سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :45

ڪانهيو

اول نام الله جو، جنهن جوڙي آهه جوڙ،

ڪيائين مينهن مانڊاڻا ملڪ تي، ڪَهه ڪڍيو ڪَئين ڪوڙ،

ڪچي ڪَهه ته ڪانه لڀي، چونٿيو ڪن ئي چَهوڙ [1]،

پڪا ميوا مڙهن ۾، طعام پلاهون ٻوڙ [2]،

وهيا واڪا، ڦاڙيو ٻاڪا، رونجا ڪن روڙ [3]،

مالڪ انهيءَ موڙ، بڇ سوداگر سنڌ جا.

بڇ سوداگر سنڌ جا، تون ڊپ نه ڪرئين ڊاءُ،

اتر ۾ اوڏڙا، ڪريو اچين ڪاهه،

ڪَهه ! ڪئين سُئي ڪين ڇڏيون، اسين مالڪ موڪلياءِ،

آرس تنهنجن انگين ۾، ٻيو ڪڍين ور وَهيا،

وِنگي ڏِنگي وَر ۾، گهٽيو ڪنئي گهاءُ،

مَٽي لنگهين مٺڙيو، مهندان پياءِ موچڙا،

چوٿين سال چئي چُڪس، تون نانگي ! ڪر نياءُ،

ڏيندءِ ڏوهه ٻيا، ته آهي وارو وَهين جو.

 

ڪهه

هڪڙو وارو وَهين جو، مون کي ڏني صاحب مَت،

دڙڪي سان ٿو دٻائين، آءٌ لڪي هڻان لت،

ڦِٽي توکي ڦِنڊڪ هڻان، ته هنگي ڀريئين هٿ،

گانڊو ! تنهنجي گت، تون ٻارهائي ڪرين ٻار سان.

 

ڪانهيو

ٻارهائي ڪريان ٻار سان، جوان ڇڏيان جَرو،

ستئي ڏينهن ساريکو، توکي ايندل آهي ٻرو،

ڀيڙي چڙهه ڀِٽ کي، ڇڏ ’ڊاڀي‘ جو مڙهو،

اڳي جيئن ان ڀَؤ منجهه، ڏٺو اٿئي ’گڙهو‘،

پنج فوٽ پڳ آهنئي، هڻندو توکي دڙو،

پوءِ ’هرپار‘ جو تڙهو، ڇڏي ويندينءَ تڪڙو [4].

 

ڪهه

ائين ڇڏي آءٌ ڪيئن وڃان، اينديس مڙيئي ٻنيءَ منجهه،

شرڌا موڪل ساڌ ڏئين، پورا مهنا پنج [5]،

ڍريو ڍارا ڍولر ڪن، رڙهي ويندا رنج،

ڏينهن جو ڏنجهه، مڙيوئي ڪڍان ٿي من مان.

ڪانهيو

مڙيوئي ڪڍين ٿي من مان، ڏسيو تون ننڍڙو،

ننڍڙو ڏسي نيڙي نه آءُ، ڇڏ ’سانتل‘ جو سيڙهو [6]،

ڇُلنگي مٿي ڇيڙ ڪري، آيو ’ولي‘ وڏيرو،

ٿين سوڀ ”ساڌ“ چئي، ڪڍيئين ’ڦَڪن‘ کي ڦيرو،

ڀڃي تنهنجو ٽيڙو، کڻي هڻندو کڏ ۾ [7].

 

ڪهه

کڻي هڻندين کڏ ۾، مٿان پيو منهن انڌارو مير،

رکين دغا دِل ۾، ٻيو سڏائين ٿو شير،

پڏائين ٿو پاڻ کي، پر آهي ڇويهه مڙس ڇيڙ،

ڪري خدا خير، آءٌ موٽي وڃان ملڪ کي.

 

ڪانهيو

موٽي ويندينءَ ملڪ کي، ڪري چوچو چٻ،

آهين نِرڄي نِسڏي، جئين ’ڊاڀي‘ منجهه ڊڀ،

عقل بنا اڻ هُوندِي تون، رويو مڱين رٻ،

انهي صلاح سڀ، آهيو غَرضُو گاهه جا.

 

ڪهه

آهي غرضو گاهه جو، سارو جڳ جهان،

منهن رکي ٿي مُڙي وڃان، تون ذري ذري هڻ نه زبان،

ڪُڇي پُڇي ”ڪانهيا“، بيهه ته ڏيانءِ بيان،

نڪي رانيان راءِ کي، ڪاڻ ڪنهن جي ڪانه،

پوءِ کٽي جنگ جوان، وڃي ڪيئي سلام ’سَروپي‘ کي [8].

 

ڪانهيو

سلام ڪيم ’سَروپي’ کي، ڇوڙو لاهيندءِ ڇولهي،

پن ڏسيو ٿي من وڌائين، ڪريو گس گولي،

ڏاڍي تون ڏاميچ آهين، ڇڏيندس راڄن ۾ رولي،

پاڙي ”پَرگڙو“ چئي، آهين جوءِ جهولي [9]،

اها منهنجي ٻولي، رک ياد دل جان ۾.

 

ڪهه

آهن ياد جان ۾، مون کي ’روحل‘ جا ريٽ،

چري چاموسو، ڪري تماشو، کيڏ ڪريو کان کيٽ،

پرديس ۾ ست ويس ڪريو، آءٌ پيش پَئِيو ڀريان پيٽ،

سانوڻ سارو، ’ننگر‘، ’نارو‘، چنڊان چنڊ چيٽ،

پِپون ساوا سيٽ، آءٌ ميڙيو چونڊيان ٿي مَڙهن ۾ [10].

