سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :29

تمهيد

ڏسو ڪم گدڙ جا، جو ڪري هاريءَ سان هوڏ،

اُٿي آڌيءَ رات جو، ڪري ٻارَ تي ٻوڏ،

گدڙ کائي ٿيو توڏ، غرض نه ڪڍي ڪڙمي جي.

 

غرض نه ڪڍي ڪُڙميءَ جي، روز ڀڃي پيو رک،

ڪڙميءَ چيو دل ۾ هن تي ڪهڙا وجهان ڪَک !

ڪُتا آڻيانس اوچتا، من ٻائڙ وجهنس ٻَک !

ڏاڍا پائينس چَڪَ، ته گندو ٿئي گدڙ ڏيهه ۾.

 

گدڙ

چئي: ٿيندس گندو ڏيهه ۾، اڃا ايندس آڌيءَ رات،

توکي ۽ تنهنجي ڪتي کي، نه ٿيندي اُٿڻ جي بات،

جڏهن پرهه ڦٽي پرڀات، تڏهن ويهندس وڃي ڏَر تي.

 

هاري

ڇا ويهندين ڏر تي، مان کڻندوسانءِ پيرو،

ڪُتا آڻيندس اوچتا، جي پٽيندءِ ٻيرو،

ڦيهِيون ۽ جيرو، هنيو ويندئي انهيءَ هنڌ تي.

 

گدڙ

چئي: هنيو ويندا انهيءَ هنڌ تي، مان ڏرون کڻندس چار،

هو ايندا هڪڙي پاسي، مان ڀڄندس ٻئي پار،

نظر ڪري نِهار، ته ڏاها مِرُون جهنگ جا.

 

هاري

چئي: ڏاها مرون جهنگ جا، پر اٿئي ڪُتا ڪاريگر،

ڪاهي پوندئي ڪوڀن ۾، ڳولي لَهندءِ ڏَر،

ڪندئي خراب خَر ! هَنيو ويندئي انهيءَ هنڌ تي.

 

گدڙ

چئي: هنيو ويندا انهيءَ هنڌ تي، اها وحدت مون وڻي،

اچان ٿو پيٽ بکئي لئي، ڏس ٿو ربّ ڌڻي،

جڏهن ڪري مهر کڻي، تڏهن گدڙ ٿو گوڙيون ڪري.

 

هاري

گدڙ ڇا گوڙيون ڪري، گوڙيون ڪري مَر شينهن،

قادر جنهن کي قوّت ڏني، راتيان ۽ ڏينهن،

جڏهن وسي مينهن، تڏهن گدڙ گهڙي گورَ ۾.

 

گدڙ

گدڙ نه گهڙي گورَ ۾، گدڙ بيهي ڏئي ڇال،

سائينءَ سَرَ ساوا ڪيا، جوار پڪي آهي جال،

اچان ٿو پٽ بکئي لئي، ڏسي ٿو لالڻ لال،

ڀَلي ڪئي آ ڀالَ، هاري ! هوڏ ڦٽي ڪر.

 

شاعر

هاري هوڏ ڦٽي نه ڪئي، آندائين ڪُتو ڪاهي،

’مانگر‘ ڪتو موچين جو، بيٺو ئي آهي،

گدڙ نڪتو گورَ مان، کٻو لَنوائي،

پُٺيئون پيو آهي، پر ڪُتو پُڳو ڪينڪي.

 

ڪُتو پُڳو ڪينڪي، موٽيو ئي موڳو،

کَلن جي کائڻ جو، ياد پيس چوڳو،

لُوئر ٻَڌي لوڏو، آيو موچيءَ ماءُ وٽ.

 

آيو موچيءَ ماءُ وٽ، اِتي ڪُڙمي ويو سڙي،

ڪارو ڪُتو ڪورين جو، آندائين تنهن گهڙي،

چئي: سڀاڻي چڙهي، ويندس گدڙ جي گورَ تي.

 

آيو گدڙ جي گور تي، گدڙ ڪئي گوهي،

ڪاري به وٺڻ لئي وڌي وِکَ ڇوهِي،

پُڳو نه ڪو هِي، پيڻ جنهن جي پيٽ ۾.

 

پيڻ جنهن جي پيٽ ۾، موٽيو هيءُ مردار،

ٿانون ۽ ٿالهن جي، لَڌائين سار سنڀار،

ڪُتو ٿي بيڪار، سهڪندو آيو سيگهه مان.

