حي حق ڄاڻي هيئن وڃيج، ويجهو جانب وٽ وهيج،
ڌِڪا ڌوما سِر سهيج، اڳي مورئون ڪين اُڏيج،
منهنجو مطلب توڙ رساڻ،
تان ٿئي منهنجي روح رهاڻ.
خي
تون کيانتل! لڳ خداءِ، وڃ سڄڻ ڏي وک وڌاءِ،
من ۾ محبت مچ مچاءِ، آزيون منهنجيون سڀ ٻڌاءِ،
ڪانگل! وڃ قريبن ڪول،
ٻولي ٻانهپ واري ٻول.
دال
دلاسا پريَنِ پارئون، جانب آءٌ وٺي ڪي جارون،
سورن مفت ڏنيون ٿم مارون، چئج: سڄڻ نان لڌءِ
سارون،
آڏو پرينءَ ڪتابت کول،
ٻولي ٻانهپ واري ٻول.
ذال ذڪر ڪج ڪانگل ڪِي، کيانتل! قاصد منهنجو ٿيءُ،
چئج سڄڻ کي ڳالهيون هِي: جانب! جوش جلايم جيءُ،
رمز هڻي پوءِ هتي نه رول،
ٻولي ٻانهپ واري ٻول.
ري مان راهه نهاريان روئي، جانب منهنجو آهي جوئي،
سوچي يار سڃاڻج سوئي، اُڏري ڪانگل ڪر ڪم ڪوئي،
وڃي جانب منهنجو ڳول،
ٻولي ٻانهپ واري ٻول.
زي
ٻُڌ زاري عشق اوراڻو، اولهه پاسي وڃ اُڏاڻو،
ڪج نه وچ تا ٿانّهَر ٿاڻو، ڪِي ڪجهه پَرتي ڪج
پڇاڻو،
ڦيريدارن جان وڃي ڦول،
ٻولي ٻانهپ واري ٻول.
سين سڄڻ سان ملين جڏهن، روئي ٻولج تون ڀي تڏهن:
هيئن نه گهرجي جانب! جڏهن، ملندين مشتاقن کي ڪڏهن؟
جهوريءَ جيءُ وڌم ٿم جهول،
ٻولي ٻانهپ واري ٻول.
شين متان ڪو شڪ ڪرين، متان واٽئون موٽي ورين،
گهوريون هي سِر، وڃج گهَرين، ڪاهيون ڪا هج توڙي
مرين،
ڪِرۡج وڃي تون آڏو ڪنڌي،
سُڌ لهي آءُ ساجن سندي.
صاد صلاح هيءَ وٺجان هاڻي، ڪانگل! جي تون منهنجي
ڄاڻي،
چئج سڄڻ کي: جواڻي ماڻي، پوءِ پرين من پڇنئي
پاڻهي،
ڪانه ڪئي مون تو سان مندي،
سڌ لهي آءُ ساجن سندي.
ضاد ضرور نه اُڏرج اڳي، توڙي لک لٺين جو لڳي،
ملنئي مَن جواب نه ڀڳي، چئج: سڄڻ! ڇو ويٺين تڳي؟
آهيان تولئي آسروندي،
سُڌ لهي آءُ ساجن سندي.
طوئي سان طلب تمامي تار، نايون ڪنڌ وهائج نار،
پُڇندءِ پَروش ساڻ پچار، رويون گوشي ڪج گفتار،
ٻانۡهون ساڻ ادب جي ٻَنڌي،
سڌ لهي آءُ ساجن سندي.
ظوئي ڪج ظاهر منهنجو حال، پرين! عاشق ٿيو پيمال،
هَي هَي! ٿيو ٿس هيڻو حال، مشڪل جالڻ ٿيس محال،
جنهن کي ٻاڻ هَنيو ٿو ٻنڌي،
سڌ لهي آءُ ساجن سندي.
عين عنايت ساڻ سڏيندءِ، گوشي نيئي گڏ گَڏيندءِ،
پڇي خبران اڄ اڏيندءِ، ورندي ڏيئي پوءِ ڇڏيندءِ،
آءُ کڻي سا کيانتل! کنڌي،
سڌ لهي آءُ ساجن سندي.
غين غمن جو ڪيو هو ماندو، تنهن کي وائي اڄ ڪيو
واندو،
ڪانگل اڄ سنيهو آندو، لٿو سورن ساهه سياندو،
پهتو پرينِ جو پروانو،
ليکيان دم دم لطف ربانو.
