مصطفيٰ! تنهنجي مداحيءَ ساڻ جيڪي لڄ لَڙن،
تون تِني کي ڪير قادر! مَر سڙيا ظالم سڙن،
جي کريل کَهڻا ڀليا، سي مر اندر هاويءَ هڄن،
دانهن ڏيان ٿو داد ڪر ٻڌ عرض آهون بيڪسن،
اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!
غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!
يا نبي! اصحاب اڪبر تنهن جا خلفاءِ راشدين،
جي ڏيا ڏاتار عالم جا امير المؤمنين،
۽ پيارا پاڪ پرور جا سچا صاحب دين،
هي ڌُئا درگاهه جا سالار صاحب اجمعِين،
اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!
غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!
پاڪ پنجتن وير وارث ملڪ جا مالڪ منير،
’مرتضيٰ‘، ’حسن‘ و ’حسين‘ و ’فاطمہ‘ دُر دلپذير،
جي اجها آڌر اُمت جا آهن عالِم امير،
مهر ڪندا مون مٿي هر ويل پارس پاڪ پير،
اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!
غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!
تو ڪنا گهُريان گهڻو مون مڱيو ڪر تون غنو،
تون سختي داتا ڌڻي، هي سگ سندءِ ”صاحبڏنو“،
ٿو ڏئين دُر دان دولت پاڪ توهؤن ٿا پِنون،
حضرتا! حامي ٿيو تان هيءَ دنيا کان دل ڇنون،
اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!
غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!
درن دنيا جي ڌڪن کؤن يا رسول الله! رکيج،
خان، نائب ڪنهن نفر ڪمدار ڪوڙي در مَ نيج،
احتياجي ڪنهن بدوءَ بي دين جي حاڪم نه ڏيج،
پنهنجي در کؤن يا نبي! ڪو ڏڍ ڏيئي خورم ڪريج،
اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!
غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!
منجهه ٻنهي جانب جهانن آب عزت ۾ رکوم،
استقامت دين پنهنجي تي ڌڻي! دائم ڏيوم،
قبر محشر مهل مرسل رهنما راحم رسوم!
عمر دم سڪرات ويلي ختم ڪلمي سان ڪريوم،
اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!
غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!
لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله
ٽيهه اکري: مناجات نبي صلعم جي درگاهه ۾
(چيل آخوند محمد بچل ”انور“ جي)
]آخوند
محمّد بچل، مٽيارن جي آخوندن مان هو. سندس والد جو
نالو محمد صالح هو، جو فارسي ۽ عربيءَ جو عالم هو.
آخوند صاحب، مري نصير خان بن مير مراد علي خان جو
استاد هو. جڏهن مير نصير خان سنڌ جي تخت تي ويٺو،
تڏهن هن آخوند صاحب کي پنهنجو خاص مشير ۽ صلاحڪار
بنايو، اهو زمانو 1655هه/1840ع جو هو. آخوند صاحب
گهڻو شعر فارسي ۾ چيو آهي، ڪجهه نثر به لکيو اٿس.