 

ڪانهيو

ميڙيو چونڊين ٿي مُرٽن ۾، ’کڙ‘ خوف ۾ ٿي کائين [11]،

ڪين پڄين ٿي پيٽ ۾، جو ٻيهه ۾ ٿي ٻاهين [12]،

ناهي زور جان ۾، جو لِنڊ ٿي لاهين،

چوٿين ڏينهن چري ۾، ٿي مُڇون مَرڪائين،

گِيسيُون ”ڪانهيا“ ڪئين ڪرين ٿي، ڇڏي لڄ لاهين،

اڳيؤن الله آهنئين، آءٌ کَلي هڻندوسئين کاهيءَ ۾.

 

ڪهه

کَلي هڻندين کاهيءَ ۾، تون ٽُرڪو ڇڏ ٽڪاءُ [13]،

چُنڊيو ڪوٺئين چري تي، آءٌ ڇمڪ چران ڇاءُ،

تون پوک پنهنجيءَ تي مانجهي آهين، مون کي ڊپ به ناهي ڊاءُ،

پر ساري لوڪ لڪاءُ، تون آهين هُر هزارن ۾ [14].

 

ڪانهيو

آءٌ آهيان هُر هزارن ۾، مون کي آهي سُڌ ساري،

بنيو باغ ’بڊي’ ۾، هڪل ڪن هاري،

’ڪَتي‘ جو ڪلڪتي کي، ڀڄي ٿئين ڀاڙي،

مٿان مهينو ’مانگهه‘ جو، آهي نيڙي ناساري [15]،

ڪر توبهه ۽ زاري، مون سنڀري ٻڌو سندرو.

 

سندرو ٻڌان سنڀري، مون کي آفيسر وس آهن،

کامڙين کي کاٽيءَ جو، سي پهرين پورهيو ڏين،

هاٿين هٿ ڳنڍيا، سي ڏوري ڏونگر زمين،

مالڪ جي ملڪ جو، انگريز وڏو امين،

پورهيت پيت ۾ کِين، سي حاڪم ڏيو هلائي.

 

حاڪم ڏيو هلائي، سي شوق ڪن شڪار،

واڙيون وڳر وڻ ٿيا ۽ جهوڙ [16] ٿي پيا جهاڙ،

اُٺيون ٻڌيون ٻُور چرن، اُت گاهه ٿيا گلزار،

پوکون ڀليون پاڇاٽيون ۽ تليون نِنگهِلِيون تار [17]،

قسمت ڪرين ڪَلا وَڌائين، هڪڙي مان په هزار،

اُپت پيدا پور ڪياءِ، ڪياءِ کيٽن منجهه خرار،

ڪلجڳ ۾ ”ڪانهيو“ چئي، تون تُرهو اُڪارين تار،

منهنجا جانب يار ! تون کليو کير پيارئين.

 

مرزو

چئي: وطن يار وساريئي، اها ڪيئي اَولي،

هُتي کيريون ٻيريون ٻاوريون، ڦوڳن ڪِي ڦُلي،

ٽهڪن ٿيون ٽانڪاريون، هُتي وينگس ويڙهه وسي،

موراڙيو ”مرزو“ چئي، پئيون نَوَنَدن ۾ نِنگهَلِي،

ڪُونڀٽ جي ڪَس جا، اٿن چپڙن چال جهلي،

ٻيلي ! هيڪر هوند هلي، جي تون وڃي ڏسين وڳر کي.

 

ٿوهر

وڃي ڏسان وڳر کي، پر منهنجو ڀڄي پيو من،

پلي ڇڏيم پنهنجن کان، تهدل پنهنجو تن،

ٿو ڪريان عرض الله کي، رکندم شاهه شرم،

محبت منهنجو من، آهي پريت پرڏيهين سان.

 

مرزو

پريت پرڏيهين سين، رکڻ ناهي روا،

تو جَنَبُ گذاريو جن سين، توکي سي ئي ساريندا،

هيءَ شدت پَر شيطان جي، ڇڏ تون هوڏ هَيا !

اٿئي ڳالهه اها، وڃي ڀيڙو ٿي ڀائرن سان.

 

ٿوهر

چئي: ڀيرو ٿيان ڀائن سين، مون کي قيد ڪيو قسمت،

هٿ نه ڪو پير، نه ڪا وک وجهڻ وسعت،

نه ڪا پهچ پنڌ جي، نه ڪا هلڻ جي همت،

هاڻي ٿو مرزا ڏئين مصلحت، ته ٿڏي پهچاءِ ٿر کي.

 

مرزو

چئي: ٿڏي پهچايانءِ ٿر کي، پر منهنجو سُڻ مذڪور،

تو ۾ نه حاجت هٿ وجهڻ جي، آ ڪنڊن جو ڪلور،

تنهنجو مٿي تي ”مرزو“ چئي، نه پٽيءَ کڄي پُور،

سنگتي ! توکي سور، آهي لکيو لوح قلم ۾.

 

ٿوهر

چئي: لکيا لوح قلم ۾، مون کي ڏس جي آهن ڏينهن،

پر سائو، سُڪندس ڪينڪي، آءُ ٻارهين مهيني سينءَ،

تيسين ربّ راضي ٿيندو، کڻي مولو وسائيندو مينهَن،

ٻيلي مرزا مڙهن سينءَ، اچي لَڙائي ڇڏ لڪن ۾.

