تي
کڻ تقوى ڪوڏر توڙ، ڳڻتيءَ جو وڃي
ڳنڍو لوڙهه،
مهل
اِها ٿِي منهن نه موڙ، واهه ورهه جون
مرڪون ڇوڙ،
پٽ
آوهاندو هيٺ هٽاءِ،
آيو
سانوڻ ننڊ ڦٽاءِ.
ثي
ڪر ثابت سوگهو بند، راس ٻنيءَ جا ٻنا
ٻنڌ،
ڪاڏنهن
ڦير نه ڪڙمي ڪنڌ، رد ڪر روڻيون سوگها سنڌ،
وس
پنهنجي ۾ ڪين گهٽاءِ،
آيو
سانوڻ ننڊ ڦٽاءِ.
جيم
جڏهن تون جهلين پاڻي، ٻاجهه ٻني سڀ ريج
رهاڻي،
جوڙو
عاشق جوٽ تون هاڻي، هر پاڃاري گهوٻو آڻي،
ناڙو
عاشق نينهن وٽاءِ،
آيو
سانوڻ ننڊ ڦٽاءِ.
حي
هر حڪم حقيقي ڪاهه، آڻي ٻج جو ڪينگر لاهه،
سالڪ!
ناڙو سهڻو ٺاهه، ڳالهه انهيءَ ۾ نڪتو آهه،
اسم
الله چئي ٻج ڇٽاءِ
آيو
سانوڻ ننڊ ڦٽاءِ.
خي
رک کيتيءَ سان تون جار، هو هو هردم عاشق
عار،
ڏور نه
ڏونگر پور نه پار، ”وَنَحنُ اَقرَبُ“ ڪر
اعتبار،
سمجهه
سخن جي عام مڃِي،
پوکي
سلي ٿي، ويهه وڃِي.
دال
دليئون وڃي مَنَهن جوڙ، خاصيون ٿوڻيون تنهن جون
کوڙ،
پرت پڃر
تون وَرا وَڪوڙ، دود دُئي جا ڌاڳا
ٽوڙ،
ڇَن ٻڌي
ڪر ڇانو چڱي،
پوک سلي
ٿي، ويهه وڃِي.
ذال
ذڪر ڪر ويهڻ ويل، مهل وڃيئي ٿي لنگهي
ليل،
هت اُٺو
ٿي هاڙهو هيل، بندا ٿيندئي ڏاڍي ڀيل،
سارو
ساول ڇڏ نه سڃِي،
پوک سلي
ٿي، ويهه وڃي.
ري
رهه راهڪ راتيان ڏينهن، ويهه وسائي محبت مينهن،
نيڪ لڳو
ٿي نعرو نينهن، سوين گهمن ٿا شوريا
شينهن،
ڀؤ ڀولا
هي، سڀ ڀڃي،
پوک سلي
ٿي، ويهه وڃِي.
زي
سڀ زور زبر جهل هاڻي، بحر چڙهيل ٿي موج ته ماڻي،
نينهن
جي نائڪيٖ پلٽيو پاڻي، کول تنهين کي سگهو
هاڻي،
ڇوڙ
آوهاندو اٿئي اُڃي،
پوک سلي
ٿي، ويهه وڃِي.
سين
سگهو تون سنڀري ويهه، نيٺ ڇڏيندين تون هي
ڏيهه،
سڃ جو
پنڌ ٻُجهي ساڻيهه، هل هل پرتئون پرجهي
پيهه،
رڻ ۾
پوندءِ رات رڃي،
پوک سلي
ٿي، ويهه وڃِي.
شين
شريعت کي حق ڄاڻ، وجهه نه ٻيائيءَ جو تون ڀاڻ،
ڪين
هلندئي هستي ساڻ، پوءِ سنڀاليندين
پنهنجو پاڻ،
هت
وڌاءِ نه پنهنجو من،
پوک
جهليو ٿي پهريون پن.
صاد
صبح جو ساجهر جاڳ، ڪهه ڪلمي جو رند! ڪو راڳ،
ڏک
ويندئي هي ڏور ڏهاڳ، سالڪ! لهندين پوءِ سهاڳ،
قابل
ڪڙمي! ڪر تون ڪَن،
پوک
جهليو ٿي پهريون پن.
