صاد سينو صاف ڪر منهنجو پِرين پُرنُور تون،
آب ڪوثر
ڏي اُڃاين کي ڀري ڀرپور تون،
سُرڪي
صفائيءَ جي ڏئي ڪر مون کي معمور تون،
عرض هن
عاصيءَ سندو ڪر مصطفى! منظور تون.
ڪر
قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور
نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
ضاد
ضامن ۽ ضعيفن جو سچو سردار تون،
بيڪسن
جو برجهلو، عاصين سندو آڌار تون،
هيڻين حمايت هاشمي! آهين يتيمن يار تون،
قبر محشر ماڳ ۾ کڻندين کُهين جا بار تون-
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
طوئي
طلب تنهنجي سدا تحقيق آ مون کي تمام،
دم بدم ديدار جي آ مَن اندر مون کي مدام،
دلربا! درسن پنهنجو احمد! ڪريو عاصيءَ انعام،
پنهنجي پاڙي ۾ پيغمبر! ڪر مداحيءَ جو مُقام-
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
ظوئي
ظاهر توڙي باطن امداد ڪر!
سڪ منجھان صلواة جو احمد! مون کي ارشاد ڪر!
اندر منهنجي کي اُجاري، دلربا دلشاد ڪر!
درد جون دانهون ٻڌي دلبر! سگهو تون داد ڪر!
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
عين
عاصيءَ آسرو تنهنجو آهي احمد اجهو،
ڪين ڪِيَڙم ڪم اچي، سيّد! سُجهي تنهنجو سجھو،
تنهنجو آهي ڀروسو ۽ آسرو مون کي جهجهو،
جو وڳي ويري وِلهو، ڏاتار! ڏي تنهن کي ڏجهو-
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
غين
غفلت غير ۾ غافل گذاريم سڀ ڄمار،
بيعدد مون ۾ برايون عيب آهن بيشمار،
هيج مانِ هيڻن سندي تون سيّدا! لهجان سنڀار،
”لا تَقٌنَطُو مِنَ الرّحمتِ الله“ آهيون
اُميدوار-
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
في
فضيلت فيض بخشين، ڪرم سان ڪارڻ خدا،
فاني دنيا جي فڪر کان ڪر مون کي جانب جدا،
معرفت جي مصطفيٰ! محبت ڏيو من مدّعا،
هر دو جهان ڪر سرخرو سيّد! ڪيان ٿو هيءَ صدا:
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
قاف
قيامت ۾ ڪندين، عاصين اُتي شافع شفا،
ايندا مڙيئي انبياء، دلبر! ڪري تو وٽ تفا،
ڪل نبي محشر ۾ ايندا، مدد تنهنجي مصطفيٰ!
جي لڳا لڙهه لام تو، نافع نبي! لهندا نفعا-
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
ڪاف ڪاهي ڪارئي سيد! رسين سڪرات ۾
ٺپيءَ ۾ هاشمي! ضامن ٿجان ظلمان ۾،
منڪر ويلي مدد ڪج، مصطفيٰ! مصلحات ۾،
هٿ وٺي هيئي جو هلجان هت پرين! پل حراط ۾،
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
لام
تون لالن! لنگهي کي لطف سان ڪو لاڳ ڏي،
بخش جي بهري منجھان بالله ڪارڻ ڀاڳ ڏي،
نفيءَ ۽ اثبات جو احمد! رڳن ۾ راڳ ڏي،
هن مداحيءَ کي مديني ۾ محمّد! ماڳ ڏي-
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظرِ نامِ خدا.
ميم
ماڙيون ۽ منارا مصطفيٰ ڏيکار تون،
هيءُ پياسي پانهنجو پهچاءِ پنهنجي پار تون،
سرور! سڪايل کي سڏي منجهه ديني مار تون،
جنّت البقيع جي اندر قبر منهنجي ڪار تون-
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
نون
نيڻن ٺار نرمل، ننگ پرور يا نبي!
تون خدا جو خاص پيارو، راض آ توتي ربي،
آهه اُمت آسري تنهنجي تي محمّد عربي!
ڇوهه مان تن کي ڇڏائين يا شفيع المذنبي!