 

مرزو

لَڙائي ڇڏيان لڪن ۾، پر ناهي موڙڻ منهنجي وس،

ريج رازق جي هٿ ۾، جي وسِي ڪري وس،

هاڻي پنڌ ٿورو پٽ کؤن، اٿئي ڪوهه هڪڙي ڪس،

ڪري ويساهيون واٽن تي، رڙهي وڃي رس،

پوءِ ڏُورئون پُوندن ڏَس، توکي پرچائيندا پنڌ ڪري.

 

ٿوهر

پرچائيندا پنڌ ڪري، پر مون کي پاهت ڪونه پيو،

سانگو سڀ سنگت جو، مون آ سانگو پليو،

وڙهي تنهن وجود سين، مون جهڻڪي روح جهليو،

هاڻ مون آهي پاڻ پليو، ڀڳيم هٽڪ هيئين جي.

سُڻ تون مرزا ! منهنجي ڳالهه، اها ڪَل لائج ڪن،

ٻيلي ! قدر جي نه لهن، ڪهڙو سنگت تن سين.

 

مرزو

سنگت جن سين سَرليءَ جو، سا نِباهي نِجِي [18]،

پونئرو آءٌ پاڻيءَ جو، ٻيو هٿ مٿي آ هُر،

ٻانڌاڻي ٻائڙ، تيئن ملڪ منهنجي مُهرجي.

 

ڪانهيو

تو هيڪي لاءِ هئي، شاخن تي سوڙ،

اهنجي ڳالهه لڳي اندر ۾، پر اهکي ڳالهه اوڙ،

ڇني توکي ڇيهه ڪيائون، تڏهن ڇڏيئي ڪنڌي ڪوڙ،

ثابت ڳالهه سڀيئي هئي، پر ذات به هوندي جوڙ،

ڪڍين لڱ لسڙا تون، ڪهاڙين جي ڪچوڙ،

پوءِ ٻاراهو ملڪ ٻوڙ، پر وطن آ ويچارو.

 

ٻٻر

دل سڪي منهنجي درياءَ لاءِ، آءٌ ڪورون جهليان ڪڙيا،

اچڻ اسان جو ايترو، تون وطن تي وري آءُ،

وَڍو واٽ ڏٺل ڪان، وچان ٿيا دڙيئا [19]،

گوڏن پاسؤن گسڪي، تون ڍوري ڍري آءُ،

تار مٿان تري آءُ، ته ڏسين ڏيهه پانهنجو.

 

مون کي اچي ڪيو آدابن، جو ڪڃر آندو ڪانگ،

ڪڍي ڇڏيائون ڪيڙ منجهان، ڇني ڇڏيائون ڇانگ،

سڪ مون کي شاخن جي، آءٌ سونهي [20] جي سانگ،

تني جي تانگهه، مون کي ايڏي آهي اندر ۾.

 

ڪانهيو

رُسائي ڪڍيائون، يا ڏوٿين سان ڏونئين !،

ٻٻر ! هن ٻنيءَ ۾، ٿو صالحيان واري ۾ سونهين،

سِڻ جنهن جي سيڙهي، اڪ گهاٽا اُونهين،

ڇڏين لاڻ لوهين، ٻٻر جي به ٻُريءَ کي.

 

ٻٻر

ويچاري واري ڪيم، توبهه ۽ زاري،

اُڏيو پوي ٿي آڙهڙ ۾، ڇوهه ڇٽا ڇاري،

پاڙون کُچي ويون پاتار ۾، پير ٿي پيا ڀاري،

هنڌ مڪان هتي اسان چوندا ٿي ويو ڀاڙي،

قول اسان جو ”ڪانهيو“ چئي، هت عمر ساري،

گهوني ۾ گهاري، مون کي ناهي طلب تنهين جي.

_________

هلي وينداسون حب مان، اينداسون چوني ٺپائي،

پوءِ ماري مڃائي، توکي ڪڍنداسون انهيءَ ڪڙم مان.

 

ڇٻر

ڪيئن ڪڍندا ڪڙم مان، لڳندوَ ڪونه هَرُ،

آءٌ ڇٻر ڇتي آهيان، پکيڙيو اٿم پَر،

ولين جئن وڌان پئي، هي لاءُ سندم لشڪر،

پوءِ ڪئن ٿو چئين سنڀهر، گوهر لاڙ غريبن تان ؟

 

مناظرو مير ۽ ڪاتيءَ جو

(چيل مير ٻُري جو )

]هن مناظري جو واقعو هن طرح آهي ته شاعر مير ٻُرو، بُٺيءَ تي بيت ڏيندي ڪاتي وڃائي ٿو، جا پوءِ سندس عزيزن لڌي پر مير سان ان جي سچي ڪانه ڪيائون ۽نه وري موٽايائون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻُرن تي ڌاڙيل ڪاهي آيا. اتي مير ٻرو پنهنجي ڪاتي ڳولي ٿو پر کيس نه لڌي ۽ لاچار هڪڙو بانٺو کڻي ورهاڙي ۾ شريڪ ٿيو. ان بعد کيس ڪاتي موٽي ملي ٿي جنهن تي شاعر، ڪاتيءَ کان خبر چار پڇي ٿو ته: گهڻن ڏينهن کان پوءِ موٽي آئي آهين، ٻُڌاءِ ته هيترا ڏينهن ڪٿي ڪٿي مسافري ڪيئي؟ جواب ۾ڪاتي ٻڌايس ٿي ته: مون کي ٻُرا کڻي ويا هئا. آخر ۾ ڪاتي، ٻرن تي ميار ٿي رکي جن کيس لڪائي ڇڏيو هو، ۽ وقت تي ڪم نه آئي.[

 

مير

ڪاتي ويئِيئن ڪيڏنهون، ڏاڍا ڏينهن لڳاءِ،

ان مسافريءَ جي ”مير“ چئي، صفا ڳالهه سڻاءِ.

