سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :13

قاف ئون قريبن جي، ڪَڙيا ڪنهن ڪَڙي،

آيا سوريءَ سامهون، لنگهيا ڪين لڙي،

لکت لوح قلم جِي، آخرڪار پَڙي،

هلي سي هنگلاج کان، آيا ماڳ مڙي،

برهه جي بارن جي، بَرسر پين ڀِڙي،

ٿڌا وتن ٿهريا، چون ڪين چِڙي،

گوندر جي گسن ۾، غازي پيا گهِڙي،

ندوري ناقص کي، ترت ڏنائون تَڙي،

سورن تي سوار ٿيا، هڻي عين اَڙي،

ٺاهي ويٺا ٺهه ڦهه، دردن جي دڙي،

سورن منجهه سَڙي، ويجها ٿيا وصال کي.

 

ڪاف ئون ڪاف ڪٽي، هليا ڪوهيارا ڪنهن پر،

آيا هلي حب سان، دلبر سندي در،

اَڏيائون وڃي اوڏڙا، جهُوپا جهانگين ڀر،

ڳائن ڳُڻ ڳهير جا، عنايتون اَپر،

”وَ الۡڪاظمين الۡغَيضَ وَ الۡعافين عَن الناسِ“ بار کڻي برسر،

”آقيمُو الصَّلواة وَ اتُوالزّ ڪواة“ والي ڪندن ور،

ڪلمون جِني ڪوٽ آ، تن کي ڪهڙو ڀؤ ڀلڪر،

ڇڏائيندو ڇولين کؤن، سونهارو سرور،

لنگهائيندو لڪ لانگهڙا، پاڻيهي پرور،

ڪندو ماڙ مسڪين تي، سخي سرس سڌر،

محي الدين مدد ڪري، اُڪاريندو اَپر،

ويهي ڪُن ڪَپر، ٿو ڏسان ڏيهه ڌڻيءَ کي.

 

لام ئون لِڪي لوڪ کان، رچي ٿيا رهوال،

وتن ويڳاڻا، ڇيڪ ڇِراڻا مجذوبن مثال،

”هُو هُو“ وائي وات ۾، ٻي ڪن نه قيل مقال،

اگهيا سي عجيب وٽ، اهڙا جن افعال،

منجهه نه ڏين ماڻهن کي، توڙي جُکن جال،

گهمندا رهن غم ۾، ڪاف ڪٽي ڪُل ڪال،

هلن هيڪاندا، مانجهي ماندا، وانداريءَ وصال،

ميڙائو موليٰ ڪندو، عجيبن سان شال،

غم مٽيا گوندر گهٽيا، آيا هي احوال،

اچي لڌي اوڏڙا ٿي، سانگين سِر سنڀال،

آيا ڌڻ ڌنارن جا، موٽي ماڳن مال،

ڪي بريون، ڪي بهريون، ڪي چانهيون، ڪي چال،

کائن پيئن خوشيءَ مان، ڏونۡرا پيرون لال،

اهڙا جن احوال، سي موليٰ آندا ماڳ تي.

 

ميم ئون محبت من ۾، رکن مرد مَلي،

ملڪوتي مام ۾، ٽهه ٽهه ڪن ٽِلي،

انڌاري آڌيءَ جو، جن سڄي ڳالهه سَلي،

خوش وسن خطرا ڪٽي، خوبئون خوب کِلي،

محشر ۾ مهندار آ، تِن جو پاڻ علي،

جنهن جو قدم چميو آهه، هر دم هر ولي،

لڳي پناري پِيرَ، ٿي رهبر! هيءَ رلي،

ماڙ ڪري مسڪين تي، وارث آءُ هلي،

در تنهنجي ڌڪا کائي، اچي پهتي هيءَ دلي،

در تنهنجي ريءَ داسڙا! ٻيو ڪاٿهين ڪانه چلي،

آءُ اَڙ جهل آسرا، ٻُڌي ڪوڪ ڪَلي،

معلوم آهه مذڪور تو، خفي خواهه جلي،

تنهنجي ريجهه رَلي، جنهن روليو آهي رڃ ۾.

 

نون ئون ناوڪ نينهن جي، ڪا لڳي جوڳيئڙن،

مرليون منڊ چائي هليا، هيج منجهان هوتن،

ڪَن وڍيا ڪاپڙي، سدا محبت منجهه رهن،

هر دم خيال حبيب جي، چاليون خوب چلن،

اندر ٻاهر ٻَهه ٻَهه ٻولي، ”هُو هُو“ تار رکن،

سِر ننگا ساميڙا، پورب پاس پُرن،

نيڻين ننڊ ڦٽي ڪئي، اصلئون آديسين،

گوندر منجهه گذر ڪن، خوشيئون خوش رهن،

صبر ۽ شڪر جي، ٿا واري وَٿ وٺن،

سور نه سَلن عام سان، ٿا اندر منجهه اُجهڪن،

گيا گوندر ۾ وتن، مثل مجذوبن،

”تَبار ڪالذي بَيده الفُلک و هو عليٰ کل شي قدير“ اهو راز رکن،

روئن ڪين، رَجهن، دانهن نه ڏين در ڪنهين.

