سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :24

يي يقيني ساڻ دل جي، سيّدا! توکي سڏيان،

سال ساريندي ٿيا، ٿيو داد نا منهنجو اڃان،

دير کؤن دلگير آهيان، منتظر تو ڏي تڪيان،

چئو ته تنهنجو ڇڏي مان، دوست ٻيو ڪاڏي وڃان؟

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

آءٌ آهيان ناقص نماڻو، اصل کؤن عيبن ڀريو،

نظر ڏوهن ڏانهن منهنجي، ڪينڪي ڪامل ڪريو،

ڪول ڪر قربن ڀريا! کوٽو خطائن ۾ کَريو،

بخش هن بدڪار کي، ڪو ذوق ذاتيءَ جو ذرو.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

دور دشمن ڪر مڙئي منهنجا، ننگي تون نرملا!

پاڙ پٽ تن جي چئي کؤن، خوب هڻ تن کي کلا،

زور ڀڃ تن جا زبر، سڀ بند ڪر تن جا ڳلا،

هي ٻڌج سڀ عرض منهنجا، بيوسيلن ڀرجهلا!

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

معاف ماڻهن جا ڪيو، مهڻا مڙئي خواريون کِلان،

لاهه سختيون سر مٿئون، ڀلڪار ڀوري تؤن ڀُلان،

دوست! تنهنجو در ڇڏي، مون در ٻين جو ڇو رُلان؟

درد دل جو تو بنا چؤ، هيءُ سڄڻ! ڪنهن کي سلان.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

خوش خرم سرسبز رک، دلگير جي دل شاد ڪر،

ڏي نه محتاجي ڪنهين جي، گهر سندم آباد ڪر،

غم الم، ڳڻتيون فڪر سڀ، سيّدا! برباد ڪر،

سڏ سڻي سائل سندا. الله لڳ امداد ڪر.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

ڪڍ ضلالت، ڪر هدايت، هوت! هيڻي کي اچي،

عيب ڪيا بيحد گهڻا، ساري عمر ڪِرتن ڪچي،

ڏڍ ڏسي واهر وڏي، پيس سام تو سيد سچي،

بار کڻ بدڪار جا، تان هي بلي تنهنجي بچي،

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

قرب تنهنجا ڪيترا، هيڻن مٿي آهن هزار،

هاڪ هر ڪنهن ملڪ ۾، پلپل تنهنجي آهي پچار،

مُلڪ ساري جي ڏني، آگي سندءِ هٿ ۾ مهار،

من گهريا مقصد پڄائج، ڀرم ڪر ڀوريءَ ڀتار!

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

ڏيهه ساري ۾ ڪرامت، تو سندي مشهور آ،

مهربانين کؤن اوهان جي، ملڪ سڀ معمور آ،

محب تون مولا سندو، تو ۾ نبيءُ جو نور آ،

روز شب رايو اوهان جو، وٽ خطا منظور آ.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

ترت تاريئي تار مؤن، ورهن سندو ٻيڙو ٻڏل،

وهر واياڻيءَ جي ڪري، مهتو جياريو تو مئل،

واعدو تنهنجو مريدن سان، ايهو آهي ڪيل،

هڪل ۾ همراهه ٿئين، فائق ڪري پنهنجو فضل.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

دُرسي آهي دوست تون، ديوان دُفتر جو ڌڻي

سڀ ڏنيون تو کي خدا، واڳون سڀئي وس جون کڻي،

جان ڪندين منظور تون، سا ڳالهه واحد کي وڻي،

ڪين ٿئي شهباز جي، ڪاپي برابر مٽ چئي

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

زود ظاهر ٿيو اچي، نروار هت نعرو هڻي،

خلق سڀ حيران ٿي، عالم ڪري عبرت گهڻي،

مَر سيئي ماڻهو سُڻن، دلگير جو آيو ڌڻي!

قدمن مٿئون قربان ٿيان، سر گهور ڪيان پنهنجو کڻي۔

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

ڍڪ اگهاڙيءَ کي، ڍڪڻ ٿي، پاند ڏئي پرور پناهه،

تهدليون توڪل رکي، هيءَ مون چئي تنهنجي مداح،

عيب ظاهر ڪر نه منهنجا، مهر جي ڪر تون نگاهه،

مون وَتي دامن اوهان جي، تو بنا ٻي ڪانهي واهه،

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

جو آيو سائل سوالي، در اوهان جي تي دليون،

ٿيا مڙئي مقصد انهيءَ جا، سڀ مرادون من گهريون،

جي لڳا لڙهه لام تنهنجي، تن جون ڳڻتيون سڀ وَيُون،

دل سڀيئي دل جا دفع ڪج، معاف ڪر ميريون منديون.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