 

ڪاتي

منهنجي ان مسافريءَ جي مير ! توکي صفا ڳالهه ساري،

بيت ڏييو بُٺيءَ تي، تون مون کي وئين ويهيو وساري.

 

مير

پوءِ هت ڏاڍا اچي ٺام ٺڪاءِ ٿيا، بندوقن ڀاري،

هئڻ پنهنجي هٿ لاءِ، مون هئي دادلي ڌاري،

آڌي رات اُرڳو ٿيو، جت ڪوڪ لڳي ڪاري،

جوڙو ڇوڙي جلد هليو وئين، پورا ڪري ٻه پَهر،

آيو هڪڙو اوچتو، ڇوهه منجهان ڇوڪر،

اچي ويٺو وڻ جي ڇانءَ ۾، پئي نڀاڳي نظر،

پير کنيائين بڇڙا، کوٽيءَ دل کَر،

پيم سِيءُ سرير ۾، وير اُتي ويتر،

ريهون ڪيم ”رستم“ چئي، وڏا هل حشر،

هو به هڻيو ڌڪ هليو ويو، ٻولايو ٻِيهر،

اٿئي ذات ’لغاري‘، نالو ’محمد خان‘ مشر،

اٿئي ڳوٺ ’علي خان‘ ۾، ننڍي وهيءَ نينگر،

متان ناحق ڪرين نونڌن سان، اٿئي ڏاڍو ربّ ڌڻي رهبر،

اها خان خبر، وڃي سڌ ٻڌائجان سيٺ کي.


 

مناظرو حاجي ڄام ۽ پُراڻي ٽوپلي جو

(چيل حاجي ڄام چانڊيي جو )

]هن مناظري ۾ شاعر، هڪڙو پراڻو ٽوپلو رستي تي پيل ڏسي ان کان سندس خراب حالت جو سبب پڇي ٿو ۽ چويس ٿو ته: ڏسجين به آڳاٽو ٿو، تنهنڪري ٻڌاءِ ته ڪهڙا سور سٺئي ۽ ڪهڙا اوج ڏٺئي؟ جواب ۾ ٽوپلو ٻڌائيس ٿو ته: منهنجو ٻج اُتر کان هن ملڪ ۾ آيو ۽ نالو ’نرمو‘ هئم. مون کي پوکيائون ۽ جڏهن ٻوٽن گل جهليا تڏهن آءٌ ڏينن جي صورت ۾ پيدا ٿيس. جتان پٽي، مون کي مشين ۾ وڌائون جنهن ڪُٽي ٺاهي مون مان سهڻو ڪپڙو ٺاهيو، جو واپاري سؤدي ويا. پوءِ مون کي خريدي وڍي ٽُڪي پوشيدو بنائي ڪئين قسمن جا رنگين ٽونر ۽ ڦُنڌڻ هڻي ٽوپلي جي صورت ۾ آندائون. پوءِ مون کي ٿر وارا خريد ڪري ويا ۽ سڄو سيارو ڪم آندائون. آخر جڏهن ٻيو سيارو آيو ۽ آءٌ به پراڻو ٿيس تڏهن سنڌ ۾ اچي نئون ٽوپلو خريد ڪري مون کي کڻي پٽ تي ڦٽو ڪيائون.[

 

ڄام

ڪير آهين هت ڪيئن رهئين ؟ مون کي ڏي خاصي خبر چار،

چئي: هوس ڪپڙو قيمتي، مون کي سانڍيو هو ’سنگهار‘،

سُٽ وڌائين سهج مان، پَٽ جي واهيئين پار،

ريشا ڏنائين رنگن مان، جيڏل ڪيا جنسار،

گونديون، گل، گهنگهرا، ٻي وڌئين ٽؤنرن سندي ٽار،

پوءِ مون کي ويڙهي رکيئين وٿن ۾، جت هئي عطر جي اُٻڪار،

پوءِ وڌئين مِنڪي جي مٿي ۾، جا بُودل ٿِئي بهار،

مون کي ڪپي وڌائون ڪوٺاريءَ ۾، ٽوٽا ٿيس ٽڪر،

ڏنائون باهه برهه جي، مان پاڻي ٿيس پگهر،

پوءِ ڪوري مون کي ڪات سان، مڻيو ڪيائون مقرر،

محبوبن ورتو ملهه ڏيئي، منهنجو ڪو سڃاڻي قدر،

تون به ايڏو ڪم ڪر، ته موتيءَ کان مٿي هجين.

