سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :29

قاف ئون قيدي قرب جا، موٽڻ تن محال،
مڙيوئي معلوم ٿيو، آديسين احوال،
”يُحِبُهُم يُحِبّونہ“، نانگا ٿيا نهال،
واصل ٿين وصال، پردا تن پري ٿيا.
 

ڪاف ئون ڪامل ڪينڪي، ورد وسارين،
ٻاري مچ مجاز جا، کاهوڙي کائين،
”المجاز قنطره الحقيقت“، ٻارڻ ٿا ٻارين،
جيرا جلائين، جوڳيڙا جوش ۾.
 

لام ئون لاهوتين جي، ڪهڙي ڪريان ڳال!
ڪنهن سان ڇُلن ڪينڪي، مرد نه ڪن مقال،
”وَصٌبِرٌ عَليٰ ما يَقُوٌلُوٌنَ“، چڱي تن جي چال،
حاصل في الحال، واصل تن وصال ٿيو.
 

ميم ئون محبت من ۾، سامين ڪيو سير،
ڪُن اندر ڪاهي ويا، ڪُپيريءَ ۾ پير،
”فَاتّبِعونِي يحِبٌڪمُ الله“، ڀونءِ لڌائون ڀير،
ڪاهي ٻيو ڪير، سامِين سواءِ سڃ ۾؟
 

نون ئون نانگا نڪري، ننگئون ٿيا نروار،
باقي ٿيا باالله سان، پهتا وڃي پار،
”وَمَا ڪانَ اللهِ لِيُعَذِبُهمٌ وَاَنٌتَ فِيٌهِمٌ“ جوڳين جا جنسار،
ڀڄي ٿيا بيزار، جوڳي هن جهان ۾.
 

واو ئون ويراڳِين وريو، وَجٌهُه الله ورق،
خلق جا خالق جي، همہ ڄاڻن حق،
”اَحٌسَنُ ڪُلّ شَيءِ خَلَقَةٌ“ سامين آهه سبق،
دل ۾ تن دَرَڪٌ، هميشہ آهن حق جا.
 

هي ئون هردم حب ۾، محبتي مخمور،
پَسيائون پرور جو، نورٌ عَليٰ نور،
”لاَ خَوٌف عَلَيٌهِمٌ وَلاَ هُمٌ يَحزَنُوٌن“، سچن ڪونهي سور،
برهه ڪيا ڀرپور، سيهي منجهان سون ٿيا.
 

لام ئون لامڪان ۾، ساڪن اندر سير،
”هُوٌ هُوٌ“ سان گڏيا، فاني ٿيا فقير،
”ڪُلّ شَيٌءِ يَرٌجِعُ اليٰ اَصٌلِہٖ“ تن کي زور زنجير،
ساڙي ساهه سرير، واصل ولايت جا ٿيا.
 

اءلف ئون انهيءَ جُوءِ ويا، محبت جاٿي ماڪ،
آديسين جي اندر ۾، الک ڪئي اوطاق،
”اَلاِنسانُ سِرّيٌ وَ اَنا سِرّه“ تاڙيون ڀڄن تاڪ،
چوگان جا چالاڪ، گوءِ کٽي غازي ويا.
 

يي ئون يگانا ٿيا، واحد سان وصول،
لٿن حرف حساب جا، معاف ٿين محصول،
”يُبَدّل الله سَيّاَتِ هِمٌ حَسَنَاتُ“ مولي ڪَيِن مقبول،
 مرد ٿيا مشغول، ڪلمي ساڻ ”ڪمال“ چئي.
            لاالہ الا الله محمد رسول الله

 

ٽيهه اکري: ليلان

 

(چيل مل محمود پليءَ جي)

[مل محمود ولد طالب درس پلي، تيرهين صدي هجريءَ جي آخر (1280 – 1290هه درميان) ۾، ڳوٺ حاجي عبداللطيف پلي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. عوامي شاعرن ۾ مٿانهين درجي جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام مان ڇپيل ڪتاب ”ليليٰ مجنون“، ”مجمع المجائب“ ۽ ”نصيحت انساني“ مشهور آهن. 1347 هه/1928ع ۾ وفات ڪيائين. هتي سندس ٽي ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون.]

 

(1)

الف عيب مون ۾ ڪروڙين ڪچا،
ميٽي ڏوهه مديون صفا ڪر سچا!
وسيلو ولهن جو ٿي باري بچا،
لڄا هن لوريءَ جي مٿي تو مدار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.

 

بي ئون بوڇ بديون ڪچا ڪم ڪيم،
ڏٺم لوڪ مهڻا پلئي سي پيم،
مڻٖئي تنهن مُٺٖي کي کلي ڇو کنيم؟
ويٺيس ور وڃائي ڀليرو ڀتار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.

