سڪندي سنگهارن ٿيس زي زوال،
جھڄڻ جھانگين جي وڌو جيءُ جنجال،
هليو ويو هِنٌئين مان خوشي ۽ خيال،
اَٺئي پهر آهي، گوندر ۾ گذار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
سدا سين سانگي سنڀاليو سڙان،
ملڻ وس نه منهنجي ويٺي هٿ هڻان،
وري جي ورق ڪو ته مارن مِڙان،
آهيان نِت نِيَر ۾، سوگهي سڀ ڄمار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
اَٿم شين شونٌڪو اولاڪو اَندر،
ڪڍان درد دل مان ٻاڪاري ٻهر،
وڃن وڻ ٻري سڀ جلي جوش ڀر،
پون ڪر پُڪارون اُڀن اوڇنگار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
رهي صاد صابر ڏکن تي ڏُکي،
ڪُڇي ڪين ڪُڻڪي، بَندي جي بُکي،
ويو حال وَس کان دونهان پيا دُکي،
نيڻان ڪين ڪيري سندي لُڙڪ لار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
ڪٿي ضاد دلدار سانگي سندم!
اچي بند بيگانا لکيا هي لڌم،
کَنڀي منجهھ ڪَرايُن ٻَڪر جئَن ٻَڌم،
اوسيڙو اُنِينٌ جو اٿم انتظار-
وڃايم وصل کي سڪي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
ڪهڙي طوئي طرح سين ملان ماڙيچن؟
آهيان قيد قابو بَندِي منجھ بَندن،
سِپون جئن سمنڊ کي سُڪيءَ ۾ سِڪن،
اکيون تئن اُڃايون پسڻ لئي پهنوار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
وٺي ظوئي ظلم سان آندي آءُ عمر،
ڪيم ڪَئِين ڪوڪارون سنڀالي سَڳَر،
جيڪس ويس وسري لڌائون ڪانه ڪَر،
انهيءَ گهور گهوڙا! وڌو جيءُ جنجار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
اديون! عين منهنجو، لکيو ايئن اڳي،
نه تان ڪير ڪوٽن گَهڙِي دَم تڳي؟
ڪريان ڪيئن قلم سان نه ٿو وس لڳي!
جو پر پٺ لکي ويا، لوڙيان ٿي لاچار-
وڃايم وصل کي سڪي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
ڪيس غين غمگين، عاجز اَڀاڳ،
پَٽيم فالنامو سِڪِي لئي سڀاڳ،
اڃا پئي پَسان ٿِي نِيرَ جو نِڀاڳ،
هَٽي ڪين هڪڙي لِکئي مان لَغار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
آهيان في فِڪر ۾ جيڪا هِت گَهڙِي،
وئي مون وِهامي، رُونٌدي راتڙي،
ڳَري منجهه ڳڻتين ٿي سڱريون سَڙِي،
جَڏي هن جيئڻ کان، مَران تان موچار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
ڪري قاف قادر ٿي راضي رحم،
پِنان ٿي پَلئي ۾ ڀلائي ڀَرم،
پَسِي پَٽ پٽيهر به نازڪ نرم،
ڪَنديس ڪين ڪارو کٿيءَ کي خوار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
ڪَٽي ڪاف وينديس لکيو جيئن هوندم،
نه ڪو به بهانو ڏوراپو ڏيندم،
لاٿم جي لوئيءَ کي، چري تان چُوندم،
سڀان منهنجي مارو ڪندا هت ڪُوار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
لهان لام لائون عمر! ڪيئن تو سان؟
سڀان راڄ رسندا مڙئي هُت مون سان،
وڃي گهوٽ پنهنجو پُرس اُو پسان،
ڏنو جو ڏاڏاڻن مون کي وَر ڀتار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
ملي ميم! توسين نه هِينٌئڙو گڏيان،
اَڌوٻنڌ اَباڻن نه ڇوڙي ڇڏيان،
جھنگل پاس جھُوپا وڃي اُت اَڏيان،
اَچي ڪين ڪوٽن قلب کي قرار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
نڱيس نون ننگ مان وطن کان ويس،
اچي ڏيهه ڏوراڻي پرائي پيس،
چري رات چوري ڪڪر تنهن ڪيس،
کِنوَڻ جا کنوي ٿي پهنوارن جي پار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
وُٺا واو وڏاندر مٿي ملڪ مينهن،
ٿيا سهج سانوڻ لٿا ڏُرت ڏينهن،
ڪري مورَ مکڻي پڪي پوک جيئن،
چڱا چونڪ چيهي ڪڍيا ڳم ڳٽار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
هتي هي نه منهنجو مرڻ ٿي گهران،
حياتيءَ هلڻ ٿئي، وطن ڏي وران،
کٿيءَ ساڻ کائر موٽي آءٌ مران،
کڻي ڪنڌ ڪلهي تي ڍڪينم ڌنار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
لڄا لام لوئيءَ جو پردو رهي،
ته ڪلمان شڪر جا ڪروڙين ڪهي،
”پَلي“ چئي پَنَهه جو عطا ڍڪ ڍڪي،
سڀان منجهه سرتين مَ ٿئي مون اُگهاڙ-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
الف آس مرن کي وڏي اي عمر!
