سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :8

الف اندر ۾ آس گهڻي، پرين جي آ پياس گهڻي،

من ۾ اور اُڪاس گهڻي، من ڏکن جي منجڻ ڊهي،

سورن جو ڪو سج لهي.

بي بس باندي سسي ڪيئن ڪن، سڄڻ جني جا سانگ وڃن،
سرتيون سي ڪيئن سک سمهن، درس هئا مون درد اهي،

سورن جو ڪو سج لهي.

تي ٿم طلب تني جي تار، برهه چاڙهيو آ جن تي بار،

نانگا نينهن ڪيا نروار، پرينءَ بنا دل ڪير پهي،

سورن جو ڪو سج لهي.

ثي ٿم ثابت سڪ سراڻ، پوڪاريان ٿي ڪيچين ڪاڻ،

الله تن کي اوري آڻ، گولي تن سان گڏ وهي،

سورن جو ڪو سج لهي.

جيم جلي ٿو جان جگر، پرين ٻاجهون آهي پٽ پڌر،

ماڙيون بنگلا ڪوٽ ڪلر، تن ري ساعت ڪانه سري،

پرور تن کان ڪو نه پري.

حي ٿيو هيڻو منهنجو حال، جانب ڌاران جئڻ جنجال،

والي تنهن سان ڪرين وصال، من ڪو قضا جو قلم وهي،

سورن جو ڪو سج لهي.

خي ٿم خطرو خيال اهو، ملي ملڻ جو وقت ڪِهو،

سڄڻ ڇني ويا سڱ سِهو، ڳڻتي ۾ ٿو ساهه ڳهي،

پرور تن کان ڪو نه پري.

دال درد جا دود دکن، من ۾ محبت مچ مچن،

آڳ اندر ۾ اُلا اُٿن، تن ري ساعت ڪانه سري،

سورن جو ڪو سج لهي.

ذال ذري جو ناهه قرار، ڀڃي ڪيو آ نينهن ندار،

والي واءُ وصال جو وار، دم دم جن لئي دل گهري،

پرور تن کان ڪر نه پري.

ري ٿم راحم ربّ خدا، سائين! سڪندن کي نه سڪاءِ،

لهريون لوڏا لڪ لنگهاءِ، ڪوڪان جن لئي قلب ڪري،

پرور تن کان ڪر نه پري.

زي ٿيس زور ضعيف جڏي، سورن ساڙيم هڏ هڏي،

اٿم اميد آس وڏي، برهه جني تي باهه ٻري،

پرور تن کان ڪر نه پري.

سين سڄڻ کي ساهه سڏي، گولي ويندا نيٺ گڏي،

ڇوري ويندا ڪين ڇڏي، وهان تني سان گوڏو گڏي،

پرور تن کان ڪر نه پري.

شين شفاعت ڪر شفيع، عربي احمد ڄام رفيع،

دوست خدا جا محب مليح، حامي ٿيءُ ته حشر ٽري،

پرور تن کان ڪر نه پري.

صاد صبر جي سرڪي پيار، محب ملائي اندر ٺار،

قبر حشر ۾ لهج سنڀار، قادر لڳ اچ قدم ڀري،

پرور تن کان ڪر نه پري.

ضاد ضلالت ڏور ڪيو، چاڪن ماري چاڪ ڪيو.

درد ڌکيءَ جا دور ڪيو، هوت ملڻ هيانء ٺري،

پرور تن کان ڪو نه پري.

طوئي تُرهو توڪل جو، تڪيو مدني مرسل جو،

حضرت هادي اڪمل جو، سڏيان تن کي سُڏڪا ڀري،

پرور تن کان ڪر نه پري.

ظوئي ڪيم ظاهر حال ڪُلئي، ڀلو ڪندو مون تي ڀال ڪُلئي،

سيّد! ٻُڌو هي سوال ڪُلئي، ٻانهيءَ تي اڄ ٻاجهه ڪري،

پرور تن کان ڪر نه پري.

