سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :37

لام لاڳاپن لوڪ جي، کڻي منجهايس ماريٖ،
دام دنيا درڙيءَ سندي، آ وڪوڙيس واريٖ،
رو سواءِ سهڻا پرين! ٻيو ڪير ڪنڌيءَ ڪاريٖ؟
منجهان اوکيءَ اُڪاريٖ مون پار وٺي وڃ پاتڻي!
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .
 

ميم مهر من ڪا پوئي، سڳورا سرتاج!
مون مٺيءَ جي ”منٺار“ چئي، لائق! رکج لاج،
تان سنديم سڀ سُرهي ٿئي، هٿ تنهنجي سين هاج،
ڪر ٻُڏيءَ تي ٻاجهه، سانگ سڃاڻي سپرين!
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

نون نماڻيءَ جو مَٿئي، نرمل! آهي ننگ،
مون کي تون محبت سندو، ڪو وجهه وسيلا ونگ!
هينئڙي کي تنهنجي حب سندو، ڏي رچائي رنگ،
سرور! تنهنجو سنگ، مون نماڻيءَ نصيب ٿئي!
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

واو وري منهنجي ڪجان، پنهل! پوئواري،
اچي مون اڻ سونهي کي، ڏجان ڏيکاري،
ته وڃن ورهه وجود تان، ٿئي هِنيون هوشياري،
آ پائي ڳچيءَ ڳاري، پيرن تنهنجن تي پوان!
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

هي سندم هادي، مِٺا وسيلا وريج!
اسم ساڻ الله جي، اڱڻ مون اچيج!
هتي هيکلي ڪري، وٽان مون مَ وڃيج!
ته بي هيءَ نماڻي نيج، پڍيءَ لائي پانهنجي-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

الف اندر منهنجي سندي، اچي آس پڄاءِ،
عاجزي آ ڪريان، لال پرين! تو لاءِ،
سڻي منهنجا سڏڙا، ٻاجهه ڀريا ٻاجهاءِ،
دل وڻيا ديکاءِ! جيڪو حسن حق پاڪ جو-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .
لام لطف ڪر لال! تون، مهر ڀريا امان ساڻ،
آ اوهان جي آسري، اٻوجهو اڄاڻ،
اچي نام الله جي، مون کي پرين! پسائج پاڻ،
سرور! ننگ سڃاڻ، متان مهڻي هاب ڪرين-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .
يي اي مرشد! مون سندا، ڀلا پاڻ ڀَلاءِ!
سرور! ويل سڪرات جي، مون کي پاڻي پاڻ پلاءِ!
مرڻَ مهل ”منٺار“ چئي، ڪلمي ساڻ هلاءِ!
لاَ اِلٰہُ الاللهُ مُحَمّدُ رّسُول اللهِ-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .
         لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

ٽيهه اکري: مجازي*

(چيل صوفي محمد فقير کٽياڻ جي)

        [فقير محمد خان ولد حيدر خان، ذات جو کٽياڻ، ڳوٺ بوداڻي کٽياڻ (تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد)، ۾ سنه 1884ع ڌاري ڄائو. هو نهايت ذهين ۽ هوشيار هو، پير صاحب پاڳاري جو سرويچ مريد هو. تصوف جي ميدان ۾ گهڻن درويشن سان خاص صحبتون ڪيائين، خصوصاً نواب فقير ولي محمد خان لغاري ۽ پوءِ مخدوم غلام حيدر صاحب سان پرت جا پيچ پاتائين. فقير جو راڳ سان خاص شوق هوندو هو. سندس طريقو رندي هو ۽ مڙني طعنن ۽ ملامتن جا بار پنهنجي سر ڪيائين – پاڻ چيو اٿس:

”عاشق اصل اويسي، وحدت وصال ويسي،

مشهور ٿيو مهيسي، ”محمد مٿي اگهاڙو“.

