واو
وندر وڻڪار ۾، وينجھر ڪن وٿاڻ،
صورت جي سينگار کي، پهري وڃائڻ پاڻ،
محبت جي ميدان ۾ ڄاڻي، وجھن ڄاڻ،
برهه وارو ڀاڻ، نانگا نهارين نينهن ۾.
هي
هلڻ جي هُل جا، تازا سڻ طبل،
ڪيئي دنيا جا دادلا، عدم ڪَيا اجل،
دلربا کي دل ڏئي، امالڪ اصل،
دائم دامن جھل، ”محمد“ عجب عشق جي.
اءلف
ئون اچي اوچتو، عشق ٿيو اظهار،
هِنيون حيرت وچ ۾، نينهن ڪيو نروار،
چوري چِت چريو ڪيو، چشمن جي چمڪار،
حسن جي هسوار، هزارين حيران ڪيا.
لام
ئون لاڙو لاف ڏي، ڪيم ڪر ”کٽياڻ“!
سارو دور دنيا جو، فنا فاني ڄاڻ،
هردم هلندڙ تنهن ۾، محڪم آهي ماڻ،
مُقام ۽ مَساڻ، ڳڻي ڳڻيندين ڪيترا؟
يي
ئون ڪر يقين سان، ياد يگانو يار،
صورت جي سردار ڏانهن، وحدت وائي وار،
حجب هئڻ هوڏ جي، ڪم نه ايندءِ ڪار،
”محمد“ ٿي مهندار، پارس اڳيان پرت جو.
ٽيهه اکري: سر رامڪلي
الف ئون آڌوتين جو، نه اوڇڻ تي آرو،
نڪو آسڻ اُس لاءِ، نه آتڻ آسارو،
سدا سنرا سيءَ ۾، سانوڻ سيارو،
سورهيه سوڀارو، سالڪ سمجھن سير ٿا.
بي ئون بيراڳين جي، ڀِٽن تي بازي،
طبل تازي تيز سان، تياريءَ تازي،
کيلن کيل خيال جو، غواصي غازي،
قبل نا ماضي، مردن جي ميدان ۾.
تي ئون تارڪ رن جا، ترڪي هليا ترڪ،
ڦيريدار فقير ٿي، فاني ڪري فرق،
وصل ٿيا ويساهه سان، وحدت واري ورق،
محبت وارن مرڪ، مشاهدو ميخان جو.
ثي ئون ثابت ساهه جو، سامي ڪري سانگ،
ڪٿي طبل تاب سان، ڪٿي طلب تانگهه،
”فوت الانفاس فقل الانبياءِ“ بيشڪ سڻي بانگ،
لاحد واري لانگ، لائي لَئون لاثان ٿيا.
جيم جَڳائين جوش سان، جوڳي جوت جلال،
ٻڙڪي باهه برهه جي، ڪئي بهاري برحال،
پسن ٿا پسڻ کي، پاڻ ڪري پئمال،
”محمد“ مست مقال، موهيو مهميرن کي.
حي ’حلاجي‘ حال کي، حاصل ڪري حُر،
پريمي پالوٽ جا، پيالا پين پُر،
گگن جي گلزار ۾، گھمن گياني گُر،
سهڻو ڪن ٿا سُر، محمدي ميخان ۾.
خي خدائي خيال جو، کاهوڙين خمار،
”ڪل شيءِ يرجع اِلا اَصلہ“ پرجھي ايءَ پچار،
قَابَ قَوٌسَيٌني ڪُل ۾، ڪامل ٿي ڪلتار،
چشمن جي چمڪار، چست پسن چالان ٿا.
دال ئون درويشن جو، دونهون مٿي در،
پسن پرجھن پاڻ ۾، پسڻ واري پر،
گياني گُن گفتار سان، گهورن واري گهر،
طبل تازو تر، ڀڀوتن بر حال ڪيو.
ذال ذڪائي ذات جو، ذاڪر ذڪر ڪن،
فالم ڪري فهم کي، فڪر واري فن،
سَنڌ سَنڌ سرودي ساز ٿيا، تانَ ترانا تن،
ماهر ڪيائون من، معنوي ميزان ۾.
ري رنگي رفتار سان، رند ڪرن ٿا راڳ،
لحن لئون لاثان ڪيا، لاحد واري لاڳ،
واندا ٿي وجود کان، واري وحدت واڳ،
سرين جي سهاڳ، ثابت ڪن ٿا سچ کي.