في ساڻ فهم لفافو پَٽي، پڙهيم سر تان سانگو سَٽي،
مطلب تنهنجو جهٽ پٽ جهٽي، سور سيني تؤن ڪوريون
ڪٽي،
تن ڪيو تنهن اڄ تازو توانو،
ليکيان دم دم لطف ربانو.
قاف لکيو هو قرب قراري، جانب مان ڏي جيءَ جياري،
ويٺا آهيون ڪين وساري، ساهه گهڻو ٿو توکي ساري،
هن مضمون ڪيو مردانو،
ليکيان دم دم لطف ربانو.
ڪاف پڙهي ڪيم جان خط پورو، آب اُجهايو کاميل کورو،
ڏک ڪري ٿيو ٽنگن ٽورو، نچان پائي نينهن جو نورو،
مِليم درد سندو درمانو،
ليکيان دم دم لطف ربانو.
لام لکيو آهه لالڻ مانڏي، لُچ اُڌاهِن جا ڏي تا
ڏي،
ڪيئن اسين ٿيون عاشق ڪاڏي، ڪين مَٽيو ٿئون خيال
اوهان ڏي،
متان موڳا! ٿين مستانو،
ليکيان دم دم لطف ربانو.
ميم ڪئي ٿئون جا مُنهن موڙ، ڪين ڪنداسون تائين
توڙ،
ويندي تو تان سختي سوڙ، کَونۡسيا خَر چوڌاري کوڙ،
ڪيو ٿئون لچن لاءِ بهانو،
ليکيان دم دم لطف ربانو.
نون نِگهه ڪيم جان خط سارو، ڄاتم بخت ورايو وارو،
برسر ڪيو ٿم جانب بارو، مرسل! موڳن جو مُنهن ڪارو،
ڪر تون مير مڪي جا ڄام!
سيّد! تنهنجي آهيون سام.
واو تنهين کي وجهه زنجير، موليٰ جا مختار وزير!
آڻي احمد! ڪر اسير، بَدُو ڀاڙيا جي بي پير،
ڪر تني کي تون قتلام،
سيّد! تنهنجي آهيون سام.
هي تون حال ٻُڌج ڪن ڏيئي، رَڪ رقيب تڙي ڪڍيئي،
جانب جيءُ جا آهن جيئي، سيّد! ميڙين ساڳيا سيئي،
ڏي تون مان کي عيش آرام،
سيّد! آهيون تنهنجي سام.
لام لطف سان ڪڍمون لوڏي، اکيون ترت نهارن توڏي،
گهُران جيڪي سيّد! سو ڏي، دلبر دوست هُجن گڏ گوڏي،
ڇڏ کپائي خارج خام،
سيّد! تنهنجي آهيون سام.
الف اميدان منهنجي مَن، ساهه سڪي ٿو ڪارڻ تَن،
محب ملن سي پرين پرچَن، ”شاهه محمّد“ جئري جَن،
مان کي ڪيو آهه مست مدام،
سيّد! آهيون تنهنجي سام.
يي يڪ عرض چوان ٿو هاڻي، مرسل! منهنجو ٻڌ ڪن آڻي،
جئري جانب رب رساڻي، حضرت هادي وقت هلائي،
ڪندو ڪلمون باهه حرام،
سيّد! تنهنجي آهيون سام.
