سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :40

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن ڪيا سَرَ،

وَهي تنهن وطن تي، جذبا ڪيا جَرَ،

ٻُوڙا ٻَڌي ٻاجهرين، مٿان جهليا مڃر،

تنهن سَوٽ جي سنگن تي اچي ويٺا ڪانگ ڪڃر،

ڇوڪري وڃي ڇوهه مان، پَڇور کوڙيا پڃر،

دَلا اِهي دَنير، انّ کائي اهڙا ٿيا.

 

انّ کائي اهڙا ٿيا، اَچي هاريءَ ٻڌي هوڏ،

ڀِت ٿو وجهايان ڀٽاريءَ تي، آڻيو ڪِٿان اوڏ،

ٻه خرار ڪري ها ٻاجهري، سا ڪانگن کاڌي ڪوڏ،

لهرين مٿان لوڏ، ٿو ويڙهي ٻَڌان واڻ جي.

 

ڪانگ

ويڙهي ٻڌين واڻ جي، پِيندئي لشڪر لَڙي،

ڪانگن ڪمي ناهه ڪا، ويندئي چوٽيءَ تائين چڙهي،

ڪاڙهي منجهه ڪرهي، پاڻهي لهندون پيهي تان.

 

رمضان

پاڻهي نه لهندس پيهي تان، توڙي ڏاڍا ٿين ڏينهن،

شِيخلو [1] کڻي شوق مان، سنڀري جهليندوسِئين،

ٻرڙاٽ ڪرائيندس ٻهراڙيءَ کان، اوهين ڪڃر ڪندئو ڪيئن؟

الله ڪندو اِيئن، جو اوهين موڳا سڀ مرندئو.

 

ڪانگ

موڳا ڪين مرنداسون، آهي سائِينءَ جو وڌل ساهه،

جياريندو پيو جڳ ۾، جو عالمِن الله،

تون ڀِت نه وجهاءِ ڀاءُ ! اسين وڃون ٿا ٻيءَ ولايت ۾.

 

رمضان

وڃو ٻيءَ ولايت ۾، ڪڍيوَ قلندر،

آبادي ٿو کڻان آءٌ، وڃي ليلي [2] کان وٺيو لمبر [3]،

هو سيٺ آهي سهڻ جهڙو، مَهتن ۾ مَمبر [4]،

ڀٽن پاسي ڀر، اوهين ڪانگا ! وڃي ڪَريو.

 

ڪانگ

ادا ! اسين جهليون ٿا، ’پرينءَ‘ جو پاسو،

هو ساڌ ويندو سهي، ڪڙو ڪندو ڪاسو،

جنهن جي پيهي تي پهر ڪانهي، آهي کاڄ خُلاصو،

محبت جو ماسو، ٿو پيدا ٿئي پئنچات مان.

 

رمضان

پيدا ٿئي پئنچات مان، اَسين به ڪاڍڙ آهيون ڪِين،

ڪٻرن کڻي ڪڪ ڪيو، هُو کُٽلون اچيو کِين،

اسين اچون اڏائڻ لاءِ، هُو ڏڙهيون ويٺيون ڏين،

’پرينءَ‘ پاسي پِين، جنهن تان مقاطعو معاف ٿيو.

 

ڪانگ

مقاطعو ان تان معاف ٿيو، اَٺ ويهون ڏيندو آهي ايرو [5]،

وَهيا ويهن اچيو، اتي ساجهر سويرو،

جابلو آهن جهرڪيون ويٺيون دمايو ديرو،

اسين پوري نه پياسون تو پٽيل سان، تون وڙهين ٿو وڏيرو،

ڀڃو هتان ڀيرو، ٿا ڏسون ’ڏاڙهون‘ کي.

 

رمضان

ڏسو وڃي ’ڏاڙهون‘ کي، جيڪو سڻيوَ سوال،

هن بيهاريو آ ’بچل ڀَٽ‘ ڪونهي ’حاجيڙي‘ جو حال،

ڪانگا پئيوَ ڪال، ته ڏسو هڪلي هن کي.

 

ڪانگ

هڪلي ڏسنداسون هن کي، مڙئي ڪنداسون مار،

روز آهي رازق تي، ڏيندو ڏيهه ڌڻي ڏاتار،

ڪِيڙيءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ، ڏئي سدا شاهوڪار،

سو خالق خلقڻهار، بچائيندو بک کان.