ته مرنديس ملر آءُ وڃي وٽ وڳر،
ڀائر جي پٽن ۾ ڪندا مون قبر،
ڏيندم خير ختما پڙهيو سي پهنوار،
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
ڪريان يي يقينئون سٻاجهي سوال،
ماڙيچن سين منهنجي پَري پَت شال،
مٿي ”مَل محمود“ ڪر مهر ڀال،
پڙهي ڪوڏ ڪلمون ڇڏيان دنيا دار،
وڃايم وصل کص سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
لااِلہ الاالله محمد رسول الله
ٽيهه اکري: بسم الله جي ساراهه *
(چيل مرزا قليچ بيگ جي)
[مرزا قليچ بيگ جو پيءُ مرزا فريدون بيگ
اصل جارجيا (ايران) جو رهاڪو هو، جو لڏي سنڌ ۾ آيو
۽ حيدرآباد شهر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. جتي 1270
هه/1853ع ۾ مرزا قليچ بيگ ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي
علم ادب ۽ شعر و شاعري ڏانهن بيحد لاڙو هئس. نون
سالن جي عمر ۾ سنڌي ۽ فارسي شعر چوڻ لڳو. مرزا
قليچ بيگ ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ ۽ اعليٰ تعليم
بمبئي ۾ حاصل ڪئي. روينيو کاتي ۾ سرڪاري ملازمت ۾
گهڙيو، جنان ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽايرڊ ٿيو.
مرزا صاحب پنهنجي سڄي عمر ادبي خدمت ۾ گذاري، اٽڪل
300 کن ڪتاب تصنيف ڪيائين، جن ۾ دنيا جي بهترين
ڪتابن جا ترجما پڻ آهن. بهترين نثر نويس ۽ شاعر
هو. سندس ڪلام جو مجموعو ”چندن هار“ شايع ٿيل آهي.
علمي خدمت ڪري کيس شمس العلماء جو لقب مليو. سنه
1969ع ۾ وفات ڪيائين.]
الف
اوّل ڪلام، بسم الله.
بي بلند اَحترام، بسم الله.
تي
سان تعظيم مان پڙهڻ هردم،
ثي ثواب آهي عام، بسم الله.
جيم
جنّت ۾ جاءِ ڏي ان کي،
حي حمايت تمام، بسم الله.
خي
خدا خير سان ڪري اَنٌ تي،
دال دوزخ حرام، بسم الله.
ذال
جو ذڪر ذوق سان ڪريو،
ري رهي اَنٌ جو نام، بسم الله.
زي
ملي زاهدن کي عقبيٰ ۾،
سين سهڻو انعام، بسم الله.
شين
شاڪر ٿي شوق سان پڙهو!
صاد اوهين صبح شام، بسم الله.
ضاد
ضايع ڪريو نه پنهنجي عُمر،
طوئي ڇڏيو طمع خام، بسم الله.
ظوئي
ظفريات شل ڪري اَنٌ کي،
عين عالي مقام، بسم الله.
غين
غيرت ڏئيوَ دنيا ۾،
في فضل منجهه قيام، بسم الله.
قاف
قادر پياري حشر ۾ شل!
ڪاف ڪوثر جو جام، بسم الله.
لام
لاحول ڪن پڙهي ڪلمو،
ميم مومن مدام، بسم الله.
نون
نيڪن جان نفس ناقس سان،
واو وڙهجو وريام، بسم الله.