لا اِلہ الا الله محمد رسول الله
(3)
ٽيهه اکري: سلوڪ، مثال پوک پچائڻ جو
الف اول اسم ذاتي سمجهه سيني کي سيکار،
قلب پنهنجي کي سدائين ذوق ذاتي پيو ڏيکار،
ترت هن تصوير کي چون نقش ڪر ناطق نگار،
ڪر بدن کي بدر جان روشن قدر کؤن ڪي قرار،
سمجهه سالڪ! هي سخن تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
بي بلاشڪ بند جسمي ڪاڻ آدم قيد آ،
نفس نافرمان ڪيو صياد مانند صيد آ،
ظلم جي زندان ۾ تنهن جرم ڪيو جمشيد آ،
قابو ڪَسُوۡفي برج ۾ تو خجل ڪيو خورشيد آ،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
تي توقّع لطف جي طالب! توڪّل ساڻ ڌار،
ڇو رهين محروم موڳا! ڇو وسارين ڪردگار،
پوک پنهنجي پرت سان، سالڪ! سگهڙ ٿي تون سڌار،
جوان جاڳي جوڳ وهه تون ننڊ نيڻن جي وسار،
سمجهه سالڪ! هي سخن تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
ثي
ثبوتي ساڻ سَنۡجَٽُ مرد! مردن مثل جوڙ،
کڻ ڪهاڙو اسم وارو، خيال خارج منجهه کوڙ،
جهنگ جهيڙي جو ڪپي، حو بُنڊ تنهن کي ڀڃ ڀروڙ،
ڪر ڪهڙ، ڏيئي اُمڙ، سو ساڙ سورهه! منهن نه موڙ،
سمجهه سالڪ! هي، سخن تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
جيم جوڙو جوٽِ جاني! چُست چوني هر هلاءِ،
جاٽ جذبي جي هڻي تون اسم الله جو اَلاءِ،
”لا اِلٰہ“ جي لام سان تون لاهه ڪڍ مڙسي ملهاءِ،
موڪ محبت، پرت پاڻي، تخم وحدت جو رلاءِ،
سمجهه سالڪ! هي سخن تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
حي
هُڙيا جي حرص جا ۽ ڪانگ ڪٻريون سڀ اُڏار،
سِڪَ سلا ساوا بچائج، جوان! ڏيندءِ جَنگ جهارَ،
پَهر تنهنجو پَهر اَٺ تقويٰ ڌري سورهه! سڌار،
ڪوڏر ڌري ڪاهل نه ٿي ساري سلو هڪ هڪ پيار،
سمجهه سالڪ! هي سخن تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
خي
خدا جي حڪم سان، پهريون ڍڍي پوءِ نسرجي،
واهت گهري واڌو اها، تنهن کؤن گهڙي نا گسرجي،
زر زراعت مان ملي، مانند يوسف مصر جي،
غافل! ذرو غفلت نه ڪج، ويلو متان ڪو وسرجي.
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
دال
دم دم ڪو نظر، تان پوک آڀون آنّ ٿئي،
کوڙ پيهو رمز ريهو، مر تسليٰ تن ٿئي،
کڻ کانڀاڻي خوف هاڻي، ڪوڪ ڪٻرين ڪَن ٿئي،
اُڇل ڳوڙهو، ٿي نه ٻوڙو مرڪ هيءُ مردن ٿئي.
سمجهه سالڪ! هي سخن تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
ذال
ذاتي ذڪر سان، جي تو اُڏايو جهار کي،
خوف خطرن کان ڇٽي، قابو رهين ڪم ڪار کي،
ٻَنڌ ڳاٽِي، کوڙ ڏاٽي، لاب لُڻ ڪر ٻار کي،
رات جاڳي پوک ساڳي ڳاهه، ڇڏ ڪن ٽار کي.
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
ري
رضا جي نيهَه کوڙي، ڏاند ڏڪڙين جا وهاءِ،
ميلهه محبت، نوند ناڙو، پرت سان پِڙ کي ٺهاءِ،
ٻاجهه جي ٻياني کڻي تون، ريت ڪُڙمت جي رهاءِ،
ڳاهه ٻيلي! گاهه کي، سر تي هلاڪت هي سهاءِ،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
زي
زي اُتاري زنگ جي، ٻاهر ٻُري ڪڍ ٻاجهه سان،
وجد وائُر تي وجهي، ٿي حال واري حاج سان،
ڪرت پوکِي ياد چوکِي، تخت ملندءِ تاج سان،
دل مجيريءَ جي ريجهائج، عجز جي احتياج سان،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
سين
سالڪ! سحر جو کڻ، گاگڙو مُسۡتَغۡفِريۡن،
صاف ڪر انبار کي تون، درس دانَهه! داڻ چين،
رحم واري راهه وٺ، تان مرتبو ٿئي مغفرين،
بعد تنهن جي فائدو ڏس، مرد! تنهن ۾ مفرحين،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
شين
شاهنشاهه ايندو، رند! تنهنجي راهه تي،
سڀ صفا داڻا ڏسي، اَحۡسَنَ ڪندو ارواح تي،
خرچ پڻڪِيون معاف ٿيندءِ، سو ايندءِ ور واهه تي،
سڀ اِنعامي اَنّ ڪري، نيندءِ ڌڻي درگاهه تي،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
صاد
صالح صاف پورهيو، مرد! وڻندڙ مير کي،
قرض جا ڪاغذ بنديون، واصل ڪرڻ ٿيا وير کي،
حُڪم محرر کي ڪندو، شهه غوث پيران پير کي:
قسط معافي هن مٿئون، تَرڪي ڇڏيو تحرير کي.