 

سَهڪندو آيو سيگهه مان، هِن به ٻاري ڪانه،

کَهرو ڪُتو ’کوسن‘ جو، وٺي آندائين ميدان،

گدڙ به وَري ويڙهه لئي، ڪيو آ ايمان،

چَڪين جي چَٽڻ جي، ٿيس مهل مدام،

ڪُتو ٿي بي ايمان، آيو کوسن جي کَڙهه تي.

 

آيو کوسن جي کَڙهه تي، ٿيو چوٿين جو وارو،

بگو ڪُتو ’بڇارين‘ جو هُئو مانيءَ جو مارو،

کڻي سو کارو، روز چورائيندو هو رات جو.

 

روز چورائيندو هو رات جو، سو ڪُتو آيو ڪاهي،

جنهن کي ڏندئي ناهي، سو ڪُتو وڙهندو ڪيترو؟

 

ڪُتو وڙهندو ڪيترو، هيءُ ڪُراڙو ٿيو ڪڪ،

چاڏين جي چَٽڻِ جِي، ياد پيس ٿي ٽَڪ،

پَٽائي پنهنجو نَڪَ، آيو ’پنوهارن‘ جي پاٽَ تي.

 

آيو پنوهارن جي پاٽ تي، ٿيو پنجين جو وارو،

ڪست منجهان ڪڙمي ويو، واڻين وٽ ويچارو،

ڪُتو ڏنائونس ڪَمرو، ٿيو اونداهه انڌارو،

جڏهن اُڀرندو تارو، تڏهن ويندس گدڙ جي گورَ تي.

 

آيو گدڙ جي گور تي، گدڙ به ڪَئِي گؤنر،

ڪتو ڀڳو پوئتي، جيئن ڀڄي ڀؤنر،

ڏاڍا ڏيئي دؤنر، آيو ٽِڪين جي ٽَڪ تي.

 

آيو ٽِڪين جي ٽَڪ تي، ٿيو ڇهين جو وارو،

هلي ماڇين وٽ آئيو، هاري ويچارو،

ڪاهي ڏنائونس ڪڪڙو ڪُتو، هاميو هاڪارو،

پُڄائي وارو، هي به کٽِي ايندو خير سان.

 

کٽي ايندو خير سان، ڪري گدڙ سندي گهور،

ڪتو ڀڳو پوئتي، جيئن ڀڄي چور،

پَٽائي پنهنجو پور، هيءُ به کٽي آيو خير سان.

 

کٽي آيو خير سان، ٿيو ستين جو وارو،

ڪڙمي ويچارو، رڙهي ويو رئيسن وٽ.

 

رڙهي ويو رئيسن وٽ، ڏنائونس ڪتو ئي ڪاهي،

جنهن جو امر ئي ناهي، سو ڪُتا ميڙي ٿو ڪيترا.

 

ڪُتا ميڙي ٿو ڪيترا، چڱي ڪيائين بَڇَ،

ڪتو ڀڳو پوئتي، جيئن ڀَڄي مانگر مَڇ،

پَٽائي پنهنجي ڪَڇَ، آيو لوسِي ’لغارين‘ جو.

 

آيو لُوسِي لغارين جو، ٿيو اَٺين جو وارو،

’جابر‘ ڪُتو ’جتن‘ جو، جيڪو سدائين سوڀارو،

ڪُڙمي ويچارو، ڪُتا ميڙي ٿو ڪيترا.

 

ڪُتا ميڙي ٿو ڪيترا، چڱيءَ طرح ڪيائين چُچڪار،

گدڙ پنهنجيءَ گورَ تي، هو بيٺو خبردار،

ڪڍيائين ڪتي کي مار، مس ’جابوءَ‘ جند ڇڏائي.

 

مس ڇڏائي موٽيو، ’جابُو‘ پنهنجي جند،

ڇڏيائين گهر ’جتن‘ جو، وڃي نڪتو ’سنڌ‘،

ڪري ڏاڍي وِنڌ، گهڙي ويو پرائي گهر ۾.

 

گهڙي ويو پرائي گهر ۾، کَلا پيو کائي،

ٻاهر نڪرڻ جو، پير ئي نه پائي،

جت ئي جاڳائي، آيو آڌيءَ رات جو.

 

آيو آڌيءَ رات جو، ٿيو نائين جو وارو،

ڪڙمي گهر ’ڇتي‘ جي، ڪيو اومارو،

بَري ڪتو ’بروهين‘ جو، ڪو مروئن جو هو مارو،

ڏسي نه ٻيو چارو، ڪُتو ڪاهي ڏنائون.