زي زناري ذوق ڪيا، زهد کان ڪئين زور،
صورت جي سينگار سان، سنڀري چارين سور،
شرابي شغلات جا، شاهي ڪري شور،
ديدن واري دور، درسن ڏسن دلدار جو.
سين سناسي سِر جو، سمجھي سُر سارو،
سراسر سينگار سان، سهڻو سوڀارو،
پاڻهي ڪري پانهنجو، پسڻ پاڳارو،
نر هڻي نعرو، نوبت سان نروار ٿيا.
شين ئون شاڪر شوق جا، شوريل شرابي،
قتل واري ڪوڏ سان، ڪامل ڪبابي،
هڻي نعرو نيهن جو، نوبت نوابي،
رنگي ربابي، رِندي ڪن سي راڳ ٿا.
صاد ئون صوفي صاف ڪيا، صراحي صَمصام،
ڪنڌ قبولي ڪوڏ سان، ڪلالي ڪُمڪام،
پسڻ جي پيمان ۾، پين ٿا پُر جام،
”محمد“ مَي جي مام، مرد مَچن منصور ٿي.
ضاد ئون ضرب ضمير سان، ظاهر ظفر ذات،
پائي پسن پاڻ ۾، جھاتي اندر جھات،
هوڪو ڏيئي حق جو، ڪري حال حيات،
برسر ڀاتين ڀات، برهه وارن بيک ڪيا.
طوئي طالب طلب جا، طبل سان طاهر،
ذاتي زينت زيب جو، ظهورو ظاهر،
پاڻهي پسن پاڻ ٿا، اندر ڇا ٻاهر،
”محمد“ ٿي ماهر، منصفي ميزان ۾.
ظوئي ظفر ظلمات ۾، ڪن ظاهر ظهورو،
پائي پيچ پتنگ جان، پچڻ سان پورو،
کولي کيلين کيل ٿا، کاهوڙي کُورو،
نوراني نُورو، لائي لؤن سان لال ٿيا.
عين ئون عاشق اک جا، عجب عاليشان،
ديدن جي دربار ۾، دم جو ڌري ڌيان،
پسن ٿا پسڻ کي، پسڻ جي پيمان،
سرودي سامان، سارو سمجھن سُر ۾.
غين غواصي غور سان، غازين ڪيو غماز،
پسڻ واري پڙ ۾، پتنگن جان پرواز،
نظاري نيشان ٿي نئون کولي ناز،
”اَنالٌحَق“ آواز، عشاقن اظهار ڪيو.
في فياضي فوج سان، فالم ٿي فقير،
بگل بجائين ڀيريون، بيشڪ بينظير،
محبت جي ميدان ۾، مُدامي مهمير،
”محمد“ مَي پِي مير، مست رهن مخمور ٿا.
قاف ئون قادر قدم جا، قائم قلندر،
سر منڊل سامان سان، ساقي سڪندر،
بيشڪ بهادر بي ريا، بقائي بندر،
الاهي اندر، ايڪائيءَ ۾ ايڪ ٿيا.
ڪاف ئون ڪامل ڪاپڙي، ڪلالي ڪلتار،
ڪين ڪمائي ڪين ٿيا، ڪارونڀاري ڪار،
نفي ۽ اثبات کان، اڳي ٿي اظهار،
پَسڻ جي پاتار، پسڻ ۾ پيهي ويا.
لام لاهوتي لال ٿيا، ”لال“ جي لائي لام،
جهڙا سَرها عيد ۾، تهڙا منجهھ ماتام،
پاڻهي پسي پاڻ کي، پسڻ جي پيغام،
جُنگ پين ٿا جام، جدا ٿي جسمات کان.
ميم مهيسين جو، ڪريان ڇا مذڪور؟
مُنهن مٽي، سر لَٽُيون، گيان گگن گُهنڊ گهور،
محڪم مَي جي موج سان مدامي مخمور،
مست مگھن منصور، موجود ۾ موجود ٿيا.
نون نظر جي نوڪ تي، نانگا نَر نروار،
نظاري نيشان تي، نيارو نگار،
نعرو هڻي نينهن جو، نِسنگ نامدار،
نيڻن واري نار، ناٽَڪ کولي ناز جو.