 

رمضان

بچائيندو بک کان، پر کائي ايندؤ کَلا،

وڻ آهن واڻين جا، ٻيا ’سائينداد‘ جا ڀلا،

ٺوڳي ! ڦري ٺلها، پِيندئو منهنجي پڇور کان.

 

ڪانگ

پِينداسون ڪين پڇور کان، ڏي ڪنهن ڏاڙهيءَ واري جو ڏس،

لنگهي ڏسون ’لغارين‘ کي، جن لابارو وڌو آ لَس،

رَءُ [6] ڪيو آ ’رسوٖلي‘، جنهن جون ساريون ٿيون آهن سرس،

مڙني کان آهن ملوڪون، خرابو نه ڪو کَس،

منهنجو ڪونهي وس، جو سِري وڃان سارين ڏي.

 

رمضان

سِري نه ويندين سارين ۾، ته وجهندوسَئين موچڙن جي مار،

ڦاسائي ڪنهن ڦند سان، ڪندس ڪاسائڪي ڪار،

گِهلي ايندس گهرن مان، ڪي ننڍا وڏا ٻار،

پوءِ اهڙيئي آچار، ڇڏي اَچانوَ ڇَر ۾.

 

ڪانگ

ڇڏي ايندُون ڇر ۾، اتي لڀندي ڪانه لَپ،

ملڪ آهي مڇرن جو، گارو وڏي گپ،

پير ٻوڙ پاڻي آهي، ٻيو ڪڙئي جا ڇٽل ڪَپ،

پوءِ چٽي ساڳيا چَپَ، برو ڏينداسون تنهنجي ٻاجهريءَ کي.

 

رمضان

ٻرو ڏيندئو منهنجي ٻاجهريءَ کي، بيهو ته ڪريان ٿو بِلو،

ماني به ٿو گهرايان مٿي، ٻيو پاڻيءَ جو دِلو،

موروثي حق آ منهنجو، هت ڪاپاري کتل ڪلو،

زنۡبُن [7]سان ضلعو، اُماڻيانوَ عمرڪوٽ ۾.

 

ڪانگ

اماڻيندُون عمرڪوٽ ۾، پر اسين به ڏندين آهيون ڏاند،

ٻولائي کِينداسون ٻاجهري، ڪانگين سوڌا ڪاند،

’مينهل‘ وارا مَددُؤ، آهن سڀئي اسان جا ساڌ،

ننڍا وڏا اٿئي ناڌ [8]، خبر ڪانگا ڏين ڪٿان.

 

هاڻي ڪوٺي آيو ڪريمڏني کي، اچي دوست پڙهي دعا،

ست راڄيءَ کي سڏيو، هڙئي ماڇي هئا،

ٻول ٻنهي ڌرين جا، سڀني ويٺي سئا،

ڏيهن منجهئون ڏُئا، ويندي وير ئي ڪانه ٿي.

 

ويندي وير ڪانه ٿي، آهي کيل سارو خواب،

ايندو ازل اوچتو، طبل رکي تاب،

”غلام“ ڀَرجي گناهه ۾، ايڏو ڪيو عتاب،

ساڻي ٿئي شتاب، من ڪلمون ڏينهن قيام جي !

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو حيدر خان ۽ ڪانگ جو

(چيل حيدر خان جو )

]هن مناظري ۾ شاعر جي پوک تي هڪڙو ڪانگ اچي هري ٿو، جو روزانو انّ کائي وڃي ٿو. هڪڙي ڏينهن صبح جو شاعر کيس سنگ تان اٿارڻ جي ڪري ٿو پر ڪانگ اُڏامڻ جي نٿو ڪري. جنهن تي شاعر ڊپ ٿو ڏئيس ته: اڙي ڪانگ ! نه ويندين ته اهڙو ڪم ڪندوسانءِ جهڙو ٻرڙي ٻارن سان ڪيو هو. ڳوڙهو ڳاٽي ۾ لڳندءِ ته سسي ڌڙ کان ڌار پئي هوندءِ. ڪانگ جواب ڏئيس ٿو ته: مون کي تنهنجي کانڀاڻيءَ جي پرواهه ئي ڪانهي، ڪئين پهلوان مون هٿان شڪست کائي ويا. ان بعد شاعر کيس ڏس ٿو ڏئي ته: ڀر پاسي ۾ درياني ديوان، ڀرڳڙين ۽ ٻين جون ٻنيون اٿئي اوڏانهن مارو ڪر. پر ڪانگ پنهنجي ضد تان لهڻ بدران مهاڏو اٽڪائي بيهي رهيو. هڪٻئي کي رد پئي ڏنائون ته ايتري ۾ هڪڙي ’لغڙ‘ لوهه ڏيئي ڪانگ جو ڪنڌ ڀڃي وڌو.[

