ڪاف
ڪاٽن ڪُل ٻنڌاڻن کي هجي توڙي حقاب،
سڏ نه
سُهما جهلين جهڻڪا، تِر قَدر نا رکن تاب،
معاف
مَٿَڪي ڇيڙ ڇِڪ، تو تئون ڪرائي شهه شتاب،
ڇِيَن
ڇِڙٻُن کؤن ڇُٽِين، توتي نه ڪو آڻن عتاب،
سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،
پرجهه معنيٰ” مَن عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست
جو.
لام لاڳن کؤن ڇٽي، ٻئي سر کڻي اَنّ آڻ تون،
ٻاجهه
مؤن هردوسرى، ڍوئي پڄاءِ گهر پاڻ تون،
پوءِ
مزا گهر پانهنجي، ويٺو مدامي ماڻ تون،
نيڪ
نيّت جا حصا، نازڪ نرالا ڄاڻ تون،
سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،
پرجهه معنيٰ” مَن عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست
جو.
ميم
منصف! جي چوين، معشوق مشفق کي ملان،
برن ۾
بيوس ڦِرڻ، مجنونءَ وانگر کڻ کِلان،
سُور
سسئي جان سِکي، گهٽ گهيڙ وؤڙج ڇڏ گهِلان،
لافزن
بي دُک بدن، تن کي هوائي چؤ هلان،
سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ! دوست جو،
پرجهه معنيٰ” مَن عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست
جو.
نون
نانگا موڙ مُنهن، ڊنگ ڊاڙ ڏنهن بيشڪ بحال،
ريب فند
فريب سان، ناهي فقيري صاف سال،
”اَلفَقرُ شيءٌ“ امر، اهنجو اٿئي موڳا محال،
ڇو
لڄائين دلق درويشي مدامي بي مجال،
سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،
پرجهه معنيٰ” مَن عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست
جو.
لام لازم درد دوري، داغ ۾ جيڪو جلي،
عاقبت
ديدار دلبر جو ملم تنهن کي مِلي،
سيگهه
مؤن ساجن سري اسرار مخفي سڀ سَلي،
”بخش
علي“ سان ڀي بلي! همراز هڪ ٿي ٿو هلي،
سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت،تان لهين دڳ دوست جو،
پرجهه معنيٰ” مَن عرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست
جو.
الف اسمي چوٽ چاڙهي، اوٽ اُنسي ونئن وڄاءِ،
تَڻت جو
تاڙو تَڏي، ٻوٽيءَ مثل پنهنجو پچاءِ،
ماسوا
مختار جي، ڀانڊا خلل ڀوري ڀڄاءِ،
نفس
نافرمان، موذيءَ کي مروڙي نِت مڃاءِ،
سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،
پرجهه معنيٰ” مَن عرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست
جو.
يي يارو! قلبي ڪمائي، ڪثر ڪيميا کؤن ڪهن،
رند
روحي رمز بيهڪ باطني ريجهي رهن،
نفس
ناطق جا نتيجا، گودڙيا لاشڪ لهن،
ڪوڏ مؤن
ڪلمي ڪَهِي، بک جک سڄر سامي سَهن،
سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،
پرجهه معنيٰ” مَن عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست
جو.
ٽيهه اکري: مناجات نبي صلعم جي
درگاهه ۾*
(چيل
علي مراد خان ”عاصي“ جي)
[علي
مراد خان زميندار، ڳوٺ بڊي، تعلقي ڳڙهي ياسين،
ضلعي سکر جو رهواسي هو. سندس تخلص ”عاصي“ هو. سندس
ڪلام جو هڪڙو ڪتاب ”گلشن بهار، مجموعه مدحيات ۽
مناقبات“ ڇپيل آهي، جنهن ۾ غزل، ٽيهه اکريون،
ڪافيون ۽ ٻيو نعتيه ڪلام آهي. فارسي ۽ عربيءَ جو
به چڱو ڄاڻو هو؛ ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ هڪڙي مناجات (نبي
صلعم) فارسيءَ ۾ ڇپيل اٿس. هتي سندس ٻه، ٽيهه
اکريون ڏجن ٿيون.]
(1)
الف
اوّل سڻ
الله لڳ دانهن دانَہ دلبرا!
تو بنا
ٻيو ڪير لهندو سُڌ سِڪاين سرورا!
