سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :14

سين سائل کي ڪرين بيشڪ ڀلا! ڀرپور تون،

نور نافع نام تو، آهين سراپا نور تون،

سوال سائل جي صدا، موليٰ! ڪرين منظور تون،

ڪر حمايت هاشمي! منجھه معرفت مخمور تون،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

شين شريعت شاهه! تنهنجي ۽ حقيقت، معرفت،

مرسل مڙئي محتاج تو، سّيدا! ٿيا تنهنجي هٿ،

همراهه ٿي هر ڳالهه ۾، هادي! ڪرين مون سان همت،

تون وصي بي وارثن، منهنجي ڪريم مُرسل مدت،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

صاد صفا سالار سّيد، آهه سڻ مون احمدا!

قرب تنهنجو ٿيو قرارو مولي ڪيا تو مرتبا!

سڀ سندءِ سيّد! سلامي، اي ڀُلين جا ڀروسا!

’نوح‘، ’ابراهيم‘، ’آدم‘ سڀ اچي تو لڙهه لڳا،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

ضاد ضلالت دور ڪر ۽ ڪڍ چُڪئي کي چاهه مون،

سيّدا! ساڻي ٿي هردم ۽ رهين همراهه مون،

ٿي حمايت هاشمي! آءُ لڳ ڪرين الله مون،

دمدم تنهنجو ديدار ٿئي، پڻ آسرو تنهنجو آ مون،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

طوئي طلب تنهنجي اٿم، همراهه هج هر گاه مون،

اهنج سڀ آسان ڪر تون مرشد هر ماهه مون،

شارڪ ۽ شيطان کان واهر ڪرين ور واهه مون،

حل ڪرين مشڪل مڙئي هادي! ٿئين همراهه مون،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

ظوئي ظهورو ذوق تنهنجو آهه راحت روح کي،

سيّدا! سڪرات جي تون نج آلم اندروهه کي،

سون ڪر سيدا سچا! پارس لڳي جئن لوهه کي،

قلب سان ڪلمون پڙهان مان ۽ تڳان تو توهه کي،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

عين عربي! آسرو تنهن جو ڪيم تڪرار جي،

معاف ڪر مسڪين تان بيشڪ بدين جا بار جي،

تون ڇڏائيندين ڇيهن کان ڏي ’علي‘ آڌار جي،

دست دامن ۽ وڌم سيد! به تو سردار جي،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

غين غازي عضنفر! همراهه ٿي هر ڳالهه ۾،

تو دٻايا ديو، داور حضرتا هر حال ۾،

ڪرم قادر جو توهان سان ”انّمالا عمال“ ۾،

صاحبا! ’يٰس، و طٰہٰ، قادر چيو قرآن ۾،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

في فڪر فعلن سندي ۾ ڏيل منهنجو ٿو ڏڪي،

دُر دستاري شفا، توکي ملي احمد! اڳي،

دانهينءَ سندو ڪو داد ڪر طالب ٻيو تنهنجي تڏي،

بخش ڪر بدڪار کي، سائل بيٺو توکي سڏي.

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

قاف قادر قرب ڪيو، توسان قريشي قربدار،

دامن سندءِ دلبر لڳا آهن مير مرسل لک هزار،

عاجز مٿي امداد ڪر ڏوهن ڪيا آهن ڏاڍا ڏار،

مهر ڪر سيّد سچارا پنهنجي هن سگ کي سنڀار،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

ڪاف ڪُرسي، عرش اعظم ٿا رهن فرمان ۾،

ٿا فرشتا ڀي فضائل سڀ پڙهن غز و شان ۾،

ڪئي خدا تعريف تنهنجي جا بجا قرآن ۾،

مهر مون تي ڀي ٿئي جو مان مران ايمان ۾،

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

نام لائق لڙهه لڳس آهيان اٻوجهو آرسي،

دست تو دامن وڌم درڪار تنهنجي وارثي،

ڪر مدد تون مصطفيٰ! آيس اَجهو تنهنجو ڏسي،

مهت ڪر مون سان ملڻ جو يا رسول الله! رسي.

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

ميم ”ما زاغ البصر“ قادر چيو قرآن ۾،

’هَل اتيٰ، ’طہٰ، ’مزمل، شرف تنهنجي شان ۾،

لک آسرا ۽ لک اُميدون سيّد سلطان ۾،

تون ڀلا! ڪر ڀال پنهنجو رک سدا ڀرمان ۾.

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

نون نُوري نام تو ظاهر ذڪر زبان ۾،

فيض فلڪن تي وڌو ظاهر زمين آسمان ۾،

’محسن‘ ملايو ماءُ کي ماريو هئو ميدان ۾،

مئا موٽن ڪين ڪي هي شرف تنهنجي شان ۾.

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

واو وارث تون وسيلو، ناهه ڪو توريءَ تڪيو،

تون ڇپر ڇورن ڇنن جو آهين عاصين جو اَجهو،

ڪر حمايت هاشمي، رهبر! اچي رڃ ۾ رسو.

غور ڪر غمگين جو هادي! اچي مون هٿ ڏيو.

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

هي حمايت هاشي! ڪر قبر محشر منجھه منير،

لال، لنۡءَ لنۡءَ ۾ لطيفا، راهه ڪر روشن ضمير،

قلب ۾ ذاتي ذڪر هوءِ برهه تنهنجو بينظير،

معرفت مون تي عطا ڪر ڏسي سچا سيّد سُڌير.