ضاد
ضعيف ساڻ گذار، تڏ ڇڏ تڪبر هستي هار،
ڏاڍي
صاحب جي سرڪار، نيٺ پڇندئي روءِ بڪار،
جوت
جواني هي جوڀن،
پوک
جهليو ٿي پهريون پن.
طوئي
هي طلب وٺج واري، چڙهي عاشق نينهن
نظاري،
تو جهڙا
ويا لکين گذاري، تون ڀي ڏسندين پاڻ
سنڀاري،
ڪنڌ
موڙي مٿي نهار،
پوک
لنگهي ويئي توکان تار.
ظوئي
ڪر ظاهر باطن ڄاڻ، خام پروڙج هي اهڃاڻ،
اک پٽ
عاشق پوءِ پرياڻ، چونڪ ڍڍا ٿي جوئر ڄاڻ،
پن پرت
جا مال کي چار،
پوک
لنگهي ويئي توکان تار.
عين
عذر ڇڏ چڙهه آڪاس، راهڪ! پيهو ڪر تون راس،
چارئي
نينهون وجهه چوراس، پاڻهي ڪندا تنهنجو
پاس،
مهل اهي
اٿئي ڪر ڪا ڪار،
پوک
لنگهي ويئي توکان تار.
غين
غصي کي ڪر تون غار، پيهو پنهنجو ڪر تيار،
چڙهه
پيهي تي ڏس چوڌار، برهه انهيءَ جو باري
بار،
کوڙ
سوگها تون ٻئي ٻيلهنگ،
پوک
جهليا ٿي سالڪ! سنگ.
في
وجهه ڦير کانڀاڻي ڳوڙهو، عشق عقل جي وچ ۾ اوڙو،
ڪڏهن
ٻڌندين ڪڏهن ٻوڙو، ڪڏهن ملائي ڪڏهن وڇوڙو،
تڙ ڳيرا
ڪڍ ڪٻريون ڪنگ،
پوک
جهليا ٿي سالڪ! سنگ.
قاف
قدرت جي ڏس تون جوڙ، ڪڏهن ڌرتي ڪڏهن پور،
ڪڏهن
آڀون ڪڏهن کيرا کوڙ، پڪي پوک پکين جي ڊوڙ
جهار
جهليا ٿي جهرڪن جهنگ،
پوک
جهليا ٿي سالڪ! سنگ.
ڪاف
ڪمر تون ٻڌڪي وارو، من ۾ ڏاٽو محبت وارو،
عاشق!
ڪندئي عشق اشارو، وارو پچي پوءِ وجهه لابارو،
لوهه
لغڙ جئن ڪانا ڊاهه،
سنگ سٿا
سڀ هڪ هنڌ لاهه.
لام
لابارو سڀ ڇڏ لڻي، سنگ سرٽيون سڀ
چونڊ چڻي،
ڪڙمي!
ڪنن ساڻ سڻي، عاشق! هي سڀ ڳالهه ڳڻي،
پرت پٽي
کي ٺاهيون ٺاهه،
سنگ سٿا
سڀ هڪ هنڌ لاهه.
ميم
”مسڻ“ چئي حب جون هوليون،
ڪن کي ڪشتا،ڪن کي جهوليون
ڦند فڪر
سڀ لهندءِ ڳوليون، پاٺ پنڻ جون ڪندئي ٽوليون،
سينو
ڪين تنهين سان ساهه،
سنگ سٿا
سڀ هڪ هنڌ لاهه.
نون
نشانبر ڪر تون ڌيان، حڪم حقيقي منجهه
فرمان،
اوڳا!
ٿيندئي پوءِ ارمان، نيٺ ڇڏيندين ملڪ مڪان،
ساٿي
نيندا پهرين سڏ،
ڳاهه
ڳاهي ڪم لاهي ڇڏ.
واو
وڃي تون نينهين کوڙ، ميلهه وجهي پوءِ
جوڙا جوڙ
ڳوڌا
ٻڌندئي هڪل هوڙ، نفس نوائي لڪڻ جوڙ،
گوش اتي
تون دل سان گڏ،
ڳاهه
ڳاهي ڪم لاهي ڇڏ.
هي
تون هاڻي اَنّ اوڀار، واءُ سولو هي
پَٽ ٻُهار،
رک
ربّاني پٺي ٻار، اڳيون صاف وٺي سرڪار،
مَنَهن
محبت جو تون اَڏ،
ڳاهه
ڳاهي ڪم لاهي ڇڏ.
