سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :18

هي هزارين ٿو ڏسان طالب تکا تهدل تمام،

واٽ وحدت ۾ پيل پٺتي ڪيو اڳتي غلام،

ذوق ذاتي شوق شامل عشق ڏيو ٿا اُن انعام،

موج مستي پڻ ڏيو ٿا تن کڻي موليٰ مدام.

اي سچا عاشق الاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

لام لالن! لڄ رکج منهنجي عاشقن جي اڳيان،

ڪين هان ڪنهن پرک جو لائق چئي ٻيو ڇا چوان،

عشق جي ايوان ۾ ڪونتل ڪُڏائي قرب مان،

برهه جي بازي کڻي نئي پار پيارل! مان پوان.

اي سچا عاشق اِلاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

الف اڪمل اولياٰ! هي لوهه پارس ساڻ مَل،

سون ٿئي اهڙو وجهن محبب جنهن کي جود ڳل،

ڪين ٿئي گهٽ جاک ۾ سُوڌي ڏسن سونار ڀل،

برهه جي بازار ۾ اهو لهي ڍوليا! ڊبل.

اي سچا عاشق الاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

 

يي يقين ۽ صدق دل جو دائما امداد ڪيو،

موج مستي ساڻ ”هادي بخش“ کي آزاد ڪيو،

درد ڏئي دل ۾ سدائين شوق سان دل شاد ڪيو،

مدح خوان ۽ مدح سڻندڙ جي دلين جو داد ڪيو.

اي سچا عاشق الاهي، عشق جا اعليٰ امير!

برهه ڏئي ڀرپور ڪيوَ، پيرِ مغان! پنهنجا فقير.

ٽيهه اکري: مناقبو حضرت علي رضه*

(چيل قائم فقير شر جي)

[قائم فقير ولد مينگهو فقير شر بلوچ، ويٺل ڳوٺ مينگهو شر تعلقو ميرواهه ضلعو خيرپور ميرس، 13 – شوال 1274هه/ 1857ع ۾ ڄائو. هي مينگهي فقير جو ٻيو نمبر پٽو هو. عربي ۽ فارسي پڙهيل هو. پيءُ جي صحبت ۾ شعر چيائين. سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ شعر چيو اٿس. 24 اربيع الثاني 1324هه/1906ع ۾ وفات ڪيائين. هتي سندس ٽيهه اکري ڏجي ٿي جا حمل فقير لغاري جي چيل ٽيهه اکريءَ جي تتبع تي چيل آهي.]

 

الف آ افلاڪ ’انّا فَتۡحَنا‘ جو فر علي،

اِنّما اَڪبر اَڪابر اَطهر و انو، علي.

 

بي آهي باطن بقا جو بوالحسن باب العلم،

بدر بربر ۾ بهادر بيمثل برتر علي.

 

تي ڪيو تابع تمامي تخت تهور بوتراب،

تر ڪيو تاراج طبرستان جو تڪر علي.

 

ثي ڪرڻ ثابت ثنا ثلقين ۾ آهي ثواب،

ثاقب نجم نبوّت جو ثاني پيغمبر علي.

 

جيم جانب جيءَ جائي مصطفيٰ جو مرتضيٰ،

جنهن جِهو ٻيو ناهه جڳ ۾ ڪيو خدا جابر علي.

 

حي حبيب الله حيدر دين حفاظت دين جي،

حب تنهن حبل المتين حامي حشر حاضر علي.

 

خي آهي خوشنود خوشتر خاص وٽ خيرالبشر،

خوب تر خالق اڳيان خورشيد دين خاور علي.

 

دال دلگيرن جو داور دائما دارين ۾،

دادگر داناءُ دريا دينِ حق دفتر علي.

 

ذال ذواِلۡجُود ذاڪر ذوالعليٰ وٽ ذوالجلال،

ذُوالعِزّ و ذوالعلم آ ذات حق ذاڪر علي.

 

 

ري رباني رمز روحڪ روح روحي مصطفيٰ،

رحم ڪندڙ رهنما آ راه حق رهبر علي.

 

زي ڪفر زنّار توڙي زبر سان ڪيئين زيردست،

زال، رستم کان زياده زور زوراور علي.

 

سين آ سالار سيّد مومنن سڀني سندو،

سلطنت منبر جو سائين ساقيِ ڪوثر علي.

 

شين آ شمس الضحيٰ بابا سندو شبّر شبير،

شہ نجف، شيرِ خدا، آ منجهه شجاع شاطر علي.

 

صاد صاحب صف شڪن صفدر صداقت جو ڌڻي،

صبح صادق دين جو صوبو صفي صابر  علي.

 

ضاد ڪيئن ضيع ضلالت ضرب سان اهِل ضلال،

ضبر ضارب تيغ سان مضطر ڪيا ڪافر علي.

 

طوئي ڪئي ’طٰہ‘ڌڻي طغيان جي طاقت تمام،

طبع طلعت پاڪ طينت طيّب و طاهر علي.

 

ظوئي ظهورو ”ظلّ سبحان الذيّ اسريٰ“ سندو،

ظلم و ظلمت، جهل و ظالم ويا، ٿيو ظاهر علي.