رات روئندي آئون گذاريان، ڏينهن ڳڻتيءَ ۾ ڳري،

هٿ کنيو هڪلان ڪيان، سڪ سوز مؤن سڏڪا ڀري،

در کؤن دانهون ڪريان ٿو، جيءُ سندم جهوريءَ جهُري،

تو بنا وارث ولهن جا! ڪير منهنجي وَرَ ڪري،

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

دُرس هن دلگير جون، هيءُ درد جون دانهون ٻڌيج،

غور گيلاني! ڪجانءِ، هي سوال منهنجا سڀ سڻيج،

واهه ڪر بيواهه جي، ٻي ڪاڻِ محتاجي نه ڏيج،

مهت ڏي مظلوم کي، هن راهه ۾ رهبر رسيج.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

دان ڏي دلگير کي ۽ دير هڪ دم جي نه ڪيو،

جلد جيلاني اچي، هيڻي مٿي هٿڙا ڏيو،

ٻيا تڪيا ڪيئي تڪيم، توريءَ تڪيو ناهي ٻيو،

بيوسيلن جا وسيلا! سيگهه ۾ ساڻي ٿيو.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

خلق ساري ٿي ڪري، مون ڏي حقارت جي نگاهه،

مون جهڙو بدڪار اصلئون، ٻيو نه پيدا ڪيو الله،

مٽ نه مائٽ ڪو مدد، سنگتي نڪو همدم صلاح،

سڀ ڀڄي بيزار ٿيا، بلڪل سجهي تو ريءَ نه واهه.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

در اوهان جي دوست! آيس، پاند پائي ڏوهه مُون،

سوال خاوند کي ڪري، بخشاءِ بيڪس جون بديون،

سڀ سندم سَوَلي ڪرائج، حقّ جي درگاهه کؤن،

وڙ ڪيو وارث! ولهي سان، ڪرم ڪر ڪاهل مٿئون.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

وِٿَ نه وجهه وارث وڏي، ڪر داد دانهينءَ جو سگهو،

اسم لڳ الله جي، آسان سڀ مشڪل ڪيو،

ڪئن ڪيان ڪاڏي وڃان، تو ريءَ اجهو ناهي ٻيو،

سور سختيءَ کؤن ڇڏائج، دان دل گهريو ڏيو.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

مون مداحيءَ سان مدد ڪر، حرمتِ خيرالورى،

حرمتِ شاهِ حَسن، حُرمَتِ حُسين المجتبى،

سوال سائل جا سڻي، ڪر درد منهنجي جي دوا،

آخرت دنيا جا ڪر، مطلب تمامي لڳ خدا.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

زندگي منهنجي گذارج، آبرو سان سربسر،

ڪر مدد مسڪين سان، ٻئي در نه ڪنهن محتاج ڪر،

شان شوڪت سان گذارج، لاهه ڳڻتيون سڀ فڪر،

مدد ڪر مردود مدعي، دور دشمن دربدر.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

هر دو عالم ۾ گذارج، عاقبت پَت ڌيان سان،

ڀرم ڀوريءَ سان ڪرين، رهجي اچي شل مان سان،

وقت رحلت جي هلائج، دين ۽ ايمان سان،

ذوق محبت ڏي ”عاصي“ کي، ڪلمي ۽ قرآن سان.

غوث اعظم! غور ڪر، فرياد رس پيران پير !

ماڙ ڪر مسڪين جي، ڪارڻ خدا جي دستگير!

 

لاالہ اِلا الله محمد رسول الله.

ٽيهه اکري:مارئي

(چيل هزهائينس مير عبدالحسين ”سانگي“ جي)

[هز هائينس مير عبدالحسين خان ولد مير عباس خان ولد مير نصير خان 1851ع ۾ نظربندي واري زماني ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو. سنڌي، عربي، فارسي ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. فارسيءَ تي ڪافي دسترس هئس. ننڍي هوندي کان ئي شعر و شاعري ڏانهن مائل رهيو. نهايت خليق ۽ حليم طبع هو. سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ معياري شعر چيو اَٿس. هتي سندس هڪ ٻِٽِي ٽيهه اکري ڏجي ٿي. ”ديوان سانگي“ جو پهريون جلد ڇپجي چڪو آهي. پاڻ 1924ع ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي مقبري جي پيرانديءَ کان آهي.]