تون
اٻوجهن آسرو، آهين پرين پيغمبرا!
ڪر مدد
تون مير مرسل هاديء هر دوسرى!
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
بي
ڀلا! تون بيڪسن جو ڀرجهلو آهين سدا،
بيوسيلن
کي بِلو، توريءَ نه ٻيو ڪو سيّدا!
ننگ
پرور! ناقصن جون تون نبي نُورالهدى،
آسرو
عاصين سندو، ڪر ماڙ منهنجي محّمدا!
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
تي
تڳان تارِي اوهان جي، هوت! هيڻن کي اَڀُل،
تون
اَڙين جي اوٽ آڌر، مصطفى مختار مل!
هڪل ۾
همراهه ٿي، اچي لاهه سڀ خطرا خلل،
آجو
ڪجان عيبن ڀريءَ کي، جا گناهن ۾ گتل،
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
ثي
سدا ثابت آهي، سِڪَ ساهه کي تنهنجي مدام،
تون
آهين سرتاج سڀني انبيائن جو امام،
پيشوا
مڙني جو تون، توتي نبّوت ٿي تمام،
نُور
نرمل! ڪر نظر، هيءُ جو آيو تو در غلام.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
جيم جانڪون آءُ جيان، مون ڪونه ڪيو اڳ جو ثمر،
سخت تر
ڏاڍو اڻائو، ٿو ٻُجهي اڳتئون سفر،
نفس ۽
شيطان کاري، خوار ڪيو بلڪل بَتَر،
ڪر
هدايت هاشمي، ڪامل قريشيَ! ڪرم ڪر.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
حي حقيقت حال جي، ٻُنڌ حضرتا! هيڻيءَ سندِي،
رهبرا
رس راهه ۾، ڪر معاف سڀ ميري مَندِي،
آءُ اصل
عيبن ڀري، غافل گناهن ۾ گندي،
هر طرح
پَر تَوَ پرين، پيغمبرا! بلڪل بندي.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
خي خدا توکي ڏنو، عالي لقب ”لولاڪ“ جو،
دل
گهريو دوست آهين، خاص خاوند پاڪ جو،
مجتبى
مختار مالڪ، تون ارض اَفلاڪ جو،
دانهن
ٻُڌ دلگير جي، ڪر غور هن غمناڪ جو.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
دال دلبر ڏئي دلاسو، درد دک سڀ دور ڪر،
لاهه
سياهي سڀ اندر جي، قلب کي پُرنُور ڪر،
غم الم
دل جا دفع ڪر، گهَر سندم معمور ڪر،
عرض مون
مسڪين جا، سڀ مصطفى منظور ڪر.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
ذال آهي ذڪر منهنجي حال جو بيحد گهڻو،
لڳ خدا
جي سرورا! ڏئي ڪَن سڀئي سڏڙا سُڻو
ماڙ ڪر
مسڪين جي، سڀ بار بيڪس جا کڻو،
نفس ۽
شيطان کي، نرمل ننگي! نيزو هڻو.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
ري رسول الله! رس، واهر اچي ڪا ورڪريج!
وقت
اوکيءَ ويل ۾، هيڻن مٿي هَٿڙا ڌريج!
ٻار
مؤن، ٻهڳڻ! ٻڏيءَ جو ٻانهن ڏئي ٻيڙو ڪڍيج!
درد جون
دانهون ٻڌي، تون احمدا! وهلو وريج!
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
زي ٻُنڌي زاريون ضعيفن، ماڙ محتاجن ڪجو،
دُرس هن
درويش سان، هر وقت ۾ حامي هجو،
حضرتا!
هن حال ۾، همراهه هيڻن جا ٿجو،
جي
ڪميني جون ڪچايون، عيب عصيان ميٽجو!
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
سين سوالي سڀ اوهان جا، جن مڙيئي ماڻهو مَلڪ،
ٿيا
سندو تَابع تمامي، زيرَ پا ارض و فَلڪَ،
تو
سمائي سيّداَ ! روشن ٿيا چوڏهن طبق،
لاهه دک
دلگير جا، پيغمبر! منجهه هِڪ پَلَڪ.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
شين
تنهنجي شان جو، مَٽ ٻيو نه ڪو مرسل نبي،
تون
اجهو عاصين سندو، توريءَ نه واهر واهه ٻِي،
در سندو
دانهون ڪري، ڪوجهو ڪمينو مُذنبي،
ڪرم
ڪامل، ڪر قريشي يا محّمد عاربي.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
صاد
صدقي سر ڪيان، هي مالَ سڀ توتئون مڏيون،
ماڻڪي
تنهنجا ڏسان، دل ۾ اُميدان ٿم وڏيون،
احمدا!