 

واوئون واءُ وصال جي، ڪيو واهيرو،

ڪهي آيا ڪاپڙي، ڦري ڪري ڦيرو،

”اَشهد اَنۡ لاَ اِلہ اِلاَّ اللهُ وَ اَشُهَدُ اَنَّ مُحمّد عَبده وَ رَسولُہ“ ڀڳئون نه ڀيرو،

نانگن ڪيو نانهن سان، نينهن جو نبيرو،

جوڳي هليا جوءِ ڏي، پري پين پيرو،

ڪنجهندا آيا ڪرڪندا، کڻي سورن جو سيرو،

اڏي ويٺا آڌوتي، عشقئون آکيرو،

محبت جي مقال سان جلي وين جيرو،

پيتائون مَي مجاز جي، جنهن خوب ڪين کيرو،

”اَلستُ بِرَ بَّکُمۡ قالُوّ بَليٰ“ ڪو آين نه ويرو،

دونهين پاسي دوست جي، دمايئون ديرو،

مندو يا ميرو، سڀ پهتا پنهل کي.

 

هي ئون ههڙي حال ۾، ريجهي ٿيا رلمِل،

پتنگ جيئن پچندا رهن، پِرت ۾ پَلپَل،

”قالُو بَليٰ“ جي قول سان، پئجي وين ڳَل ڳَل،

قربن جون ڪنجڪون لڳن، گهوڙا ۽ گهَل گهَل،

اچن سوريءَ سامهون، ته به چون نا جهَل جهَل،

سُرڪي پي سِڪ جي، ٿيا مستانا مَل مَل،

لڳن بڙڇيون برهه جون، ته به اَکن هَڻ وَل وَل،

دردن جي درياءَ ۾، چون پيا چَل چَل،

ڳڻتين اچي ڳوٺ ٻَڌن، ڳاراڻي ڳَل ڳَل،

”لَنۡ تَنالُو الۡبِيرُّ حَتّيٰ تُنۡفقوا“ پڙهن پيا پَلپَل،

اهڙا ڀلارا ڀَل ڀَل، هجن سامهيڙ سنسار ۾.

 

لام ئون ”لا“ جو اچي، خيمو کوڙيائون،

”اَلتّائِبُ مِن ڏنۡب ڪَمَنۡ لا ذَنۡبَ لہُ“ اها واٽ ورتائون،

سڳو سورن جو، ڪو پڙهي پاتائون،

”اَطيعو الله و اَطيعو الرسول“ ڳولي لڌائون،

سنڀري هليا سوريءَ تي، مڃي مڃتائون،

نفيءَ جي نيزي سان، ناقص نڌائون،

آيا هلي هيج مؤن، پريا نه پاهون،

”لا اِلہَ اِلاَّ اللهُ مُحمّد رّسولُ الله“ اهو راڳ رليائون،

محبت جي ميدان ۾، اچي سِرڙو سَٽيائون،

گڏجي غم غلطان ڪري، گهورون گهوريائون،

ائين نه آکيائون، ته ڪا حجت آهي هوتن سان.

 

الف ئون آخر گڏيا، وڃي ڪاپڙي ڪاهي،

رسيا وڃي رهبر کي، ٺاهه سڄو ٺاهي،

”لا يَغَتَبۡ بّعضۡڪُم بَعصاً“ هي رنگڙو رچائي،

سورن جي سواري، هليا سامي سنباهي،

مُرڪيا، مشڪيا، خوش ٿي، کليا لَنۡءُ لائي،

ڳُڻ جي ڳهير جا، سَگهيا نه ڳائي،

”وَنَحۡنُ اَقرَبُ اِليہ مَن حَبل الوريدِ“ جنهن جو رنگ رتل آهي،

“خَلَقَ الا دم عَليٰ صورة” ٻڌ ٻوڙ ڪن لائي،

ويهي رهيا ويسلا، بَس وَهي وڃائي،

”الدّنيا سِجۡنَ المؤمنين“ ڇڏ محبت مٽائي،

ويهه نه وساري ور کي، رغبت رک راهي،

تو جيڏا، تو جهڙا، ڇڏيا هِن رليءَ رلائي،

لهرين لهوارا ڪيا، ڪيئي گهاتو گنوائي،

”اَلدّنيا جِيفة وَ طاۡ لِبها ڪِلابُ“ ڏس سچو آهي،

ڇڏ ڊوهه صفا ڊاهي، لڌڙيءَ جي لقاءَ جي.