لام
لکي تون نج تحرير، عرض عريضي مرسل
مير،
مير سان
چڙهندا چار مشير، راهڪ! ملندئي حق حقير،
ترت
مئيندا تنهنجي ٻار،
پڙهه
ڪلمون ته ٿئين درٻار.
الف
احمد تو وٽ ايندو، تنهنجو ڪم سجايو
ٿيندو
انّ،
مٽي، راهه به ڏسندو، لائق دفتر
منجهه لکندو،
ڏاڍي
صاحب جي سرڪار،
پڙهه
ڪلمون ته ٿئين درٻار.
يي يڪ
ياقي توسان هلندي، ان جي موڪل توکي ملندي،
سرهي
ساعت تو پئي سرندي، دل خوشيءَ ۾ تنهنجي
کلندي،
”تور
پيو“ چئي تو اختيار،
پڙهه
ڪلمون ته ٿئين درٻار.
لا اِلہ
اِلا الله محمد رسول الله.
ٽيهه
اکري: ڪانگل
(چيل
عبدالرحمان چانڊئي جي)
[عبدالرحمان چانڊيو، نواب غيبي خان چانڊيو جي
جاگير (باغ جاگير)، تعلقي قنبر جو رهاڪو هو. سندس
ولادت اندازاً 74-1272هه/57-1855ع ڌاري ٿي. عربي ۽
فارسي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، شاگردن کي پڙهائڻ
لڳو. شعر جو شوق ننڍي هوندي کان هئس ۽ بيت، ٽيهه
اکريون ۽ ڪانگل جا بيت ”شاهه محمد ديدڙ“ جي تتبع
تي چيائين. شعر ۾ ”چانڊيو، ”ٻروچ“ ۽ ”فقير“ تخلص
استعمال ڪيا اٿس. سندس ڄم يا وفات جا سن پڪيءَ طرح
معلوم ٿي نه سگهيا آهن، پر مختلف روايتن موجب سندس
وفات کي 25-30 کن سال ٿيندا. هتي سندس هڪڙي ٽيهه
اکري ڏجي ٿي.]
الف
اڄ کيانتل خاص، ڪانگ! پرين جي وڃ تون پاس،
پِيهه
اڳيئون، سر منهنجو باس، محب ملن ڪيان صدقو
ماس،
هَي هَي
ڪيو جَر نيڻٖين هار،
ڪانگ!
پرين جي وڃ تون پار.
بي ڪر باري بر بيان، خط نٖي کيانتا، خاطي خان!
کول خدا
لڳ زود زبان، دردن جا ڪڍ دوست! دڪان،
پيرن تي
ڪر، چُم پيزار،
ڪانگ!
پرين جي وڃ تون پار.
تي ٿم تنهنجي تات تمام، سور سنيها ڪج ڪلام،
پيش
پرين پئو سهڻا سام، ويهه نه وچ تي
وير وريام!
حال
هيڻو ڪر، ڏک ڏيکار،
ڪانگ!
پرين جي وڃ تون پار.
ثي تون ثابت وڃ هن وير، ڪانگ! اُڏام ته پهچنئي پٖير،
دوست!
سگهو وَر، ڪرنا وير، لڙڪ اکين مان
ڪانگا ڪير!
سڪ
تنهنجي ٿم، لهه تون سار،
ڪانگ!
پرين جي وڃ تون پار.
جيم جانب ريءَ جيئڻ جنجال، هار اڳيئون جر، ڏَس هي حال،
ڪر ته
سڄڻ کي سهڻا سوال، مٖيل مٺا، ٿئي وير وصال،
نيڻ
ندين تي چاڙهن نار،
ڪانگ!
پرين جي وڃ تون پار.
حي حبيبن ڏي وڃ هاڻ، ڪانگ!ڪتابت ڪڍنئين ڪاڻ،
پير ڀري
پُڄ، پُڇندءِ پاڻ، کيانتا! وڃ، خوشخبري آڻ،
طلب
تماشو لايو يار،
ڪانگ!
پرين جي وڃ تون پار.
خي تان کيانتا! لڳ خداءِ، وڃ سڄڻ ڏي ورهه وڌاءِ،
پاند
اڳيئون ڳل پرين پاءِ، دوست! دلاسو
ڏي دلجاءِ،
غور
ڪندا تان ٿين غم دور،
نافع
محبوب مِٺو ٿم نُور.