واو ويراڳين ڪَئين، واريءَ جا وٿاڻ،
وسايا ويراڳ سان، ڀِٽن وارا ڀاڻ،
واندا ٿي وجود کان، ڄاڻي اصل ڄاڻ،
پسي پنهنجو پاڻ، پَسڻ ۾ پيهي ويا.
هي ”همہ اوست“ جي، هڪل هڪ حلال،
همه ۾ همذات ٿي، بيشڪ بي مثال،
حسن جي هُٻڪار سان، حاصل ڪري حال،
خُوبان خوب خيال، خدائي خمار ڪيو.
الف اُويسي آڪرا اَصل کان آهين،
عاشق عجب عشق جا ”اَنا“ اَلائينِ،
قدم ڪُڏائي ڪُن تي، ڪنڌيءَ ناڪاهينِ،
پَڌر ٿي پائينِ، پير پَسڻ پاتار ۾.
لام لحن لاريب سان، لاحد واري لاڳ،
رندي رقص، روپ، رنگ، رڳ رڳ اندر راڳ،
سُڻائينِ سُر ساز ٿا، سورهيه ٿي سجاڳ،
”محمد“ مَي جي ماڳ، مرد مچن منصور ٿي.
يي ياور يار ٿي، يگانو ياقي،
اکين ۾ اظهار ٿيو، اچي اوطاقي،
ڪاٿي بشر بيک سان، بيٖرنگي باقي،
”محمد“ سر سقي، سراسر سينگار ڪيو.
لا اِلِہ اِ الله محمد رسول الله
ضميمو
ٽيهه اکري: نصيحت
(چيل ميين عيسي هالائيءَ جي)
]ميين]
عسي بابت يقيني طور معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته ڪڏهن
وفات ڪيائين. هيءَ ٽيهه اکري، اندازاً 1163هه بعد
جوڙيائين. زباني روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو
اتر طرفان درياء رستي آيو ۽ اچي هالن ۾ ڪجهه وقت
سڪونت اختيار ڪيائين. ان بعد سندس مريد کيس
ملاڪاتيارن طرف لڏائي وٺي ويا. ملاڪاتيارن لڳ
خيرواهه ۽ درياء جي بند جي ٻيڪڙ ۾ هڪ مزار آهي جا
ميين عيسي جي چئي وڃي ٿي. ميين عيسي بابت وڌيڪ
مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي جا مضمون ’نئين زندگي‘
ماهه جنوري- 1951ع ۽ ماهه جنوري- 1952ع ۾ ڏسڻ
گهرجن.]
الف اور الله سين، ٻِيون ٻَن ڏيئِي،
ٿو گڏجين غير سين، عمر سڀ ويئِي،
هِن اوڏڙائيءَ حبيب ٿو گهاريٖ گُذارٖيئِي،
ڪنا رڳن ڪنڌ جي، اوڏو آهيئي،
”وَنَحٌنُ اَقٌرَبُ اِلَيہ مِن حَبل الورِيدِ“،
پروڙ تون پيهي،
تنهنجا ڳجها پڌرا ڪَمڙا، ڪَڻِسِ معلوم مڙيئِي،
”عالِمُ الغَيبٌ وَ الشّهادَةِ“، اهڙو عليم
آهيئِي،
تون ڪيئن گڏجين غير سين، تنهن کي پُٺ ڏيئِي!
جو سڀڪنهن ساعت سپرين، مور نه وسارٖيئِي،
تون وسارين تنهن کي، اِيءَ تو اَنڌاِئي،
ڪو ڏري لهه ڏيهه مان، حڪيم خاذق ڪِٿائِي،
جو نستر سين نگاهه ڪري، پڙدو ڪڍيئِي،
”مَن لا شَيخَ
لَہُ فَشَيخُہُ الشَّيطان“، سُڻ هيءَ حديث هِنيون
ڏيئي،
اِيءَ هَٿ ريءَ رب سڀ عالم سين، جي ڪرين
اونهي آشنائي،
ته ڪر ڦُڪيٖنٌ باهه نه ٻري، ڪَر اَڳ اونداهِي،
اِيءَ ڪَک ڪڄاڙو ٻرندا، جانٌسِينٌ نه ڪري شمع
سهائي،
اِي ريءَ
سائِي سڀ ڏيهه سين جئن ڪري سهسين سِندائي(2)،
ته ڪر اَڏ ڪوريئڙي جي، توکي هٿ اَئِي،
جا اَڱر اشارو نه جهلي، سَهٖي نه ٿَڌڪِ ڪوسائِي،
ڪوه نه ڪرين صاحب سين، صحبت سَدائِي،
جو محبوب محبوبن ۾، اَڪمل اَصلائِي،
ناهي جرڳو عبادت جو، ٻيو ان ريءَ ڪِٿائِي.