 

مناظرو پيرو ڪلوئي ۽ بصر مينگهواڙ جو

(چيل پير بخش ڪلوئيءَ جو)

]هن مناظري جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي ته شاعر، مينگهواڙ کي سهڻي ۽ پوشيدي جُتي ٺاهي ڏيڻ لاءِ چوي ٿو. پر مينگهواڙ ڪو مٿي ڦريل هو جو انڪار ڪندي شاعر کي پنهنجي مينگهواڙڪي ٻوليءَ ۾ چئي ٿو ته: جُتي نه ٺاهي ڏيندس، پر جي ٺاهي به کڻي ڏيان ته تون سڀاڻي مون کي ڪهڙا پلاءَ کارائيندين ؟ تنهنڪري حڪم رکي مون کي ائين هِيساءِ نه، آءٌ پاڻ خيال پيو ڪريان ته ’ساڌن‘ سان صلاح ڪري توکي مار ڏياري ڳوٺ مان ئي ڪڍائي ڇڏيان. مينگهواڙ جي ايڏي گستاخيءَ تي شاعر وري به کيس سمجهائي ٿو ته: تنهنجي خبر اٿم ته پِني پِني ڪجهه پئسا گڏ ڪيا اٿئي، هاڻي ايترو پيٽ ڀريو اٿئي جو ’ڪلوين‘ سان ٿو مسخريون ڪرين، ڪاوڙ آيم ته پنجن پادرن جو ڳَٽ ڳچيءَ ۾ وجهي خوار ڪندوسانءِ. ان تي مينگهواڙ وري به شاعر کي سندس ذات وارن جا مهڻا ڏئي ٿو ته: ’ڪلوين‘ جي خبر اٿم، اُهتي جتي زالن جا ميڙا ڏسن، سينڌ سرما ڪريو اتي وڃو بيهن ۽ مُڇن کي وٽين، اُهي مون کي ڇا ڪري سگهندا ؟ ڇو ته آءٌ پير پٿوري جو مريد آهيان، هر سال ميڙي تي وڃي قبر جي خاڪ کائيندو آهيان، اڙي ڪلوئي  ! آءٌ ڪو گهٽ بهادر ڪونه آهيان. اعتبار نه اچئي ته مڙهي ۾ وڃي ڏس. اتي شاعر کيس به مهڻو ڏئي ٿو، جنهن تي مينگهواڙ ڪاوڙجي دڪان ۾ ويو ۽ اتان رنبي، آر ۽ کونٽو کڻي شاعر کي مارڻ لاءِ اچي ٿو. شاعر پير مان پادر لاهي ڇاتيءَ وارو ٺڪاءُ ڪرائيس ٿو، جنهن ڪري مينگهواڙ ڏندڻجي ڪري پوي ٿو.[

پيرو

”پيرو“ چئي پِرت مان، جُتي ويهي جوڙ،

پَنا ڪج پوشيدا، ڏورو هڻج ڏور،

سهڻي ڪج سڳٺڙي، ڏيئي کونٽي جي کوڙ،

 

پيرو

اڙي مينگهواڙ ! مٽ تنهنجو، اسان کي قادر ڪونه ڪندو،

ائين هڻو هٿ منهن تي، ماٽن منجهان مليو،

رات جو رلين جي بدران، سمهو اڌوڙيون اوڍيو،

تون آهين نڪ چپ وڍيو، جو ڪرين ٿو هوڏ هاٿين سان.

 

بصر

هڏ تاجا هاٿي جهڙا، گدڙ جتو جور [21]،

کڙڪو سڻي کيرو ٿين، هيين ۾ ٿي هور،

آهين نِشانبر نالي چڙهيو، تون لوڦر بڏو لور [22]،

آهين تون اَٺور، بري ڪوڙو ڪهين ٿو منان [23].

 

پيرو

ڪوڙو تون ڪروڙن ۾، آهين نِشانبر نل،

دغا تنهنجو ڌنڌو ۽ لوفرائي تنهنجو لل،

آءٌ آهيان اصيل اصل کان، محبتي ۽ مَل،

هَنيل ! هتان هل، تڪڙ ڪر نه طالبن سان.

 

بصر

طالب اَڀان نان ڪوڻ ڪَهي، اَڀين ٽُڪران را هو ٽوڙ،

اک اَڀان جي اِسِتريان مين، مُڇان نان ڏيو موڙ [24]،

اُٺو ٻيسو اُت، جت جويان ري جوڙ [25]،

بَٽي بَٽي مڇان نان، اَڀان ڪري ڇڏي نوڙ،

جيڪي طالبان ! راتوڙ، او آڌوتي اُٺي ڳيا [26].

 

پيرو

آڌوتي اُٿي ويا، اڃان به ڪي هوندا،

ڪسوٽيءَ سان قرب جي، پڌرا ٿي پُوندا،

ماٺ ڪري گس وٺ، نه ته چريو توکي چُوندا،

ڀاڙي توکي ڀونڊا، ڏيندو اچي ڏيهه سَڄو.

 

بصر

ڏيهه ڏيسي بُجا ڌنان، تون آهين ڪلوئي ڪاڍوڙ [27]،

کائي مانين مڦت رين، سُڄي ٿيو آهين آڌوڙ [28]،

تون کڻيس لوڙهه، هُون هڻيس آر اُرَهه ري [29].

 

پيرو

هڻندين آر ارهه جي، توکي کنيو آهه اجل،

وجهندوسئين مار موچڙن جي، بُهه ڀريندوسئين کل،

ساڌن ۾ ساڌ سڏائين، ’مانگاڻين‘ ۾ مَل،

سِيٽجيو ويهين ’سارنگاڻين‘ ۾، ڪڍيو ڳاٽ ڳپل،

انڌا ! ڪر عقل، صبر ڪر ته ساڌ ٿئين.

 

صبر

ساڌ هُون سکر گهڻو، اصل کان اَهان،

پڙها ڏي پٿوري تي، ٿا جڏهان تڏهان جان،

هيڪي ٻڌان ٿا گنٺان ۾، ٻي کاڪ کڻي ٿا کان [30]،

اسين اصل را آهان، پوترا پٿوري را [31].