عين عجيبا عرض اگهاءِ، موليٰ ڪارڻ محب ملاءِ،

مرڻ مهل ۾ پاڻ پساءِ، قادر لڳ اچ قدم ڀري،

پرور تن کان ڪر نه پري.

غين غرض ڪر پورا ڪل، سائين عرض سمورا ڪل،

جهڙو تهڙو لائو لُلُ، ڏنگو ڏوهاري لچ لڄي،

آيس تنهنجي در ڀڄي.

قاف قريشي ڪرم ڪريو، شان حيا ۽ شرم ڏيو،

هٿئون منهنجي وقت ويو، عمر وڃايم مفت سڄي،

آيس تنهنجي در ڀڄي،

ڪاف ڪيا مون ڪم ڪچا، لکين لچايون ڏنگ ڏَچا،

باريءَ لڳ تون ڪر بچا، هيءَ حياتي ويم هڄي،

آيس تنهنجي در ڀڄي.

لام لڪن تي لطف ڪيو، حامي حضرت پاڪ ٿيو،

هاديءَ لڳ مون هٿ ڏيو، اچي جڏهن منهنجي کٽ کڄي،

آيس تنهنجي در ڀڄي.

ميم مدني مرسل مير، سگهو پهچائيندين سيّد سير،

پاڪ پيغمبر مرسل مير! من مرادون ڪل پڄاءِ،

پرور لڳ تون پار پهچاءِ.

نون نبي تون نرمل نُور، سارو ڪيڙو حال حضور،

درد دکيءَ جا ڪندين دور، وصل واري واڳ وراءِ،

پرور لڳ تون پار پهچاءِ.

واو ولهيءَ تي واهر ڪيو، ذوق ذڪر جا ظاهر ڪيو،

ڪٽ قلب تان ٻاهر ڪيو، ڪلمي وائي وات پڙهاءِ،

پرور لڳ تون پار پهچاءِ.

هي ٻُڌ منهنجي هوت هڪل، لائق ڀريا لهجو ڪَل،

خطرا الاهي خوف خلل، نفس رليو ٿو نفس رلاءِ،

پرور لڳ تون پار پهچاءِ.

لام لطف جو ليئڙو پاءِ، سرهي سندءِ راهه بتاءِ،

بيخ ڪفر جي جلد پٽاءِ، منڪر، ملحد، مرتد مار،

سيّد پنهنجو دين سُڌار.

الف انهن کي انڌو ڪر، دين ڪفر جو سنڌو ڪر،

کَر کٻڙ سر خندو ڪر، ڦِريا جيڪي خنجل خوار،

سيّد پنهنجو دين سُڌار.

يي تون يار يتيمن جو، سڻي عرض ضعيفن جو،

ڪندين غور غريبن جو، سڀ جو سائين عرض اُناءِ،

پرور لڳ تون پار پهچاءِ.

دانهن ”دلاور“ واري تون، ڪر قبوليت ساري تون،

ڪلمي سان ڏي ياري تون، شاهه عرب جو شان وڌاءِ،

پرور لڳ تون پار پهچاءِ.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

ٽيهه اکري: نصيحت

(چيل شاهه محمد ديدڙ جي)

]شاهه محمد ديدڙ، ميرن جي آخري دور ۾ ڳوٺ ديدڙ تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. مشهور شاعر ”حسين فقير ديدڙ“ سندس نانو هو. هُن وقت جي ضرورت مطابق علم پرايو ۽ درس تدريس ۾ مصروف رهيو. 16 رمضان 1309هه/1892ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام گهڻو آهي جنهن ۾ مولود، مدحون، خطبا، معجزا، حڪايتون، ٽيهه اکريون ۽ جنگ نامو شامل آهن. ٽيهه اکريون جيتريون شاهه محمد چيون آهن اوتريون شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر چيون هجن. هتي سندس چار ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون.[

 

(1)

الف اُٿي تون چرخو چور، آڌيءَ رات الله سان اور،

ترت طلب جي تسبيح سور، نفس ٿيو ٿِي ظالم زور،

ڪوڙا! ڪان پوئي ٿي ڪل،

هي جڳ جاني! ٿِي چل پل.