”معبود مقصود محبوب مطلوب لا موجود اِلاهُوَ“ جيڪي
ماسوا،
سو سڀوئي سڻ تون، آهي لَغٌوَ ۽ ڪفرا،
”اِعٌلَمُوا اِنّما الحيٰوة الدّنيا لَعِبُّ
ولَهُوُّ“ سڻ تون سنيها،
اِن دنيا گهڻا ڌُتاريا، ڏيئي ويساها،
ڪوهه وڃايُئِي ويٖسرا، پنهنجا پَساها؟
لڳي چئٖي چُرٽيءَ جي، جا ڪُوڙي ڪري ڪُوڙا،
ڪر ورُونٌہ واحد سينٌ، ٻيا ڦٽا ڪر ڪمڙا،
سڀ حاصل تا ٿئي، ڪُل سڀ شَيٌئا،
”مَنٌ لّہُ المَوليٰ فَلَہُ الڪُلَّ“ پروڙج اِها،
مَرهينٌ مِڙني مؤمنين، جي ڪلمون چُوٌنِ مُها.
لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله
بي ئون بَرمِيٌ ڇو رهين،
مٿي نقش نِدورا!
جيڪي نقش جهان ۾، آهين ڳجها ۽ پڌرا،
سي سڀ جوڙيل جنهن جا، محڪم مشهورا،
۽ سَنٌدُسِيٌ(2) ناهه ڪو، نه اچي منجهه
شڪل شعورا،
”لَيس ڪَمِثلِہٖ شَي وهُوَ السّمِيعُ البصيرُ“
اَهڙو اَطوارا،
لِقاءَ جنهن جي لُوڻ ڪِئا، مانٌجهي متارا،
حسن جنهن جي هلاڪ ڪِئا، سورهيه شهزورا،
جمال جنهن جي جڏا ڪيئا، ڪَوڙينٌ ڪيترا،
پَر ۾ ٻَنڌن پَٽيُونٌ، واجهائين ويچارا،
طبيب خاذق هلاڪ ٿي، ورچِي ويڄَ وئڙا،
تان ڦَڪِي فرق ناهه ڪئو، نه لڳي تعويذ ڪنهن طورا،
مگر آهي واءُ اُن جو، سندو دوست ديدارا،
ريءَ محبوب، تَن مريضن جو ٻيو لهي ڪير ڪَرا؟
جي اُنِهينٌ جي آزار منجاهن، آيو تو اَثرا،
ته وِئوءِ ماهه جُسٖي جو، تا هَڏ ٿِئٖي ڀورا،
لَٿِي لالائِي لِکن تان، اُساٽِئِي اَنگڙا.
ڪِيُئِي ڪوتاهِي زبان جِي، ڪَڇٖي ڪو قَدرا،
لُٽيا ڇڏيءِ لذت، مُٽِ چِٽ سَڀ مَرٌزا(3)،
هيءَ آهي اصلئون ڳالهڙِي، وڌري مشهوُرا،
ته جنهن کي ڇڏئي جيءَ ۾، مرض جو اثرا،
تنهن کي خوشي نه اُڄهٖي، نه ٻِئي جِي تَنوارا،
نه ڪا لذت طعام جي، هُئٖي سَرِيرا،
هوءِ پنهنجي فڪر ۾، منجهه مرض مامُورا،
پر جيٖڪس اُن جي اَزار کان، توکي نه تاثيرا،
تنهن لاءِ کِلوٌن ڪرينٌ خوشيون، ڀُوڻِينٌ بيڪارا،
چَکين لقما لذّتون، مِٺا موچارا.
پر حَيفُ تنهنجي حال کي، ووءِ ووءِ ويسارا!
