سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :34

·        شين شتابي لَڏ ڪري،

·        پوندين پاڻ زمين تَري

·        ويندين هتڙئون ڪُوچ ڪري،

·        ايندءِ ڌرتي هيٺ ڌَري،

·        سُڃ، اَنڌاري، بَر بيبان-

·        ربّ جا ويجها ٿِي احسان.

·         

·        صاد صحي تون ڏسندين باب،

·        ٿيندو جاٿي حق حساب،

·        ڏيڻو پوندءِ جلد جواب،

·        ظاهر ٿئي ڪُل ڏوهه ثواب،

·        چوندءِ پنهنجي کول زبان-

·        ربّ جا ويجها ٿِي احسان.

·         

·        ضاد ٻڌي ٿي ضد اجائي،

·        جا شيء توکي آهه پرائي،

·        ڇا تي تنهنجي آهه وڏائي؟

·        يارَ! پَوَئي ٿي خبر نه ڪائي،

·        ڪوڙا! ڪل لهين ٿو ڪان-

·        ربّ جا ويجها ٿِي احسان.

·         

·        طوئي تون طالب! ڇڏ اَڙوَل،

·        ٻُڌي اُن تي ڪر عمل،

·        نُڪتو هيءُ چوان افضل،

·        راهه شريعت سان ٿي هَل،

·        فرض نمازون ڪر قضا نه-

·        ربّ جا ويجها ٿِي احسان.

·         

·        ظوئي ٿِي ظالم سر سان ويٖر،

·        ڪر تنهين کي پنهنجي زيٖر،

·        وڃ تنهين جي گهَٽ نه گهيٖر،

·        ماري مرد! ڪُتي کي ڪيٖر،

·        جهَلج سر تي جُنگ جوان!

·        ربّ جا ويجها ٿِي احسان.

·         

·        عين عبادت جو وٺ چارو،

·        ٿيندين تون مشهور موچارو،

·        دين سندو ڀي وڄاءِ نغارو،

·        سڏبين سورهيه سچ سوڀارو،

·        رک روزا منجهه رمضان-

·        ربّ جا ويجها ٿِي احسان.

·         

·        غين نه غافل ٿي مغرور،

·        ٿيندءِ حاصل حق حضور،

·        پنهنجي دل کي ڪر پُر نور،

·        راضي ٿيندءِ ربّ غفور،

·        ڏيندءِ ڏاتر دُهرا دان-

·        ربّ جا ويجها ٿِي احسان.

·         

·        في دنيا جي فرحت ڇڏيج،

·        ربّ کي سنجهه صبوح سڏيج،

·        نفس ندوري مُنهن نه گڏيج،

·        آڏاڻا ربّ ساڻ اڏيج،

·        ڪندو معاف تنهنجا عصيان-

·        ربّ جا ويجها ٿِي احسان.

·         

·        قاف قلب مان ڪڍ تون ڦاهي،

·        دوست! اُٿي وٺ رستو شاهي،

·        غرق ٿئين ڇو گمراهي؟

·        ياد خدا ڪر پاڪ اِلاهي،

·        تهدل ٻَڌ سچو ويساهه-

·        باري بخشيندڙ الله.

·         

·        ڪاف ڪچا ڪم ڪيم ڪريج،

·        چشمن مان جر جال هاريج،

·        ڏاڍي ڀر ڏهڪار ڏريج،

·        صاف صبر جي سُرڪ ڀريج،

·        وٺج دلبر جي درگاهه-

·        باري بخشيندڙ الله.

·         

·        لام نه هڻ ڪنهن سان لاف،

·        ٿيندءِ وڃڻ وٽ صراف،

·        دل جي ڪڍ نه ٻاهر ٻافَ،

·        هٿ انهيءَ جي ۾ انصاف،

·        ڪندا پنهنجي نيٺ نگاهه-

·        باري بخشيندڙ الله.

·         

·        ميم ادا! ڪر من محراب،

·        دل جو لاهي ويهه حجاب،

·        جيءَ ۾ جامع جوڙ جناب،

·        ٿيندين گوهر گل گلاب،

·        پوءِ پسند ڪندءِ دلخواهه-

·        باري بخشيندڙ الله.

·         

·        نون نه هلندءِ نخرا ناز،

·        عجب ادب ۽ ساڻ نياز،

·        پڙهه تون پنجئي وقت نماز،

·        تو سِر رحم رباني راز،

·        هردم هادي تو همراهه-

·        باري بخشيندڙ الله.

·         

·        واو وسيلو وٺ وريام!

·        سيّد سهڻي جي پئو سام،

·        مير محمّد عربي ڄام،

·        حامي حضرت ماڙ مدام،

·        شير شفاعت شاهنشاهه-

·        باري بخشيندڙ الله.

·         

·        هي هدايت ڪندءِ هادي،

·        ٿيندءِ بَديُن جي بربادي،

·        گهوٽ! سندءِ گهر ٿيندي شادي،

·        ٿيندءِ عيبن کان آزادي،

·        رکندءِ پرور پاند پناهه-

·        باري بخشيندڙ الله.