 

ڪتو ڪاهي ڏنائون، جو هو وڏو اڙٻنگ،

اچي ورتائين گدڙ کي، جيئن موالي گهوٽي ڀنگ،

ڏاڍي ڏيئي جنگ، ڪڍيائين گونهه گدڙ جو.

 

ڪڍيائين گُونهه گدڙ جو، ٻُڌو جڳ جهان،

گند ولوڙي لوڪ ۾، ڪري پرايا زيان،

”جُواڻي“ کي سِڪ سيّد جي، بخشِين دين ايمان،

جن ڪلمون پڙهيو زبان، سي لڏيندا ايمان سان.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو ملان ۽ گدڙ جو

]هڪڙو گدڙ ڪنهن ملان جي پوک جا ساوا سنگ کائي ٿو وڃي. اهو حال ڏسي ملان، گدڙ کي پٽ پاراتو ڪري ٿو. گدڙ کيس چوي ٿو ته: پٽ پاراتو ڏيڻ توکي نه جڳاءِ، رزق خدا جي هٿ ۾ آهي، منهنجي کائڻ لاءِ ڏس ته ڪئين ملڪ ميون سان ڀريا پيا آهن، ملان تنهن تي نصيحت طور چويس ٿو ته: ملڪ برابر ميون سان ڀريو پيو آهي، پر توکي به ڪنهن ريت سان کائڻ گهرجي، ڪڏهن هڪڙي هنڌان ته ڪڏهن وري ٻئي هنڌان. تنهن تي گدڙ جواب ٿو ڏئي ته: ملان ! منهنجا ته سنڌ سڪندائي ڪونه. ٻئي ملڪ کي پوءِ ڏسندس اول تنهنجي ’راچڙ‘ (جوئر جو هڪ قسم) ڏسي روح رسڪي پيو اٿم، ان کي وارو ڪڍان ته پوءِ به الله ڪونه ڇڏيندو.[

 

ملان

ساراهيان سچو ڌڻي، جو قادر ڪم جوڙي،

هيءُ پِٽيو فقيرن سان، ڪهڙا خرخسا جوڙي،

محڪم ويٺو مَڙهيٖ تي، چريو چنبا کوڙي،

ساوا سنگ ڏسي ڪري، گهنڊيون ٿو ٽوڙي،

شل لعنتي لوڙي، گدڙ ڪيتو پانهنجو.

 

گدڙ

ملان ! پِٽ نه ڏي پاراتو، چڱيءَ طرح ڳالهاءِ،

رزق رازق هٿ ۾، ٺاهه موچاري ٺاهه،

اهڙو الله به آهه، جو ميوو پچايو اٿس ملڪ ۾.

 

ملان

ميوو پچايو اٿس ملڪ جو، ته ريتائتو ٿي کاءُ،

ڪڏهن ڪنهن ٻنيءَ مان، ڪڏهن ڪنهن منجهاءُ،

نه ته گدڙ ! پوندئي واءُ، سَنڌَ سُڪندئي سيگهه ۾.

 

گدڙ

نڪي سَنڌَ سُڪندا، نڪي پوندو واءُ،

ساعت جو سدورو آهيان، ۽ بخت آهي بالا،

راچڙ ڏسي روح ۾، اچن ٿا اُڌما،

اهڙوئي الله، جو سڀڪجهه ڏئي سڀڪنهن.

 

ملان

راچڙ رهندئي ڪينڪي، رهندو پاڻ خداءِ،

موڳا پوک مُلن جي کان، تون پير پرانهون پاءِ،

شل نه پهچيئي ماءُ، جو تون اڌ ۾ اوجهو ٿئين !

 

گدڙ

اڌ ۾ اوجهو اهي ٿين، جيڪي قادر ڏَنہ ڪوڙا،

خارجي کنيون وتن، مٿن تي موڙا،

ڪيون ڪار ڪلمي جي، رهون پنجن سان پورا،

اسان، اي ٻوڙا ! پڪو پهه ڪيو پاڻ ۾.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو گدڙ ۽ ڌنار جو

(چيل محمد بخش خاصخيلي جو )