سندس سنڌي ڪلام مان هڪ ٽيهه اکري هيٺ ڏجي ٿي. تخلص
”انور“ ۽ ”بچل“ استعمال ڪيو اٿس. سندس نالي تي هڪ
بياض آهي جنهن ۾ پنجاهه، سٺ غزل درج آهن. سنه
1278هه/1861ع ۾ وفات ڪيائين.[
الف هڪ الله جي سارهه صفت بيشڪ جڳاءِ،
خلق جو معبود مالڪ آهه آگو عالِما،
ربّ! پنهنجي رحم سان تاريءَ پنهنجي تون تڳاءِ،
روز رازق روز شب سڀ خلق کي روزي رساءِ،
عشق مان آگي اُپايو، مير مرسل مصطفيٰ،
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
بي بِلا مِيۡم برحق نُور نرمل پاڪ جو،
شان اعليٰ آهه اَڪبر عارفِ افلاڪ جو،
علم آنۡ کي آهه عربي! اَنت سڀ اِدراڪ جو،
يا رسول الله! ڪر ڪو غور هن غمناڪ جو،
آءٌ اوهان جي در سندو هڪ آهيان ادنيٰ گدا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
تي تڪيو تاري طلب ٿي آهه مون تهدل تمام،
يادگيري ٿي رهي مون کي گهڻي محبت مدام،
وات وائي آهه اَنۡهنجي سيّد! مون صبح و شام،
پرت ۾ ڀرپور دلڙي ٿي رهي طالب تمام،
هي سڀئي آثار اندر آهن تنهنجي عشق جا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
ثي ثنا تنهنجي صفت هر جاءِ عالم ۾ عيان،
عزّ اَنۡهنجو سڀ نبيّن ۾ ڀلو ٿيو بي بيان،
ڪنڌ نمائي ٿو سدائين پيش اَنۡهنجي آسمان،
نُور نرمل نعمت آنۡ جي سچ سدا ساراهيان،
تات تاري اَنۡهنجي احمد! آهه مون صبح و مسا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
جيم جلوي کان اوهان جي هر دو عالم آَشڪار،
ٿيو سڀن طرفن سهائو جلوو جهرمر جلوه دار،
عرش، ڪرسي، آسمان، ڀُونۡيون، ستارا ٿيا تيار،
ڪئي ربوبيّت هُويدا پاڻ خود پروردگار،
”ڪُنۡتُ ڪَنۡزاً مَخۡفِيا“ ڪيو قرب ظاهر ڪِبريا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
حي حمايت حقّ کان حضرت ”ٿيو حَبۡلُ المَتِينُ“،
مصطفيٰ! سالار تون ئي رحمة اللعالمين،
مهر پرور مصطفيٰ! اُمتين آهين امين،
حشر ۾ ٿيندو حمايت سو ”شَفِيع المذ نبينُ“،
جت ڪندا نفسي نبي، اُت اُمتي چوندو ادا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
خي خدا ڪيو خاص آنۡ کي خلق ۾ خيرالبشر،
تون سبب ايجادِ عالم جو سڳورا! سربسر،
خاص ختم الانبياء آهين ڀلارو بيشتر،
سڀ رسولن جو رسول الله راسخ رهبر،
چوطرف چيدو چڱن ۾ خاص ٿئين خيرالوريٰ-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
دال دل سان جو پڙهي دلبر! اوهان تي هڪ درود،
رحمتون ڏهه تنهن مٿي ٿو موڪلي ربُّ الودود،
ڏهه صلواتون تنهن مٿي ٿو موڪلي اِيُ شاهِه جُود،
حُب دل جي ساڻ هر هر ذُوالمنن تي زود زود،
مؤمنو! صلواة سيّد تي اوهين چئو پيا سدا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
ذال اَنۡهنجو ذوق آهي شوق شَڪَرِ شِير دل،
يادگيري يا نبي! اَنهنجي اندر اَڪسير دل،
ٿي سدا ساري نهاري، دلبرا! دلگير دل،
لطف پنهنجي سان لطافت ڏي ڌڻي! دلڌير دل،
حال هيڻو هيءُ پسي، ٻهڳڻ! ڪيو ٻاجهون سدا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
ري اندر مان رنج راڙهو ڪڍ قريشي ڪارڻي!
ڏيل ڏک ۾ پيو ڳري، پُور ۾ ٿي دل پَڻي،
مهٽ موڙو مرض دل تان، سڀ وڃي ڇڪ ۾ ڇڻي،
يا محمّد مصطفيٰ، دلدار منهنجا دل ڌڻي!
درد دل جو دُور ڪريو، دل ڪريو سالم صفا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
زي زيارت ساڻ مشرّف ڪر ڪڻم تون يا ڪريم!
مير! هڪ واري مديني ۾ مِٺا ڪر مون مقيم،
تون ڏڏن کي ڏان ڏيندڙ آهين يا عربي عميم!
ورهيه واجهائي ٿيم، دلڙي سڪي سَؤ ڀَت سليم!
هوت هڪ واري پسايو ديد پنهنجو، دلبرا!