بي ڪر بندا غفلت ڦِٽي، ماڳ اَصل کؤن تنهنجو مِٽي،

حرص هوا جي گهُم نه گهِٽي، چشم چتائي کڻ تون چِٽي،

ايندءِ موت ادا اڄ ڪل،

هيءَ جڳ جاني! ٿِي چل پل.

تي تون پنهنجو پاڻ سڃاڻ، مانۡجهاندي جو آنۡ مهماڻ،

هِي نه وِهڻ جو ڄاڻ وٿاڻ، ڀائر سؤٽ نه هلندءِ ساڻ،

اهڙيءَ اوکي موت مهل،

هي جڳ جاني! ٿِي چل پل.

ثي تون ثابت سندرو ٻَنڌُ، هي نه رهڻ جو هرگز هنڌ،

سامي سوڙهي سُڃَ جو پنڌ، لاهي اَڄُ ئي اهڙو انڌُ،

هستي، دوس! دسايا دَلَ،

هي جڳ جاني! ٿِي چل پل.

جيم جهان ڇڏيندين نيٺ، آخر ويندين ڌرتيءَ هيٺ،

جن سان تنهنجي ڏاڍي ڏيٺ، چلندي مهل نه ڪندءِ چيٺ،

هلندءِ ساٿي نيڪ عمل،

هي جڳ جاني! ٿِي چل پل.

حي حق مرڻ مناسب هت، ڀَڃُ دُئَي جي دانَهه ڀِت،

ٿانۡهَرَ واري ٻَنڌ مَ ٿِتِ، ذاتي ذوق چکائج چِت،

ٻيا ٿئي ڪوڙا خام خلل،

هي جڳ جاني! ٿِي چل پل.

خي خائق ٿي خوف وڃاءِ، مَن کي ”مُوتُواقِبۡل“ مڃاءِ،

آدم واري پرت پچاءِ، خيال خدائي خاص ڪماءِ،

لاهه لِڪڻ جي غافل گَندي،

رند پروڙج رستو رندي.

دال دُئيءَ جو وجهه مَ دام، ڄاڻج خيال اهو ٿئي خام،

”خلق الاَدم“ جو اعلام، ساڳي صورت ساڳو نام،

ناهين سِرائي، ناهين سنڌي،

رند پروڙج رستو رندي.

ذال ذڪر ڪر دم دم ذاتي، چَپَ چپن ۾ چُپ چُپاتي،

لنگهي عدم کان ٿي اثباتي، پاڻ سڃاڻج پائي جهاتي،

هرگز مغل نه آهين هِندِي،

رند پروڙج رستو رندي.

ري راسخ ٿي راز پَڇاڻ[2]، رمز انهيءَ ۾ روح رهاڻ،

محبت ۾ تون موجون ماڻ،ڪوهه ڪڍين ٿو ڪنهن جي ڪاڻ؟

بات انهيءَ ۾ آهه بلندي [3]،

رند پروڙج رستو رندي.

زي زمانو ظالم زنگي، دم دم تنهنجي ڳالهه دورنگي،

ڪڏهه سُڃائي ڪڏهن ڪلنگي، ڪنهن دم رومي ڪڏهن فرنگي،

سڀ ڪنهن ساڻ نه دنيا هلندي،

رند پروڙج رستو رندي.

سين سدا رهه سالم صاف، هڻ نه ڪنهين سان لاف گزاف،

هستي جو ٿي خيال خلاف، مُوتُوا ماڻ ته سڀ ٿئي معاف [4]،

دل ڪر ذوق انهيءَ سان زندي،

رند پروڙج رستو رندي.