روضو ڏسي تنهنجو، ٺرن منهنجون اکيون،
معاف
ٿين مسڪين تئون بدڪار جون جيڪي بديون.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
ضاد
ضامن تون ضعيفن، آسرو هر دوجهان،
توکي
خاوند خاص خلقيو، ذوق پنهنجي شوق مان،
تون آن
خَتم المرسلين پيغمبرِ آخر زمان،
ڏينهن
محشر جي شفاعت تون ڪندين مڙني مٿان.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
ڪوئي
آهي طلب، سڪ ساهه کي خبر الا مم،
تون
نبين جو نبي، مرسل مٿئون مڙئي ختم،
سڀ
سلامي اَنبياء، تنهنجو اعليٰ قدم،
افل
کئون الله ڪيو ايڏو تنهنجو اعليٰ عزم،
الفياث
اي احمد!، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪردار منهنجو، سيد سونهان سڀن!
ظوئي
ظاهر آهن اوهان جا معجزا ملڪن اندر،
سرورا!
سردار سڀني، خاص تون خير البشر!
مڙن جون
مهندار مرسل، شافعي يوم الحشر!
بيڪسن
جا بار بيشڪ تو مٿئون ٿيا سربسر.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
عين
عاصين عاجزن جو اوٽ تون آهين امان،
رس محمد
ڪارڻي، ياور يتيمن جا ضمان!
ننگ کڻ
ناقص سندو، نرمل نبي نافع جوان،
سوال
سائل جا سڻي، ڏي دُرس هن دلگير دان.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
غين
غافل ٿي گذاريم، نفس جي تابع رهِي،
لوڀ
لالچ ۾ اجايو زندگي ضايع ڪئِي،
ڪوڙ جا
ڪر تب ڪمايم، سڌ نه سورن جي پئِي،
حال
روشن سڀ اوهان کي، ڇا ٻڌايان آءٌ چئي؟
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
في
فڪر دنيا سندي ۾، عمر سڀ افراد ويم،
هوڏ
هستيءَ ۾ هميشہ، سر مٿي صدما سٺم،
دم خدا
جي يادگيريءَ جو نه خطرو خوف ٿيم،
سام
پرتئي سيّدا ڳولي ڳلو تنهنجو وَتُم،
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
قاف
قادر
قرب مؤن، پرور توکي پيدا ڪيو،
اصل کؤن
آگو اوهان تي، خود خدا عاشق ٿيو،
تون
وِلهن جو واهرو، ڏيهن سندو آهين ڏِيو،
معاف ڪر
منهنجون مَدايون، تو بنا ناهي تڪيو.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
ڪاف
ڪروڙين
لطف لائق، هوت جا، هيڻي مَٿي،
جي سندم
مخصوص مدعي، پاڙَ ڇڏ تن جي پٽي،
دربدر
ڪر دشمنن کي، ساڙ ۾ وجهه سَڀ سَٽي،
ڏي همٿ
همراهه ٿي، دلگير جا ڇڏ دک ڪَٽي،
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
لام
لڄ،
منهنجو شرم رک، شان شوڪت سان گذار!
ڪر
نوازش جي نظر، نرتئون ننگي ناميا نهار!
ڪر
هدايت هوت هاڻي، مُرده دل منهنجي جيار!
ڪين ڪر
محتاج ڪنهن جو، در نه ٻيو هرگز ڏيکار!