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
سين سر تاپاءِ مون ۾ عيب جيڪي عِلّتونۡ،
درد دوکا دؤر دهرا ضعف حالت ذِلتّون،
مهر سان ميٽاءِ مرسل! خوب ڪريو خصلتون،
ربّ جي پارئون وسن، شل رحمتون ۽ برڪتون!
سڀ پسڻ سان پاڪ اَنهنجي، ڏور ٿيندم ڏک ڏجها
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
شين شافع! شوق اَنهنجو، آهه مرسل مهتدي!
ڪر نظر نرمل نافع، يا حبيبي سيّدي،
مُهڙ آهين تون مڙن جي، ٻيا مڙيئي مقتدي،
يا محمّد مصطفيٰ! آهين تون آڌار احمدي!
رس رسول الله جا، انور امام الانبياء!
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
صاد تورِيءَ صبر ناهي هاشمي حضرت رسول!
حُسن اَنهنجو يا حبيبي! ڪر ڪڻم هيڪر حصول،
جي پسان ديدار اَنۡهنجو، سڀ وڃن موڙا ملول،
عرض ڪريو ڪارڻي! ڪم فهم جو ڪامل قبول،
منگتو مسڪين مفلس ٿو پني دولهه دعا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
ضاد ضامن آهيو اُمّت سندا عالي جناب،
بخش اُمّت جو ڪندين خلاّق جي اُڳيان خطاب،
عاصين جي ڪاڻ محشر ۾ جُنۡبي ڏيندين جواب،
عرض اَنهنجو احمدا! الله ڪندو مستجاب،
اِزن تو عظميٰ شفاعت، آهه در آيو عطا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
طوئي طلب ۽ تاب جن کي آهه احمد! آنۡ سندي،
ڪين رهندا اُمّتي، سي باهه دوزخ ۾بندي،
آ قريشي ڪارڻي ڪر هِن ڪميڻيءَ جي ڪنڌي،
آهيان اِنهيءَ شفاعت ۾ اُڀو آسروندي،
ڪر شفاعت ڪارڻي، آهيم نت هي التجا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
ظوئي ڪيو آهي ظلم، ڪيڏو نَفۡسُ اَمارَهۡ نِڌان،
مت لڳي شيطان جي بي ديد ٿيو ۽ بي ڌيان،
آب عزت سڀ وڃائي شوريده ٿيو شان مان،
هاڻ بس حيران آهيان، آءٌ عربي! اَلامان،
نفس ۽ شيطان جي مون جند شورش کان ڇڏاءِ-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
عين عربي! سان عنايت دل سنديم آباد ڪر،
غير گوندر ڪڍ قريشي! دادلا دلشاد ڪر،
مدعي مردود مفسد کي ڀَڃِي برباد ڪر،
خام خطرن خوفناڪن کان ڪڻم آزاد ڪر،
جي هِنئين ۾ ٿا وجهن ور ور ڏيو مون وسوسا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
غين غم ۽ غير کان دل مون ڪريو سالم سچي،
راز آن جي ريجهه رس ۾ دل وڃي رهبر! رچي،
ڪر نوازش جو نظر ارشاد جو احمد! اچي،
در مٿي پنهنجي پسو، جو پتنگ آهي پيو پچي،
هٿ کڻيو هر هر اوهان ڏي ٿو ڪري سائِل صدا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
في اوهان جو فيض آهي جا بجا عالم اُتي،
آسرو مون کي اوهان ۾ روز شب ويٺي، سُتي،
لطف پنهنجي سان لطافت مهر ڪريو مون مٿي،
ٿيلهيل کي ٿانئڪو ڪريو، پِيل آهي پوئتي،
راهه راسخ رهنما! پَرمل پسايو پيشوا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
قاف آن کي آهه قربئون ڪارڻي قوسين جو،
”اَوۡ اَدنيٰ“ ۾ ٿيو نزديڪ تر نُور عين جو،
واهَه تون والي وسيلو دائما دارين جو،