]خاصخيلي لڏي اچي سرانڍ، تعلقي سنجهوري ۾ ويٺا. وٽن رڍون هيون. آسپاس جهنگ ۾ گدڙ گهڻا هئا. جي رات جو رڍن جا ڦر کڻي ويندا هئا. هڪڙي ڌنار، گدڙ کي ان تان جٺ ڦٺ ڪئي ته اسان جون رڍون نه کڻو، نه ته تازي ڪتا پٺيان ڇڏي اوهان کي مارائي ڇڏينداسون. تنهن تي گدڙ ورندي ڏني ته: هتي ويٺي اسان کي سوين سال ٿيا آهن، بکن ٿي مئاسون، خدا کڻي توهان کي آندو آهي، جو ڪجهه اسان جو به جهلو ٿي پيو آهي. الله ڪري ته ٻيا به ماڻهو مال ڪاهي اچي ويهن ته اسان لاءِ ڍؤ لڳي وڃن. جواب ۾ ڌنار کيس ڪوڙڪي وغيره جا ڊپ ڏئي ٿو، مگر گدڙ تي ڪوبه اثر ڪونه ٿو ٿئي ۽ چويس ٿو ته اسان سان چاڪراڻين جهڙا مڙس ڪونه پڄي سگهيا ۽ ڀڄي ويا، توهين ڪير آهيو؟ اُن تي ڌنار چويس ٿو ته: اسان جي ڪتن توهان جا گس ئي ڇڏائي ڇڏيا آهن. توهين هاڻي سائين رکئي، حاجي ۽ هادي بخش کي وڃي پهتا آهيو، وري جن وٽ ٻه چار رڍون آهن ۽ سندن مڙسي ڏسي لوڙهن مان لوگها ڪريو رڍون کڻي ٿا وڃو. يا وري پريان ڦوٽي، درياءَ خان ۽ همزي جهڙن غريبن جون رڍون ٿا کڻو. جيڪڏهن هتان نه ويندا ته اوهان کي ضرور مارائبو. انهي بحث مباحثي کان پوءِ به گدڙ وڃڻ جي نٿا ڪن. نيٺ ڌنارن پنهنجا چاري مقرر ڪيا. جنهن کان پوءِ گدڙ ڀڄي ويا.[

گدڙ

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب ربّ ستار،

گدڙن جا گسن تي، آهن هيڪاندا هزار،

لِڪا ويٺا آهيون لَئين ۾، جت اٿئون ٻچا ٻار،

پوءِ رڍون ڪاهيو ريڍار، اسان کي ورايو ڏين ويجهڙيون.

 

ڌنار

ورايو ڏيون ٿا ويجهڙيون، وڃايو پنهنجي ٿا پت ڪار،

اسين لڏي آياسون لاڏ مان، خاصخيلي خبردار،

ڪتا ڪاهي ڪيترا، ڪريون منجهان شوق شڪار،

سها ماري سير ڪيا اٿئون، هيڙهَن جا هزار،

سٽي ڪڍونوَ ’سِرانڍ‘ مان، هڻي موچڙا پنج چار،

ڊوڙائي اوهان کي ڊِٻَ تي، ڪٽينداسون ڪاپار،

تازي ڪتا اسان جا، ڪندوَ ڌڙ سسيءَ کان ڌار،

پوءِ وڏو ٿيندو ويچار، ته ٿيو ناحق وسينءَ ويجهڙو.

 

گدڙ

ناحق وسينءَ ويجهڙيءَ جو، ڪونهي اسان کي خيال،

ويٺي هت ورهيه ٿيا، سوين ٿيا آهن سال،

بُکن ۾ بيران هئاسون، ٿيا هئا هيڻا حال،

’سوڀي‘ آهن سهنج ڪيا، مٿس ڀلو ڪندو ڀال،

اٿيو اسر ويل جو، ڪريون سائينءَ در سوال،

ته ماڻهو ڪاهي مال، اچي ويهن ويجهڙا.

 

ڌنار

ويٺا آهيون ويجهڙا، اچي سڀ هوشيار،

ڪوڙڪا وجهنداسونوَ ڪنڌ ۾، ۽ پَٽا پيچدار،

هاڻي ڌيان پنهنجو ڌار، نه ته ايندئو اسان جي هٿن ۾.

 

گدڙ

ڪين اينداسون هٿن ۾، گهاٽا ٿيا جهنگ جهير،

لڪا ويٺا آهيون لَئين ۾، اسان جو پردو رکيو پير،

هڪڙيون ماري ڇڏيونسون، جن کي وهي ڪانه تڪبير،

هي پاڙو آندو آ پير، اسين وريو اچون واڙن تي.