جيئن گهمين هِت گهار، گڏيو غُبارا،
۽ ڪالهه ڪالهوڪيءَ لنگهيا، تنهنجا جيءَ جا جِيارا،
حُبَ هُئڙِيٌ جِن سين، سي وِنٌدر وَهِي وِئڙا،
تون وٖيٺٖينٌ وثڙا وٖيسرا، ساجهُر ساٿِيَڙا،
ڪَر ويا اُڏامي اوچتا، پرڏيهه پکيئڙا،
ڏوهَن جِي هُونگَ ٿِي، ڪُنڍييٖنٌ ڪَرَ ڪَيَڙا،
پيئِي پَريندهِينٌ پَر ۾، ڪا جا ڪُونجڙين ڪَرا،
جيئن وييون(2) راتوڌو رات ۾، ڇڏي
پانهنجا ٻچڙا،
آنا ڇڏيائون ماڳهِين، ڪو جو پين پَڙاءُ،
تون لَمِينٌ هِت لُٽِڪينٌ، تنهنجا ولر سڀ وئڙا،
هاريا! ٿِئينٌ هيٖيڪلو، وٽائِينٌ هَلِي چُريا
هَنٌجڙا،
سارِيٌ نَئي سَرَ ۾، ٻَهُون پَريٖنٌ پَکِيئڙا،
ته تُون پهچ پَکن ۾، جيئن چُڻِينٌ تُون چِلُڙا،
ڪيئن ويجهو ٿِئين ولريٖنٌ، جيئن تو پَکِي پار
اَهڙا!
ڪارڻ مارَڻ تنهنجي ڪري شڪاري سَجهڙا،
اُو آهي مُدّعي، ملعونُ مَڪّارا،
”اِن الشيطان لڪم عدو فاتخذوه عدوا“ اِتهين
اِشارا.
جڏهين چُڻِڪن چِتَ ۾، اَچيو سيٖڻن جا سُکڙا،
ڳالهيون ڳُڻن گاڏيُونٌ، نَقٌلَ نادُرا،
جهليان جُسو نه رهي، جانٌڪِينٌ ڪريان وَسڙا،
اَچيو اُڌمن اَندر ڪنانٌ، فراق جا ڦَٽڙا،
پر ڪنهن سان روئان گڏجي، سَليانٌ ڪنهن سُورا؟
جيڪس ويون ڏُکيون ڏيهه منجهان، جَني ڏُک هُئڙا،
ڪِي آهِينِ اڃا عالم ۾، جَنِينٌ کي ڏُکڙا،
پر مون سان گڏجن ڪينڪي، پَسِي مون ڏُکيءَ جا
ڏوهڙا،
اديون عيب منهنجا، ڏسي ڪَچا ڪَمڙا،
پر اُو اَوج اَتڻَن ڇڏيو، ڏين چَرکا نه چَسڙا،
سَهٌدِ سَرَ
تَني ناهِه ڪا، پِرت نه پَچارا،
اُو ڪٖي(2) مَريضَ ڪِئان لَهان جَن عشق
آزارا،
جن کان تُرت تاءُ رسٖي، اديون کي اَندرا،
جن کان اڳاهين اُهٌسُ اچي ڄِڀي ڄَر ڄَرا،
ڪڏهين حضرت وڏي پِيرَ تي، اَچِي رسائٖي ڏٖيهرا،
جو جِيارو دين جو، پِيرَن جو پِيرا (رحمة الله
عليہ)،
جيئن ويا ڏُرنٌدا ڏِيلَ ۾، راتييٖن روز مرا،
سُنڍي نه چاڙهِينِ ماسَ جي، نڪِي سي سَنرا.
تڏهين انهيءَ ڳالهه جو، پيو مُريدن فِڪرا،
ڀانئن، اٿن ڪو اندر ۾ مرض جو اثرا،
پيشابُ سلامَت پِير جو، جهليائون منجهه ڪنهن
پاسَرا،
پوءِ اُوڏيکاريائون ڪنهن طبيب کي، جوهو منجهه ملڪ
مشهورا،
پر طبيب مسلمان نه هو، هُئڙو ڪافرا،
تنهن پَسنديئي پيشاب کي ٽُٽُس سَڀ تَڳڙا(3)،
ڪلمون ڪهيائين ڪوڏ منجهان، لٿس سڀ شڪڙا،
چيٖ: هِي آبُ نه ڪنهن آزار جو، آهيئي اَصلا،
مگر مرض هن مڙس کي، آهي محبت جو موليٰ،
آهين عشق اُساٽيا، سَنٌدا اَنگڙا ڪاملا،
پَسو مرتبو حضرت پِيرَ جو، جهڙو آهي اَڪملا،
جيئن پَسندي پيشابُ سَندُنِي، لٿو ڪافر کي ڪفرا،
|