 

تي ئون توهه توکان مڱاڻ ٿي مهر،
تون ڪر ڪانڌ! مون تي وسيلا وهر،
ڍڪي عيب اگلا بديون بد نظر،
اچي مِل مُٺيءَ کي هلي هيڪ وار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.

 

ثي ئون ڏوهه ثابت، نه تنهن ۾ فرق!
گرفتار آهيان کُنہ ۾ غرق،
ڪريان ڪانڌ ڪهڙو مُٺي آ مرڪ؟
پَسيو پاپ پنهنجا ٿيان شرمسار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.

 

کِلن جيم جيڏيون مڙئي مون مَٿا،
وئي ڳالهه ساري هَلِي مون هَٿا،
ڀرم ۽ شرم جا ليئا سڀ لَٿا،
ڪيس هار هڪڙي خلق ۾ خوار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.

 

حي ئون حال ههڙو تڏهن مون ٿيو،
ڪوڙي ڪچ ڪنگڻ سين قرب مون ڪيو،
مَٽٖي ڪانڌ مون کي، ڪونٌروءَ گهر ويو،
انهيءَ سور ساڙي اندر ڪيو اڱار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.

 

ايها خي خبر مون جي پهريائين هوءِ،
ته ڪا ڪوڙ ڪونٌرو ڪندي مون سين ڊوهه،
وجهان ڌوڙ مڻيٖي، ڪريان هار ڪوهه؟
نه پيم پروڙا، مُٺي آ مڪار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هل آءُ هيڪار.

 

دغو دال دل ۾ ڪونٌروءَ کي ڪُپَت،
نه سمجهڻ ۾ آئي ايها مون اُبَتِ،
ته ڪا ويڙهه وجهندي هي کاڻي کپت،
ڪندي مڙس مون کان ڇني دوست ڌار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.

 

ذڪر ذال ظاهر ڪڄاڙو ڪري،
سڄڻ! تو سڻايان پڌر آ ڌري،
مڙئي حال معلوم ڳُجهه تو ڳَري،
ذرو ناهه توکان لڪل ڪا لغار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.

 

ري ئون ريب ڪوڙي مڪر آ مُٺي،
ڌوتين مون ڌتاري وييون ور وٺي،
ڏهاڳ ۽ ڏکن جي چنيسر چٺي،
دليئون داسڙي اڄ مُڪي محب ميار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.

 

زي ئون ظلم زورو مون سين اڄ ماتام،
بنا ڪانڌ ڪاڙهو ڏٺم ڏينهن قيام،
چنيسر چَلِي ويو ڪري بدنام،
رکي حرف هيڏو مٿي مون ميار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.

 

سوين سين مان ڏي حرف ۽ حساب،
ڪنهين قول سگهّان نٿي بهشت باب،
اهڙا ڪم ڪيا مون، لائق آ عذاب،
پنهنجو وڙ سڃاڻي ستر ڪر ستار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.

 

شقي شين شيطان مون کي مُٺو،
لڳي نفس چئي مون ڪيو ڪم جُٺو،
مَ ڪر ڪانڌ! مون کي تون فائق ڦٽو،
ته ڀي لڄ تنهنجي، جيٖ آ عيبدار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.

 

سکر صاد صالح جي هاتڪ هجن،
چڱن کان چڱايون ڀلايون ٿين،
مدن جون مدايون مَ ڪر ڪانڌ ڪَن،
پنهنجو پاڻ پس تون، نه مان ڏي نهار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.
 

ويو ضاد دل مان عقل ۽ شرم،
اچي پيش پيا مون ملامت مرم،
حيا لڄ لياڪا ڀڃي سڀ ڀرم،
ٿيس آ اگهاڙي ڍڪين تون ڪيار!
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.
 

طوئي ئون لب طمع جي موهي ماريس،
ههڙي ور ڀلي کان خجل کاريس،
ڪاڻياري ڪونٌروءَ جي قضا ڪاريس،
نه تان اڳ عقل ۾ هيس هوشيار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀترا!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.
 

هيس ظوئي ظلم ۾ تڪبّر تڙي،
نه تان سيج ڪونٌرو ڪڄاڙو چڙهي؟
مون سين انگ ازل جو لکيو پيو لڙي،
ڀريا اُلٽ پُلٽي قضا هي قهار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.
 

عمر عين مون کان ڪچا ڪم ٿيا،
نه مون نيڪ صالح عمل ڪي ڪيا،
وٺي ميڙ مصحف آندم تو اڳيا،
محابي محمّد ڪو واءُ فضل وار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.
 