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
واو
وارث بي وسيلن جو وسيلو واهه تون،
راهه حق جو رهنما آهين، ڏيکارين راهه تون،
مصطفيٰ! مشڪل جي ويلي ڪر قريشي! ڪاهه تون،
”ڪمال“ چئي ڪارڻ خدا، ٻڌ عاجزن جي آهه تون-
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
هي
هجان حاضر هميشہ دلبرا! درگاهه ۾،
ساڪن مديني جو ٿيان، اُميد آ الله ۾،
آهه عربيءَ پار جي مون سڪ گهڻيري ساهه ۾،
پرورا! پوري ڪجان جا آس ٿم ارواح ۾-
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
لام
لالڻ يا نبي، تون عرض ڪر احمد قبول!
من مرادون مهر سان مون کي ڪيو وارث وصول،
حال محرم هاشمي! تون آهين راحم، يا رسول!
دم سهان ٿو ڪينڪي مون کي مداين ڪيو ملول-
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
اءلف
اندر ۾ آهه مون کي آس، اي احمد امين!
مون سندو آهين وسيلو، خاص، ختم المرسلين!
درد مان دانهون ڪريان، يا حضرت حق اليقين!
سڏ سڪايل جا سڻج، يا رحمة اللّعالمين!
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
يي
يتيمن يار ياور! يار مون ياري ڪيو،
هاشمي! هر حال ۾ منهنجي مددگاري ڪيو،
سرور! سڪايل کي سڏي، ڪا دوست دلداري ڪيو،
”ڪمال“ چئي ڪلمي سندي وائي جگر جاري ڪيو-
ڪر قبوليت ۾ قريشي، عرض منهنجو احمدا!
نور نرمل يا نبي! تون ڪر نظر نامِ خدا.
لااِلہ اِلاالله محمد رسول الله
·
(2)
ٽيهه اکري: رامڪلي
الف
ئون آديسين کي، جيءَ اندر جوش،
ساجن سَندي سِڪَ ۾، ٿيا محبتي مدهوش،
”اِنّ اولِيا ئي تحت قَبائِي“، سامي ٿيا سرپوش،
برهه ڪيا بيهوش، لڳن نظارو نيهن جو،
بي
ئون بيراڳي ٿيا، عبديءَ کان اعليٰ،
ڪنين پاتائون ڪيوٽيون، ويراڳي والا،
”فويل الّلقاسية قلوبهم من ذڪر الله“ ڪيائون
ڪشالا،
بخت ٿين بالا، مُلڪ مِلين محبوب جو،
تي
ئون تسبيح توبهه جي، منجھان پرت پڙهن،
”ڪمال“ ڀَئي قادر جي، ڪاپڙي ڪنبن،
”اِعجٌلُوا بالتوبة قبلَ الٌموتِ“، سا ميڙا سمجھن،
اڳي موت مرن، ”مُوتُوٌا قبلَ“، ڪاپڙي.
ثي
ئون ثبانيت ۾، ٿيا ساميڙا صائف،
نانٌءَ سندن نابود ٿيو، نَفيءَ ڪيا نائف،
”الله الٌواحِدُ القَهّارُ“، ٿيا خفيءَ ۾ خائف،
ٿيا ويراڳي واقف، صاحب سندي سِر جا.
جيم
ئون جوڳين جوءِ ڪئي، منزل ۾ ملڪوت،
سماوات جي سير مان، جُوءِ ٿين جبروت،
”اِنّ الله عَنِيٌ عَلَي الٌعالمين“ لنگهيا ۾
لاهوت،
همدم ٿي هاهوت، ذاتي رَليا ذات سان.
حي
ئون حقاني حُبَ ۾، سامين ڏنو ساهه،
محبت منجهه مري ويا، پورا ٿين پساهه،
”يُحِيٌ وَ يُمِيٌتٌ“ جي، رندن لڌي راهه،
آديسين اَرواح، جيئري جيءُ جدا ٿيو.
خي
ئون خوب خيالن سان، دوست اَڙائين ديد،
دَمدَم تن ديدار ٿئي، عاشقن سندي عيد،
وَحٌدَهُ سان وڍيا، سامي ٿيا شهيد،
پير مُغان مُرشيد، ڪَپين ڪنڌ ”ڪمال“ چئي.