 

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب ربّ ستار،

جوڙون جوڙ جهان جون، تون خالق خلقڻهار،

چارئي يار رسول جا، آهن پنجتن پاڪ پيار،

امام حسن حسين هئا، هوت هِنيين جا ٺار،

سچي بيبي فاطمہ، جا اُمت جي آڌار،

پلئو لڳي تن پاڪن جي، ٿيندا مومن باغ بهار،

هاڻي قصو ڪريان ٿو ڪانگ جو، ٻڌو گوش ڏئي گفتار،

ته مندائتي ملڪن تي، آئي پاڻيءَ سندي پار،

ماڻهن موڪون لائيون، ڪِن چاڙهيا هرلا نار،

چڱائي ’چانڊئي‘ ڪانه ڪئي، ڀاڙي ٿيو ڀائيوار،

هرلو ”حيدر خان“ چئي، چاڙهيم ڌارو ڌار،

اچي پکي لڳو پوک کي، رکي رکڻهار،

ڪانگ، ڪبوتر، ڪٻريون، ٻي چَتن جي چانگهار،

چِڙيون، چيها، چنڊوليون، ليلهيون لک هزار،

وَريا ولر وَهين جا، ڪٽڪ ڪارونڀار،

تن ۾ ڪانگ ڪري ڪوڪار، اچي هريو ”حيدر خان“ وٽ.

 

هريو ’حيدر خان‘ وٽ، ڪانگ ڪميڻي ذات،

چارئي پهر چڳڻ کان، ويري نه جهلي وات،

ويٺي واهيري تي، ڪين وهامِيَس رات،

’حيدر‘ به چڙهيو پيهي تي، پرهه ڦٽيءَ پرڀات،

سامهون ويٺو سنگ تي، لِڪو ڪري لات،

پوءِ بانڪو ٻولي بات، ته آءٌ اُڏامندس ڪينڪي.

 

حيدر خان

تون اُڏامندين ڪينڪي، جو آهي تو اختيار،

جهڙي ٻرڙي ڪئي هئي ٻارن سان، تهڙي ڪانگ ! ڪندوسانءِ ڪار،

آهن پرس پيهن تي، ڪي هاري لک هزار،

هڻندءِ ڳوڙهو ڳاٽي ۾، ڪندءِ ڌڙ سسيءَ کان ڌار،

نيئي ڌريندءِ ڌوڙ ۾، ڪرنگهو ڪنڌ ڪاپار،

توسان اٿم ڪانگ ! قرار، ڪين جيئرو ڇڏيندوسانءِ جڳ ۾.

 

ڪانگ

چئي: جيئرو هوندس جڳ ۾، جيتر سسي اٿم ساڻ،

منهنجا ٻول ٻروچ توسان، آهن پرهه جا پرياڻ،

تنهنجي کڙٖي ۽ کانڀاڻيءَ جي، مون کي ڪانهي ڪاڻ،

ڪيئي پرس پنجاهيا پيهن تي، مون کي کِجي ويا خان،

پکيءَ چيس، پيريءَ ۾ تُون ٿو پَڏائين پاڻ،

آهي وچينءَ جو وڏاڻ، وريو ويندس واهيري تي.

 

حيدر خان

وريو وڃ واهيري تي، وڃج هُت مري،

جي جيئرو هجين جڳ ۾، ته اچج ڪين وري،

’درباني ديوان‘ جي، اٿئي خوب کري،

چئوپلاندي چانورن سان، پئي ٿئي ڀرپور ڀري،

وڃي وٺ ڀَر ’ڀرڳڙين‘ جي، ڪنهن ٽڪر لاءِ ٽري،

پوءِ چُوڻو پاڻي چري، وريو وڃج واهيري تي.

 

ڪانگ

وريو وڃان ٿو واهيري تي، هينئر ٻچن وٽ،

سڀاڻي صبح جو، تنهنجي سنگن مٿي سَٽ،

ڪڻو ڇڏيندوسانءِ ڪونه ڪو، چوُپي ڪندوسانءِ چٽ،

ڳالهيون ڪجان ڳوٺن ۾، ته مانجهي گڏيا هئم مٽ،

ٻين سان ٻروچ ! تو ڪيا آهن نخرا ۽ نٽ،

آخر تنهنجي آءٌ ڪندس، ڏاڙهي مٿو چٽ،

هاڻي واري ڳوڙها وٽ، متان چئين ڪانگ چتايم ڪينڪي.