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
ميم
مرسل! مون مداحيءَ کي تڪيو توريءَ نه ٻيو،
سِڪ
منجهؤن سائل اوهان جي، دست دامن ۾ وڌو،
پِرت
مؤن پيغمبرا، پينام هيءُ پاجي پيو،
داد ڪر
دلگير جو ۽ دان دانهينءَ کي ڏيو.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
نون
نبتر آءُ نماڻي، اصل کؤن ناقص نڌر،
ڏوهه
پنهنجا پاند پائي، دوست! آيس تنهنجي در،
ٿو
گهران بخشيش بهرو، تو بنا واهر نه ور،
من
مرادون مون پڄائج، جي رکان ٿو دل اندر،
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
واو
وهلو ور وسيلا، شافع هر دو جهان،
شان
تنهنجي ۾ خدا، نازل ڪيو سارو قرآن،
تون
دلاسو درد مندن، عيبدارن جو ايمان،
ماڙَ ڪر
مظلوم جي، ڏي دانهن منهنجيءَ تي ڌيان،
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
هي
هميشہ ڪر حمايت، احمدا! آڌار ڏي،
در وتو
مون، دوست! تنهنجو، سو وڃان ڪاٿي ڇڏي؟
نج
مديني ماڳ تي، مسڪين کي سيّد سڏي،
دم
حياتيءَ جو گذارج، پاڻ سان گولي گڏي.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
لاء
لڙهه تنهنجي لڳس، ڪج ڪو ڪرم ڪمذات سان،
در سندي
دلبر اوهان جي، درد کؤن دانهون ڪيان،
ٿو
منگان مطرب مثل، آءٌ دان تو درگاهه مان،
ڏي
سروپاءِ سيّدا، مقصود جي پنهنجي مٿان.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
يي
يقين آهيان اصل کؤن، سگ اوهان جي در سندو،
ٻاجهه
پوندي توکي، ٻهڳڻ! داد دانهينءَ جو ٿيندو،
مصطفى!
تنهنجيءَ مدد سان، هت مداحي مَرڪندو،
حاسدن
تي وجهه هچا، ڪر دشمنن کي شرمندو.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
سڀ
سجايا سوال ڪر، پينام کي پهرائيو،
ترت
ڪامل ڪارڻي! واڪا ولهي ورنائيو،
نظر
ناقص تي ڪري، وهلو وري واجهائيو،
ڏڍ ڏسي
تنهنجي تَڏي، ٻانهي تڏهن ٻاڏائيو.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
دمبدم
دلگير، دلبر، سيّدا! توکي سڏيان،
مضطرب
مُونجهو گهڻو در تي سندو دانهون ڪريان،
خلق جون
خواريون کلان، مهڻا مٿي سر جي سهان،
داد ۾
هيءَ دير ڇا کؤن، احمدا! آهي اڃا؟
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
حال
هيڻو حضرتا! آيس وٺي تنهنجي حضور،
روز شب
ريهان ڪيان، آهون اپر، ڏاڍي ضرور،
سڀ
ڪرايو معاف منهنجا، ڏوهه قادر کون قصور،
ڪر
ميسّر مير! مون کي، جي سندم آسون اُمور.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
ڪيئن
ڪيان، ڪاڏي وڃان؟ توريءَ بلو ڀيڻي نه ڀَر،
دانهن
دل جي درد جِي، توکي ٻڌايم سربسر،
ننگ
پرور ناقصن، پر تَوَ پرين نافع نِٻَر،
مصطفى!
مقصود منهنجا، ڪيو تمامي زود تر،
الغياث،
اي احمدا! مختار مڙني مرسلن،
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سونهان سڀن!
ٻاجهه
ٻانهي تي ڪري، فائق! سڻج فرياد مون،
مير
مرسل مجتبى! دانهينءَ سندو ڪر داد تون،
حال
هيڻو پيش ڪيم، سڀ احمدا! تنهنجي اڳيون،
هٿ کنيو
هر هر ڪيان، پلپل پڪارون بيوَسيون.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
من اندر
مايوس آهيان، ڏينهن توڻي رات جو،
دل حزين
دلگير ٿو، دانهون ڪيان اڌ رات جو،
نِير
نيڻن مؤن وهن، پانَوَ پرينَ! پرڀات جو،
معلوم ۽
مذڪور توکي، آ مڙيئي ڪمذات جو.
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
آسرو
عربي! اوهان جو، مير مون کي مصطفى!
دانهن
در تنهنجي ڏنم، محبوب مشفق مہ لقا!
غور
گوليءَ جو ڪجانءِ ٻهڳڻ! ٻڌي هيءَ التجا!
ڪيو همہ
حاجات حاصل، مَن اندر جي مدعا!
الغياث
اي احمدا، مختار مڙني مرسلن!
دانهن
ٻڌ، ڪر داد منهنجو، سيّدا سُونهان سڀن!
|