 

پيرو

پوٽا آهيو پٿوري جا، ته به اڌوڙيون اوڍيو،

پوءِ ڪري هَڪل ’ڪلوئيءَ‘ تي، ڪيائين هڏيئيءَ سان حملو،

’پيرو‘ تنهن کي پري کان، گهڻيئي سمجهايو،

پر ’بصر‘ اهڙو بگڙيو، جو مُورهان ڪين مڙيو،

تڏهن ’ڪلوئي‘ بيهي، اُتي لاٿو موچڙو،

چِتائي چڱيءَ طرح، تنهن سيني ۾ سٽيو،

لَڳندي جُت جاءِ تي، ’بصر‘ ڪِرِي پيو [32]،

اهڙيءَ ريت ٿيو، بند وات ’بصر‘ جو.

 

مناظرو محمود کٽياڻ ۽ گنگو مينگهواڙ جو

(چيل محمود فقير کٽياڻ جو )

]هن مناظري ۾ شاعر، مينگهواڙ کي ٻه رپيا سوٿيءَ جا ڏيئي، جُتي ٺاهي ڏيڻ جو تاڪيد ڪري ٿو. پر مينگهواڙ، پنهنجي مينگهواڙڪي ٻوليءَ ۾ شاعر کي جواب ڏيندي، جُتيءَ ٺاهي ڏيڻ جو اڻ سڌي طرح انڪار ڪندي چئي ٿو ته: جُتي آءٌ اکين سان ٺاهي ڏيان پر ڪم اٿم گهڻو تنهنڪري پڄي نٿو سگهان. تنهن کان سواءِ تون جُتيءَ کي ڇا ڪندين، ڇو ته فقيرن کي جُتيءَ جي ڪهڙي ضرورت ؟ ان بعد مينگهواڙ، کيس چئي ٿو ته: توهان جي فقيري ۾ ڪاڻي اُٺ وارو دلبو آهي. هاڻي تو جهڙو ٺڳ جي جُتي آءٌ ڪونه ٺاهيندس. روز ڏيڻ وارو رازق آهي تنهن جي ٻن رپين ڪمائي وارو کٽيو ئي وڃي کڏ ۾ پوي. ان تي شاعر کيس ڇينڀي ٿو ته: پيسا اڳواٽ وٺي کائي، هاڻي اٽڪلون ڪري جند ڇڏائڻ ٿو گهرين، هاڻي ٺڳي ڇڏي جلدي جُتي ٺاهي ڏي. مينگهواڙ اهو ڏسي ٿو ته انهيءَ اٽڪل مان ڪين وريو، سو وري چئي ٿو ته: ڇا ڪريان جو نه ڪي رڱ اٿم ۽ نه چم، تنهنڪري هينئر ڇڏ باقي انجام ٿو ڪريان ته ايندڙ ڪَتِيءَ ڌاري توکي جتي ٺاهي ڏيندس.[

 

تمهيد

ڇڪي حرف حساب جا، ”کٽياڻ“ ڪيا کڙا،

کَڙيا ٻُڙيا کُپائي رکسان، تر ڪوسي جنڊ،

سُٽ پُٽ تون منان ڏي، مين نيا سِب سين ٽنڊ،

چوڏهان مهينا چوٽان کاسي، شرط رکين ڪو ڏنڊ،

تان رو زائد آيي چنڊ، جتي تنان جوڙي ڏيسان.

 

فقير

جُتي اسان کي جوڙي ڏي، ڪر ڀلايون ڀال،

ڪندو خير ”کٽياڻ“ چئي، قادر ساڻ ڪمال،

پيشاني تنهن پرور جي، حُسن جُنگ جمال،

صدقي وڃان سهڻي تان، ”محمود“ مڏي مال،

کيڏي خنڪي خوشيءَ وچ، سهڻو رنگ رومال،

ڪوڙ ڪرين ٿو ڪوچڙا ! اها ناهي چڱي چال،

تو زائد ٻڌو جنڊهڙا، کڻي ڏينهن سنڀال،

هاڻي تالر ! ڪر نه تال، جُتي اسان کي جوڙي ڏي.

 

گنگو

جُتي تنان جوڙي ڏيسان، ساران تارو حق،

جنگ ڪرين ٿو جکين مارين، منان ڪيڏو ڪيوءِ ڪڪ،

چاچو تنهنجو چرٻٽ آهي، ’بچل‘ بلاشڪ،

چپان ڪرسي ناحق نسورا، چريا هڻي چڪ،

آپ مرادو آڪان مين سي، بدو ڪري بڪ،

’بچل‘ چريو بانٺا کڻي، ڏنڊا اُلاري ڏڪ،

من هان مينگهواڙ ان ۾ ملهه ڳرو، ٻُٽي هڻسي ٻک،

ڪڍ ٽٻي تان سڙڪ ساڌان رو گوڏا ڀڃسي نڪ،

پاڇي ڪش ڪڍسي ڌڪ، کچ کٽياڻ رو.

 

فقير

ڪڍندي کچ کٽياڻ جو، اٿئي ’بچل‘ بازيگر،

افلاطون عقل جو اڙٻنگ، ظاهر تنهن وٽ زر،

محل ماڙيون بنگلا اسان جا، دروازن سان در،

بُگدي بونب ’بچل‘ جا اُٺ، ناميل نشانبر،

ڏنگڙو ڀلو ڏيهه سڄي ۾، ڪيچي ڪبوتر،

پيو اُٺ آهي سائو سهڻو، ويهو لڏجي ور،

’احمد انڙ‘ کان مون هو آندو، نام ڪٺيو سو نر،

گونگي گوڙ ڪري ٿو گهيڪڻ، تارو گهاٽو تر،

صاف نچايون ساڌن کي ٿا، جيڪا پارس پر،

لعل هندورا، کٽون ڳاڙهيون، گنگو ! اسان جي گهر،

تون چئين پئسن جو چم هلائين، کُٽل آهين خر،

هاڻي سانڊا پوئي ڪو سر، جُتي اسان کي جوڙي ڏي.