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
ضاد
ضررن کي ڇُٽي، هردوسرا گهر آڻ تون،
اَنّ خرارين اي ادا! گڏ ڪر خزاني کاڻ تون،
مرد! محتاجي نه ڪڍ، ويٺو مزا پوءِ ماڻ تون،
”شاهه محمد“ شاهه ريءَ، ٻئي جي ڪڍين ڇو ڪاڻ تون،
سمجهه سالڪ! هي سخن تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
طوئي
طالب طلب رک هي سمجهه معنيٰ مام جي،
پوک موليٰ جي لهڻ، عارف نه ڀانۡئج عام جي،
سڀ ڪَسون سيني تان لاهي، ڇڏج خواهش خام جي،
تنهن مُغان ميخان جي پي جرع تنهن کي جام جي،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
ظوئي ظهوري ذات جي کان، ڪر اسم ۾ پاڻ غرق،
”ثُمّ وَجہُ الله“ ڄاڻي، ٿي فنا لاهي فرق،
مرد! ”مُوتُوا قِبل“ مرڻو آهه مردن جو مرڪ،
صرف نحوي قاعدي جو، تون نه ڏي دل جو درڪ،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
عين
عارف عين عشقي، کول خاصي خيال مؤن،
”الف“ ۾ اَلوٽ ٿي، ڇا دست ايندءِ ” دال“ مؤن،
شرڪ شڪ لاهي سڀئي تون ڳول حق کي حال مؤن،
موليٰ نظر دل تي ڌري، ڄاڻي نه تسبيح تال مؤن،
سمجهه سالڪ! هي سخن تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
غين نقطي کي وڃائي، عين عالم ۾ نهار،
”لام“ نفي جي لام کي هڻ تيغ ”اِلاّ“ جي ترار،
ذڪر ذاتيءَ سان وڃائج تن اندر طالب تنوار،
”هو“ سندي هر وقت هردم، مرهجي لنۡءُ لنۡءُ لغار،
سمجهه سالڪ! هي سخن تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
في فنا في الجسم ٿي تون چاڙهه اسمي چوٽ کي،
مطرقي مردانگيءَ سان ڊاهه اوکي اوٽ کي،
وٺ مدد مردان علي شاهه نجف جي گهوٽ کي،
قتل ڪافر کي ڪندو، ڀيلي ڪفر جي ڪوٽ کي،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
قاف
قربان ٿي فنا في الشيخ ۾ ڏس فائدو،
تنهن مغان مهديءَ وٽان سک قربيت جو قائدو،
عَبۡدِيَتۡ جي عَهۡدِيَتۡ سان ڏي وداع جو واعدو،
ري پچر رحمان جي، ڪڍ خوف زي جو زائدو،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
ڪاف ڪامل سو ڪندءِ، تنهن بعد فاني في الرسول،
حال حاصل سو ڪندءِ، واصل نفي در جي وصول،
پوءِ فنا في الله ٿي، مُرسل هٿان ڪر حق حصول،
بي صبر، بي سمع ۽ بي پاي رفتن ڪر قبول،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
لام لاهي لوڪ جا خدشا خدا سان خاص ٿي،
معرفت مڪتب منجهؤن پهرين پَني تي پاس ٿي،
طالبن جي طور ۾ منجهه رمز رنديءَ رراس ٿي،
ڳول سينو سمجهه معنيٰ، جي ملڻ جي آس ٿي،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
ميم معنيٰ ماهيت، تو ۾ عجب اسرار آهه،
قرب ”ڪرَمۡنا بَنِيۡ آدم“ منجهون بسيار آهه،
ٿيو امانت عشق جو، برسر بلاشڪ بار آهه،
ڇو نه لالڻ کي لهين؟ تو ۾ پرين جو پار آهه،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
نون نائي نيڻ ڏس! تو ۾ سڄڻ ديرو اَڏيو،
تنهن وڃڻ جي واٽ کؤن، ڇو ڀُلي ڀيرو ڇڏيو،
