سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :47

غلام رسول

چئي: ڏوڪڙ ڪيئَن نه ڏيندين، موڙها ! ڪرين مڪر،

ڏيئي دلاسا درويش کي، ٿو هلائين هر هر،

ملي ڪونه مردار توکي، ٽاڻي تي ڪو ٽڪر،

آڪڙ اجائي اڍائي پيسن جي، ڪرين ٿو ڪڃر !

خانداني تنهنجيءَ جي آهي، مونکي خاصي خوب خبر،

ٻاهر لوڏ لَکن جي، ڄڻ اچي ويو خان بهادر،

آءٌ توکي ته اصل کان ئي ٿو سڃاڻان سراسر،

همت نه ٿئي هڪ ذري جي، ٿو ٺلهي ڪرين ٺِينگر،

سَوڙ ڪيو سياري ۾، اوڍين اُٺن جا آٿر،

پنڻ ۾ پليت تون، ڇڏين ڪانه ڪسر،

سچائي ڪونه سِکئين، آهين ڪُپتيو ڪاريگر،

سڏي ڀَلي سڀ تون، ڀيڙا ڪج ڀائر،

آءٌ ڏيئي هٿ ڪياڙيءَ کان، ڪيرائيندوسئين ڪنڌ ڀر،

ڪرين جي هزار هنر، ته به ڀرائي ڇڏيندوسئين ڀاڙيا !

 

مناظرو ميرڻ ۽ ماڇيءَ جو

]هن مناظري جي شروعات ميرڻ بلوچ کان ٿئي ٿي جو پاڻ شاعر آهي، راڄ ۾ ويٺل هڪ ماڇيءَ کان گدرو گهري ٿو. ماڇي گدري ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو، ان تي بلوچ کيس گهٽ وڌ ڳالهائي چوي ٿو ته: افسوس آهي جو تو کان وات پئي سوال ڪيوسين. اهو ٻڌي ماڇي کيس چئي ٿو ته: گهٽ وڌ نه ڳالهاءِ، ٻج پنهنجي پئسن سان خريد ڪيو اٿم، هَر مون ڪاهيا آهن، ۽ تڪليفون مون ڏٺيون آهن، گدرو وري توکي ڇو ڏيان ! تنهن تي ميرڻ جواب ڏئيس ٿو ته: تو به اسان جي ٻنيءَ مان ميها ۽ ونگا خوب کاڌا آهن، هاڻي جي ٻه چار چڀڙ ڏين ها ته تنهنجي ٻني کٽي ڪانه پوي ها. هاڻي همراهه وٺي رات جو ريڀڙيون اچي پٽائيندوسانءِ. اتي ماڇيءَ کي اچي ڊپ ورتو. آخر خيال ڪيائين ته: ميرڻ کي پرچائڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪونهي، تنهنڪري ميڙ وٺي وڃي ميرڻ کي پرچايائين ۽ ميرڻ به کيس معاف ڪري ٿو.[

ميرڻ

ساراهيان سچو ڌڻي، پرور سندو پور،

گدرو گهريوسين گانڊوءَ کان، پر ماڇي ڏنو نه مُور،

پوءِ اهو اٿئون سُور، جو سوال هنيوسون سوئر کي.

 

ماڇي

’سوئر سوئر‘ نه چئو اولو نه ڳالهاءِ مونکي.

ٻج وڌو اٿم پانهنجو، تو نه ڏنو پوکي،

پوءِ ڪيئن ڏيان توکي، جو مون ڪاهيا هر هٿن سان.

 

ميرڻ

هر ڪاهيا اٿئي هٿن سان، چڀڙ ڏين ها چار،

ميها کاڌا  اٿئي ڪيترا، ونگن سوڌي واڙ،

پوءِ همراهه وٺي هزار، ريڀڙيون پٽائيندوسئين رات جو.

 

ماڇي

ريڀڙيون پٽائيندين رات جو، ويٺو آهيان پهري تي پاڻ،

ماريندوسئين ”ماڇي“ چئي، هڻي سؤنٽن ساڻ،

پوءِ توکي چوان ٿو هاڻ، تون موٽي وڃ ماٺ ڪري.