 

يي ئون ياور يار ٿئي، مهل اوکيءَ مختار،

منجهلن جو مهندار آ، اڙين جو آڌار،

ضامن ڏينهن قيام جو، شافع روز شمار،

آهن جنهن جي آسري، بَدُو، بدبيڪار،

سو مِير محمّد مدني، آهي سخين جو سالار،

”سبحان اَلذِي  آسريٰ بِعَبۡدهِ“ جنهن جو ڄاڻي شان ستار،

نبي به ”نفسي نفسي“ ڪندا، اُتي ڏاڻ ڏيندس ڏاتار،

لنگهائيندو لَڪن مؤن، ڪيچ ڌڻي ڪوهيار،

کڻندو بار کهين جا، مدني مختار،

ڪلمي جي قرار، سڀ وينداسي ايمان سان.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

ٽيهه اکري: مناجات نبي صلعم جي درگاهه ۾

(چيل مينگهي فقير شر جي)

[مينگهو فقير پٽ غلام حيدر شر بلوچ، ڳوٺ مينگهي شر، تعلقي ميرواهه ضلعي خيرپور ميرس ۾ 27 رجب 1233هه/ 1817ع ۾ ڄائو. سندس اصل نالو حبيب الله هو، پر پوءِ پڻس هن کي ”مينگهو ڏنگراج“ جي نالي سان سڏيو، ۽ پوءِ انهيءَ نالي سان مشهور ٿيو. اڻ پڙهيل هو.قرآن شريف جون ڪي آيتون ياد هئس جي پيو اچاريندو هو. 12 ربيع الاول 1313هه/ 1890ع ۾ وفات ڪيائين. شعر چوڻ پيءُ جي صحبت ۾ سکيو. سندس هڪ ٽيهه اکري هتي ڏجي ٿي.]

 

الف احمد مصطفيٰ، ڪر ماڙ منهنجي محبتيٰ!

تون ولهن واهر وسيلو، سوال سڻ يا سيدا!

سڀ ڪمايل ڪوڙ ڪوجھا، ماڙ ڪر يا مصطفيٰ!

تون اَسد الله جو، والي ولايت والضحيٰ!

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

بي بدعتي آهيان، ڀنگي، شرابي، بي بيان،

تون اَجھو عاصين سندو ۽ حامي هر دو جهان،

اچ وسيلا عاربي! آءُ ڳالهه ٻي ڪهڙي ڪيان؟

درس رکين دارين ۾ پردو شرم منهنجو ميان!

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

تي تمنا طلب تنهن جي آ نبي نور الهديٰ!

ڏي براتانۡ برهه جون، همراهه ٿي هر دوسريٰ!

تون چڙهئين معراج تي موليٰ ڪئي تو مرحبا،

جي سندءِ دامن لڳا، سي اُمتي آجا ٿيا،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

ثي آ ثابت سلطنت داور ڪئي تو دين جي،

بت ڀڃي ڀورا ڪري اسلام ڪقَيئَون آمين جي،

اُمتي آهون ڪري، طالب گهري تلقين جي،

ارشاد ڪر اچي عشق جو ۽ ماڙ ڪر مسڪين جي،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

جيم جڳ ۾ جان جيان، تنهنجي ثنا ڪيان سيدا!

تعريف تنهنجي ڇا ڪيان، ساراهيو جو خود خدا،

مرسل مڙئي محتاج تو ’عزيز‘ ’عيسيٰ‘ احمدا!

داد ڪر دامن لڳي جو، تو در سوالي، سرورا!

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

جي آهين حَبۡل المتين ۽ دين تنهنجو دادگر،

عروة الوثقيٰ وڌم منجھه دست دامن غور ڪر،

عرض آ اولاد جو، صالح ٿين سڀ سربسر،

تون ڇڏائيندين ڇيهن کان، تون ڀلا! ڪو ڀال ڪر،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

خي خدا لڳ سيد! توريءَ سندم تڪيو نه تر،

ڪيو اشارو آسمان، انگشت را ’شق القمر“،

جئن جابر جا جياريو پلڪ ۾ پيار پِسَر،

سيّدا! سلمان جي واهر ڪئي تو، تئن ور،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

دال دنيا جو دهر، ظاهر زمانو آ زبون،

ٿيو گذرڻ گهوٽ! تنهن ۾، عاين آهين امين،

ڪو ڪنهين جو ڪين ٿئي، تاريو جئن طالب ’تميم‘،

آجو ڪيو اصحاب سو ۽ مرتبو محفل نشين،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

ذال ذاتي ذڪر جو هردم ڪريان حاصل حضور،

ڪر نظر مون تي، ملي تان قلب منهنجي کي سرور،

صاف ڪر صيقل هڻي ظلمات ٿئي ضايع ضرور،

نفس ۽ شيطان کان پردو رکج تون پاڪ نور،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

ري رباني رمز جو امداد ڪر قربئون ڪثير،

دين جو داڙو دلاور، ناميو آهين بينظير،

ڏي براتان برهه جون ۽ شوق ڏي شبر شبير!

دوا زده دلگير جي، واهر ڪندا واحد وزير،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

زي ڪيان زاري زبانئون، ٻُڌ مٺا مختار جي،

عمر سڀ افراد وئي، سّيد ڏئين سا ڌار جي،

پلڪ ۾ توکي پسان، دلبر ڏسان ديدار جي،

بخش ڪر بدڪار کي، احمد! ڏئين آڌار جي،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org