ڇو ڀُلئينۡ ڀنڀور ۾، توکي نحس ڪهڙو گڏيو،
ڪاهه ڪيچين کي ملين، تو ڇو مَنَهُنۡ ميرو اَڏيو؟
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
واو وسيلن کي وڃائي، جُوءَ هُوءَ جئري وساءِ،
نفس نافرمان کي دستيون وجهي دستين رساءِ،
جو ڦُريائين مال ڦر جو سو خناسيءَ کان کساءِ،
مال پنهنجي ملڪيت سو رند پنهنجي وٽ رساءِ،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
هي هميشہ حال ۾ رهه مست تون مخمور ٿي،
رهه شرع تي شير پورو، منجهه طريقت نور ٿي،
وٺ حقيقت مان هدايت، مرد تون مشهور ٿي،
مُنۡهن معرفت جو وٺي، محبن اڳيون منظور ٿي،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
لام لائق! تون لطيفا، کول باطن تي بصر،
چون قمر ”قلبي“ لطيفو، قرب ”سريءَ“ جو ڪثر،
خيال خاصو ٿيو ”خفيءَ“، ”اَخۡفيٰ“ گهڻو ڏيندءِ
اثر،
رمز “روحي” راز پڙهه، وٺ نور ”نفيءَ“ کون نظر،
سمجهه سالڪ! هي سخنِ تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
الف اي عاشق ادا! تون اسم ۾ عريان ٿي،
جسم جي جنجال کؤن نڪري عَلم نيشان ٿي،
مُلڪ معنيٰ جي اندر تون شرط شهه دوران ٿي،
خاقان خسرو جي مٿئون تون سيف زن سلطان ٿي،
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
يي يڪايڪ يار پنهنجو دست ڪر، دلجاءِ ٿي!
ڳول، ڳڻتي ڪان ڪر! منجهه قلب قلبہ نماء ٿي!
بَرُ ڦٽو ڪر بوُم جان، تون حسن دار هماء ٿي!
ڪوڏ مؤن ڪلمون پڙهي تون منجهه فناء بقّاءُ ٿي!
سمجهه سالڪ! هي سخن، تان تون ملين مطلوب کي،
ڳول سيني ۾ سدائين معنوي محبوب کي.
لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله
ٽيهه اکري: بندي کي نصيحت
الف اول اسم ذاتي، قلب پنهنجي کي پڙهاءِ،
پوءِ پريان جي پرت جي تون چاشني دل کي چکاءِ.
بي بداعت ڇوڙ بندا، باش باحق باخدا،
ڏنهن بُڇن بيزار ٿي بهتر عمل جي ڪر بجا.
تي توّڪل ربّ تي رک ناهه رازق ريءَ خدا،
از قناعت قوۡت ڪامل عارفن کي اصل آ.
ثي ثوابن لئي مَ لُجهه تون بار کُهِيَن کي کڻاءِ،
ڏي بکين ماني، اُڃين پاڻي، اگهاڙن انگ ڍڪاءِ.
جيم جڳ ۾ جيئڻ ٿورو، مرد تون مٺڙو اَلاءِ،
نيازمندي ساڻ سڀڪنهن جي اڳيان سر کي نماءِ.
حي حليمت ڪر سڀن سان، جوان! ڪاهل کي جڳاءِ،
ڪين ڪي ڪر ڪِبّر، من ڪا رمز نيڪيءَ جي رهاءِ.
خي خيانت ڪر مَ ڪنهن سان، ريب توکي ناروا،
ڪڏهن ڪنهن جي چِيڙَهۡه چوري ٿي چوان هرگز مَ چاءِ.
دال دنيادار سختي زانڪ باشد بي بقا،
بي بقا منجهه جيءُ جفا، پُرجهي تنهن سان پير پاءِ.
ذال ذاڪر! ذڪر ۾ ٿي ربّ پنهنجي کي ريجهاءِ،
عشق سان آباد ٿي، دل شاد ڪر باشوق سا.
ري رضا جي راڄ ۾ رهه وات وائي ٻي مَ وراءِ،
هو سدائين صبر ۾ حاصل ٿين سڀ ڪم سنداءِ.
زي زياني ڪر نه زورا نفس ناحق کؤن نساءِ،
مَلڪ جڏهن ساهه وٺندا، زور اُت پنهنجو نه ڀانءِ.
سين سامهون سخن سچو سوال سڀني کي سڻاءِ،
صدق ڪر جو ”ڪذب يُهلڪ“ هي حقيقت ڪن ڪجانءِ.