 

ميرڻ

ڪيئن موٽي وڃان ماٺ ڪري، آهيم اندر ۾ ارمان

جوان بڇيندوسئين اڙٻنگ، جيڪي لائي ڏيندئي ماتام،

پوءِ هاڻي ئي ڪر ڌيان، جو بهش [1] نه ڪر ’بلوچ‘ سان.

 

ماڇي

بهش نه ڪريان ’بلوچ‘ سان، وجهندس ڪونه وير،

ٿئي سڀاڻي ڏينهڙو، ايندس آءٌ سوير،

وٺي ماڻهو ميڙ، اچي معافي گهرندس’ميرڻ‘ کان.

 

ميرڻ

آکي ”ميرڻ“ ڏيو معافي ماڇي ڪُون، جو آئي ڄُل [2]

جو هوسي جيئرا، نه ڪريسِي حياتي سوڌا هُل،

هُڻ ڪلمان پڙهو ڪُل، مٺي مير محمّد تي.

 

لا الہٰ لا الله محمد رسول الله

مناظرو بلوچ ۽ مڱڻهار جو

(چيل غلام رسول رند جو )

]هن مناظري ۾ هڪڙي رند کان ٻئي ڪنهن ڀر واري ڳوٺ جو مڱڻهار ڍڳو اوڌر تي وٺي ان جا پئسا کائي ويو، جنهن کي ڪئين مهنا گذري ويا. هڪڙي ڏينهن انهيءَ ڳوٺ ۾ ڀَت جي دعوت هئي. جنهن جي ’رندن‘ کي به دعوت هئي. رند سنڀري دعوت تي هليا پر ارادو مڱڻهار کان پلؤ وٺڻ جو هون. نيٺ ڇَني ۾ مڱڻهار کان رندن پئسا گهريا، جن کي مڱهڻار خوديءَ سان جواب ڏيئي پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو. تنهن تي رند کيس ٻڌائي ٿو ته: جي اشرافت سان پئسا نه ڏيندين ته موچڙا هڻي سڌو ڪندوسانءِ. جواب ۾ مڱڻهار کيس ٻڌائي ٿو ته: مون تو جهڙا ڪئين پهلوان ڏٺا آهن، توکان ڊڄڻ وارو ڪونه آهيان. ان بعد مڱڻهار اُنهن ماڻهن جا نالا وٺي ٻڌائي ٿو جن جا هو پئسا کائي ويو هو ۽ اُهي دڙڪا ڏيئي ماٺ ڪري ويهي رهيا هئا. اتي رند به هم نه تم ڪري موچڙو لاهي اچي مڱڻهار کي وٺي ٿو ته وچ ۾ ٻيا مڱڻهار اچي پيا جن کي وري ٻين ’رندن‘ مار ڪڍي. آخر ۾ مڱڻهار مار کائي ڳوٺ جي چڱي مڙس کي دانهن ڏين ٿا، جو کين پئسن ڀري ڏيڻ جو مشورو ڏئي ٿو.