·         

·        لام لطيفا کول عجيب،

·        روحي نفسي تون طبيب،

·        قلبي سّري ڪر نصيب،

·        خفي ۽ اِخفا ساڻ مُنيب،

·        روشن ڪر اهائي راهه-

·        باري بخشيندڙ الله.

·         

·        الف اُداسي هي دلگير،

·        عاصي احقر پُر تقصير،

·        ”حاجي عبدالله“ فقير،

·        پيار تني کي کنڊون ۽ کير،

·        يا رب صاحب سنجهه صباح-

·        باري بخشيندڙ الله.

·         

·        يي يڪدم ۾ رک خيال،

·        آهي نماڻن جو ننگپال،

·        ڄاڻج واحد ذوالجلال،

·        سنهنجي ڪج سڪرات، وصال،

·        ڏيان شل ڪلمي ساڻ پساهه!

·        باري بخشيندڙ الله.

·        لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

·         

(4)

ٽيهه اکري: مارئي*

 

·        الف اڪير اندر ۾ آس،

·        دمدم دل کي آهه اُداس،

·        مارن جي ٿم پلپل پياس،

·        بيشڪ ڄاڻي هڪ اَلله-

·        سانگين ڪاڻ سڪي ٿو ساهه.

·         

·        بي بيسار بدن تي بار،

·        کائڻ پيڻ لڳُم لاچار،

·        ڪين وڻي ٿي ٻي گفتار،

·        ڀانيان تنهنجا طعام تباهه-

·        سانگين ڪاڻ سڪي ٿو ساهه.

·         

·        تي تن ۾ ٿم تانگهه اَپر،

·        بي ڏوهيءَ کي بند نه ڪر،

·        محبت مارن جي ويتر،

·        ٿي نه ادا! تون بيپرواهه-

·        سانگين ڪاڻ سڪي ٿو ساهه.

·         

·        ثي سڪ ثابت منجهه سرير،

·        ڪر عدالت عمر اَمير،

·        جهانگين جا ٿم جيءَ ۾ جهير،

·        ڪونهي مون ڏي ڏوهه گناهه،

·        سانگين ڪاڻ سڪي ٿو ساهه.

·         

·        جيم جني لئي من مخمور،

·        قسمت قيد ڪيو مهجور،

·        سي رب ميٖلج زود ضرور،

·        سُورَ سنگهارن سنجهه صباح-

·        سانگين ڪاڻ سڪي ٿو ساهه.

·         

·        حي حق جي تون ٻڌ خبر،

·        ڪر تون ظلم نه زورآور،

·        ڏيئي گوش اي ڀاءُ عمر!

·        سو ڪر مون تان معاف مباح-

·        سانگين ڪاڻ سڪي ٿو ساهه.

·         

·        خي خوشروءِ نه جاليان ٿي،

·        روئان نت نت ناليان ٿي،

·        سانگين کي سنڀاليان ٿي،

·        آڻيو آب اکين جَرُ جال-

·        ملنديس ويڙهيچن کي شال.

·         

·        دال دمادم هي حالات،

·        ڏک سک ڏوريان ڏينهان رات،

·        مارن جي ٿم وائي وات،

·        هيڪر هڪ جيڏين سان حال-

·        ملنديس ويڙهيچن کي شال.

·         

·        ذال ذڪر سُڻ سارو هيءُ،

·        منهنجو جوش جلايو جيءُ،

·        مارن جو ڏک درد قويءُ،

·        روح نه رس  ۾ ريءَ وصال-

·        ملنديس ويڙهيچن کي شال.

·         

·        ري رب پاڪ قهاري ڄاڻ،

·        دائم تنهنجو هي نه وٿاڻ،

·        عمر! الله لڳ پاڻ سڃاڻ،

·        ترت تڪبر جا ڇڏ خيال-

·        ملنديس ويڙهيچن کي شال.

·         

·        زي زر سيم زهر ٿي ڀانيان،

·        سانگين هيءُ نه لقب لايان،

·        هر گز ڳهه نه ڳچيءَ ۾ پايان،

·        زينت زيب ڪڙيون ڪٺمال-

·        ملنديس ويڙهيچن کي شال.

·         

·        سين سنگهارن ڏي ويندياس،

·        پَٽ پوشاڪ نه پهريندياس،

·        پاڙي پيٖڪن جي هوندياس،

·        ويس اباڻو لوئيِ لال-

·        ملنديس ويڙهيچن کي شال.

·         

·        شين شرم رک شاهنشاهه!

·        ڪر نوازش ساڻ نگاهه،

·        اَمن گهران ڏي پاند پناهه،

·        عمر سڃاڻج پنهنجو شان-

·        منهنجو مارن سان گذران.

·         

·        صاد صفا دل بي آرام،

·        تهدل آهي تنگ تمام،

·        محلن ماڙين منجهه مدام،

·        کُهه پيا بنگلا ۽ بستان-

·        منهنجو مارن سان گذران.