شين شريعت سان کڻ پير، وک وک تي تون فڪر نه ڦير،

آئين ڪاڏَهُنۡ، آهين ڪير؟ ٿيندين نيٺ مٽيءَ جو ڍير،

لڏڻو ٿِي تان هاڻي لَڏ!

جاءِ اڳي ٿِي سا نئي اَڏ!

صاد صلاح ڪري ڏس سائين! هوڏنهن حضرت آدم تائين،

ڪنهن نه ٻڌي هن جڳ ڪائين، موڳا! تون ٿو محل اَڏائين،

کُهه وجهه ڳالهيون هي سڀ کڏ،

جاءِ اڳي ٿِي سا نئي اَڏ!

ضاد ضرور آ هتان هلڻو، ساڻ مٽيءَ جي رِلمِلِ رلڻو،

مُورؤن مَلَڪَ نه ڏيندءِ اَلڻو، پوندءِ سور سڀو هُت سلڻو،

جند ڇڏائڻ پوندءِ هَڏ،

جاءِ اڳي ٿِي سا نئي اَڏ!

طوئي طلب وڄي نت نعرو، موت سندو آ مَلڪن مارو،

ڄاڻ وريو سر تنهنجي وارو، سهندين ڏينهن سِڌاڻو سارو [5]،

اهڙي غفلت لاهي ڇڏ،

جاءِ اڳي ٿِي سا نئي اَڏ!

ظوئي ظالم ندورو، هرگز ڀانئج ڪين سَدورو،

تنهن سان ويهي ڪر نه وندورو، هَي هَي! هلندءِ هتؤن هندورو،

گوش انهيءَ، گفتارو ڇڏ [6]،

جاءِ اڳي ٿِي سا نئي اَڏ!

عين عقل سان پَٽِ تون عَينَ، نفس نحس کي هڻ نَعۡلين،

روئي گذارج ساري رين [7]، اَجل اَچي ٿو ٻُوٽيو نين،

تنهن ڏيندين ڪهڙي تَڏ؟

جاءِ اڳي ٿِي سا نئي اَڏ!

غين غريبت ساڻ گذار، سخت ڌڻيءَ جي آ سرڪار،

آخر هلبو تنهن درٻار، هيئن نه اجل جو وقت وسار،

هلندين هاڻي يا تون هيل،

پنهنجو پاڻ سڃاڻ سويل.

في فنا هي جڳ جهان، آڳ جو سعيو ڪج سامان،

ملڪ الموت سُجهي مهمان، سِر تو سوار مثل سروان،

آڪڙ ڌار نه ٿي اڻگيل،

پنهنجو پاڻ سڃاڻ سويل.

قاف قبر جي آ ڀُلِ ڀِيڙ،“ ڏاڍو ڀَؤ ڀُلڪار ڀَڪِيڙ،

ٿيندءِ هَڏ پَڻي منجهه پِيڙَ، ڪان ڇڏيندءِ چُرندي چِيڙ،

ووءِ ووءِ ڪندين تون تنهن ويل،

پنهنجو پاڻ سڃاڻ سويل.

ڪاف ڪنبي کڻ قدم قهر کؤن، پلپل تون ڊڄ پوئين پهر کؤن،

سُرڪ اَجل جي تلخ زهر کؤن، خائف ٿي تان لنگهين لهر کؤن،

چست عبادت جي ٻَڌ چيلهه،

پنهنجو پاڻ سڃاڻ سويل.

لام لطف سان لنگهه تون لوڏا، گوهر کوڙ شرع تي گوڏا،

عمل عجائب ايندءِ اوڏا، گسندءِ پير نه ڏکندءِ ڏوڏا،

ٿيندين سست، جهليندين سيل،

پنهنجو پاڻ سڃاڻ سويل.