تون قريشي ڪارڻي ڪامل ڌڻي ڪونين جو،
سير ”سُبۡحَانَ الّذِي اَسۡرَيٰ“ نهايت کي رسيا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
ڪاف ڪامل ڪر قريشي! ڪا نظر نادار تي،
ڪر توّجهه قرب مان، هن بي هنر بدڪار تي،
رک دوا ڪا فيض جي، هن اوک ۽ آزار تي،
ڀال ڪريو ڀرجهلا! هن پس لڳي پينار تي،
مانَ بخشي مون ڌڻي شافع حقيقي حق شفا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
لام اَنۡهنجو لطف آهي حال هيڻن تي همہ،
تون ئي آهين شهنشاهه جڳ جو سچو ڀي رهنما،
تو سبب جُڙيا جهان سڀ جسم جوهر مهرو مہ،
آهيو ارڙهنِ هزارن عالمن جا بادشاهه،
مُهڙ آهين مرسلن جو خاص خَتُمُ الانبياء-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
ميم جن کي ٿي محبّت، عشق اَنهنجو احمدي،
تن ملي تعظيم توڙئون سچ سعادت سرمدي،
حبّ ۾ اَنهنجي حجازي! آهيان آسروندي،
يا محمّد مصطفيٰ! مون سڪ سدائين آن سندي،
ويل ڪنهن پَرمل! پسايو، لطف پنهنجي سان لقا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
نون جن کي نينهن اَنهنجو، پرت ۾ سي پائمال،
حب ۾ حضرت اوهان جي ٿيان ڪسي قربئون ڪمال،
آهه اندر ۾ ئي اسان کي ورد وائي هڪ وصال،
جن ڏٺو جانب! اوهان جو جوت ۽ جلوو جمال،
حسن کان حضرت اوهان جي، ٿيا اهي فاني فنا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
واو اوهان جي وصل لئي ساريان، سڪان ٿو سڀ ڄمار،
يا حبيبي يثربي! تون ناز سان نرمل نهار،
جان جيان جانب! اوهان جو ئي پڇايان پنڌ پار،
من پسان ديدار اَنهنجو، تات آهي مون جا تار،
روز شڀ ٿي روح کي مرسل! اهائي مدّعا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
هي اچي پس هاشمي هي حال مون حيران آهه،
تات تَن کي تانگهه تنهنجي، جذب ۽ جولان آهه،
حُبّ حضرت! عشق اَنهنجو، شوق مون شڪران آهه،
روح ريزه جسم جان مون قرب کان قربان آهه،
فڪر ڦوڙائي اوهان جي جان ڪئي جهوري جدا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
لام لائق لطف سان هيڪر مديني ۾ رساءِ،
ماهه مرسل يا محمّد! پرتوو پنهنجو پساءِ،
پاڪ پَرمل! پنهنجو پازي ريجهه وارن کي رساءِ،
مينهن مون تي مهر جا ڪي وصل جا ورنهه وساءِ،
هجر کان حيران ٿئڙو منهن مِٺا! تنهن کي پساءِ-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
الف احمد ڄام جو مون خواب ۾ هي خواب ٿيو،
چنڊ چوڏهينءَ مثل چمڪيو مهڙ ۾ مهتاب ٿيو،
بُوبڪر، فاروق، عثمان ۽ علي ارباب ٿيو،
پيش پارس، مئل تارن هر هڪو اصحاب ٿيو،
دين ۾ روشن ڏٺم ڀرجهل ڀلا، بدراللهُّ جيٰ-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
يي يگانو يا محمد، مير مرسل مجتبيٰ!
مهر پنهنجي سان مروّت، سڏ سڻي سائل صدا،
ويل اوکي ٿيءُ وسيلو مُهم ۾ مشڪلڪشا،
موت ويلي مير مشفق! سڏ لهج سرور سماءَ،
جن چيو ڪلمون ”بچل“ سي اُمّتي آجا ٿيا-
يا حبيبي! عرض سڻ، آڌار عالم جا اَجها!
لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله
ٽيهه اکري: مناجات نبي صلعم جي درگاهه ۾
(چيل گل محمد جي)
]گل
محمد جي حياتيءَ بابت ڪوبه احوال ملي نه سگهيو
آهي. البته سندس هن ٽيهه اکري جي آخري بند مان
معلوم ٿو ٿئي ته هن هيءَ ٽيهه اکري 10 شعبان
1286هه/1869ع ۾ ٺاهي پوري ڪئي، هن ٽيهه اکريءَ جي
هيءَ خصوصيت آهي جو هرهڪ بند جي پهرين مصرع جو
پهريون حرف قافيي جي پڇاڙي ۾ ڪم آندل آهي.[
الف لڳ الله جي ڪر داد منهنجو سرورا،
حامِي افتاد گان، يا شافع روز جزا،
دادلا درگاهه جا مخلص سچي الله جا،
سار لهه سردار منهنجي ماڙ ڪر خيرالوريٰ!
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر،
بي برايون عُمۡر ڀر ڪَيڙيون آهن مون بي حساب،
جن جي لئي روزِ قيامت ناهه مون وٽ ڪو جواب،
روز شب گهاريان هوائن ۾ نه ڪيڙم ڪو ثواب،
يا شفيع المذنبين اُت ڏي پَنہ تون از عذاب-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
تي تمامي عمر مون کي آهه سرور تنهنجي تات،
ڪم نه ايندو ٻيو سڀوئي سيّدا! ري تنهنجي ذات،
ناهه مون کي از ازل ري سڪ اوهان جي ڪابه بات،
دست وٺ، دامن لڳل جو، يا نبي عالي صفات-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
ثي ثمر ڪونهي ڪو مون سان، خواهه ٻي نيڪي ميراث،
اَشفق و شافع، تون سڻ مان بينوا جي الغياث،
ويل اوکيءَ ڏي ڪا واهر يا محمّد، الغياث!
تو سوا ٻيو ڪير سڻندو منهنجي آزدي، الغياث!
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
جيم جئري شل پسان پنهنجي اکين سان تنهنجو تاج،
وير! وهلو ڪر عطا پنهنجي فضل جو موج کي ڏاج،
دائما درگاهه عاليءَ جو ڀريان دل سان خراج،
تان ٿئي روشن اندر سارو، ٿئي سڀ دل جو ڪاج-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
حي حڪايت ڪا چڱي ڪانهيم ڪئي سڻ لڳ فتاح،
مهر سان معافي ڪري بخشيو بديون سهڻي صلاح،
بدڪمن، غيبت گلا کان ڏي سدا مون کي فلاح،
ڪر مدد مون سان ٿئي سائين! سنڌيءَ ۾ تم مداح-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
خي خودي اهڙي ئي آهي، جهڙو وڻ بي برگ وشاخ،
محل بنگلا جئن هجن، پر ڪان ڪا هئي تن کي ڪاخ،
يا حبيب الله! ڏي مون کي پنهه تنهن کؤن فراخ،
ڪا هدايت ڪرڪا هادي! دل ٿئي سوڙهي فراخ،
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
دال دائم ٿو گذاريان عمر ساري منجهه فساد،
لڙهه لڳس تنهنجي اچي يا مصطفيٰ! ڏي من مراد،
منجهه مديني آهين قائم، منجهه مڪي تنهنجو اولاد،
مهر سان سگهڙو ٻئي جايون پسايو با مراد،
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
ذال ذاڪر شل هجان تنهنجو ذڪر آهي لذيذ،
مکڻ ۽ ماکي ۽ مصري کان به وڌ آهي لذيذ،
بلڪ سڀ شيرينِين کان آهه سَؤ واڌو لذيذ،
يا مشرّف انبيا! ڪر بخش ذڪرِ خود لذيذ-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
ري رعايت ڪر ”گُلڻ“ جي يا رسول ڪرد گار!
ڏي عمر اولاد منهنجي کي ۽ صالح ڪر تون ٻار،
اَمن پنهنجي ۾ تون رک مسڪين جا سڀ يار غار،
مار موذي مدعي منهنجا سڻج تون لڳ ستار-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
زي زوائد ڪر سندم ابوين کي سڻ ڪارساز!