دال دلاسو ڪانگ قريب! آءُ وٺي تون آڻ عجيب،
حال
حڪايت ٻُڌن حبيب، منهنجا من ٿين نيڪ نصيب!
معاف
ٿين شل عيب قصور!
نافع
محبوب مِٺو ٿم نُور.
ذال ذڪر ڪر زود ذهين، تنهنجو توجهه ٿم تلقين،
جلوو
پاڪ پساءِ جبين، هينئڙو ٺاريو هوت حَسين.
چشم
ڏيکاريو، آهيان چور،
نافع
محبوب مِٺو ٿم نُور.
ري ڪر روئي هاڻي حال، خط ڏي کيانتا! رکندءِ خيال،
ستت سڄڻ
کي ڪرئين سوال، دلبر وٽ تون، ٿيءُ دلال،
سيني کي
سڪ ساڙيو سور،
نافع
محب مٺو ٿم نور.
زي
ڪر زاري، زور نه هلي، برهه وڪوڙيو بلي بلي!
رمز
ڇڏِي آ تو ڪا رَلي، جوش جگر ۾ جيرو جلي،
ڪين
ڏکوين کؤن ٿي ڏُور،
نافع
محبوب مِٺو ٿم نُور.
سين سڄڻ سان سر تي سَٽِ، ويهه، عجيبن جي وَٺ وَٽِ،
ڳالهه
گهڻي ڏَس، ڪرنا گهَٽ، مون نه مُون ڏَنهُن مُنهڙو
مَٽ،
ورج
سگهو! مان ٿيس وهلُور،
نافع
محبوب مِٺو ٿم نُور.
شين
شتابئون ڏِسنئي شاهه، پيش ڪِري ڪَر اُن
جي آهه،
مانَ
ڪَرن ڪَنِ دلبر دانهه، دوست! دلاسو
ڏيو دلخواهه،
مون کي
محب ڪيو منظور،
نافع
محبوب مِٺو ٿم نُور.
صاد صبر کؤن آ سِڪ زور، ڏک ڏسي سڀ اُن سان اور،
چشم
جهَڪا ڪر، چپ تون چور، مانَ مِٺا سي ٻڌنئي
مور،
پاند
اڳيئون ڳل تن جي پاءِ،
دوست!
دلاسو ڏيَنِ دلجاءِ،
ضاد ضرور زوراور زاري، مانَ ٻُڌيٖ آهه، جنهن دل ٻاري،
چُست
سگهوئي ٿيءُ تون چاري، دوستن کؤن تون وٺ
دلداري،
نِوڙ
اڳيئون ڪنڌ تن جي نانءِ،
دوست!
دلاسو ڏيَنِ دلجاءِ،
طوئي ٿو طلبيان، ٿَم سِڪ تار، مانَ لهن سُڌ سهڻا سار،
ياد
ڪندا مَن مون کي يار، موٽ سگهو ڪر
جلدي جار،
آڻ وٺي
تون رهبر راءِ،
دوست!
دلاسو ڏيَنِ دلجاءِ،
ظوئي تان ظاهر رهه نا رات، ويهه، وراڻو وٺ نا وات،
آڻ کڻي
خط، ڏيندءِ ڏات، طلب وڌي مَر تنهنجي
تات،
هينئڙو
ٺاريو، ڪريان هاءِ!
دوست!
دلاسو ڏيَنِ دلجاءِ،
عين عشاقن وٽ خط آيو، سو ته چُمي مان چشمن چايو،
راز معلوم ٿيو سڀ رايو،
سنبت سڄڻ جي تنهن ۾ سعيو،
سرمو
سيج سڀوئي سِيباءِ!
دوست!
دلاسو ڏيَنِ دلجاءِ،
غين ويا غم، نڪري نَچان، برهه وڪوڙيو ڪئن مان بچان،
پروانو
ٿي پڙ ۾ پچان، رمز لڳي ٿم تيلهان رچان،
ڳالهه
سندين ڳڻ ٿئي تَن جاءِ،
دوست!