فقير 1939ع ۾ هن جهان فانيءَ مان لاڏاڻو ڪيو.]

(1)

الف ئون اکر عشق ۾، گھونگھٽ ڪيو کڻي،
”ميم“ رکيائين من ۾، برهه پاڻ بڻي،
اصل آتش عشق جي، گھورن منجهھ گھڻي،
ڌرمن جو ڌڻي، صاحب آيو سنسار ۾.

 

بي بهانو بيرنگي ڪيو، برهه جي بازار،
لالڻ لڪايو پاڻ کي، چَمن ۾ چوڌار،
”اَنا اَحٌمَدُ بِلاَ ميمي“، گُهنڊ پَسِي گفتار،
ويا غير غبار، سمجھي سَير وجود جو.

 

تي ئون توڪل تار ۾، طالب ٿيا تمام،
”لا مَقٌصُودُ في الدّارَين“، ڪَهي ايءُ ڪلام،
صورت جي سردار کي، صحي ڪن سلام،
مخفي رکي مام، تارڪ ڄاڻن تن کي.

 

ثي سڪايل سوز جا، اندر جن اُڪير،
مدامي منٺار جي، فڪر منجھ فقير،
اکين جي اسرار ۾، عاشق ٿيا اڪسير،
محبت موهيا مير، حُسن جي هُٻڪار ۾.

 

جيم جنين کي ياد پيو جانب جو جنسار،
محبت جي ميخاني ۾ پل پل ڪن پچار،
جاڳڻ سندي جهد ۾، وحدت جا وينجهار،
ٻيائي ٻاري ٻار، غرق ٿيا گرداب ۾.

 

حي حرام هوڏ کي، ٿا کُوري ۾ کانئين،
صورت جي سردار کي صحيح سِر نائين،
اکيون اکين سامهون، عاشق اڙائين،
وهم وڃائين، بيرنگي جي رنگ ۾.

 

خي خوديءَ جي خيال کي، ٿا جوڳي جلائين،
لُدَني علم جي دور کي، پر ۾ پچائين،
”لاَ مَقٌصُودي“ لعل لَئي، ڳولائِي آهين،
وِرهه وسائين، ملڻ لاءِ محبوب جي.

 

دال ئون دلبر ديد ۾، اچي پڌرو ڪيو پاڻ،
”نَخٌنُ اَقٌرَبُ“ ناز سان، ڏنائين اهڃاڻ،
ظاهر وارن زير ڪيو، ڄاڻي پنهنجو ڄاڻ،
”محمّد“ سِرّ سڃاڻ، حڪمت ساڻ حبيب جي.

 

ذال ئون ذڪر ذات جو، وسارين نه وير،
محبت جي ميدان ۾، پرتئون ڀري پير،
دنيا فاني فڪر سان، ڏس رهي رَهندو ڪير،
هِتئُون ويڙا ڍير، هُتَئُون وريو ڪونه ڪو.

 

ري رباني راهه جو، رند پروڙي راز،
هڻي هُئڻ هوڏ کي، پڙهه نوڙت جي نماز،
ٻيائي وجھي ٻن ۾، پِڙ ۾ ڪر پرواز،
اجل جو آواز، سالڪ سڻن سير ۾.

 

زي زباني ذوق کي، ڇڏيائون ويهي،
نيڻن جي نيشان ۾، نهارينِ نيهي،
”وفي اَنفسڪم اَفلا تبصرون“ سڪندن ڪيو سهي،
پَر ۾ پاڻ پهي، نانگا نهارين ناٿ کي.

 

سين سلامي سڪ ۾، عاشق ٿيا اچي،
ڪڍي ڇڏيائون قلب مان، ڪوجهي ڳالهه ڪچي،
سمجھيائون صدق سان، صورت صاف سچي،
محبت منجھه مچي، پيهي ويا پاتار ۾.