دال
ئون دور درد جو، ويل نه وسارين،
ٻڌي تند طلب جي، طالب تنوارين،
”قالَ النَبِيَّ اَفٌضَلُ الذِڪٌرُ“ ساميڙا سارين،
اَسڻ اُجارين، روشن ڪري روح کي.
ذال
ئون ذاڪر ذڪر ۾، نانگا ٿيا نابود،
فڪر ۾ فاني ٿيا، ويراڳين وجود،
”مَنٌ ڪانَ للهِ ڪانَ الله لَہ“، موليٰ ٿين موجود،
ڪري ساهه سجود، ”ڪمال“ مليا ڪاپڙي.
ري
ئون رتا رنگ ۾، رچي ٿيا رنگريز،
صورت سرين سپيرئين، فاني ڪيا فيض،
”اَنا الٌحَقٌ“ اظهار ڪن، طالب جيئن تبريز،
توجهه ني تيز، نانگا لاهوتي ٿيا.
زي
ئون زيارت تن ٿئي، خاوند منجهه يال،
جانِ فدا جانب تان، پاڻ ڪيئون پئمال،
”لَيٌسَ ڪَمِثٌلہٖ شيء“ جانب جوت جمال،
ٿيو ويراڳين وصال، پردا تن پري ٿيا.
سين
ئون ساميڙا، دوزخ ڀئي نه ڊڄن،
سواءِ سودي ربّ جي، ٻيو نه قبولن،
”طالِبُ المَوليٰ مُذَڪّرُ“، ڪلام ڪيائون ڪن،
موليٰ آهي من، سدا سامين ساهه ۾.
شين
ئون شريعت ۾، ادب ساڻ اُڀا،
پنجئي وقت نماز جا، پڙهن پرت منجھا،
”اِنَّ الله لايضيع اَجر المحسنين“ سائين ڪين
سببا،
ماڻيائون من مرادان، سؤدو سرين صلواة مان.
صاد
ئون صادقن ڪيو، ڪَنڌ ڪَٽي قُربان،
آڻي سِر اَڏيءَ تي، نانگا ڪن نيشان،
”اَللهُ يَجٌتَبِيٌ اِلَيٌہ مَنٌ يَشاءُ“، محبت ۾
ميدان،
چَلِي ۾ چوگان، سودو ڪيائون سِرَ جو.
ضاد
ئون ضروري تن کي، وڃڻ ٿيو واجب،
حڪم مڃي حق جا، طالب ٿيا تائب،
”اَشِدّاءُ عقَلي الڪُفَار رُحَمَاءُ بَيٌنَ
هُمٌ“،
غازي ٿيا غائب، موڙي منهن ماڻهن کان.
طوئي
ئون طواف قلب کي، نانگا ڪن نياز،
رڳون تن رباب ٿيون، ڪن سرندي وارو ساز،
آهي تن جي اندر ۾، الله هُو آواز،
پڙهي برهه بياض، هيڪاندا ٿيا حق سان.
ظوئي
ئون ظاهر ذوق سان، پورا پڙهن پنج،
تازا ٽيهن سان ٿيا، غازين مِليا گنج،
”الصومُ لِيٌ وَاَنَا عَجٌزَيبِہٖ، سامين ٿيا
سهنج،
هردم اندر هنج، گهوٽ تني جي گهرَ ۾.
عين
ئون عاشق عشق سان، پُر ٿيون پيشانيون،
وحدانيت جي وير جون، نو لک نيشانيون،
”لوٌ ڪانَ فيهما آلهةُ الا الله“، ڪين آگي
احسانيون،
قلب هڻي ڪانيون، ساڪن ٿيا سير جا.
غين
ئون غافل غير کان، گوهر ٿيا غازي،
کٽي جنگ جوان ٿيا، برهه واري بازي،
”وعلي الله فتوڪلوا ان ڪنتم مومنين“ روح اندر
راضي،
قلب ٿين قاضي، لٿن ڏَنٌءُ ڏهاڳ جو.
في
ئون فاني فڪر ۾، قلب ڀڳائون ڪُرف،
نقطو جنهين نه لڀي، سو حاصل ڪيائون حَرف،
”وهُو عَليٰ ڪُلّ شَيءِ شَهيد“ چوڌاري چوطرف،
سامين ڪئي صرف، ساري عمر سڪ ۾.
|