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، جو عالم جو آڌار،

ته ’رند‘ رڙهي هليا، سُڻي ڀت سندي ڀڻڪار،

چي چانور چکي چَهرڪيون، سي خاصا خوشبودار،

گسڪي ڪجهه گوشت جو، ڪنداسون وجهه ويچار،

ڪو مندائتو قسمت سان، آهي ڏياريو ڏاتار،

ڪري سوچون صلاح جون، سنڀري ٿيا تيار،

نڪري مهند مڙني کان، ’نِهال‘ ٿيو نروار،

’دادُو‘ چيو دانهن ڪري، ته ’مِيرُو‘ ٿئي مهندار،

’جيئندو‘ اٿيو جُهد مان، سيٽي سو سلوار،

سڀئي جوان جُٽ ٿي، هليا سي هيڪار،

پاسو ڏيئي پوٺي کان، پلٽيا جيئن پَرمار،

تڏهن ’جيئندي‘ چيو جوانن کي، مون سان ويل ويچار،

جُٺ آهي جوڙي ڪئي، مون سان ’مڱڻهار‘،

ڍڳي جو اڄ تائين، مونکي مليو ڪونه وهنوار،

ڪڃر، ڏسو ڪنهن پر ڪئي، ڪُپتين واري ڪار،

چئي: ماٺ ڪر ماندو نه ٿي، پاڻ وٺنداسون وار،

پلاند وٺنداسونس پِڙ تي، ڏيئي محڪم مار،

ڀيڙا ٿيندا ڀت تي، مڙي سڀ مڱڻهار،

ڪري قول قرار، اچي ڇُڳير ويٺا ڇَني ۾.

 

ڇڳير ويٺا ڇني ۾، جن ديرو دمايو،

ڪن ڏٺو ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪن اچي اونايو،

ڪن کي ريچَڪ رونشي جو، ڪن کي وڙهڻ جو سعيو،

ڪن کي ڀروسو ’بهادر‘ جو، ڪن کي شيطان ڀُلايو،

ڪي ٿيا جوڌا جنگ جا، ڪن سپاهي سڏايو،

ڪي ٿيا سپہ سالار صف جا، ڪن ڪمانڊر ڪوٺايو،

ڏٺئون ويٺي ڏيڻ جيئن، نظر نمايو،

ته دعوت هوندي هن دير ڪئي، الائي ڇو نه آيو؟

’صادق‘ انهيءَ سوچ ۾، ويٺي واجهايو،

ته اچي ’ٺاري‘ اوچتو، مٿان سلام ورايو،

’ماڪوڙي‘ مرحبا ڪري، تنهن کي ڇاتيءَ سان لايو،

وقت انهيءَ ويجهو ٿي، ’سمون‘ سِرڪي آيو،

’صالح لوري‘ سري هليو، ڄڻ ڪلهه هو آيو،

’ٺارو‘ ٺهي ويٺو، جنهن ڀؤ نٿي ڀانيو،

ڦيلهي وٺي ڦِري ويٺو، جنهن پئي هٿ پُسايو،

هٿ ڌوئي صاف ڪري، ڦيلهي ۾ ڦهڪايو،

ته ’مِيرو رند‘ ان مذڪور جي، پر پڇڻ آيو،

ڪري وڙهڻ جو سعيو، مٿان اچي اُڀيس اوچتا.

 

مٿان اُڀيس اوچتا، چئي: ڏي خبر سڀئي،

رهزن ! تو ’رندن‘ سان، آهي ڪپت ڪيئن ڪئي ؟

ڦٽائيندي توکي راڄ سان، ڪا لڄ ڪانه پئي،

ڪئين ڀيرا ڪيترا، توکي چُڪاسون چئي،

ڪڃر ! تو ڪنهن کان، اها سمجهه سُئي،

ولها ! تو وِهائي اها خواري آهي کنئي،

ناحق ٿيو آهين نمڪ حرام، تنهنجي اک پورجي ويئي،

اڃا به لڄ ڪا پويئي، ته ڀاڙي ! وهنوار ڀري ڏي.

 