 

حيدر خان

ڪانگ چتائيندين ڪڄاڙو، تون پکي سندا پُٽ !

هتي ”حيدر خان“ چئي، منهنجي جهجهي آهي پُٺ،

هو ’مِير پوٽا‘ ’مغيري‘ ٻيا ’جوکيا‘ ڪندءِ جُٺ،

سِڻيءَ جي صبوح جو، آڻيان ’مکڻ‘ وٽان مُٺ،

وجهان پڇڙ کانڀاڻيءَ ۾، سنهو ڪتي سٽ،

اڄ اڄوڪي ڏينهن ۾، تنهنجو ٺِهرو ڀڃان ٺٺ،

ناهين گهوڙو اُٺ، تون دُ زَ ٿو دڙڪا ڏئين.

 

ڪانگ

چئي: دُ ز چئبو آهي چور کي، تون سالڪ پاڻ سنڀار،

”حيدر“ ڪر ڪو حوصلو، آهي جنگ جو مُنڍ گار،

گُٿو ڳالهائج ڪينڪي، آهين ٻروچڪو ٻار،

متان جهيڙو ٿي پوي جهنگ ۾، پوءِ ڀلي اٿئي سرڪار،

آءٌ ويٺو آهيان وِرتو، بُت ڪنان بيزار،

تو جهڙو تڪرار، مون سان ڪنهين ڪيو ڪينڪي.

 

حيدر خان

ڪنهن تو سان ڪين ڪئي، ڪا پکي آهي پَر،

لِڪا ! لچائي تنهنجي، آهي ملڪن ۾ مشر،

گَرا ! غريبن سان، ڪرين چارئي پهر چَڪر،

ڪانگ ! ڇڏيندس ڪنيڪي، پِٽيل تنهنجي پَچر،

ڪَڙئي سندي ڪپر ۾، ڪندوسانءِ قبر،

نه ته وڃ اُڏامي اوڏهين، وٺ ڀرڳڙين جي ڀر،

جيڪي پاڻ لهيو پيهن تان، ٿا گهمڻ وڃن گهر،

سارو ڏينهن سُڃِي اٿئي، ڪنڊيءَ سندي ڪَر،

ڏسي سنگ سڄر، وڃي چُڳ چڱيءَ ڀَتِ سان.

 

ڪانگ

ڪئن چُڳان چڱيءَ ڀَت سان، ويجهو ناهي جهنگ،

مون کي ملڪ مقاطعي ۾، ديههَ ديوان جي دنگ،

تنهنجي ٻاجهر سان اٿم، ٻالاپڻ جو ٻنگ،

هڪ واهيري کي ويجهڙي، ٻيو سالم جنهن جو سنگ،

تون ٿوري گهڻي ڳالهه تان، تڙيا ! پوين ٿو تنگ،

”حيدر“ ڪر ڪو حوصلو، نه ته ٿي پوندين جنگ،

ڪندس ڪوڪ ڪانگن کي، ايندءِ جي اَڙٻنگ،

ته چوپي سڀئي چٽ ڪندءِ، ڪونه ڇڏيندءِ سنگ،

عاقل ! پنهنجي اکين سان، بيٺو ڏسندين رنگ،

سالم سِٽو سنگ، ڪانگ ڇڏيندا ڪونه ڪو.

 

حيدر خان

سِٽو ڇڏيندا ڪونه ڪو، جو آهي ڦُر جو مال،

لڳي پُڳي ڪين گهٽائج، توکي ويندي آهي حال،

تون ٿيو آهين بڇڙو، توکي بک ڪيو بطال،

تو پاڙئون پُڇ پٽايو ڪالهوڻي ڪال،

موچڙا کائين ملڪ ۾، ائين سال بسال،

هاڻي جاڙ جئين ٿو جڳ ۾، حيف تنهنجي حال،

اڃا ڪانگ ۽ حيدر پاڻ ۾، پئي ڪئي قيل مقال،

ته مٿان ’لغڙ‘ لوهه ڏني، جنهن سڀ منجهايس تال،

قابو وڌائين ڪانگ کي، چنبا چڱيءَ چال،

مدعي جو مسڪين جو، تنهن جا ٿيا برا حال،

نه ته ماڻهو ڇا مجال، جو پوري پوي پکيءَ سان.