 

ڌنار

وريو اچو واڙن تي، ڪري ڪُتن سان صلاح،

هي هڏا سڀ اوهان ڪيا، جن تي ڳِجهون ڪن ڳاهه،

موليٰ مينهن وسائيا، ساوا ٿيا آهن گاهه،

’چاڪراڻي‘ لڏي ويا، ٻي ڪانهي اوهان جي راهه،

هاڻي پئي اٿوَ ڏاهه، تڏهن رڙهيو پئو ٿا رڍن ۾.

 

گدڙ

رڙهيو پئون ٿا رڍن ۾، اسان کي آيو عقل،

اوهين ماڻهو آهيو ڀورڙا، ڪريو ٿا هاگاما هُل،

ڪتا ڪاهيو ڪيترا، ڪَٺا ڪريو ٿا ڪُل،

لوگها لنگهڻ جا گهڻا، ڏيون وٺي ٿا بُل،

پوءِ ڪري ڪنڌ اڇل، وٺون ٿا بند برانچ جو.

 

ڌنار

وٺو ٿا بند برانچ جو، اسان جي ڪُتن وڃائي آ ڪار،

اوهين سرڪي اچو ٿا ’سائين رکئي‘ وٽ، جنهن وٽ رڍون ٽي چار،

اُت مڙيو وڃو ٿا ”محمد بخش“ چئي، جو ’حاجي‘ آهي هوشيار،

پوءِ اهي ڏسيو پار، هڪليو وڃو ٿا ’هادي بخش“ وٽ.

 

گدڙ

هڪليو وڃون ٿا ’هادي بخش‘ وٽ، ’سائين بخش‘ جي سام،

وڏيرو آهي راڄ جو، ڪيونس سڪ منجهؤن سلام،

پوءِ ڏاڍا ڏيئي طعام، اسين واٽ ئي وريو وڃون.

 

ڌنار

واٽ تان وريو وڃو، خبر پويوَ ٿي ڪانه،

ڦِريو اچو ٿا ’ڦوٽي‘ وٽ، ڏاڍو ڏئيوَ ٿو مان،

لوگها ڪريو لنگهيو پئو، جاڳيو پوي ’دريا خان‘،

پوءِ ڏسيو ’حمزي‘ جا ايمان، کٽن هيٺان به کڻيو وڃو.

 

گدڙ

کٽن هيٺان کڻيو وڃون، ڪيو حاڪم هوشياري،

خان سُتا پيا آهن کٽن تي، چارئي پهر چاري،

پويان ڪن پوئواري، جڏهن گهيٽا کنيو وڃون گهر مان.

 

ڌنار

گهيٽا کنيو وڃو گهر مان، اسان کي آهي ڏک ڏهاڙي،

پهريو وڃون پرهه سان، آڻيون پوڃاڙي،

مڙيئي ويهون مانيءَ تي، وٺيو هڻون ڄاڙي،

ڪتا اسان جا رواجي، ڪين ڀَونڪن ڀاڙي،

تڏ اسين کَنهيو ڪياڙي، بيهو رهون ٿا بند تي.

 

گدڙ

بيهو رهو ٿا بند تي، اوهين سڏايو ٿا تونگر،

اسان جي مارڻ لاءِ، وڏا وجهو ٿا ورُ،

اچو ٿا قسمت سان، کڻون ڦيري سان ڦَرِ،

لُوهون ڏيو لڪيو وڃون، ساوا آهن سَرَ،

ڏيو ’ڀيلن‘ جي ڀر، مُڙيو وڃون ”محمد بخش“ چئي.

 

ڌنار

مُڙي وڃو ”محمد بخش“ چئي، عرض ڪريانوَ ٿو آءٌ،

سوڙهي لڳندوَ سڪرات ۾، ڪندئو درد منجهان دانهون،

پوءِ هي سڀ ويندوَ واهون، اوهين بڇڙا ٿيندا بَر ۾.

 

گدڙ

ڪين بڇڙا ٿيون بر ۾، اسان سان ساڻي ربّ ستار،

روز اسان کي رزاق ڏيندو، ڏيهه ڌڻي ڏاتار،

پِٽي، پاراتا نه ڏي، ڪجهه ڌيان پنهنجو ڌار،

ڪاهي پونداسونءِ ’ڪنب‘ ۾، جتي ٿيندي ٻيرن جي هٻڪار،

کايو ليسوڙا لِيار، ويٺا هونداسون هن وطن ۾.