ميم متابعت مٿي ماڳ [8]، سنجهئي سنڀري رهه سجاڳ [9]،

تان نه ڏسين تون ڏيهه ڏهاڳ [10]، ڪوڙ ڇڏي گڏ سچ سهاڳ [11]،

جاهل سان تون ٻڌ نه ٻيل،

پنهنجو پاڻ سڃاڻ سويل.

نون نگاهه نه ٻئي ڏي ڪر، دل جي آس ڌڻيءَ تي ڌر،

وڃ نه اوتاري ٻئي ڪنهن در، گهوٽ گذارج پنهنجي گهر،

وڃ نه تون ڪنهن ٻئي وٿاڻ،

ڪامل! ڪڍ نه ڪنهن جي ڪاڻ.

واو [12] وسيلا ٻيا وجهه ٻَن، ڪوڙيون ڳالهيون ڪر ناڪن،

مستي محبت جي رک مَن، جئري جيءَ جلايا جَن،

تن سان روئي ڪر رهڻا،

ڪامل! ڪڍ نه ڪنهن جي ڪاڻ.

هي هر مظهر ۾ ڏس حق، ”شاهه محمد“ ٽوڙج شڪ،

ڏک ڏسي تون ڏرمَ ڏڪ، پنڌ ڪندو وڃ، ٿِڙُ نا ٿَڪ،

خارج خطرا خيال نه آڻ،

ڪامل! ڪڍ نه ڪنهن جي ڪاڻ.

لام لطفن جا در کول [13]، ذاتي اسم تون ويهي ٻول،

سيني ۾ تون ساجن ڳول، جهاتي پائي ڇاتي ڦول،

رمز رَبُّوبِي پَس پرياڻ،

ڪامل! ڪڍ نه ڪنهن جي ڪاڻ.

الف اهو ٿي رستو راهه، دم دم سان پڙهه اسم الله،

وجد ڪري ڏس وحدت واهه، پاڻ وڃائي ٿيءُ پساهه،

سالڪ ٿي هي راز سڃاڻ،

ڪامل! ڪڍ نه ڪنهن جي ڪاڻ.

يي يڪ يار سڃاڻ سَهي، ويهي ڪين وڃاءِ وَهي،

خيال خدائي رک رهي، پڙهه تون ڪلمون ڪوڏڪهي،

جُرم صغير ڪبيرا ڇاڻ،

ڪامل! ڪڍ نه ڪنهن جي ڪاڻ.

لا اِلہ الا الله محمد رسول الله

(2)

ٽيهه اکري: مجازي، ڪانگل جي هٿان پيغام [14]

الف کيانتل! اڏري وڃ، ڪانگل! آزي منهنجي مڃ،

توکي ڪالهه رنڊايو ڪڃ، ڀيرو ڪين پرينءَ ڏنهن ڀڃ،

اُڏري اڄ خبر ڪا آڻ،

تان ٿئي منهنجي روح رهاڻ.

بي تون ٻڌ برهه جي بات، هيئن لئج تون لالڻ لات،

روئي ڪالهه گذاريم رات، وائي جانب جي ٿم وات،

ڪج ڪا مون لئي واٽ وراڻ،

تان ٿئي منهنجي روح رهاڻ.

تي تون کيانتل! ٻول کُلي، حال حقيقت ڪجئين ڪُلي،

هيءَ جا ٻانهي آڻ مُلِي، رويو راهه نهاري رُلي،

ائين وڃي چؤ منهنجي ڪاڻ،

تان ٿئي منهنجي روح رهاڻ.

ثي تون ثابت کٽ ثواب، لاهه عشاقن سر عذاب،

وڃ تون شائق ڪاڻ شتاب، روئي اکين اوتيم آب،

آڻج منهنجو ساجن ساڻ،

تان ٿئي منهنجي روح رهاڻ.