شين شاڪر ٿي هميشہ صبر بايد برملا،
مشيت الله تي هليا سي سرس درجي ۾ سوا.
صاد صحبت صالحن جي وَنۡءُ، ولين کان وهاءِ،
جي نوازن نظر سين، فائق ڪندا فرصت نه ڪا.
ضاد ڪڍ دل مؤن ضلالت، واهه وحدت جي وهاءِ،
ٿو رهين گمراهه ڇا کؤن؟ منهن مداين کان مٽاءِ.
طوئي طمع کي ترڪ ڪر تون ۽ طمع جا وڻ وڍاءِ،
حرص ۾ حيران ٿي جُوفي نه تون جند کي کپاءِ.
ظوئي مَ نج مون ظالمن ڏي ڪين سڪندن کي سڏاءِ،
ڪاڻ حاڪم جي ڪڍائين، جي هوءِ ڪو بي ريا.
عين عاشق حقّ جا! لَنۡءَ ڪين ٻئي ڪنهن ساڻ لاءِ،
منجهه محبت ربّ جي، جا نۡڪينۡ جِئين تان جيءُ
جلاءِ.
غين غازي ڪر نه غفلت ڪين وقتن کي وياءِ،
تهدلئون طاعت ڪجي مسجد اندر مجلس مچاءِ.
في فقيري علم ٻاجهؤن درد باشد لادوا،
خادم العلماء ٿي پوءِ حال درويشي هلاءِ.
قاف قادر جي قضا تي رهج راضي رضاء،
جا گهُري سا ٿو ڪري تون سڀ اها سر تي سهاءِ.
ڪاف ڪوڙي نه ڪر ڪنهن سان ڳالهه ڳِهلي ناسزاءِ ،
ڪم زياده ڇو ڪجن مطلب کان مصنف جي بجاءِ.
لام لاهوتي ٿي پنهنجو پاڻ محبت ۾ پچاءِ،
درد دل ۾ دوست جو رک ٻي نه ڪا ٻولي ٻُڌاءِ.
ميم ماني مرد! تنهنجي ڀل ته ڪو مسڪين کاءِ،
من اها مقبول ٿئي برحق گهُري تنهنجي دعاءِ.
نون نيڪي ساڻ سڀڪنهن مرد ڪامل ڪي ڪنداءِ،
جي نِوِينۡ نِوَنۡدن اڳيان، سارهه ڪري سڀڪو سواءِ.
واو ويري وير! تنهنجو، نفس پنهنجي کي نواءِ،
مارڪُٽ مهميز سان محڪم ڪري تنهن کي مڃاءِ.
هي هزارين هنر حيلا ڪم نه ايندءِ جي ڪياءِ،
عمر هيءَ موٽي نه ايندءِ ڪو ته خاصو ڪم ڪجانءِ.
لام لالچ لب خاطر پير تون ٻاهر نه پاءِ،
لاطمع ٿي لا اُبالي پاڻ کي لوڪؤن لڪاءِ.
الف اوّل اِبنِ آدم ناهه خالي کان خطاءِ،
رحمت للعالمين پاڻهي ڪندو عاصين عطاءِ.
يي يقينئون يار منهنجا ڪوٽ ڪلمي جو اَڏاءِ،
هو سدائين صبر ۾، حاصل ٿين سڀ ڪم سنداءِ.
لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله.
ٽيهه اکري: سسئي
(چيل لال محمد ”لال“ جي)
]فقير
لال محمد ”لال“ کي وفات ڪئي اٽڪل 60، 70 سال
ٿيندا. هي ذات جو ڪنڌرو، ويٺل ڳوٺ ساک ڪنڌرو تعلقي
پني عاقل جو هو. ڪن جي چوڻ موجب فقير لال محمد،
ذات جو کٽي ويٺل ڳوٺ اسلام آباد تعلقي گهوٽڪي جو
هو ۽ ڪن جي خيال ۾ ذات جو انڍڙ ڳوٺ شرف الدين انڍڙ
تعلقي ڪنڌڪوٽ جو. هي هڪ برگزيدو عالم هو، پارسي ۽
عربي مان واقف هو. سندس ڏوهيڙا ۽ بيت مشهور آهن.
