سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :6

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب ربّ ستار،

هادي هفت زمين جو، ڪيائين، اُڀ اَڏي اظهار،

سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، چؤ قبلين چوڌار،

محب مٺو معشوق ٿيو، نور منجهان نِروار،

اُمت جو آڌار، موليٖ محب اُپائيو.

 

نرمل نُوري نُور مان، پرور خلقيو پاڻ،

ڄائي محمّد مير جي، وُٺا سڀ وٿاڻ،

اَجهو عاصيڙن جو، ڏاتر ڏنس ڏاڻ،

پورهيت سڏي پانهنجي، شل ! سائين کڻندا ساڻ،

ڪانه تنهين کي ڪاڻ، احمد جنهن جي اڳ ۾.

 

چارئي يار رسول جا، موچارا مڃان،

سِينو تِن سانئِن ڏي، صبوح سنجهه سڃان،

ڪوٽَ ڪفر ۽ ڪوڙ جا، ڀورا ڪري ڀڃان،

جي سنجهي کائن موچڙا، رَڙن منجهه رُڃان،

جي رکن ڦير ”فقير“ چئي، سي ڪوڙيون سڀ ڪڃان،

سُڃا وچ سُڃان، ڍرڪي ڍيرن تي ڪريا.

 

’صديق‘ سائين سر جو، محب موچارو،

واکاڻيل واحد جو، پرور پيارو،

عَينن ساڻ ’عمر‘ ڏسان، لهي اوندهه انڌارو،

’عثمان‘ عالم علم ۾، ڪُل کؤن ڪرارو،

ايندو نَرُ هڻي نعرو، ’علي شاهه‘ آڌِين تي.

 

چئني جا چشمن تي، کَرڪڻ پاڻ کڻي،

”عبدالرحمٰن“ عجيبن جي، پائيان پيرَ پَڻي،

طالب تن جي تَن کي، آهي گهرج گهڻي،

رکان اک آڻي، ته آجي عيبن کؤن ٿيان.

 

حسن مير حسين جي، ڪيان ظاهر زيارت،

اچي هن اَڌيِن جي، ڪندا پِرَينِ کي پارت،

علم، صبر ۽ سڪ جي، ڪن اچي عمارت،

عيب نه ڦولهين ”فقير“ چئي، کڻن ننگي ندارت،

پُٺيءَ لڳان پرين جي، ڪج ڌڻي نه ڌارت،

پورهيت پيزارت، نرمل نعلين جي ٿيان.

 

دلي ۽ طالب جو، سڻ قصو ساڻ ڪنن،

نينگر ڏاڍي ناز سان، هُئي وڄُن جي وَرَنِ،

اَپڇر اَربيلي هئي، ٿي گهمي منجهه گهَرنِ،

پَريون تان پاسي ٿيون، ڏسي ڏِيل ڏَرَنِ،

گامَن تي گُجر جي، ڪَبُوتر ڪيرنَ،

ڏسي چال چَلڻ جي، ٿي حيرت کي حورن،

مورَ اُتي مستان ٿيا، ڳڻتيءَ منجهه ڳرن،

ٻَئِي مُنهن ٻَرن، شَمّ چشم ”چانڊيو“ چوي.

 

قصو تنهن ڪامِڻَ جو، ڪيان ڪيئن ڪَهِي !

هڪ لالائي لڱن تي، ٻي ويتر هُيس وَهِي،

خوني خلل تنهن سِر ۾، ٿي سٽي سيف صَحِي،

زخم زوراور هڻي، ڪري ڪِيس ڪُهي،

پوءِ ڏوڙا ڏک لهِي، هڪ عاشق انهيءَ تي ٿيو.