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

لام اي لڄ پال منهنجي لاڄ رک مرسل مِٺا!

سڻ سيّد سالار سائين مصطفي! منهنجي صدا،

ڏيل ڏوهن جا ڏسي آيس اوهان در احمدا،

بس خدا ڪارڻ ڪريو منهنجي مدد خير الوري!.

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

الف آ ”مينگهو“ مداحي تون در سوالي سرورا!

عرض سڻ الله لڳ تون يا نبي خير الوريٰ،

ماڙ ڪر مسڪين جي همراهه ٿي هر دوسريٰ،

ڪملون پڙهائين قلب سان سڪرات ويلي سيّدا!

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

 

يي يقينو يار مون، تو ڏي اهي ثابت سچو،

دست دامن ۾ وڌم سيّد! ڏسي تنهنجو سِهو،

’والتّئين‘ ۽ ’زيتون‘ ۾ قادر توهان جو قسم کنيو،

ڪلمون پڙهان مون قلب سان روشن ڪرين رهبر ڏيو.

يا رسول الله! منهنجي ماڙ ڪر،

يا نبي الله! منهنجو غور ڪر.

لااِلہ اِلاالله محمد رسول الله.

 

ٽيهه اکري: سر مارئي

(چيل حافظ حاجي حامد جي)

[حافظ حاجي حامد، ٽکڙ  (وسينٗ ملوڪ شاهه) تعلقي گوني ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو، ٽن ورهين جي عمر ۾ ماتا جي بيماريءَ ۾ نابين ٿيو. قرآن شريف جا صرف اٺ سيپارا سنڌ ۾ حفظ ڪر، باقي 22 سيپارا مديني شريف ۾ وڃي فقط اٺ مهينن ۾ ياد ڪيائين.هو اتي رهي، ٻه حج پڙهي وطن ڏانهن وريو. عربيءَ جي تعليم ملاڪاتيار ۾ ولي محمد درس وٽان حاصل ڪيائين. آخرڪار شادي ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو واپار شروع ڪيائين. سندس ديوان ”ارمغان حامد“ مشهور آهي. حافظ حامد 1315هه/ 1896ع ۾ جوڌپور علائقي جي ڄاريلي مڪان ۾ وفات ڪئي. هتي سندس ٻه ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون، جن مان پهرين سُر مارئي واري عام مشهور آهي.]

 

(1)

الف اوچتي ڪيئن اٺايس عمر،

سوين ڪيام سڏڙا نه پهتي پهر،

ڪيس ڪالهه آڻي وٺي کان وڳر،

نظربند نيِرَن ۾ سوگهي سٻر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

بکون بي مٿم بند تسيا تمام،

پڇان پور پرڏيهه ڪوٺيو قمام،

سندي سومري مون تي سختي مدام،

ٻيا ٻيڙين ۾ ڏهاڙي ڏمر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

تڪيو تي نه منهنجو ڌڻيءَ ڌار ڪو،

نه اهکيءَ ۾ آگي ري آڌار ڪو،

لهي ڪون لک سين سنديم سارڪو،

نه ڏسجي ڏسين ۾ ڪا ويجهي وهر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

سدا ثي ثباتي نه ڪوٽن کي ڪاء،

ميان، ماڙيون تنهنجون وينديون ٿي واءِ،

هميشه نه هوندو اهو ڀاڳ ڀاء،

ڳڻيندا پيا ڳالهيون اهڙيون معتبر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

جنم جيم جيڏين سان گهاريم گهڙيون،

اٿم سي اٺئي پهر جيءَ ۾ جڙيون،

کٿيون منهنجو کائڙ ۾ پي ڏينهن پڙيون،

لڳي ويئي لوئين ۾ مر منجھه مڱر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

رکيئون حرف حي ۾ مٿي مون ميار،

ڪندي ڪوٽ ۾ ڪا جا تو سان تنوار،

چڱي، ڪين چوندم سڀاڻي سنگهار،

لڄايس لوئيارن ۾ انهيءَ اکر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

خبر خي نه منهنجي پنوهارن پڇي،

نه ڌارين سان دل جي ڪپر مون ڪڇي،

وهايام ويهي لوهن ۾ لڇي،

رسام روئڻ جا اڀن ۾ اثر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

اٿم دال دل ۾ ٿوهر ٿر ٿڌو،

رسو روح جو ساڻ ٻيڙين ٻڌو،

ستي رات سهڻو مون ليٽي لڌو،

ته وڙڪيو ولهارن ۾ واريان ولر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

ذرو ذال توسان نه هونديس همير!

پيم پڳهه پختا ميان منجھه ملير،

وطن وينديس شال پيئنديس پنير،

پاڙيچين سان پس، پلر، ٻرهيون ٻيهر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

رکي ري سندم سيل سائين سدا،

ستي سومرا! نيم کائڙ خدا،

وڃي ڌر ڌوئي اباڻين ادا،

مٿان لوئي لاهيان پراڻا پگهر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

ٿيم زي زيادهه مرم ماڙيو،

لڳيون تنگ طرحين اٿم تاڙيو،

سدا شال سک سين وسن واڙيو،

رهن جت رهئن ۾ ٻاٻاڻا ٻڪر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

 

ڪري سين سڏڙا اٿيندي اسير،

ته ماڙين ۾ ماري ڦوڙائو فقير،

ٻڌي ڪانه ٻاڪار مئي جي مير،

اباڻا اڳاهون ٿورو پنڌ نه ٿر.

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org