 

بنام جهان داورِ دادگر،

چوان ڇا ڪيو مارئي کي عمر؟

سي حرفي سڻو جا چوان سربسر،

ڏيان مارئيءَ جي ڏکن جي خبر؛

مگر مون کي هڪڙو هي آهي حَذر،

نه ڇٽندي ڪڏهن پارسيءَ کان پَچر.

 

الف بلبلِ طبع ٿي نغمہ سنج،

ٻُڌئين مارئي کي هو ماڙين ۾ رنج،

عمر کي چئي، ٿيءُ نه مغرور گنج،

رکج دل تي اڪثر خِزان جو خَطر.

 

الف اَشهبِ طبع ٿيو تيز گام،

ڇڏائي وڃي ٿو هٿن مان لغام،

نه ترسي ڪٿي هاڻ ٿو خوش خرام،

وڃي ٿو وٺڻ مارئي جي خبر

 

برهه بي ۾ ٿي ڪيئن سان گهاري گهڙيون!

ويڙهيچيءَ کي ڪيئن مال ماڙيون وڻيون!

چوڙيليءَ کي وسري ويون ڪيئن چَڙيون!

سرُودن کي سڻندي، وساري وَلَرَ !

 

بلائن ۾ بي آهي بيشڪ بَندي،

سرس سِڪ آهي ان کي سرتين سندي،

وري ويڙهه ويندي، وڏا وس ڪندي،

وطن کي وساري نه ويهندي نذر.

 

تُرت تي پسي مارئيءَ جو ملال،

جئِڻ جنهن کي جهانگين سوا هو جنجال،

ٿي آشفته خاطر، پريشان حال،

ڪيو طبع تي اُن جي آهُن اثر.

 

تڪڙ تي ڪري سا هجي جنهن ۾ تاب

غمن ڪيو غريبن جو خانو خراب،

خطا ٿي ڪري جي عمر ڏي خطاب،

ڏسو ڇا ڪري ٿي قضا و قدر؟

 

ثي ثابت رکيو سيل تنهن سوگوار،

چيائين ٿي اي پاڪ پروردگار!

رهي لڄ لوئيءَ جي شل برقرار!

پسان مان پنوهارن سان پائر پڌر.

 

ثمر ثي جهليا جام ڄارين جهجها،

آهي مَڪَ کٻڙين جِي بي انتها،

پِپُون ۽ گولاڙا پَٽن تي پيا،

ڦُٽا ڦوڳ ۽ ڦار ساوا ٿيا سَر.

 

جئڻ جيم جيڏين سوا ڪيئن جُڳاءِ!

اِلاهي! هتان منهنجي قسمت اُٺاءِ!

ڪَڙن کان ۽ ڪوٽن کان مون کي ڇڏاءِ!

ٿئي مارن مِٺن ڏي سگهو مون سفر.

 

جئڻ جيم جيڏين سوا جڳ ۾ جاڙ،

ڏنا ڏاڍا قسمت سَڄر دلي کي ساڙ،

اُڀرندي کان مون کي رسايائين لاڙ،

اهو آيو مون تي سفر پُر حَذر.

 

حدون حي هي آهن، عمرڪوٽ جون،

پسان ٿي جتي ڪين، پنهنجون پَهون،

ريڍاريون اسين ڪيئن رڍن ريءَ رهون!

وڃي پنهنجو ڀائر، پسان ڪهڙي پر؟

 

حَرم حي هي تنهنجا، ڏسيو دم بدم،

چوان ٿي ته آهن هي قادر جا ڪم،

قضا منهنجا هن هنڌ گهمايا قدم،

ڪرم هت ڪئي آهيان ڪوٽن اندر.

 

خلل خي خرابيون رسائڻ خراب،

ستائيون ستائڻ نه آهي ثواب،

صفا ٿيندو جڏهين حساب و ڪتاب،

ڪندو داد بيداد جو دادگر.

 

خفي خي نَه ٿي سرس اي سومرا!

اندر جا نه تو چاڪ چڪندا ڏٺا،

وَجهل ۾ ويڙهيچن جي، هي حال ٿيا،

ڪيو آهه قسمت، هي مون سان قهر.

 

دلئون دال دلبر نه آهن پري،

نه ساعت مون سانگين سوا ٿي سري،

ويڙهيچن ڏي شل! واڳ منهنجي وري،

سڳر ساڻ گڏجي، کان تازا سڱر.

 

دَمان دال دل مان آهي آههَ سرد،

مٿي تي پيل آهه گوندر جي گَرد،

نماڻن سان ڪن مامرو ڪين مرد،

جَليا جور تنهنجي کان منهنجا جگر.