 

عاشق انهيءَ تي ٿيو، سِرَ جو لاهي سانگ،

نيهَن تنهين نينگَرِ جي، دل تي ڏنس دانگ،

ماري محبت مست ڪيو، ٿيو نانگو ڇڏي نانگ،

ڪيو فنا ڦٽ فراق جي، ٿيو ڪارو جيهو ڪانگ،

برهه ڏِني هئي بانگ، اڱڻ انهيءَ جي اچي.

 

کائي پيئي ڪينڪي، ويو محبت منجهه مَري،

لهي لَحَم لِڱن تؤن ويس، ڳڻتيءَ منجهه ڳري،

تنهن جي سڪ سنهون ڪيو، ڏنيس برهه ڀَري،

ديدون دلبر ڏي کڻي، ڏسي درستن منجهه دَري،

بيٺو واٽِ وري، منهن ڏسڻ معشوق جي.

 

نينگرِ نڪتي ناز مان، دلو دست ڪَري،

سِر گهڙو، سينهون کڻي، هلي پر تئون پير ڀَري،

نار ماري تنهن ناز سان، وڌو ڌڱُ ڌَري،

ويچاري کي ورهه جي، وڌو ڏُک ڏَري،

پيو تُرت تَري، چُڀڪِي چاهِه زنَخ ۾.

 

طالب تڏهن تيز مان، البت ڪئي آهه،

ڏسي دلو دلبر مَٿئون، ويو سڙي اندر ساهه:

ايڏو مراتبو محبن وٽ، توکي ڏنو ڪيئن الله !

سائي ڏَس صلاح، تو کي مليو ڪئن مراتبو؟

 

طالب

منهنجو، محبت تن جي، مَنُ وڌو ماري،

اندر آتش عشق جي، ٻارڻ ڪيا ٻاري،

ساهه تني سڄڻن کي، ٿو سِڪي ۽ ساري،

لاهي لحم لڱن تؤن، ڳڻتيءَ نيو ڳاري،

ڏک وڌو ڏاري، هينئڙو حَبيبن جي.

 

دلا ! دلبر جي مٿئون، پئو لُچا، هيٺ لهي،

چڙهي ويٺين چوٽيءَ تي، ٺِڪر ! ڪيئن ٺهي؟

ڀَڄي شل ڀورا ٿئين ! پُرزا پَٽ پَئِي،

بي ادبي بُڇڙا، تو ڪوڙهيا ڪئَن ڪئي؟

رُليا ! منجهه رَئَي، پئجي پَٽ پِٿون ٿئين.

 

ديدون دلبر کي ڏسن، ٿئي جان جميعت جيءُ،

اکڙين کي عيد ٿئي، وڃي ساهه اندر جو سيءُ،

اسين خوش انهيءَ ۾، تون رول ! رکين نه رِيءُ،

پئجي پَٽ پِٿون ٿئين، ڪئن ويٺين ڀيلي وِيءُ،

ماءُ جهليئي نه پيءُ، نڪي ادب سکئين استاد کؤن.

 

ڪنڀر گڏهن ۾ وجهي، ڏِينئي ٽُڪي هَٽِ،

چِٽَن ساڻ چڱو ٺهين، ته به ڏينئي آني پائيءَ گهٽ،

اٿئي قدر ڪونه ڪنڀار وٽ، ٿئين پُرزا پَئي پٽ،

ڀڄي شل ڀورا ٿئين ! نه مِڙي ٺڪري، ٺڪريءَ وٽ،

سِر هيٺان سَٽ، سُڃا ! سڄڻن جي مٿئون.

 

ڏکن پٺيان سُکڙا، فرمايو فرقان،

لهريون لڪَ نه تو ڏٺا، نڪي سُورن جا سامان،

نڪي نوڪون نيهن جون، ويئي جسمئون پار جوان !

نڪي لُکُون لڱن تي جهليئي، تو ڪائي پاڙي ڪان،

پئين هيٺ لهي هارا ! نه، سُڃا ! سڄڻ جي مٿئون.