هتي سندس ٻه ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون، جي بيتن ۾ چيل
آهن، پهرين ”ٻٽي ٽيهه اکري“ آهي، ڇاڪاڻ ته هرهڪ
حرف جا ٻه بيت آهن.[
(1)
الف ئون نانۡءُ الله جو اندر منجهه اوريان،
ويٺي ويٺي ورهه کي واٽن منجهه وؤڙيان،
جڙ لڳي جنهن سان، ٽُري سو ٽوريان،
لڳي لَنۡؤ ”لال“ چئي، لکيو پئي لوڙيان،
تن ۾ توهه طلب جو، تڪيو ٿي توريان،
سڳو سِڪ سوز جو، سر سيرو سوريان،
مليا ڏک ڏاج ۾، ڏسڪي ٿي ڏوريان،
لڳو چاهه لڱن ۾، چِت نڪو چوريان،
طاقت وئي تَن مان، هلان ٿي هوريان،
لڪن منجهه ”لال“ چئي، سِر سڄڻ تؤن گهوريان،
مران ته موچاري ٿيان، مُنهن نڪي موڙيان،
ورنديس نه واليءَ ري، اصل کؤن اوريان،
سر سِسي گهوريان ڏسي پنهل پٻ ۾.
الف ئون الله تهار، ڪري هلي سڃ ۾،
ڇڏي ڀر ڀنڀور جي، لڳي لَڪن جي لارَ،
ويهڻ لَڳس وِهُه ٿي، پنڌ پئي پينار،
آري ڏسان اکئين، حب اندر هُئي هيڪار،
پرتي پنهل ڄام کي، جا بيحد هئي بيڪار،
خوشي ويس کسجي، نڪري ٿي نروار،
کڻي پير پنهل جا، ڍُرڪي اِنهيءَ ڍار،
ڪجانءِ وڙ ڪميڻيءَ تي، ڪوهَن ۾ ڪوهيارَ،
ڇڏي هنڌ پٿرڻيون، هلي پيئي هڪوار،
الله لڳ آري! اچ سڄڻ لهج سنڀار،
مُئي مُنڌ مونجهي ٿي ته ڏيندو مرد ميار،
چمي چشمن چائيم، جي ڏک ڏنا ڏاتار،
ڪري ڏمر ڏير ويا، وڏي ڪنهن ويچار،
ڄاتم نه ڄاڻ ائين، ته لائيندم لغار،
رکي ڊوهه، ڊُڍا ٿي، ڪري ويڙا ڌار،
ڪاهي آيا اوڏڙا، ڪرهن جي قطار،
مِٺين ڳالهين موهيو، سنجهي نه لڌم سار،
ڪيان وس وڏا ها، جي پوي ڪن پچار،
ڏيرن رکي ڌاريءَ سان، دغا دُرس ڌُتار،
اچي ٻڌئون اَرٽ ۽ عجب جيهي آتار،
محابي محمد مصطفيٰ، منهنجي ستيا رک ستار!
هلي آهيان هيڪلي، پڇي پنهل جا پار،
ڏونگر ڏس چٽو ڏي، ڪيڏانهن ويئي قطار؟
ملنديس، الائي مري وينديس؟ سولي ڪندو ستار،
هاڻي نام ڌڻي نروار، سائين! اچ هن سڃ ۾.
بي ئون بار برهه جا، سڀيئي ساري،
ڏيئي باهه ڀنڀور کي، واٽون ڪُل واري،
توڪل ٻڌي ترهو، تڪيا ڀي تاري،
هلي پيئي هاڙهيءَ ۾ ”لال“ اِنهيءَ لاري،
سڄڻ، سهيليون، سرتيون ڇڏيائين ٽاري،
ٻڌي سندرو سڪ جو، مونجهان ڪل ماري،
وِرهه وائي وات ۾، ٻيا ورق ڇڏيئين واري،
لڳي پٺ ليڙن جي، نرتئون نهاري،
”اِنّ الله مَعَ الۡصّابِرِينَ“ ڌيان اهو ڌاري،
لڪن منجهه لنگهي پئي، چلي نه ڪنهن چاري،
غمن ۾ غلطان ٿي، گوندر منجهه گهاري،
ڪَيَئين سُور سنگتي، سرتيون سنڀاري،
ڀڄي ويس بودلا، ٽهي ويس ٽاري،
لڪن منجهه ”لال“ چئي، پئي هنجون اُت هاري،
”فَلۡيَضۡحَڪُوا قَلِيۡلاً يَبۡڪُوۡا ڪثيراً“ من
تڳان انهي تاري،
شل! موليٰ ڪين ماري، ڏسان جيتر جوءِ جتن جي.
