿيان. انهيءَ تي هوءَ هيڪاري ڪاوڙجي پوي ٿي. جنهن تي طوطو وڃي مئنا کي منٿ ڪري ٿو ته ميڙ ٿي هلي چانهه کي پرچائي. آخرڪار مئنا چانهه وٽ اچي ٿي ۽ سندس ميڙ ۽ منٿ تي چانهه ۽ طوطي جو پرچاءُ ٿئي ٿو.[

تمهيد

وٺيو وڃان واٽڙي، ته پکي ساڻ پُرن،

هڪ چتون، ٻي چانهڙي، ڳالهه تني جي ڪن،

محبت لايو من، ڪيو چرچو چتون چانهه سان.

 

چانهه

چتون ! نه ڪر چٿرايون، وڃ موڳا، ماٺ ڪر،

ڀائر اٿم ڪيترا، پاڙي منجهه پَڳر،

ڪنديسان خبر، ماريندءِ مهٽ سان.

 

چتون

ماريندا مهٽ سان، پر تون هٿان مَر مران !

پري کؤن پنڌڙو ڪري، آيو هت آهيان،

اڄ پڻ منهنجو مانۡہ، اچي ڪَتب قريبن جي.

 

چتون

اُٿي مئنا ! ميڙ ٿي، هاڻي ڪر همّت !

چانهه وڃايو چِت، طوطو پيو اٿئي تار ۾.

 

مئنا

طوطا ! پئو نه تار ۾، تون سارو حال سڻاءِ،

ڪٿي اڙيون اکڙيون، ڪٿي نينهن لڳاءِ؟

هيڪر پاڻ پساءِ، ته تنهنجو سُور سهي ڪريان.

 

چتون

وٺيو وڃان واٽڙي، ٻڌم لِيلان سندي لات،

چهري جي چماٽ سان، ٿي اَندر منجهه اُساٽ،

لکين ڪيم لولهاٽ، ته به ”نه ڪري“ نڪري ويئي.

 

چانهه

آئي آهين ساهيڙي ! گهڻو پنڌ ڪري،

آئينءَ حج ڪري، يا اٿئي دغا دل ۾؟

 

مئنا

ناهي دغا دل ۾، آيس حج ڪري،

عاشق ٿو آهون ڪري، محبت منجهه مري،

ٻه ٽي پير ڀري، هلي گهمائينس هٿڙا.

 

چانهه

هلي گهمايانس هٿڙا، منهنجو مٽ ڪو ثاني !

اها ريت اوهان جي عين آساني،

متان بيگاني ! ورائي ڪو ويڻ ڏين.

 

مئنا

ورائي ويڻ ڏيانءِ، ٻئي دفعي ٻيهر،

مڃ ميڙ مئنا جي، ته موٽي وڃي گهر،

اها خوش خبر، وڃي چوان چتونءَ کي.

چانهه

مڃيم ميڙ مئنا جي ۽ ڪيو مون انجام،

منهنجا ميان مِٺوءَ کي، ساري ڏيج سلام:

تتي ڏينهن تمام، ملنديس ليسوڙيءَ جي لام تي.

 

مناظرو مٺو ۽ مئنا جو

(چيل ڪريم ڏني ملاح جو )