 

سرڪشيون سڄڻن سان، ڪڏهن ڪين ڪجن،

ڪوڙين ڀيرا قرب مان، توڻي ڏوڙا ڏاڻ ڏين؛

هيٺاهيون هوتن سان، ڪيون اصلي اشرافن،

ادب ڪم اصيل جو، هلڪا ڪين هلن.

مُلهه ٻُڌ موتيءَ جو، سڻ حڪايت هيئن،

توڻي لَکَ لَهن، ته به ٿا تُرن ڪينڪي.

 

دلو

دلي، طالب کي چيو، سڻ خبر هيءَ کَرِي:

اصلي اشرافن کي، تون ڪر نه ويڻ وري،

جهلڻ پلڻ پاڻ کي، ٿي اها ڳالهه ڳري،

ٿيءُ فنا فراق ۾، رهه ”مُوتوا قبل“ مري،

ڪڍ خوديءَ کي خامَ ! تون، ڏس کولي دَرَ دري،

ڏاڍي ڀَل ڀَري، مون سٺيون جفائون جان تي.

 

منهنجي تون مذڪور جي، سڻ حڪايت هاڻي،

بِيۡعَ بهائون ڇو ڪرين، ٿو نانءَ وٺين ناڻي،

شيطان، توکي شروع کان، ٿو ريجهايو راڻي،

تون پاڻيءَ مان پيدا ٿئين، ڄاڻ نٿو ڄاڻي،

اوڳا ! اجائي ڳالهه کي، تو تاڻ ٻَڌو تاڻي،

پوندين پيش پاڻهي، جڏهن ٻُڌندين ڏک ”ٻروچ“ چئي.

 

پهرين اُٿي پاڻ سان، ڪئي ڪَٿَ ڪُنڀر،

گڏهه ٻورو ساڻ کڻي، ڪوڏر مان قهر،

چِيڪِيءَ جي چوگان ۾، ڪري بيٺو الاهَرِ،

سنڀري تنهن صحرا ۾، ٿي ويٺي وڌا وَرَ،

اُڙهِي نِيل نَهرَ، اکڙين منجهان آب جي.

 

موٽيو مُڙيو ڪينڪي، هنيائين لَپو ڏيئي لُوههَ،

پورِي ڪيائين پانهنجي، جا راءِ سندي هئس روحَ،

پَٽي پاسا تنهن جا، ويو کڻي مثل کوهه،

مِٽي تنهن مَهل ٿي، ڦِري ڏيئي ڦُوههَ،

جُوان ميڙي سان جُوههَ، وڌي ٻوري ۾ ٻنهي هٿين.

 

ٻورو گڏهه تي وجهي، آيو گهَر کڻي،

ڀڃي تن ڀترن کي، ڪيائين پِيڙي پوءِ پَڻي،

مارُون تنهن مٽيءَ جي، آيون بابِ بڻي،

ڪڇيم پڇيم ڪينڪي، ويس تيلهان وِير وڻي،

ويا وڏائيءَ جا اتي، سڀئي ڇرڪ ڇڻي،

تتي تَن تڻَي، بچي ڪانه ”بلوچ“ چئي.

 

ٻَڏي چيلهه ”بلوچ“ چئي، ڪيائين چلهو منجهه چوگان،

پَرٽيو پاڻيءَ کي اُتي، آڻي جُنگ جُوان،

لَويڙيائين لِڏَ سان، ٻُڌ تون بات بيان،

آيت تي اعتبار ڪري، ڇڏيم کائي خودي خان !

”قاصبرو اصبراً جميلا“، فرمايو فرقان،

مراتبا ۽ مانَ، اٿئي ڏکن پُٺيءَ سُکڙا.

 

گَڏي تنهن گِلال، نيئي اٿلائي ابتر،

لَتُون لوهون تنهن ڏنيون، ٿي ورائي ويتر،

ڏاڍي ڪَرڙ ڪُنڀر ڪئي، تان همت هُئي تيتر،

هَستي ڪُل هڄي وئي، جُسي مان جيتر،

ڀڳي تنهن بهتر، ڪاوڙ سڀ قلوب جي.