 

ذمي ذال تنهنجي هي آهن گناهه،

آهي حال منهنجو ٿيو اهڙو تباهه،

ڪندو عدل آخر اسان جو الله،

آهي جنهن جي قبضي ۾ سڀ خشڪ و تَر.

 

ذرو ذال زيور، نٿا مون وڻن،

زريون، پَٽَ، پٽولا، نه دل تي پون،

کٽون هنڌ وهاڻا، هي سوڙيون سڙن،

اِها ناهه منهنجي پنوهارن جي پَر.

 

رهيا ري پري منهنجا پيارا پنوهار،

دِليان لاهي ويا مون کي آهن ڌنار،

لڌي ڪانه سانڀين سڙيءَ جي سنڀار،

ڇڏي منهنجي جيڪس پنوهارن پَچر.

 

رهي ري آهيان آءٌ ڌنارن کان ڌار،

ملائي پنوهارن سان پروردگار،

هتي ڪين واسيان ۽ ويڙهيان ٿي وار،

لهي ويندا دل تان هتي جا حَذر.

 

زريون زي سي پائن هجي جن کي زور،

اسين ڍاٽي چاريون سدا ڍَٽ ۾ ڍور،

نماڻن تي ناحق نه ڪر زور شور،

ڪو خوفِ خدا ڪر ادا ڙي عمر!

 

زي زاريون ڪريان ٿي عمر! آءٌ وڏيون،

ڳنڍيرن جون دل ۾ پيون ٿم ڳنڍيون،

پنوهارن نَيون آهن پيهُون اَڏيون،

وڌا تن تي سانڀين ڪپي سبز سَر.

 

سڄر سين ساريان نه ساڙيهه ري،

اچان ها مان سرتين سان پاڻي ڀري،

آهن مون کان جهانگين جا جهُوپا پري،

ڏٺي ڏينهن ٿيا ٿم اَباڻن جا گهَر.

 

سدا سين دل ۾، شريعت رکون،

وڻن ۾ گذاريون، طريقت رکون،

ڍڳا ڍور چاريون حقيقت رکون،

اسان معرفت آهه پائر پَٿر.

 

صفا صاد دل ڪر سدا سومرا!

حيا ڪر هچارا! نه ٿيءُ بيحيا،

آهن مينهن مارن جي پاسي وسيا،

پلر جا پين پاڻي سانڀي سڄر.

 

صبر صاد منهنجو ڪندو ماجرا،

ملائيندو مارن سان مون کي خدا!

جفاڪار تي پوندي آخر جفا،

عُمَرَ ڀِي مَلَڪُ ناهه، آهي بشر.

 

ضيا ضاد چشمن کي ٿيندي تڏهن،

پَکا آءٌ پنوهارن جا ڏسنديس جڏهن،

نه ڄاڻان اهو ڏينهن ٿيندو ڪڏهن!

اڃا تان هتي آهيان ڪوٽن اندر.


ضرر ضاد ظاهر هي آهي رسيو،

مون کان ڏيهه ڏاڏاڻو قسمت کَسيو،

ڀُونگن جي ڀُرن تي جتي رات جو،

ڪندا هوندا ٻوليون ٻاٻاڻا ٻڪر.

 

طوئي طلب طعامن جي ناهيم ڪا،

سڙان ٿي آءٌ سانگين کي ساري سدا،

هتي هاءِ هَي هَي! مون هي حال ڪيا،

غم وياس حرمان ۾ ٿئي ٿو بسر.

 

طلاطم طوئي منهنجي ڪشتي پئي،

کنئي آهه هن وقت لهرين اچي،

ڏسڻ ۾ اچي ڪانه ٿي ڪا ڪنڌي،

آهي موجزن ٿيو برهه جو بحر.

 

ظلم ظوئي زربفت پائڻ آهي،

خرابي هتي کاڄ کائڻ آهي،

آءُ ٻانهي آهيان ڪير سائڻ آهي؟

آءُ باندي آهيان هير ڪوٽن اندر.

 

ظلم ظوئي ظاهر ڪندا جي هتي،

حساب ان جو آخر ۾ ڏيندا ڪٿي؟

آهي مامرو هي متل مون مٿي،

مونهان پوءِ نه هوندا، اِهي هُل حَشرَ.

 

عمر عين آهيان عمرڪوٽ ۾،

ڀٽن جي مان ويهي وڃي اوٽ ۾،

چچڙ پئجي ويا مون کي هن چوٽ ۾،

ڌوئان پاڪ پائر جي پاڻيءَ سان سِرُ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org