·         

·        ضاد ضعيفن سان ظلمت،

·        ڪڍ ڪُل غير غصو غفلت،

·        نا رک تکو تُهمت،

·        عمر ڦٽي ڪر بدگمان-

·        منهنجو مارن سان گذران.

·         

·        طوئي ٿم طلب اندر ۾ وائي،

·        ٿيان خوش کاڄ کنڀيون مرکائي،

·        آهيان ڄارين منجهه آءٌ ڄائي،

·        لهندم ڏيهه ڏٺي ارمان-

·        منهنجو مارن سان گذران.

·         

·        ظوئي ظاهر هنجون هاريان،

·        ڇيلا ڇيڪ ته ڇوڙيو چاريان،

·        ماڙيچن سان گڏجي گهاريان،

·        جهنگ جهر گهمندي ٿيان شادان-

·        منهنجو مارن سان گذران.

·         

·        عين عجائب ملڪ ملير،

·        پڪڙا پيرون پاڪ پنير،

·        اهڙو ملڪ نه آ ڪشمير،

·        مُئيءَ جو ملڪ ڀلو بيبان-

·        منهنجو مارن سان گذران.

·         

·        غين غنيمت آءٌ ٿي ڄاڻان،

·        جتي لُلر پڪا هن لاڻان،

·        منهنجا ٿرن مٿي جي ٿاڻان،

·        روز روئان ٿي زاروزار-

·        موڪل ڏي ته وڃان ٿر پار.

·         

·        في فڪرات هميشه روح،

·        تنهنجا کاڄ سٽيان منجهه کوهه،

·        سرتين جي سڪ سنجهه صبوح،

·        ٻوڙ پلاءَ نه مون درڪار-

·        موڪل ڏي ته وڃان ٿر پار.

·         

·        قاف قريبن جو اندوهه،

·        عمر! ڪيو تو مون سان ڊوهه،

·        ڪون هٿان مون پِيڙَو ڏوهه،

·        ڀؤ رک، سخت اٿئي سرڪار

·        موڪل ڏي ته وڃان ٿر پار.

·         

·        ڪاف ڪريان ٿي عرض حوال،

·        هاڻي ڪر ڀلائي ڀال،

·        سو ٻڌ مير عمر! في الحال،

·        شفقت واري نظر نهار-

·        موڪل ڏي ته وڃان ٿر پار.

·         

·        لام لڳو ٿم فڪر فراق،

·        آهيان ڪوٽ اندر غمناڪ،

·        سانگين جي ڪيو حُب هلاڪ،

·        مفت مُٺيءَ کي مير! نه مار-

·        موڪل ڏي ته وڃان ٿر پار.

·         

·        ميم نه مون تي حڪم هلاءِ،

·        نقص نماڻيءَ کي نا لاءِ،

·        ريءَ رب پنهنجي ڪين ڦلاءِ،

·        شير ! شريعت ساڻ گذار-

·        موڪل ڏي ته وڃان ٿر پار.

·         

·        نون ننگاوت جو ننگ ڄاڻي،

·        ادا! امانت مُنج اباڻي،

·        تهدلِ تان هي ترت اماڻي،

·        نانءِ الله جي ڪر آزاد-

·        ٿئي دل ملڪ ڏسڻ سان شاد.

·         

·        واو وڏائيءَ ۾ ڪجهه ڪين،

·        جتي تڪبّر سي بي دين،

·        عمر ادا! ٻڌ ساڻ يقين،

·        ٿيندا نيٺ اُهي برباد-

·        ٿئي دل ملڪ ڏسڻ سان شاد.

·         

·        هي هِي عرض ٻڌڻ فرماءِ،

·        دير نه ڪر تان ٿئي دلجاءِ،

·        سام سنگهارن ڏي پهچاءِ،

·        عمر! پوَئي ڪا مهر مراد-

·        ٿئي دل ملڪ ڏسڻ سان شاد.

·         

·        لام لنگهي تي ڪر انعام،

·        رس محمّد مير! مدام،

·        در جو ”عبدالله“ غلام،

·        اڱڻ اچڻ سان ڪر آباد-

·        ٿئي دل ملڪ ڏسڻ سان شاد.

·         

·        الف اوهان تي ڏينهان رات،

·        وارث ويلي وقت وفات،

·        لک لک بار پڙهان صلوات،

·        موذيءَ کي ڪج مرسل! ماد-

·        ٿئي دل ملڪ ڏسڻ سان شاد.

·         

·        يي يڪ منهنجو هيءُ سوال،

·        قادر لڳ ڪرين ڪو خيال،

·        منهنجو هيڻو آهي حال،

·        موت مهل ڏج ڪلمون ياد-

·        ٿئي دل ملڪ ڏسڻ سان شاد.

·        لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله.   


*  هن ٽيهه اکري جو مدار اُتر مان احمد خان آصف (تعلقو ڪڪڙ)، غلام رسول جتوئي (تعلقو وارهه) ۽ غلام نبي (لاڙڪاڻو) کان پهتل روايتن تي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org