 

گَڏي تنهن گِلال نيئي، اها ڪُٽ ڪنڀار،

پِيڙي پُختي تنهن ڪئي، رکي سُرت سُڌار،

تپائي تِڙڪي تي، ڪيائين موٽائي موچار،

پَٽي، پنوڙا ڪري، ويو ڌريندو ڌار؛

ڏِٺَم هن اکين سان، آگي جا اسرار،

هٿ ڀري هيڪار، چاڙهيو وڃِي چَڪَ تي.

 

ڇِني ڇيوهڻ سان اهو، ويو لاهي هيٺ ڌري،

ڪنڀر پنهنجي ڪسرت سان، ٿو قابو ڪرت ڪري،

لاهيو لُوهن سان رکي، ٿو هِڪ هِڪ اُت هري،

ٿهرايو ٿانون کي رکي، پاڻان ڀي پري،

ڦُٽي ڪونه ڏري، سڀ اُتي آڊوکا ٿيا.

 

ٺَپڻي کڻي ٺاهه مؤن، ويٺو گوڏن ڀر،

کَٿيءَ جا خوشيءَ مان، وجهي ڄَنگهين وَر،

ڪري مُٺيو هٿ ۾، ويٺو دٻي ڌر،

ٺپيو تنهن ٺپڻيءَ سان، ٿي پڪا تنهن پهر،

اتي ”عبدالرحمان“ چئي، ڌَڪن ڪيا ڌمچر،

ٻُڌ دل لائي دلبر ! جي سٺيم جفائون جان تي.

 

ٺپي ٺاهي تنهن رکيو، سج جي سانڀارُون،

سڀ سَٺيون مون سِرَ تي، ڪنڀر جون ڪارُون،

دلاسو ڪونه دِلي کي، هُيون مارن تي مارُون،

قابو ڪنڀر سي ڪيون، ڏکن جون ڏارُون،

دردن جو دارُون، سڀوئي هٿ سڄڻ جي.

 

تَپي اُت تِڙڪي تي، سڪي ٿيس صاف،

دلبر چاتم دل ۾، ٿيا اهنج مڙيئي معاف،

نڪتي کِل خوشيءَ مؤن، قادر لاٿو ڪاف،

ڀرجي ڀِراوَن سان، ويو سڀوئي لاف،

احمق آڻي آف، نيئي ڪنڀر گڏايو ڪَٽُ سان.

 

ڌتاري دُراوَ سان، چِٽ ڪڍي چوڌار،

تازو ڏسي تن کي، ٿو درس ڪريان ديدار،

خوش ٿي خيال مَٽائي، ٿو سرس ڏسان سينگار،

اتي ”عبدالرحمان“ چئي، ڪئي ڪرڙ ڪنڀار:

تُهمت اٿئي تڪرار، اڃا دِلا ! وڌاءِ نه دل کي.

 

کاڌو هِنۡياءُ هَڪل، سُسِي ٿيس سوڙهو،

خوف خيال خلل جو، ويو گهمائي گهوڙو،

ويو وڏائيءَ جو وَهي، لڱن تان لوڙو،

کامي جئن اوڙو، تئن دڙڪي دل سُسائِي.

