کين شين
شيرا نه تنهنجا تسي،
لنگهايان لنگهڻ روز رئندي رسي،
رڌي رات
هوندي پنوهارن پسي،
سندن
سيڪيل ساريان ٿي سڱر.
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
آهيان
صاد صابر رضا تي رهي،
ڪريان
ڪيئن قل کي ويو جو وهي،
لکڻي
مان نه لک لفظ ويندو لهي،
ذرو زير
ضايع نه ٿيندي زبر.
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
خرو ضاد
مون ٿيو قهري طعام،
ڪيم فرض
فاقو هستي ٻيو حرام،
عمر اي
الله هار ڪريان ڪلام،
ته
کينديس مها ملڪ ساوڻ سڄر،
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
طلب
طوئي نه مون کي ڪاسهڄن سندي،
ٻڌي
ٻانهوٽا ڪوهه آءُ ڪندي،
سونهين
سو ڀتين گڏ واري گندي،
مٿي
منهنجي تي ڪيسري کان ڪسر.
پر
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
ڪري ظلم
ظوئي هلائوُن همير،
مٽائي
مٿم منهن سڪائي سرير،
ٻڌي ڪين
ٻاجھائي ڳالهيون ڳهير،
اباڻن
سنديون جي اٿم منجھه اندر.
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
عمر عين
آهي نه ويجهو وطن،
مئي
ماڙيين ڪير ڏيندم ڪفن،
ڪندم
مٿان ڪنڌيين ڌراڙيون دفن،
پکين
پارڪر منهنجا پوندا پٿر.
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
ڪريان
غين غم ڪوٽ جو ڪيترو،
پيو هول
هينئڙي مٿي هيترو،
وڃن
ورهه وڌندا جيان جيترو،
گهڻو
گهائيس گوندرن جي گذر.
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
وڌم فال
في هڪ ٻه ساري هزار،
تو مون
لئي لکيو هو اڃا انتظار،
ورق ۾
نه ويجهو سندو وصل وار،
سٽون
سوڻ سالم نه ٿيا منجھه نظر.
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
نه ٿي
قاف قسمت ۾ راحت رتي،
اڙانگي
ازل کان ڪا پييم پتي،
سڄي عمر
سورن ۾ کجندي کتي،
گهڙي
ڪانه گهوڙا ڪي گهاري گهنگهر.
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
ڪيم
ڪافي ڪوٽن تي نڪري نهار،
ته
ساڻيهه ڏي سمهون ڪي تاڙي تنوار،
اٻون،
ابر اڀ ۾ مٿان هو ملار،
ڏٺم ڏس
مٿي ڪرڪ وسندا ڪڪر.
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
لکان
لام سو ڪيئن پنوهاريون پڙهن،
ورق
ويڌنا منهنجي سڻيو سڙن،
هزارين
مٿي حرف ڳوڙها ڳڙن،
ٻڌيو
ٻاڦ ٻاري ٿي خاطو خبر.
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر،
ميان
ميم مون کي اڃا آسرو،
ته
لهندام لاکيڻا پاڻهين پرو،
وٺو
وڏڦڙو پاس کائر کرو،
منڌيئڙن
سين موري ڇنن ۾ ڇٻر.
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
نڱئو
نون نئون ڏٿ وري ڏيهه ۾،
سڻائو
ٿيو سال ساڻيهه ۾،
منگها
کين مارو گڏي گيهه ۾،
مڪون
مرٽ ميڙي ڪيا سرتين سمر.
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
وريا وس
چري واو ديسي ڌنار،
لڏا
لاهي لاٿي اباڻن اپار،
اڏي ڀاڻ
ڀاڳين وسايا لهار،
پروڪن
پڊن تي کنيائون کُهر.
پري
پائران منهنجا سانگي سڌر،
اباڻن
ري اڄ ڪير لهندوم ڪر. |