بي ئون برهه بقاءَ جي، لڳس ڪا لوري،
تن ۾ تار تِکيري، جِيءَ اندر جهوري،
گهمي پيئي گوندر ۾، ناڪس ندوري،
روئي رت گاڏئون، ڇپر منجهه ڇوري،
ڏاڍا ڏير ڀڄي ويا، ٿيڪي هيءَ ٿوري،
لُڇڻ ڦٿڪڻ ”لال“ چئي، لڳس ڪا لوري،
رکي جن هنئين ۾، چلي پئي چوري،
گهيري وڌم غم ۾، گهوٽ مٺل گهوري،
”الله يَجۡمَعُ بَيۡنَنَا“ رکيو سَت سدوري،
اُجهڪي پئي اندر ۾، قرب ڪئي ڪوري،
دلڙي دوست پنل جي، محبت منجهه موري،
عقل، عشق اُٺائيس، برهه ڪئي ڀوري،
ڪائي توهه ناهي توري، اچ هيڻي جا همراهه تون.
تي ئون توڪل توهه جي، هُيس تار پچار،
اجهو ٿيس آرياڻي، ساٿ ڌڻي سردار،
کڻندو بار کُهين جا، مدني هت مختار،
هن ڀي ڇڏيا پانهنجا، پئي پروان پنار،
لڳي ويس اوچتي، عشق سندي آ پار،
جيل جي جوراڻي جي، سُرت هيس نه سار،
ڏاڍائيءَ سان ڏير ويس، ڏئي ڏکن جا ڏار،
عشق حمايت اُتهين، آيس ٿي آڌار،
لنگهي پئي لڪن ۾، واري ٻي ڪُل وار،
الله ڪري نه اهڙو ڪنهن کي ڌڻيئون ڌار،
ويهي واٽن وچ تي، ٿي ويٺي وجهي ڦار،
ڪڏهن ايندين قرب ڀريا، ڪيچ ڌڻي ڪوهيار!
تنهنجي طلب تنوار، آ راتيان ڏينهان روح ۾.
تي ئون ترت تمام، ٽوڙي ٽڳڙا ٽُري پئي،
لڪن منجهه ”لال“ چئي، هڻي گهڻيري گام،
سانگا سٽي سِر جا، منڌ هلي ڪنهن مام،
لاهي لاڳاپا لوڪ جا، لاڙي رکيئين لام،
“فَاذۡ ڪُروۡنِي اَذۡڪُرۡڪُم” قول ڪيس قتلام،
آِس اکين اوڏڙا، آريءَ جا انجام،
کڄي ويس خير سان، خطرا ڪُل ئي خام،
”همتِ مردان مددِ خُدا“ درس ڌڪي هن دام،
جبل ڀي جاڙون ڪيس، جوراڻا ڪي جام،
مُڙي نه موٽي مُنڌ ڀي، هلِي هڻِي هام،
کَٽا لڳس خوشيءَ جا، تازا تازا طعام،
تنهنجي دلبر! دام، لڳي آهيان لڪن ۾.
ثي ئون ثمر سڪ جو، ثابت رکي سير،
هلي پئي هاڙهي ۾، ڇڏي صاف سُڌير،
پنهل! منهنجي پٻ ۾، پت رکج پير!
سلا سورن ڪڍيا، چاهه ڪيا ٿم چير،
جهوري جانب يار جي، جهوري ڪيا جهِير،
هيڪل ڇڏي هتڙي، هوت وئين هي حقير،
مهل ۾ موليٰ لڳ، مدد ڪر ڪا مير!
واهه ڪانهي ولهيءَ کي، واهر ڪندين وير!
هڻي ڪانَ ڪپار جا، تو ڪئين ڦُريا فقير،
واري واڳون وڳ جون، اچ ڳُڻن جا ته ڳَهير!
بکن ڀي بيحال ڪيو، لڱڙا ٿيا لِير،
هڻي وئين هٿن سان، قربن جا ڪي ڪِيرَ،
وهايان واٽن تي، ٿي نيڻن منجهان نِير،
ٻکي ٻاڻ ٻٽا وئين، تُرت تکيرا تير،
ڏونگر ۾ ڏکيءَ جو سَت رکجانءِ سير،
ثابت ساڻ سڌير، اُڪاريندين اولَن مان.
|