دلاسو ڏيَنِ دلجاءِ،
في فڪر ويو ڦند فريب، رمز رڳن کؤن ويو سڀ ريب،
اڱڻ اچي
ڇنڊيو راوَ رڪيب، ذوق ڏيکاريو ظاهر
زيب،
ڀاڙ ڀڳا
جيڪي ڀورا ڀوڪَ،
ماڻن
موجان مرد ملوڪ.
قاف قرب مان ڪر ڪو ڌيان، آيو يار، ڪيو احسان،
راضي
پاڪ ٿيو رحمان، قدم چمي مان ٿيان قربان،
هرهنڌ
ڳالهه ٿئي هَي هُوڪ،
ماڻن
موجان مرد ملوڪ.
ڪاف ڪيا ڪم صاحب سولا، راضي پاڪ ٿيو موليٰ،
ڏور ٿيا
ڏک اهکا اولا، غم غرق ٿيا سڀ ڀؤ ڀولا،
ڪَن ڪئي
قابل منهنجي ڪُوڪ،
ماڻن
موجان مرد ملوڪ.
لام لطف ڪيو دوست دلاسو، پارس پاڪ وڏو اڄ پاسو،
خيال
خطا ويو بيٺو خاصو، مُور نه مُڱ ڪو
مٽيو ماسو،
صاحب
سجهن پاڪ سلوڪ،
ماڻن
موجان مرد ملوڪ.
ميم ملي ٿيو محب مُلاقي، يار بنان هئس اڳ مان ياقي،
سهڻيٖ
يار پيارو ساقي، تن جي خوب کُلي اڄ تاڪي،
شاهه
ٽڙيا جن ڪئي ٿي شوڪ،
ماڻن
موجان مرد ملوڪ.
نون نِگَههَ ڪئي پاڪ پياري، سهڻي درِ نيئي سو ڌاري،
تحفو
تات ڪيون ٿو تاري، ٺهه ڦهه هينئڙو سو
ٿو ٺاري،
شافع
شاهين جو آ شاهه،
ميليو
مون کي محب الله!.
واو وسيلو وير وريام، سهڻي جي جڳ سارو سام،
آيو
جنهن ڪيو يار انجام، مرد سڃاڻن مخفي مام،
ڪلنگي
جنهن سرتاج ڪلاه،
ميليو
مون کي محب الله!.
هي هميشه ڪاڻ هٿ آيو، راض ربّي ڏس رلمل رايو،
پيٖر
پرين در دلبر پايو، دوست دليون تنهن لوڏي لايو،
روز
ڏٺيم ٿي جنهن ڪاڻ راهه،
ميليو
مون کي محب الله!.
لام لطيفا ڪن لک لاتيون، ڇم ڇم ڇير وڄائن ڇاتيون،
ڪپن
ڪهاڙا ڪَرڙيون ڪاتيون، ذوق ڏيکاريون ظاهر
ذاتيون،
مَحو
ڪيو مَن مُربي ماهه،
ميليو
مون کي محب الله!.
الف اميد الله ڪئي پوري، نرمل آيو ننگي نُوري،
حضرت
حامي هوت حضوري، سهل سڙين کي ٿئي مَرُ
سُوري،
پَن رک
پرور پاڪ پناهه،
ميليو
مون کي محب الله.
يي تان
يار گڏايا گولا، پُر پرين ڪيان اَڏون اولا،
شرمي
شمس پسي ٿيا شعلا، ڇُٽس ڪَنان سڀ ڇُٽا
ڇولا،
ڪلمون
منهنجي واهر واهه،
ميليو
مون کي محب الله!.