 

پکي هاڻي پورو ٿيو، وِيَڙِي ويرِي واهَه،

انهيءَ سندي ڳالهه جو، قصو ڪر ڪوتاهه،

پِن پنهنجي پِير کان، صبر ۽ ساڃاهه،

کِيرن پُٽن جو خير پنان، داتا جي درگاهه،

ته مرشد منهنجو مقبول آهه، جُنگ موچاري جاهه،

سو لائق پير لاکيڻو، آهي شاهنشاهه،

هر ڪنهن ويل ”حيدر“ چئي، آهي هيڻن جو همراهه،

مرندي هن مسڪين کي، جنّت ڏيندو جاءِ،

ڪلمون جي پڙهندا، ويندا سي ايمان سان.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو گولي ماڇي ۽ ڪانگي جو

(چيل گولي ماڇي جو )

]هن مناظري ۾ شاعر پنهنجي ماني صبح جو سويل پچارائي ساڻ کڻي اچي ڪنگر ۾ رکي ٿو. هڪڙو ڪانءُ اها ماني کائي ٿو وڃي، جنهن تي شاعر کيس چئي ٿو ته: اڙي ڪانگا ! مون کي ويسلو ڏسيو تون ماني ڪنگر مان کڻيو کايو وڃين، انهيءَ تان اهڙي ڪار ڪندوسانءِ جو ياد پيو ڪندين. تنهن تي ڪانگ جواب ڏئي ٿو ته: جي ويسلا ٿي ويهندئو ته پوءِ آءٌ ماني ضرور کڻي ويندوسانو. آءٌ ڪونه ٿو چوانوَ ته صبح سان ماني پچارائي کڻي اچو. شاعر جواب ۾ چويس ٿو: جي اڳي ماني کڻڻ جي ڪئي اٿيئي ته زالون ئي زنبن سان ماري ڇڏيندئي. انهيءَ تي ڪانگو رد ۾ چويس ٿو ته: اسين پيرن فقيرن جي دعا سان مکڻ جا چاڻا پيا کائون سو زالون اسان کي ڇا ڪنديون؟ اسين گهميو ڦريو گهرن مان ڏن پيا اُڳاڙيون ۽ ملڪن ۾ منڊل ڪندا وتون. جواب ۾ شاعر کيس گهٽ وڌ ڳالهائي چوي ٿو ته: تنهنجا ڏينهن اچي پُنا آهن، هاڻي اڄ سڀاڻي اهڙي جٺ ٿيندئي جو سڄي عمر ياد ڪندين. اتي ڪانگو هيسجي شاعر کي پرچائي ٿو.[

 

گولو

ڪانگا ماني ڪنگر تان، لڪيو ٿو لاهين،

ڦيڙين ٿو فقيرن سان، پِٽيا ! ٿو پائين،

ڀڙوا ٿو ڀانئين، ته ڪي ويٺا آهن ويسلا.

 

ڪانگو

ويهو ڪيم ويسلا ٿي، مون کي هوشيار ٿي هڪليو،

جيڪا منهنجي من ۾، پوريون پير ڪندو،

مون اوهان کي ڪين چيو، ته پچائي اچجو پرهه سان.

 

گولو

پچائي ايندا آهيون پرهه سان، ڪندا آهيون ساهه سان سوگهو،

انڌا انهيءَ آس ۾، تون مري ٿِيندوُن موڳو،

زالون توکي زنبن سان، سٽي ڪنديون سوڳو،

ڏيئي گيباڻا ! گهوگهو، اڇلي وجهندءِ اڏ ۾.

 

ڪانگو

زالن جي زِنبن سان، مرد ڪونه مئو،

اسين پِيرين فقيرين پڌرا، اسان کي چوي لوڪ ’لِڪو‘،

جي سائين سبب ڪيو، ته اڃا ڀريندس چهنب چاڻي مان.

 

گولو

ڀريندئو چهنب چاڻي مان، آهيو بي افعالا بحال،

گتا پيا آهيو گند ۾، چُتو اوهان جي چال،

ڪانگا ! کڻين ها ڪال، ته ڳوليو ڏسين ها ڳوٺ کي.

 

ڪانگو

ڳوليو ڏسون ڳوٺ کي، ٿا وٺون ڏهاڙي ڏن،

مولي ملڪ وسايو، الله گهڻو ڪيو انّ،

تازو ڪريو تن، ڪنداسون منڊل ملڪ ۾.

 

گولو

ڪندئو منڊل ملڪ ۾، اَٿوَ هاري سڀ هوشيار،

سرڪي ويهندئو سنگ تي، موڳا ! جهليندئو مار،

ڪانگا ! اوهان جو ڪپار، ڳپيندا ڳوڙهن سان.