]هن مناظري ۾، هڪڙي مٺوءَ جي ڪنهن مئنا سان قرب ٿئي ٿو. مٺو کيس منٿ ٿو ڪري ته: ڪونجن جي قرب وانگر پريت جو پختو پيچ پائي مون سان کڻي شادي ڪر. مئنا مٺوءَ کي سندس عيب ٻڌائي ٿي ته: تون ملڪ ۾ وڏو ٺڳ سڏجين ٿو، ازانسواءِ اَنبن لاءِ به آزار آهين. تڏهن ئي توکي ٻلو چون ٿا. آءٌ ڪر توکي پاڻ سان گڏ گهمائڻ لاءِ اکين سان وٺي هلان پر تو ۾ هٿ کس جي ڪني عادت آهي. تنهنڪري آءٌ اڪيلي وڃان ٿي ۽ سگهي موٽي اينديس، وچ تي رات به نه ترسنديس. ان بعد مئنا موڪلائي هلي وڃي ٿي. پوءِ مٺو فراق ۾ ڪافيون چوڻ لڳو. مئنا موٽي اچي مٺو کي ملڪ جو حال احوال ٻڌائڻ لڳي ته: ڪٻر سان گڏجي شڪار تي ويس ۽ اُتان اٽڪل سان جند ڇڏائي آئي آهيان ۽ مٺو کي ٻڌائي ٿي ته: ماري شڪار لاءِ گز هڻن ٿا پر گسايو ڇڏين. جنهن تي مٺو کيس ٻڌائي ٿو ته: قسمت سان بچي ويئي آهين، نه ته انهن کان بچڻ محال آهي. ان بعد مئنا ۽ مٺوءَ جا پاڻ ۾ سوال جواب هلن ٿا. آخر ۾ هڪٻئي سان ڳجهيون ڳالهيون اورين ٿا.[

مٺو

سنگت وڏيائي سپرين، تنهنجي منهنجي توڙ،

پکين مثل پريت رک، ڏس ڪُونۡجن واري ڪوڙ،

تنهنجي طلب طوطي کي، مينا ! منهن نه موڙ،

بندي هن بيڪار جو، جهُڳو کڻي تون جوڙ،

 گڏجي ڪري گوڙ، مئنا ! ملڪ گهمي اچون.

 

مئنا

چئي: مِٺُو سڏجن ملڪ ۾، لڳ وڏيائي ذات،

اَنبن جو آزار تون، ٻِلو پُڪارين وات،

تو کي ساڻ وٺي هلان، من نه مون مصلحات،

هٿ وجهڻ جي هير تون، طلب نه رکجانءِ تات،

ماري ٿي مِٺُو ! مون کي ايءَ مرجات،

ملڪ گهمي موٽي اچان، رهنديس نه وچ تي رات،

پرهه ڦٽيءَ پرڀات، اڄ ٿي وڃان اوچتو.

 

مئنا موڪل سان وئي، ويٺو چتون چپ ڪري،

ڪافي پڙهيائين قرب مان، من مئنا جلد وري،

پوءِ ٿڌا ساهه ڀري، طوطي تنوارون ڪيون.

 

موٽي اچي ماڳ تي، جوءِ ڇڏائِي جند،

چئي: گهمي ڏٺم گهُمرا ڏئي، ڀارت سڄو هند،

پر ويندي ڏٺم واٽ تي، شڪاري شهه رند،

گَزَ ڪمانون تن کي، تيغون تير تفنگ،

وَر چڙهيس تن ويرين جي، بيهي ڏنم ڏند،

قصو شڪاريءَ سندو، آهي ڦير وڏي سان ڦند،

پوءِ ساک کڻي سوڳند، قصو شڪاريءَ هِيئن ڪيو.

 

هلياسون شوق شڪار تي، سا وچين هئي ويل،

ڪش ڪمانون هٿن ۾، ٻيا گهڻا گز گليل،

مرگهه نه آيو مُنهن تي، ڪئي سين طرح طفيل،

پوءِ ڪري آڳ اُليل، ڪٻر چڙهي ڪاپار تي.

 

ڪٻر چڙهي ڪاپار تي، گَؤنَ اُڇلايس گز،

لڳو تنهن زچيءَ کي، هينئر ڀڳو تنهن حِظ،

پوءِ ڊوهيءَ ڪڍيو ڊز، گُڏيل اُتي گارين سندو.

.