شاهه لولاڪي سڻج تون، مان نماڻيءَ جا نياز،
۽ سدا اخوان منهنجن بخش ڪا عمر دراز،
تا رهن هم صحبت و هم قرب باهم با نياز-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
سين سيّد! سيگهه ۾ سڏڙا سڻي تون داد رس،
لئي محابي چارِ ياران پاڪ پنجتنِ حال پس،
نفس جي ندور پڻ سان دادلا! ڪو نهيم وس،
پڻ امامن ٻارهن جي لئي ڪو ڏي نيڪيءَ جو ڏس-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
شين شڪرانا اوهان جا ٿو ڪريان ساندهه بجوش،
دين جو دائم کڻان دل سان جهنڊو بالاي دوش،
ساقيا! ڪو جام ڏي محبت سندو ۽ چؤ: ”بِنوش!“،
تان رهان مخمور تنهنجي عشق ۾ اي عيب پوش!
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا مادڪر.
صاد صدقو سر اوهان جي تان ڪريان جند جان خاص،
احمدا! تون ڪاڻ ماڻهن جِي کان ڪر جندڙي خلاص،
جي لُچا حاسد مدايون ڪن تني کان وٺ قصاص،
سيگهه ۾ سڏڙا سڻج، بحرِ حقيقت جا غواص-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
ضاد ظالم جي ضرر کان تون بچائج، سڻ عرض،
پڻ ڇڏائج ڪُڙم منهنجي کي ۽ مون کي از فرض،
بهشت جي عيشن پسڻ جا من سدا آهن غرض،
مدعين ۽ مَٺگهُرن منهنجن کي ڪر مائل مرض-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
طوئي طامع آهيان تنهنجي لقا جو هر شرط،
سرورا! گولو ٿيڻ تنهنجو گهُران ٿو هر نمط،
عمر ساريءَ جو ڪشالو ري رضا تنهنجي غلط،
دائما مون تي اوهان جي مهر گهُرجي ٿي فقط-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
ظوئي ظاهر توڙي باطن ۾ تون ٿي منهنجو حفيظ،
ڪُپتين ڪوڙن جي ڪوشش کان تون ٿي منهنجو حفيظ،
پڻ بلائن احتياجن کان تون ٿي منهنجو حفيظ،
مرض ۽ سڪرات ويلي ترت ٿي منهنجو حفيظ-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
عين عالي ٿيو جهان ۾ شرع تنهنجي جو شعاع،
جنهن جا آهن دل بجانئون بشر توڙي جِنّ مُطاع،
ڪون ڪو پايان پَٽِيءَ ٿو تو جِهو حَق جو شجاع،
بخش بخشڻهار تون نيڪيءَ سندو مون کي متاع-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
غين غم گوندر وڃائي دل سندم ڪر باغ باغ،
گردشِ گردون جي کان هڪ گهڙي ناهي فراغ،
روز شب اُميد هيءَ قائم رکان ٿو منجهه دماغ،
شال ٻاريان شوق سين منّور مديني جو چراغ-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
في فڪر بڇڙا ڇڏائي ڪر تون منهنجي دل کي صاف،
۽ ڪرائج سيگهه ۾ مڪّي مديني جو طواف،
جن ڏٺي مان تان گنهه ۽ عيب ٿين سڀئي معاف،
يا رسول الله! اگهائج عرض منهنجا لڳ مصاف
-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
قاف قادر آ ڏني قدرت وڏي تنهنجي بُراق،
جنهن تي ٿي هسوار وِئين خود عرش ڏي با اشتياق،
شوق مان چَؤٻول ٿيڙو تنهنجو تاتي با رزاق،
ساري جڳ ۾ شرف تنهنجي جو هُلو پيو منجهه عراق-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.
ڪاف ڪونهي ڪوئي خالي تنهنجي سارهه کان فلڪ،
آدمي، ديو و پري ۽ جنّ ۽ ڇا جي ملڪ،
احد مان احمد جڙيو آهي، نه آهي ڪنهن کي شڪ،
جنهن ڪيو هيٺ سوئي تڙيو ان کي خاوند ڪيو ترڪ-
يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،
ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر
|