 

ڪانگو

ڳپيندا ڳوڙهن سان، وينداسون لمح ڏئي لِڪي،

اوڇي هوندي اگلي، تنهن وٽ پونداسون ٽُڪر لاءِ ٽِڪي،

جا ڇاڻ وجهندي ڇڄ ۾، ويٺي هوندي مڙس تي مَٽي،

تنهن چلوليءَ تي چَٽِي، اٿئي ڪانگن سندي قُوت جي.

 

گولو

ڪانگا ! توتي قهر پوي، ٿو ڪٿان ڳالهائين،

اچيو اشرافن جو، لِيمڪ لڄائين،

هاڻي سانجهي صباحين، توکي ٿيندي جُٺ جهان ۾.

 

ڪانگو

ڀلا پرچي سرچي پاڻ، ڪريون ڦِٽو کڻي جهيڙو،

درس ڪڍون دل مان، دغا جو ديرو،

تِنين ٿيندو ميڙو، کڻي ڪلمون وات ورائيون.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو ڪؤڙي ۽ سرڻ جو

(چيل ڪؤڙي لغاري جو )

]هن مناظري جو سبب هڪڙي سرڻ آهي، جا اُڏامندي ڪؤڙي فقير جي پيهي تي وِٺ لاهي وڃي ٿي. ڪؤڙو فقير اُن سرڻ کي مارڻ جو ارادو ڪري ٿو پر سرڻ کي به ڪا خبر پئجي ويئي سا لامارو ڏيئي، ڪؤڙي وٽ اچي کيس چئي ٿي ته: مون توکي ڇا ڪيو آهي جو مون کي مارڻ جا خيال پيو ڪرين؟ تنهن کان سواءِ تون هيٺ زمين تي ۽ آءٌ مٿي آسمان ۾، مون کي ڪيئن پڄي سگهندين؟ مون ڄاڻي واڻي وٺ ڪانه لاٿي هئي، پر ڀانيم ته اَنو ٿي لاهيان، مڄاڻ اُها وٺ هئي جا اچي تنهنجي مٿان پيئي. هروڀرو ٿو واٽ ويندن سان وڙهين. ڪؤڙي ٻڌايس ته آءٌ توکي کانڀاڻيءَ سان اُڏامندي ڌڪ هڻي ماري ڇڏيندس. سرڻ جواب ۾ چيو ته: عقاب سڳو سيڻ ۽ سانباهو ڀاءُ ٿئيم. انهن کي چئي مارائي ڇڏينديسانءِ. ان بعد ڪؤڙي فقير، سانڀائي جي نندا ڪئي ته دٻن مان ڪني مڇي ڦاسائي کائي ٿو. پر سرڻ سانباهي جي تعريف ڪندي ٻڌائي ٿي ته: اُهو منهنجي لاءِ سها ۽ گڊ ماري ۽ روزانو هڪ تلور منهنجي لاءِ کڻي ايندو آهي. آخر ۾ بنا ڪنهن فيصلي جي مناظرو اڻپوري حالت ۾ ختم ٿئي ٿو.[


[1] . شِخلو = ٺڪاءَ ڪڍڻ واري بندوق.

[2] . ليلو = هڪ هندو زميندار جو نالو.

[3] . لمبر، number = نمبر.

[4] . ممبر = ميمبر. member

[5] . ابرو = حصو.

[6] . رءُ = مستي.

[7] . زنبن = پٿرن.

[8] . ناڌ = ناٿ، ڏنگو ماڻهو.

* . هن مناظري جي روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

. حيدر خان ٺاراڻي بلوچ ڳوٺ ڪپور تعلقي جاتي جو رهاڪو هو. پاڻ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ حاضر جواب به هڪڙوئي هوندو هو. ڪٿي به ڪا سگهڙن جي ڪچهري ٻڌندو هو ته اتي پهچي ويندو هو. ڳجهارتن ڳولڻ ۾ هوشيار هو. هڪ ئي ڌڪ سان ڳجهارت ڀڃي ڏيندو هو. کيس وفات ڪئي ڪافي عرصو ٿيو آهي.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) سگهڙ الهڏني لغاري، ويٺل ڳوٺ جعفر خان لغاري کان ملي.

. گولو پٽ دادن ماڇي، کاڻي مڱريا تعلقي سانگهڙ جو ويٺل هو. سنه 1932ع ۾ وفات ڪيائين.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان غازي الدين ”نشتر“ کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 276.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org