مڱڻهار

چئي: ڪپت ڪم منهنجو، اهو اصل کان آهي،

’ڪرڙ‘ جهڙا ڪيترا، ڇڏيم رمز سان ريجهائي،

مڪر ڪري ’محرم‘ جا ويس پيسا ڦٻائي،

’جاڙي‘ جهڙا جوان ڇڏيم هنر سان هلائي،

بيشڪ ڇڏيم ’بهرم‘ جا، ڪاٻاڙا ڪيرائي،

’علي خان‘ جا اَٺ ايڪڙ ڇڏيم رڻ ۾ رلائي،

مون ’ساند ساجن‘ جا، ڇڏيا وڻ سڀ وڍائي،

’ماڪوڙي‘ جهڙي مرد جو، ويس ڍڳو تِڳائي،

’لکي چاچڙ‘ جو لالچ ۾، ويس ڪارو وهڙو ڪاهي،

’ڌڱاڻي ڪپري‘ جي دولاب سان، آيس ڪمداري ڪمائي،

لکين مون ’لاشاري‘ ڇڏيا، ڏهڪر سان ڏڪائي،

’خير شاهه‘ جهڙا خريب سان، ڇڏيم مَل منجهائي،

’ڀوري خان‘ جهڙا بِر ڪيم، ڪپت سان ڪنبائي،

’لورِي‘ مون لکين ڇڏيا، ڄمت سان ڄمائي،

جوڙو ڍڳن جو جهٽ پٽ، ڇڏيم ’گلڻ‘ جو گمائي،

ٻني ’لهڻي‘ جي لوڀ ڏيئي، ڇڏيم کرڙي کپائي،

اڳيان منهنجي البت، ڇوڪر تو جهڙو ڇا آهي،

ڪئين مون ڇڏيا ڪيترا، راڄ ڌڻي رَمائي،

جي توکي جان پياري آهي، ته موٽي وڃ ماٺ ڪري.

 

بلوچ

موٽي وڃان ماٺ ڪري، تون حرامي آهين هِريو،

ڪڃر ! تنهنجي ڪَلَ ٿِڙي، تون کاڻا آهين کَريو،

ڪري خريب خبيث ! تون فقير وڃين ڦُريو،

البت انهين اٽڪل سان، وڃين مُوڙها  ! مڪر ڪريو،

تنهنجي مام مڪر جو، مونکي پتو اڄ پيو،

گس ۾ ”غلام رسول“ چئي، توکي غازي ڪونه گڏيو،

’ميرو‘ جهڙو مورهين، تو کي مڙس ڪونه مليو،

’نهال‘ جهڙي نر جي، آهين پَناري ڪونه پيو،

’صادق‘ جهڙي سمجهُو جو، توکي هٿ ڪونه لڳو،

’ڪرڙ خان‘ قياس ڪري، توتان هر هر پي هٽيو،

’محرم‘ ’بهرم‘ ’ماڪوڙو‘، وڃن ماٺ ڪري مُڙيو،

اڄ آهين مڙسن جي منهن چڙهيو، سمجهي ويندين سدائين کي.

 

مڱڻهار

سمجهي ويندس سدائين کي، آءٌ آهيان پَٽيل پڳدار،

لکن آءٌ ’لورين‘ جو، ٿو سڏايان سردار،

سڀئي منهنجي صلاح ۾، آهيان مڙن جو مهندار،

مون سان ’ماڪوڙي مڱڻهار، جهڙا ڀيڙا آهن ڀار،

’سمي‘ جهڙا سورهيه ڀي، مون سان مددگار،

’سائين بخش‘ ’سونهارو‘، ايندو هڪل سان هيڪار،

’لهڻي‘ ۽ ’لشڪري’ جهڙا، مُڙندا ڪين موچار،

’عزت‘ ۽ ’آڍي‘ جهڙا، ڪندا وقت انهين وهار،

پئون سٽ ايندو پڙ ۾، ’پيربخش‘ پنج مار،

شامل ڪُل صلاح ۾، جيئن ريهي ڪَڙو لُهار،

ڏيندس ڪين وهنوار، تون وٽي وڃ ماٺ ڪري.

 