 

شين شڪر ڪر شاهه جو، طمع ڪري ترڪ،
لالڻ جي لقاءَ ۾ ، ڪونهي ڪوئي فرق،
دلربا دلدار جو، ديدن منجھه درڪ،
وحدت واري ورق، ويجھو ٿي وصال کي.

 

صاد صبر جي سير ۾، سناسي آهينِ،
آڻيو آتش عشق جي، جيءَ ۾ جَڳائينِ،
بيخوديءَ جي بحر ۾، رنگ کي رچائينِ،
لاهوتي لاهين، باري بار صفات جو.

 

ضاد ضميري ذوق جو، ظاهر ٿيو ظهور،
ديرو دائم دوست جو، دل کان ناهي دور،
محبت جي ميدان ۾، پل پل پون پور،
ڏورج ڪيم ڏور، ”محمد“ مٺي منٺار کي.

 

طوئي طمع جي تال کي، سالڪ ڪن سهي،
وَحدت جي وَٿاڻ ۾، رهبر رَمز رهي،
دُوئي واري دام کي، ڇنن پاڻ پَهي،
لونءَ ۾ لعل لَهي، صاف سڃاڻن سچ کي.

 

ظوئي ئون ظاهر ذوق جو، عُشاقن اِرشاد،
برهه بيحد بين سان، اڱڻ ڪيو آباد،
قلب قادر ڪرم سان، شڪر ڪيو شاد،
باري بيشڪ باد، آيو عدم ملڪ کان.

 

عين عنايت عشق جي، عجب ٿي اسرار،
ڪجل ڪَيف ڪڪوريا، برهه جا بيمار،
ويا وحدت وچ ۾، خوديءَ جا خمار،
ظاهر ذوق زنار، من ۾ مسلمان ٿيا.

 

غين ئون غفلت غير کي، ڌوتائون ڌُڻي،
برهه واري بين ۾، انحد گهور سڻي،
وُجودي وينجھار کي، وحدت واٽ وَڻي،
عجب عين اَڻي، موهيو مشتاقن کي.

 

في ئون فوج فراق ۾، فائق ڪيا فضل،
عاشق اُڃ اُساٽ ۾، وَهسن لاءِ وصل،
تازا طلب تار جا، سيني تن طبل،
عجائب اصل، عاشق ٿيا امداد سان.

 

قاف قلب جي ڪُنَ ۾، گوهر ٿا به گھمن،
ساري رات سيج تي سورهيه ڪين سمهن،
”لاَ اِلٰہَ اِلاّ هُوٌ“ پَر ۾ پاڻ پَسن،
ڪنهن سان ڪين ڪَهَن، قيل قرب جي ڪار جي.

 

ڪاف ڪن ٿا ڪاپڙي، قرب وارو ڪم،
الف جي اسرار جو، ڌُڻي هڻن دم،
وٺن واٽ وِصال جي، وڃائي وَهم،
شاهنشاهي شَمُ، ديري ڏسن دوست جي،

 

لام لاهوتي لال ٿيا، اکين جا اَصيل،
وڃايائون وحدت ۾، دُوئيءَ جا دليل،
سِکن ساري سڪ جا، سبق ڪي قليل،
سُڃائِي سَبيل، سر ڏين ٿا سُونهن ۾.

 

ميم ملڻ جي من ۾، محبت مشتاقن،
گوهر گھڙي گرداب ۾، ٽوٻن جيئن ٽُٻن،
سِير سڃاڻي سچ جي، وحدت واٽ وٺن،
پر ۾ پاڻ پسن، آديسي اسرار کي.

 

نون نهارين نيڻ ٿا، اصل اويسي،
ڪُڇن پُڇن ڪينڪي، پورا پياسي،
ڪن اوتارا عشق جا، عَدم اداسي،
وِندر جا واسِي، سدا رهن ٿا سڪ ۾.


*  هن ٽيهه اکري جو متن منطوق محمدي، مطبوع الزمان پريس هالا تان ورتل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org