 

کڻي خوشيءَ مان آئيو، نهائينءَ تي نَرُ،

مَٽُ، ماٽي ۽ پارڙو، ڪَونرو سرس سَڀَرُ،

نَئِي، ڪِنگرُ، ڪُنڙو آڻي، چلمِ کنئي چاڪر،

دَکي، مَنگهي، کُنجڙي، هُيَس ڏيي تي ڏَمَرُ،

پيالي، پاٽ، طباخ، تغاري، آڻي ڦيلهي جو اُت ڦر،

اُکري، ڊول، ڍڪڻ، ڍڪڻي، آڻي دانگي ات دلبر،

ٿَهرايو ٿانون کي، ٿو ڪکَ ميڙي ڪَهڄَر،

لِههَ لئِي لُوهيندو وتي، منجهان ڪست ڪنڀر،

ٿرائي ٿانون کي رکي، وٺي دٻي در،

ڦوڪي باهه فراق جي، تنهن دُود ڪيو ڌمچر،

اوندهه انڌوڪار ٿيو، متو سخت سقر،

مٿانئون مَچ مَڱر، آڳ ڀري آڙاهه ڪيا.

 

ٽي ڏينهن ٽي راتيون، هيو اهو ئي حال،

ويو وڏائيءَ جو وهِي، تڪبر وارو تال،

رمزون جهلي روح ۾، رَچي ٿيس لال،

ڀڳا، ڀُريا، ڪي ڪچا، ڪوڙا جي ڪُلال،

ڏس ڀَلي جا ڀال، اٿئي ڏکن پٺيءَ سُکڙا.

 

پرين منهنجي پوءِ ڪئي، منجهان سڪ سنڀار،

ڀري پير پريت جا، تن طلب ڪئي تڪرار،

ڇنڊي، ڦوڪي، صاف ڪري، تنهن لاٿا غم غبار،

قيمت ڪنڀر کي ڏئي، محب وَدو منٺار،

عاشق ! تون اظهار، ٻُڌ حڪايت هنئين سان.

 

آڻي اُماهيو انهيءَ، دست ڦيري دلبر،

لاٿئين ڪَس قلوب جي، جي ساڙيا ڦٽ سقر،

صاف اندر سڄڻ ڪيو، پرين ڌوئي پر،

چُمي کڻن چاهه مؤن، ڪري سَرس سَڀر،

ڪوڙيءَ بار قدر، دوست ڏين ٿا دل کؤن.

 

طالب

دِلا ! دل نه وڌاءِ، سُڻ خبر ساري،

حرص هوا ۽ خاڪ مؤن، ٿيو آدم اظهاري،

غمن سندي گوندرين، بوند اُٺيس باري،

هاتڪ حيرت سان گڏيو، ٻي خيالن جي کاري،

ڏني دانهه دلداري، ٻُڌ حڪايت هنئين سان.

 

عشق آدم پاڻ ۾، ٻَڌا اصلي ٻول،

جوڙي مون جسم تي، پاتا پرين هول،

خطرا خيال خلل جا، ٻيا ڀڃي ڇڏيم ڀول،

ڏئي ترڪ طمع کي، ڪيم ڳوٺ پريان جي ڳول،

رڃي منجهه رتول، تيلهان سِڪ ۾ صاف ٿيس.

 

حرص، هوا ۽ نفس، ٻيو اٿئي غالب مڳ،

ڪري پنهنجي قوت لئي، صحيح حيلا سَڳ،

”ڪُل نَفۡسٍ ذائقة الموت“، اهو پروڙج اڳ،

ويندو وڻڪار ڏي، ٿو دلبر ! ڏسان دڳ،

جاني ! سارو جڳ، فنا ٿيندو ڦوڪ سان.

 

زابر زمانو وٺي، پاڻ هڻي پيو ٻَکُ،

غفلت ننڊ غالب ٿي، تنهن قابو رکيا ڪَک،

ظاهر زماني سندا، آيا مٿئون مَکَ،

ڪئن ليکيان ڳالهيون لَکَ ؟ ناهي بات بيان جي.

 

سڀ سَڌَ، ڊگهي اميد، تقويٰ هئي جا تن،

ڪُل ڪڍيون مون قلب مان، ٻيائي ڏيئي ٻن،

جي مٿئون مذڪور ٿيون، ڪين ڪيون مون ڪن،

ٿِيس هڪ حبيب سان، محبت رکي من،

پَچي لئي پرين، سِڪَ ۾ سڄڻ جي اُٿيس.