بلوچ

ڪئن ماٺ ڪري موٽي وڃان، تون ٿو ڪرين مڪر،

ائين چئي اٿيو، ڪڍيائين پير منجهان پادر،

هنيائينس بُجو ٻوٿ ۾، پر پَتِ رکيس پرور،

هڪل سان هنيائينس موچڙو، لڳس سو منهن ڀر،

ڳوراٽ ورائي ڳچيءَ کان، ڪيرايائينس ڪنڌ ڀر،

پٽيائينس پاڙ کان، مُڇون سنديون منڪر،

’دادو‘ اُٿيو دهشت مان، هڪل ڪري هِن پر،

ويڙهي وڃو ويريءَ کي، اَئِين مَ ڇڏيو ڇوڪر،

’صادق‘ سِرڪي آئيو، کڻي سونٽي سراسر،

’جيئندو‘ اٿيو جُهد مان، جنهن ڪانه ڇڏي ڪسر،

’نهال‘ چڙهي ويٺس نراڙ تي، جنهن کي هئا ٻارا منجهه اندر،

’مولا بخش‘ مُڙيو ڪينڪي، جو جوان وڏي جگر،

’امام بخش‘ وڙهيو اٽڪل سان، ڇنڀي هڻي ڇوڪر،

اچِي ائين وريا، جيئن ماڪڙ سندي پونگر،

وَرن جيئن ڍونڍ تي، ڳِجهُون ڪيو ولر،

’سمون لوري‘ سٽي اٿيو، ڪيائين لوڙهه کڻي لُر،

هڻڻ جي ”حافظ“ چئي، ڪنهن نه پيئي خبر،

تيسين پٽڪو پليت جو، ڪريو منجهه ڪلر،

ڪيري وڌئون لوڙهي ۾، متو ’ماڪوڙن‘ لئي محشر،

جٺ ’ٺاري‘ سين جوانن ڪئي، ڏس جوڙي جنهن پر،

ٿُڪَ بُجو ائين لڳو، جيئن بوند وسي بحر،

پٽڪو لٿو پڳ ڪِري، ٿيون ڏاڙهي مڇُون تر،

الله ڪيو عزت بچي، ايءَ سائينءَ جو شُڪر،

ڄاڻي عالم جو آڌر، ته اهڙي اڳ ٿي ڪانه ڪا.

 

شاعر

اهڙي اڳ ٿي ڪانه ڪا، ٿي جهڙي سان ’ٺاري‘،

ٻوٿ ’ٻروچن‘ سڄائي ڇڏيس، موچڙن سان ماري،

صرفو نه ڪَيئون سونهاري جو، ڇڏيئونس مڇون اُڏاري،

مٿو ڇڏيئون موچڙن سان، فقير جو ڦاڙي،

پٽڪو پڳ ڌڻيءَ جو، ڇڏيائون لتن لتاڙي،

سوڀون وس ستار جي، جنهن کي ڏاتر ڏياري،

لکيو جو الست کان، ٿو انگ اُهو پاري،

منهن پئجي ويو مڙسن جي، ڇڏيئونس سمجهه سيکاري،

وري ويچاري، ڪيو عهد اچڻ کان.

 

ڪيائين عهد اچڻ کان، ’بهادر‘ ڏي دانهين،

لڳو ڪرڻ ان کي، منٿون مهندائين:

چڱو مڙس چون ٿا، راڄ جو آهين،

ڏس نسورو ناحق ٿيو، ههڙو مون سان هِين،

اڳي مون سان اهڙو عيب، ڪيو ڪونه ڪنهِين،

خانو هنن جو خراب ڪيئي، سو تان تون آهين،

هوڏانهن تون ٿو پاڻ کي، چڱو مڙس چائين،

جي ثالث سڏائين، ته نياءُ نبيرج نِيت سان.

 

’بهادر‘ پڇيو بلوچن کان، هن پر ويهي حال:

چئي: ماريو اَٿوَ مڱڻهار ! کي، اها چڱي ڪانهي چال،

ڇو مارو ڪَيوَ مسڪين سان، ڪُٽيوَ ڪهڙيءَ ڳال؟

ڪڏهن ائين ڪونه ٿيو، آءٌ سنڀران ٿو ڪي سال،

يا اَٿوَ اُٺ مغز ۾، يا آهيو حوصلي کان بطال؟

ڪريو خوف خدا جو خيال، ڏيو مَت هن مذڪور جي.

 

بلوچ

چئي: مت انهيءَ مذڪور جي، ڏاها ! ڪهڙي ڏيون،

هن حرامي هَلتُون، ڏس ڪيڏيون آهن ڪيون !

ڪئين پيسا کائي ويو ’ڪرڙ‘ جا، جنهن کي سالُون ڪئين ٿيون.