 

ڌنار

هوند هن وطن جو، اوهين گانڊو ڇڏيو گس،

پهرايو پِرهه سان، مال ڪاهيو اچون مس،

ڪيئن ڪريون، ڪيڏانهن وڃون، ناهي چارڻ جي چس !

لاهي قلب تان ڪس، ڇڏيو جند هن جُوءِ جي.

 

گدڙ

ڇڏيون جند هن جُوءِ جي، اچي ٿو سيارو،

’جُڙيو‘ ويٺو جُوءِ ۾، وجهندو ٻاجهريءَ ۾ لابارو،

جويون اينديون جوش مان، کڻي مانين جو کارو،

ويٺا هونداسون واٽ تي، سو چِتايو چارو،

پوءِ نَر هڻي نعرو، کڻنداسون مانيون ماين جون.

 

ڌنار

ڪين کڻندئو ماني ماين جي، اوهان جو هتي ڇا هي؟

هڻندوَ موچڙا مُنهن تي، ويندئو لاڳاپا لاهي،

سٽي سَرن ۾ ڇڏيندوَ، کاڻا ! کپائي،

ٻهون لڻنديون ٻاجهري، اينديون پرهه سان پچائي،

محڪم ويهنديون مانيءَ تي، چڱي طرح چتائي

مڙي وڃو ”محمد بخش“ چئي، نه ته ڏيانو گوگڙا گپائي،

’سائين بخش‘ کي سڏائي، هڻندوسانوَ گڏيون گس تي.

 

گدڙ

هڻندئو گڏيون گس تي، پر اسان جا به آهن جيءُ گهريا جاني،

جهليندا ڀر ’ڀيلن‘ جي، ڪندو ’مِيرو‘ مهرباني،

سگهه پوندي ’سائينداد‘ کي، ڪندو ’آچر‘ مهماني،

هي ڏيهه اٿئون ڏانِي، اسين ڪبهي رهنداسون ڪينڪي.

 

ڌنار

ڪبهي رهندئو ڪينڪي، وڃي جهليو ڀِڙي جي ڀر،

ويجهو شهر ’وڪيل‘ جو، جنهن ۾ گهڻا آهن گهَر،

واڙيون ويجهيون، سوڙهيون گهٽيون، وڪڙ ٻيا وَرَ،

اُتي اٿو ڀَوا ڀڄڻ جي، وڃي کڻو فڪر سان ڦَرَ،

هت ڏسيو ساوا سَرَ، سرڪيو اچو ٿا ’سِرانڍ‘ ۾.

 

گدڙ

سِرڪيو اچون ٿا ’سِرانڍ‘ ۾، هي وطن اسان جو آهي،

دهمان ٻڌي ’دِلُو‘ جنهن ڇڏيو آهي جهنگ وڍائي،

سنگت اٿئون ’سائين ڏني‘ سان، ايندو پرهه سان پهرائي،

اڃائي آهي، ڪا اميد احمد ڄام ۾.

 

مناظرو رئيس ۽ گدڙ جو

(چيل حاجي بهاول لغاري جو)

]هڪڙو گدڙ، رئيس جي ڪڪڙ کڻي ويو جا آنن تي ويٺل هئي. تنهن تي رئيس، گدڙ کي پٽ پاراتو ڪندي پڇيو ته هيءَ جا آنن تي ويهڻ واري هئي سا تو ڪيئن کنئي؟ ان تي گدڙ چيس ته: خبر اوڏيءَ مهل پوندئي جڏهن ٻي به کڻي ويندوسانءِ. رئيس چيس ته: جي ٻيءَ ڪڪڙ لاءِ ايندين ته منهنجو ’مڪڙ‘ ڪتو به هڪيو ويٺو هوندءِ. گدڙ چيس ته: انهيءَ مڪڙ ڪتي جي افعالن جي مون کي خبر آهي، جنهن کي سهي جي به سڌ ناهي، سو مون کي ڇا ڪندو؟ آخر ۾ رئيس ٻڌائيس ٿو ته ’مڪڙ‘ جهنگ جا هرڻ جهلي ٿو اچي، سو چيلهه ۾ چڪ هڻي کڻي پٽ تي دسيندئي ۽ مٿان وري اسان جا موچڙا پوندئي.[


* . هن مناظري جي روايت اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان محمد عالم ”شور“ خانپوري کان ملي.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان اڪبر علي کان ملي.

. محمد بخش ولد ڪالو خاصخيلي اصل ڳوٺ حيدر خان لغاري، تعلقي سنجهوري جو رهاڪوآهي.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان اڪبر علي کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org