گُڏيءَ گاريون ڏنيون، سا پُڇي ڪهڙي پر،

اَٿَو بانور بُکَ تي، يا اَٿَو ناڻو زر،

سانگي ڪارڻ ساٿ جي، ڇُلي پيس ڇپر،

موٽي وينديس ماڳ تي، جِت واهيري جي ور،

پوءِ ڪهڙي ڏوهه ڏمر، هنيَو گز غريب کي؟

 

شڪاري

هنيوسين گز غريب کي، جو تون اُڏاڻينءَ الغار،

ٻڌائي ٻولِي ڪري، مٿي تون مردار،

اها ڪميڻي ڪار، ڪنداسين ”ڪريمڏنو“ چوي.

 

مئنا

”ڪريمڏنا“ اوهان جي ڪاڻ، مون کي اڳي هئي ايتري،

ازل آنديس اوچتي، سخت سٽاڻي ساڻ،

منهنجي ليکي ڄاڻ، گز هڻن ٿا گوسڙو.

 

مٺو

گز هڻن ٿا گوسڙو، جو جُودئون گهمن جهنگ،

ڏسن ڏاهپ شڪار جي، سامين سندو رنگ،

ڪي ٿيا گهٽ عقل ۾، ڪن کي عقل جو ڍنگ،

ڪي ڦٿڪندي ڦري وڃن، واهه ورائي ونگ،

ڪي چرچائي ڪيترا، چهنب بنائين چنگ،

پوءِ لڙي تن کان لنگهه، متان پر ڇاڻي پرزا ڪنئي.

 

مئنا

پر ڇاڻي پرزا ڪندا، ته به ڪچو نه چئبو ڪم،

رضا جا رحمان جي، وهيو جيئن قلم،

سو آڌار ارڙهن عالمن جي، ڪندو ربّ رحم،

نظر جنهن جي ڪُل مٿي، تون بند ڪر پنهنجو بم،

ڪجهه ڀي ناهه زخم، جي سولي آهه ستّار کان.

 

مٺو

سولي آهه ستّار کان، ته به غرض گهڻيءَ سان گهم،

هو جو ايندو اوچتو، جوان ڪري ڪو جهم،

ڇڏين ڪين شڪار کي، ساعت ست قدم،

گهِلي ڪن ٿا گُم، گانۡوَ گزن جي گوڙ سان.

 

مئنا

رکين ٿو گانۡوَ گَزن تي، وري ڪهين ٿو ويڻ،

اَجل بيشڪ اوچتو، نِت ٽمائي نيڻ،

ڪپہ کان ڪئنرو ڪندو، مثل جهڙي ميڻ،

کاڄ خوشيون ۽ کيڻ، پلڪ ۾ پاسي ڪري.


* . هن مناظري جي روايت اتر (تعلقي سکر) مان محمد عالم عباسيءَ کان ملي.

. نور محمد عرف نورل سومرو، ڳوٺ ڪٽا تعلقي پني عاقل ۾ اٽڪل 1895ع ڌاري ڄائو. پاڻ نه رڳو سگهڙ آهي، پر کيس ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد آهي، خاص طرح پاڌي ٻانڊ ۽ ميان بيگ انڊڙ جو شعر ياد آهي. ان کان سواءِ شاه ڀٽائيءَ جو ڪلام گهڻو ياد آهي. مائي فاطمہ موچاڻي ”لعل“ جو شاگرد آهي.

* . هن مناظري جي روايت اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

* . هن مناظري جون ٻه روايتون اُتر مان احمد خان ”آصف“ (تعلقو ڪڪڙ) ۽ غلام نبي (تعلقو ڏوڪري) مان مليون.

* . هن مناظري جي روايت اتر( تعلقي ڪڪڙ) مان غازي الدين ”نشتر“ کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 276.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي دادو) مان خود شاعر کان ملي.

. ڪريم ڏنو ملاح ڳوٺ پيڄاهو تعلقي  دادوءَ جو ويٺل آهي. شاعري ۾ سندس استاد ثناءَ الله ”ثنائي“ آهي. ٻه چار درجا سنڌي پڙهيل آهي. سندس ڪيتروئي ڪلام چيل آهي. شعر ۾ سندس تخلص ”صدائي“ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org