ڪري قول ڪاٻاڙي جا، تنهن ڦٽيون ڪين ڏنيون،

بيشڪ اڃا بَندِيءَ تي، صحيحون اٿس پيون،

ڪري مڪر ’محرم‘ کي، ڪوڙيون ڏنائين ڪَڙيون،

گهوڙيون ’جاڙي‘ جوان کي، اڃا ڪين جُڙيون،

’جيئندي’ جهڙا جوان پيا، اڃا ڪن رڙيون،

ڳالهه ڪريون اڄ ڪهڙي، دليون آهن سڙيون،

تان پڻ ٺرن ڪين سي، ڀرت رت وٽيون پيُون،

سٽيوسين ته صلاح ڪريون، جو ڇُٽون هن جي اوک کان.

 

ڇُٽون هن جي اوک کان، ڪر وجهه ويچار،

ڪپتيو آهي ڪار جو، نه ڪري وِلهو وهنوار،

پيسا وٺي پليت کان، ڌڪي ڪريونس ڌار،

ڪڃر آهي ڪوڙن جو، پُٽيل پڪو پڳدار،

حيضي حرامي پڌرو، آهي سَوَن جو سردار،

سڀ ڦُري ويو فريب سان ڪريونس ڪتن واري ڪار،

اچڻ نه ڏيونس اڱڻ تي، جو بڇڙو آهي بدڪار،

ڀيڙو نه ڪجيس ڀَت ۾، توڙي حيلا ڪري هزار،

ويهي وعدو ڪيوسون، قسم ڌاري ڪار:

جيڪو اچڻ ڏيندو ان کي، تنهن کي ڪندي خلق خوار،

گڏجي ”غلام رسول“ چئي، ڀيڙا ٿيا سڀ ڀار،

ڪري قول قرار، مرد موٽي گهر آئيا.

 

مناظرو ابراهيم ۽ دل جي قاضي جو

(چيل ابراهيم ڪنڀر جو )

]هن مناظري ۾ سگهڙ هڪڙي ڏينهن مخدوم نوح رحه جي درگاهه تي ويٺو هو ته هڪڙي فقيرياڻيءَ چولي جو سوال ڪيس، فقير وٽ زنانو چولو هئو ئي ڪونه، تنهنڪري پنهنجو چولو خيرات ۾ ڏيئي ڇڏيائين. ان بعد دل ۾ خيال آيس ته اڄ ڪلهه ڏسڻا وائسڻا ماڻهو پورهئي کان نٽايو پنندا وتن. جنهن تي دل جو قاضي تنبيهه ڪريس ٿو ته: خدا سان ملڻ جو اهو طريقو آهي ته من کي مارجي ۽ تون ڇو پيو خودي ڏيکارين ؟ اهي فقير به الله جو نالو وٺي ان کي حاصل ڪن ٿا. تڏهن ابراهيم جواب ۾ چئي ٿو ته: الله تعاليٰ ته انهن کي حاصل ٿيندو جيڪي شرع تي هلن ٿا؛ ته وري دل جو آواز ٿئي ٿو ته: اهو برابر چڱو آهي پر اهڙيون تنهنجون نمازون جن ۾ نياز ڪونهي يا امامن جي واقعي واري تعميل ڪانهي ته ڊپ آهي ته مالڪ ئي نه وساري ڇڏينئي. آخر ۾ ابراهيم قبول ڪري ٿو ته: تون صحيح آهين ان جي رحمت ۽ محمّد صلعم ۽ علي عليه السلام جي مهر سان ئي هن دنيوي سير کان اڪري پار پئبو.[


* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي شهدادپور) مان مير حسن ”سڪايل“ کان ملي.

[1] . بهش = بحث.

[2] . ماڇي ميڙ وٺي ميرڻ وٽ آيو. اتي ميرڻ پنهنجي ڀائرن کي سڏي چوي ٿو.

* . هن مناظري جي روايت ٿرپارڪر (تعلقي جيمس آباد) مان غلام حيدر لغاريءَ کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 211.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان علي اڪبر کان ملي.

. ابراهيم فقير پنوهر، ڪنڀارڪو ڪم ڪري ٿو. هالا نوان جو رهاڪو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org