جيم جدائيءَ ڳاري جان، هي هي! هت گهمان حيران،

ڪانگل! ڪُل ئي ڪج بيان، سرڙو پيرن تي ڌر جان،

پوءِ پرين مَن پُڇن پاڻ،

تان ٿئي منهنجي روح رهاڻ


[1] . هن ٽيهه اکري جون روايتون اُتر مان محمد عالم عباسي (اوٻاوڙو)، محمد صالح (سکر)، الهداد چغتائي، فتح محمد ۽ عبدالڪريم سنديلي (لاڙڪاڻو)، غلام نبي ۽ عبدالحق (شڪارپور)، احمد خان آصف (ڪڪڙ)، ڪريمڏني ملاح صدائي (ميهڙ)، غلام رسول جتوئي (وارهه) ۽ وچولي مان مرزا گل حسن ”احسن“ (حيدرآباد) کان مليون.

[2] . هن سٽ جون ٻيون پڙهڻيون هي آهن: “ري رزاق جو راهه سڃاڻ”؛“ري تون رب جو راز سڃاڻ”.

[3] . هن سٽ جون ٻيون پڙهڻپون هي آهن: “بات اِها تون ٻاڦ نه وندي”؛ “بات اِها تون وان نه وندي”؛ “بات اِها تو وائي وندي”؛ “بات اِها تون وائي وندي”.

[4] . ٻيون پڙهڻيون: ”ٻاهر هرگز ڪڍ نه ٻاڦ“؛ ”الفت هر سان رک الطاف“.

[5] . ٻيون پڙهيون: ” سمهندين ڏينهن سڌاڻي سارو“؛  ”سهندين ڏينهن سدا تون سارو“.

[6] . ٻيون پڙهيون: ” گوش اهي گفتارون ڇڏ“؛ ”گوش اِها گفتار گڏ“. ”مورک ساڙِ مور نه سڏ“.

[7] . ٻيون پڙهيون: ”هڻ نه سڄڻ ري ٻئي در سين“؛ ”ٻي در رهڻ نه سڃن جان سين“.

[8] .  (ميم) ٻيون پڙهڻيون: 1. ”ميم مناسبت هي ٿي ماڳ“، ”ميم مناسب ماڻج ماڳ“؛ ”ميم مناسب مرڻ ٿي ماڳ“.

[9] . ”سنجهي سمجهي ٿيءُ سجاڳ“؛ ”سنجهي سمهه نه، ٿي سجاڳ“؛ ”سنجهيئي رهه سرت سجاڳ“.

[10] . ”رلندين ڏسندين ڏک ڏهاڳ“؛ ”طعنا ڏيندو ڏيهه ڏهاڳ“.

[11] .  ”ڪوڙ ڇڏي گڏ سهج سهاڳ“؛ ”صاف صفا رهه پهچ سڀاڳ“.

[12] . (واو) ٻيون پڙهڻيون: 1. ”موليٰ جي رک محبت من“؛ ”مرسل جي رک محبت من“. 2. ”چارئي يار ڀلا پنج تن“؛ ”شاهه محمد جيئري جن“.

[13] . (لام) ٻيون پڙهڻيون: 1. ”لام لطف  سان در تون کول“؛ 2. ”ذاتي زڪر انهيءَ ۾ ٻول“؛ ”ذڪر ذاتي دل ۾ ٻول“. 3. ”رمز رڳو ٿي پل پرياڻ“؛ ”رمز رڳو ٿي پس پرياڻ“؛ ”رمز ربوبي پس پڇاڻ“؛ ”رمز اها ري سهڻي ساڻ“.

[14] . هن ٽيهه اکري جي متن جو مدار اتر مان عبدالڪريم سنديلي (لاڙڪاڻو)، غلام نبي (لاڙڪاڻو)، عبدالحق (تعلقو شهدادڪوٽ)، محمد صالح (سکر)، غلام رسول جتوئي (تعلقو وارهه) ۽ لاڙ مان علي محمد عاجز (ميرپور ساڪرو) کان پهتل روايتن تي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org