 

گنگو

جُتي تنان جوڙي ڏيسان، ’بچل‘ ٿي نه ڀوت،

کارو کائين مانيان رو، ڏکيو ڍاپي نه ڏوت،

ٽين پئسان ري ٽوپي گهتي، چريا بني چوت،

بچل ري منان ڀيڏي ڀن سان، سٽ ڪڍسي سوت،

اهو کٽياڻ رو ڀوت، مون سهي سڃاتو سانڊي کي.

 

بچل خان

صاف سڃاتئي ڪين اسان کي، سانڊا چؤ مَ سور،

اڻ ڏڌيو ٿيون پهرن اسان جون، مينهون ڍڳيون ڍور،

بگا بگدي اُٺ اسان جا، دنيا مون وٽ دور،

’هيبتاڻين‘ منجهه هزارو، بچل بلي زور،

تيز تراريون روپي ڳن سان، جن سان ماريون چور،

’ظاهر، طيب‘ پيراڻي جا پٽ، ماڻهو مون وٽ مور،

تون برميچين ٿو ڀائٽيي سان، آهين ڪو لچ لغور،

هو شاعر فقير شاهه جو، جنهن کي عشق لڳو آهي اور،

هاڻي نانگا ٿي نه نور، جُتي اسان کي جوڙي ڏي.

 

گنگو

جُتي تنان جوڙي ڏيسان، ڪِلِڪل ڪوهه پيو ڪرسي ؟

اڇي ڏاڙهي رو ادب رکسي، تَين مٿي تي چڙهسي،

کنيو اٿئي کُٽيءَ، وڃ انگاسين ۾ اڙسي،

تانجي مانجي هو هئي، اڄ لڙائي لڙسي،

’پير پٿورو‘ ڀاڱي آسي، ’بچل‘ بدو مرسي،

کَل لاهان انهين کاڻي ري، ڌم نغارو مڙهسي،

پاڇي پيچ عشق رو ڀڙسي، پاڙي پرميسر جي.

 

بچل خان

پاڙي پرميسر جي، تون پير لنگهائي پاءِ،

کاري ڪانبو اهت اڳاڙين، محبت ڏيون توکي ساء،

ٻيا ويهن پَٽ تي، تون کٽ چڙهي ويهي کاءُ،

تنهنجا منهنجا مائٽ وٺي ويا، رستو اهائي راهه،

ادب رک تون اشرافن جو، گنگو ! ڏي مَ گهاءُ،

هاڻي شرم رکندئي شاهه، جُتي اسان کي جوڙي ڏي.

 

گنگو

جُتي تنان جوڙي ڏيسان، ترت نه ڪر تون توڙ،

کير ڏُهي اَڪان رو، رڱيان ٿو اڌوڙ،

’بچل خان‘ رئيس وڏيرو، جامڙد آهي جوڙ،

صاب نچائي ساڌان کي ٿو، ماڻهو آڀي ڊوڙ،

ٻوڙ پلاءَ تي هونگ لڳي پيئي آهه، کارڪان را کوڙ،

پڻ ڀائٽيو تنهن جو بيعقل آهي، ٽڪران رو ٽوڙ،

ٻانهي سونهي لنگهان رو، ڊڪان پائي ڊوڙ،

لٺيان هڻسان لوڙهه، ڳالهه ڦرسي ڳوٺ ۾.

 

بچل خان

ڳالهه ناهي، ڳوٺ جو هو اٿئي ديوانو درويش،

چڱو ڀلو مست متارو، تپ نه ٻرو ٿئيس،

ڪنهن مهل لڙڪن ليڙون، ڪنهن مهل پهري ويس،

لٽ پٽ هن کي لهر لڳي ويئي، وطن ڇڏي ويو ديس،

هاڻي ڪلمون نيبهه ٿئيس، کلندي شال ”کٽياڻ“ چئي.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو حاجي حاميد ۽ عيسي جو

(چيل حاجي حاميد خاصخيلي جو )