هي
سان پڙهجو صلواة اوهين،
يي سان يارو! سلام، بسم الله.
لا الہ الا الله محمد رسول الله
·
ٽيهه اکري: مناجات نبي صلعم
(چيل حاجي عبدالله ڊکڻ جي)
[حاجي عبدالله ولد محمد فقير ڊکڻ سومرو،
ڳوٺ الهرکيو جلباڻي، تعلقي نصيرآباد، ضلعي لاڙڪاڻي
جو رهاڪو هو. مختلف روايتن موجب 1870ع ڌاري ڄائو.
سنڌي، عربي ۽ پارسيءَ جو چڱو ڄاڻو هو، ۽ موسيقيءَ
جو به ماهر هو. ٻُٽ سرائي، تعلقي ميهڙ جي راشدي
پير ’شاهه محي الدين دوران‘ جو ريد هو. تنهن کان
سواءِ گهٽهڙ ۽ نئين ديري جي پيرن جو به معتقد هو.
سندس ڪلام گهڻو ڪري مداحن، مناجاتن ۽ ٽيهه اکرين
تي مشتمل آهي. شعر ۾ پاڻ کي ”لنگهو“ به چيو اٿس.
سنه 1930ع ڌاري وفات ڪيائين. هتي سندس چار ٽيهه
اکريون ڏجن ٿيون، جن ۾ هڪڙي ’نئين ديري‘ وارن پيرن
جي شان ۾ چئي اٿس.]
(1)
الــــف انــــدر ۾ آسَ، مـــحـــمّــــد!
دل ۾ عشق اُداسَ، محمّد!
پل پل تنهنجي پياس، محمّدا!
بـــي بَـــديــــن جــــا بــــارَ
مــحــمّـد! لاهه سگهو سردار!، محمّد!
مُلڪن جا مختيار محمّد!
تــي تـن تـانـگهـه تنوار، محمّد! لُنٌوَ
لُنٌوَ منجهه لغار، محمّد!
محبت ڪيو مسمار، محمّد!
ثــي سِــڪ ثـابـت سـوز، محمّد! ذوق ذڪر شب
روز، محمّد!
دل کي ڪر افروز، محمّد!
جــيــم جـــيــارج جـــان، مـــحـمّــد!
دُهرو ڏيارج دان، محمّد!
ڪامل ڏج ايمان، محمّد!
حــي مــون هــيڻــو حــال، مـحمّد! سڻج
سٻاجها سوال، محمّد!
ڪر ڀلائي ڀال، محمّد!
خي خوش دل کي ڪار، محمّد! تار منجهان ڪر
پار، محمّد!
پنهنجو ڏيهه ڏيکار، محمّد!
دال دکــن کــي ڪَـٽ، مـــحـمّــد! بخت سندو
در پَٽ، محمّد!
گهَٽ نه ڪا تو وٽ، محمّد!
ذال ذڪــر ســـڻ مـيــر، مــحـمّــد! مشفق
ماهه منير، محمّد!
پيار کلي کنڊ کير، محمّد!
ري رس لــــڳ الله، مــــحــــــمّـــــد!
ور وسيلا واهه، محمّد!
نُوري ڪر نگاهه، محمّد!
زي ٻـــڌ زاري عـــرض، مــحـمّــد!
عرض سندو ڪر
غرض، محمّد!
قرض دفع ڪر مرض، محمّد!
ســين ســڻـــي فـــريـــاد، مـــحـمّـــد!
صالح ڏي اولاد، محمّد!
منهنجي ڪر دل شاد، محمّد!
شــيـــن شــڪــر دلبنـد، مـحــمّــد! ڏيار
سگهو فرزند، محمّد!
فهم فضيلت مند، محمّد!
صـــاد صــــــبــر آرام،
مـــحـــمّــــــد! بهرو ڏي انعام، محمّد!
مطلب ڪر تمام، محمّد!
ضـــــاد ضــــــمــــــا امــــان،
مــحـمّد! شرف ڏيو مون شان، محمّد!
اوجاريو ايوان، محمّد!
طوئي ٿم طلب خيال، محمّد! واحد لڳ وصال،
محمّد!
پاڪ سُڀاءُ جمال، محمّد!
ظــوئـــي ظـــاهــر حالات، محمّد!
ڪَن ڪر هِي
ڪلمات، محمّد!
|