آهيان غين غم کان نه واندي ذرو،
سُڄي ڏينهن ڏاڍو قيامت ڳرو،
ڪرين شال قادر! تون هادي هرو،
سڻي لڳ ڪلمي ”پليءَ“ جي پڪار-
سڻي سوال منهنجو ڀليرا ڀتار!
اڱڻ عاصين جي هلي آءُ هيڪار.
             لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

·

(2)

ٽيهه اکري: سهڻي

 

الف اکر هيڪڙو، پڪو ڪيم پڙهي،
هي محل ماڙيون بنگلا، ڊاهي ماڳ مڙهي،
وينديس ساهڙ سامهون، بانڪي سر چڙهي،
اسين آهيون حر حسيني، اُڀيون ڪين اَڙي،
هيڪو دم گهڙي، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

بي ئون رهه بس ڪري، ڇڏ زال! ايها زوري،
ساهيٖين ڪَرُ ڪانڌ سين، ڪهڙي لڄ لوري،
ماڻهو ڏيندءِ مهڻا، چوندءَ لوڪ ڀوري،
توکان سيئي سڦرا، جي ٿرن جا ٿوري،
ڪئن ناحق ندوري! ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!
 

تي ئون تات پرينءَ جي، مون کي لات مٿي لات،
ڏينهن سڄو ڏکن ۾، رُوندي وڃي رات،
ڪڇ اندر ڪانڌ جي چُپ نه اچي چات،
تن سَنڀارن سک ڦٽايو، هوءَ جا چڙن جي چُڻڀات،
ساهڙ بنا سعت، ڏم!  توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

ثي ئون ثابت حق جي، ڪر سوجهي ڳالهه صحي،
ايءُ امره نفسي جو، ويندءِ وهه وهي،
گهڻا هڻندينءَ هٿڙا، ڪُنن پاس پئي،
مِرُون مڇ ڪيترا، سُڄن ڪَڇائُون ڪئي،
تون کُٽيءَ آهين کنئي، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!
 

جيم ئون جني ڇڏيو، سانگو سندو ساهه،
مِرُن ۽ مَڇن جي، ڪهڙي تن پرواهه!
نڪي مُڙن موت کان، نه دَهلن ڀر درياهه،
وينديس اسهڙ سامهين مر لڳن سيانڊاهه،
هو حبيبن هُڳاءُ، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

حي ئون ڀر حق جي، ڊڄ خدا جي ڊاءِ،
ڏيئي نشو نفس کي مُٺي! ڪيم مچاءِ،
”توبوا اِلي الله“ تن سين، هڻي هنئين لاءِ،
اَڙيا جي اسلام جا، سي واري هنڌ وساءِ،
توکي اجل کنيو آهه، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!
 

خي ئون خبر منهنجي سڻ ڪانڌ! ڏيئي ڪَن،
ته جڙيو اَٿم جانيءَ سين، ميخون هڻي مَن،
ماسوا محبوب جي، ڌوڙ مڙوئي ڌَن،
هوت ڌاران حياتي، نه کپي ڏينهن کن،
منهنجو ساهڙسين سخن، ڏم! تو سين ڏينهن نه اُلهي.
 

دال ئون ڏس ديواني، عقل کان بطال!
لاهيو لڄ لياڪا، ڇاکي ڏئين ڇال؟
توکي کُٽيءَ خراب ڪيو، نشو ڏيئي نال،
رات ڏينهان روغن جي، من تي مونجهه مقال،
ايڏا تنهنجا خيال، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!
 

ذال ئون ذات چکيوم، کٽاڻ منجهان کير،
سمن، روغن گهوريا، ماکيون شڪر، شير،
ور منهن محبوب جو، جنهن ڏٺي دل سڌير،
عجيبن جي عشق جا، قابو کُتم ڪِير،
منهنجي ساهڙ ڏانهن سير، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

ري ئون رهزن ريڏي، سن عَرض همارو،
اڳيان ويندءِ وهه، وسريم ايءُ خوشي خمارو،
جت ڪاري رات، ڪُن گهڻا، پوي سيءُ پارو،
وِچُو، واڳُو، لُڌڙا، مانگر ڪن مارو،
ايڏو تنهنجو سپارو، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!


* هن ٽيهه اکريءَ جو متن ”مجمع العجائب“ مطبوع ليٿو پرنٽنگ پريس ڪراچي، سنه 1359هه، تان ورتل آهي.

*  هن ٽيهه اکري جو متن ”مجمع العجائب“ مطبوع ليٿو پريس ڪراچي، سنه 1359 هه تان ورتل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org