 

اندر آتش عشق جي، ٻارڻ پيو ٻَرِي،

محبت محبوبن جي، ڏني برهه ڀري،

لهي لحم لڱن تان، ويو ڳڻتيءَ منجهه ڳري،

دم نه دوست دل کؤن، وسري ڪين وري،

چوري ڪئي چَرِي، دلڙي دردمندن جي.

 

ٽن ڏينهن جي واسطي، ڪوڙا ! ٿو ڪُرڪين،

ڳالهه پريان جي پار جي، ڏسيو جهُرڻا جهُرڪين !

وَٽيون جي ورهه جون، سِڪ منجهان نه سُرڪين؟

من ۾ مست ڦرين سدا، مور نه تون مُرڪين،

هِيئَن نه هُڙڪِين، جي هجين واڍوڙيو وِرهه جو.

 

سوز سڄڻ جو ساهه کي، سچي آهي سِڪَ،

ٻي وائي وڻي ڪينڪي، هوتن ريءَ تان هِڪَ،

پيتي مون پورن جي، پِرينِ هٿئون پِڪَ،

رمزون رڳ رڳ ۾ رَليون، ڪن چشمان وهي چِڪَ،

ڀولن مٿئون ڀِڪَ، اُلٽيٖ پئي عشق جي.

 

دلا ! منهنجي درد جا، ڇو ٿو سورين سُورَ؟

ماري منڙو موم ڪيو، گهوٽ پريان جي گهُورَ،

پلپل پرين جا پون، پُورن مٿئون پُورِ،

ڏٺئي ڪين عشق جا، نيڻين چٽا نُورِ،

موٽي تو مذڪور، ڪَنين ٻُڌا ڪينڪي؟

 

دلو

تڏهن دلي طالب سان ڪئي، هٿ ٻڌي آزي:

سچي تو کي سڪ آهي، تن اندر تازي،

محبت جي ميدان ۾، گام ڀرين گازي،

نِيهن جا ٿي نعرو هڻي، ڪين بيهن قاضي،

هنر هلن ڪينڪي، علم، عقل بازي،

نِوڙيو نيازي، ڪرن آڏو عاشقن جي.

 

دلي ۽ طالب جو، ڪيو قصو مون تَمُ،

آڏو عاشقن جي ٻڌي، ڪير بَکيڙو بَمُ.

سهڻيءَ ساهڙ سان ڪيو، ڪو جو دوستيءَ دَمُ،

هُيس پليندو پَر ۾، توڻي ڏهه ڏهه ڀيرا ڏَمُ،

ٽِڪي، ٽَري ڪينڪي، جنهن جو ڪُن ترڻ هو ڪم،

سارو ساهه جسم، تنهن صدقي ساهڙ تؤن ڪيو.

 

اِلاهي ! عليل جي، سڻ زاري ساڻ زبان،

بخشِين ڏوهه بڇايون، آگا ! سين احسان،

ڏسي ڏوهه ڏوهاريءَ جا، ٿا شرم وٺن شيطان،

مِرن کي ماتام ٿيو، ٿا هَي هَي ڪن حيوان،

تون ڪريم، تون رحيم، شرف وڏو تو شان.

مان منگتو، ڏاتار تون، ڪَمِي تو وٽ ڪانَ،

باري ! مڱان بخشش ٿو، دُرس ڏيارج دان،

ميٽ مَٺايون مون ڌڻي ! چٺي ڏي ايمان،

حُرمت حضرت هاشميءَ، جو ضعيفن ضمان،

شوقئون جنهن شفيع جي، ٿيو جڙي راس جهان،

موليٰ پنهنجي ڪرم سان، مُڪو فائق تي فرقان،

چئو ڪلمون ساڻ زبان، سڀن سَڻائِي سَرس ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org