]سگهڙ حاجي حاميد جو مشڪي گهوڙو وڃائجي ويو، پيريءَ کان پير کڻايائين پر پتو ڪونه پيس، تنهنڪري اهو بار ’باقر نظاماڻي‘ تي رکيائين؛ جنهن ٻڌايس ته اهو ڪم ”عيسي مهاڻي“ جو آهي. اها خبر جڏهن سگهڙ کي پيئي تڏهن صادق مزاريءَ اڌڙي واري وٽ دانهن کڻي ويو، جنهن عيسي کي گهرايو ته سگهڙ کي گهوڙو موٽائي ڏي. سگهڙ، عيسي سان گهوڙي موٽائڻ جو جيڪو سوال جواب ڪيو سو بيتن ۾ چيو اٿس. کيس چئي ٿو ته: عيسيٰ ! تون صادق مزاري کي مان ڏيئي گهوڙو موٽاءِ. پر عيسو جواب ٿو ڏئي ته: گهوڙو آهي متارو، سو ماڃر ۾ منهنجي دوست سچو لاکي وٽ پيو پلا ڍوئي. تون وڃي ٻيو وٺ، باقي اهو نه موٽائيندس. تڏهن سگهڙ کيس قبر ۽ قيامت جو ڊپ ڏئي ٿو پر عيسو دوست سان ڦٽائڻ چڱو نه ڄاڻي جواب ڏيئي ٿو ڇڏي. تڏهن سگهڙ وري کيس پٽ پاراتو ٿو ڪري، ته شل موهيڙي جو مرض نڪرئي، ان جي سور ۾ سڙي مرين. پر عيسو صاف انڪار ٿو ڪري. تڏهن وري سگهڙ کيس پوليس ۽ ڪورٽ ۾ ڪيس ڪري ٻَڌائڻ جا دڙڪا ٿو ڏئي. پر هن جو اهو ئي جواب ته: گهوڙو ڪونه ملندءِ. نيٺ صادق مزاريءَ جي چوڻ ۽ سگهڙ جي ڪلام کان متاثر ٿي گهوڙو واپس موٽائي  ٿو ۽ سگهڙ، مزاريءَ جي ساراهه ڪري مناظرو ختم ڪري ٿو.[


[1] . چونٿڻ = کائڻ.

[2] . مڙهن = ڀٽن جي وچ وارن ميدانن.

[3] . ٻاڪو = وات؛ روڙ =ڍؤ.

[4] . ساريکو = يڪو، لاڳتو؛ تڙهو = تڙ، کوهه.

[5] . شرڌا = خوشي سان.

[6] . نيڙو = ويجهو.

[7] . ٽيڙو = ڪرنگهو.

[8] . سروپو = شاعر جي پيءُ جو نالو.

[9] . پرگڙو = شاعر جي ذات؛ جولهي = کريل.

[10] . سيٽ = پپن جا ٿڙ.

[11] . کڙ = گاهه جو قسم.

[12] . ٻيهه = ڊپ، خوف؛ ٻاهڻ = ڪنجهڻ، چنگهڻ.

[13] . ٽرڪو = ڪرڪريو.

[14] . هر = بيوقوف، بي سمجهه.

[15] . نيڙي = ويجهي، ناساري = ناهري مهينو.

[16] . جهوڙ ٿيڻ = گڏ ٿيڻ.

[17] . ننگهلڻ = پوک جو وڏو ٿيڻ.

[18] . سرلي = سرل گهوڙو = ننڍي هوندي جي سنگت.

[19] . وڍو = گس، پيچرو؛ دڙيئا = ننڍيون ڀٽون.

[20] . سونهو = ڦٽل پراڻو واهه.

* . هن مناظري جي روايت خود شاعر جي زباني ٻڌي قلمبند ڪئي ويئي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 535.

* . هن مناظري جي روايت لاڙ (تعلقي بدين) مان مقبول احمد بلوچ کان ملي.

. سوانح عمريءَلاءِ ڏسو حاشيہ ص 458.

* . هن مناظري جون ٻه روايتون ٿرپارڪر مان رائچند (تعلقي ڇاڇري) ۽ ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقي عمرڪوٽ) کان مليون.

[21] . جتو = جيترو؛ جور = زور.

[22] . لوڦر = لوفر؛ بڏو = وڏو.

[23] . بري = وري؛ ڪهين ٿو = چوين ٿو.

[24] . اوهان جي اک زالن ۾ ۽ مڇون ٿا مروڙيو.

[25] . اتي اُٿو ويهو جتي زالن جي گهڻائي هجي.

[26] . اُٺي گيا = اٿي ويا.

[27] . ڏيسي = ڏيندو.

[28] . مانين = مانيون.

[29] . کڻيس = کڻندين؛ هڻيس = هڻندس.

[30] . گنٺان = ڳنڍين؛ کاڪ = خاڪ.

[31] . اصل را آهان = اصل کان آهيو؛ پوتران = پوٽا.

[32] . جُت = جُوتو؛ پادر.

* . هي روايت ”ڪلام محمود فقير کٽياڻ“ مطبوع سنه 1959ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد تان ورتل آهي.

. محمود فقير پٽ علي خان کٽياڻ، ڳوٺ سليمان کٽياڻ تعلقي هالا ۾ سنه 1852ع ڌاري ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي خوش مزاج ۽ رلڻو ملڻو هوندو هو. تعليم حاصل ڪانه ڪيائين، پر سير سفر ذريعي  زماني جو گهڻو آزمودو پرايائين. حاضر جواب ۽ چرچائي جهڙس ڪو ڳوليو لڀي. سندس گهڻو ڪلام في البديهه چيل آهي ۽ پاڻ ٽنڊي الهيار واري سيّد موج علي شاهه جو مريد هو ۽ پنهنجي مرشد جي شان ۾ گهڻوئي ڪلام چيو اٿس. مصري شاهه نصرپور وارو ۽ نواب ولي محمد خان تاجپور وارو سندس همعصر ۽ مجلسي هوندا هئا. سندس ڪلام جو مجموعو.

* . هيءَ روايت خود سگهڙ جي زباني ٻڌي قلمبند ڪئي وئي.

. حاجي حاميد ولد قبول خاصخيلي، ڳوٺ ملهڻ تعلقي ماتلي جو ويٺل آهي. هن وقت سندس عمر سٺ ورهيه کن آهي. انهي حساب سان سندس ڄمڻ سنه 1900ع ڌاري ٿيو هوندو. پاڻ فقط قرآن شريف پڙهيل آهي. ڏور ۽ ڳجهارت جو ڳولو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org