لااِلہ
اِلاالله محمد رسول الله
ٽيهه اکري: مناجات نبي صلعم جي
درگاهه ۾ *
(چيل
ڪمال فقير جي)
[پير
ڪمال فقير نوشهري فيروز جو مشهور شاعر ۽ درويش ٿي
گذريو آهي. فقير صاحب صوفيانه خيال رکندڙ هو. سندس
ڪيترائي مريد هئا. 1927ع ڌاري وفات ڪيائين. هتي
سندس ٻه ٻٽيهه اکريون ڏجن ٿيون]
(1)
الف اول ۾ ڪريان سارهه صفت سبحان جي،
بادشاهي
بيمثل، رازق ڌڻي رحمان جي،
ريءُ
ٿنڀين ٿوڻيين اڏاوت جنهن ڪئي آسمان جي،
ڇا ڪندي
تعريف هيءَ عاجز زبان انسان جي؟
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
بي ڀلائي سان پيغمبر پنهنجو اُن پيدا ڪيو،
”انت
محبوبي محمّد“ مهر مان مولى چيو،
ختم
النبي خير الورى، سو منڍ مڙين جو ٿيو،
خلق ۾
خورشيد اُڀريو، پرتوو هر جا پيو،
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
تي
تنهنجي تعريف آ قادر ڪئي قرآن ۾،
”هل
اَتى“ حضرت چيو آ فضل سان فرقان ۾،
”اِنّما“ اظهار ٿيو، نرمل نبيءَ جي شان ۾،
”لولاڪ
لمّا خلقت الاَفلاڪ“ تنهنجي شان ۾،
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
ثي
ثنا تنهنجي صفت هئي اول ۾ آدم ڪئي،
نام
تنهنجي سان قبوليت ۾ دعا تنهنجي پئي،
آسرو
تنهنجو وٺي جنهن پاڪ پرور کي چئي،
بخششون
۽ نعمتون حاصل ٿين حاجون ٻئي،
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
جيم جنهن دم ’نوح‘ تي نازل اچي طوفان ٿيو،
سبب
تنهنجي سيّدا احمد! اهو آسان ٿيو،
ٻاجهه
سان ٻيڙو تري نڪري ٻيهر نيشان ٿيو،
نوح
نرمل، يا نبي! دلشاد ۽ خندان ٿيو،
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
حي اوهان جي حب هُئي، هردم گهڻيري ’هود‘ کي،
ڪرم
تنهنجي سان ڪرامت در حقي ’دائود‘ کي،
مدد
تنهنجي مصطفى! ’موسى‘ مليو مقصود کي،
در شڪم
ماهيءَ رسيو ’يونس‘ نبي موجود کي،
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
خي ’خليل الله‘ جو ڪيو باهه مان بُستان تو،
۽
’سليمان‘ کي ڪيو هو شاهه ۽ سلطان تو،
حُسن
’يوسف‘ کي ڏئي روشن ڪيو ڪنعان تو،
سڀ نبي
نائب سندءِ، مرسل! مٿانهون مانُ تو،
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
دال مان درگاهه تو ’عيسى‘ مليو اڪسير هو،
’لوط‘ ۽
’جرجيس‘ تو در درس دامنگير هو،
خوش ڪيو
’ايوب‘ تو، جو درد کان دلگير هو،
توراة ۽
انجيل ۾ تنهنجو پِرين! تفسير هو.
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
ذال
’ذڪريا‘، ’يحى‘،’صالح‘، سلامي تو سندا،
’خضر‘ ۽
’الياس‘، ٻئي بيشڪ نبي تنهنجا بندا،
منڍ
مڙين جو تون ٿئين، جو خاص توکي ڪيو خدا،
تو وٽ
سڀئي سرتاج، سيّد گهوٽ! ٿيا تنهنجا گدا،
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
ري رحمت اللعالمين صاحب توکي سرتاج ڪيو،
تو
روبرو رحمان جو مرسل! وڃي معراج ڪيو،
سيّدا
”سبحان الذي“ ڏاتار تنهنجو ڏاج ڪيو،
هر
انبياء هر اولياء مولى تنهنجو محتاج ڪيو،
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
زي زيارت يا نبي نرمل! ڪيو مون کي نصيب،
ديدار
تنهنجو دلربا! افضل ٿئي اعلى عجيب،
حضور ۾
يا حضرتا! هر دم هجي حاضر غريب،
هن
مداحي جي عرض جو ترت ٿيءُ تهدل طبيب،
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
سين سواليءَ کي سڏي، پيغمبرا! پهراءِ تون،
هي
گناهن جون گنديون ليڙون مون کان لهراءِ تون،
مصطفى
مدين جا مڙئي ڍير ڍڳ ڊهراءِ تون،
ذوق سان
ذاتي ذڪر، هن قلب کي ڪهراءِ تون
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
شين شيطان بد بلا کان ساڻ برڪت تون بچان،
ڪامل
ڪٽيو منهنجون چايون، رمز تنهنجي ۾ رچان،
لطف
تنهنجي سان نبي! عيبن کان آجو ٿي بچان،
طلب ڏيو
توحيد جي مان مست محبت ۾ مچان.
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
|