 

عين عالم علم جو عربي جو عمزاده علي،

عيب پوش عالم امت عاصين اڙين اَڌر علي.

 

غيب آ غمخوار پيغمبر جو غالب عضنفر،

منجهھ غزا غازي ڪيو غلبو ڪفر باهر علي.

 

في فتح فتاح ڏنہ فيّاض فائق کي ملي،

فيض فائق فتحياتي بخر حق مفخر علي.

 

قاف قرآن قرب قابل جو قدر مقدور آهه،

قبلہۡ عالم قبا قربت قرين قادر علي.

 

ڪاف جرئت ڪفر ڪافر جي ڪڍي ڪيهر ڪرام،

ڪرم درياءَ ۽ ڪرامت جو ڪڪر مڪرر علي.

 

لام آ لڄ پال لائق لَمٗ يَزلۡ جو لاڏلو،

”لافتيٰ لا سيف اِلا“ هٿ لوا لشڪر علي.

 

ميم چيو ”مَن کُنۡت موليٰ“ مرتضيٰ کي مصطفيٰ،

ملڪ جو مالڪ ٿيو موليٰ مظفّر فر علي.

 

نون آ نائب نبيءَ جو نور نوري نامور،

ناقصن کي آ نوازيندڙ نبي ناصر علي.

 

واو وصي وارث ولي والي ولايت والضحيٰ،

وه وسيلو واهرو ورنهَه ولهن واهر علي.

 

هي هُداًلِلمُنّقي هادي هدايت مهندا،

هم وجود و هم نفس همراز پيغمبر علي.

 

لاء آ لاريب لاثاني نبيءَ جو لاڏلو،

ڇٽ ڌڻي لولاڪ لَمّا لا مثل برتر علي.

 

الف ايزد جو اسد اڪبر اميرالمومنين،

آلّلحم (؟) والقول آهي مصطفيٰ مظهر علي.

 

يي يگانو يڪ وجود و يار ياور سان نبي،

يا علي يعني وصّي آ يار پيغمبر علي.

 

سيّدا! سڻ سوال منهنجو، مرتضيٰ مشڪلڪشا!

ڪر مدد ڪونين ڪامل، ننگ پرور يا علي!

 

خوف خطرا، خام خيالي ڏُور ڪر هن ڏيل جا،

دردمندن جي دوا، در مان داور يا علي!

 

عرض سڻ مسڪين جو بهر، حَسن، حيدر ڪرارّ،

جهِل ظالم نفس جي کان، منجهه نظر ڌر يا علي!

 

واسطي الله جي دارين ۾ ٿي دستگير،

اَمن ايمان يمن تنهنجو تابه محشر يا علي.

 

دست دامن ۾ وڌم ”قائم“ قوي محڪم ڪري،

جان ڪني جي وقت وائي، ڪلمون ٿئي واهر علي.

 

لااِلہ اِلا الله محمد رسول الله

ٽيهه اکري: مناقبو حضرت علي رضه*

(چيل مير حسن علي خان ”حسن“ جي)

[هز هائينس مير حسن علي خان ”حسن“ سنڌ جي آخرين تاجدار مير نصير خان جو وڏو فرزند هو. سن 1240هه/1824ع ۾ ڄائو هو. 1843ع ۾ انگريزن جي فتح بعد پيءُ ۽ ٻين ٽالپرن سان گڏ نظربند ٿي ڪلڪتي ڏانهن ويو، جتان ويهه سال نظربنديءَ ۾ گذارڻ بعد 1863ع ۾ سنڌ ۾ آيو. مير صاحب عربي ۽ فارسيءَ ۾ يگانو عالم هو، تنهن ڪري حيدرآباد شهر جا سڀ شاعر ۽ علم دوست سندس مجلسي هوندا هئا. مير صاحب نه رڳو  بهترين شاعر هو، پر انشا پردازي تي به عبور حاصل هئس. سنڌي نظم ۾ سندس تصنيفات ”شهنشاهه نامه يا حمله حيدري، مختارنامه، مناقب، سلام ۽ مرثيه“ ڪتابي صورت ۾ موجود ۾ آهن. 10 ذوالحج 1324هه/1909ع ۾ وفات ڪيائين.]

 

الف اسرار احمد تابنده اختر علي،

آ اقضا ڪم اميرِ خالقِ اڪبر علي.

بي بلا رَيب و بلاشڪ، بادشاهه بحر ور بر،

بااليۡقَين برهان باري، حُجتِ باهر علي.

 

پي پرايو پنهنجي پاسي ٿي، نه ڀڄ ان کان پري،

پوءِ ڪندين ڇا ٻئي کي، تنهن جو پاڻ ٿيو پاکر علي.

 

تي تصوّر جنهن جو ٻئي کان، ٿئي نه تا روزِ تناد،

تنهن کان بي تڪرار ٿيو واقف ز خشڪ وتَر علي.

 

ثي ثريٰ کان تا ثريّا اُن جي ثروَت جو ثبوت،

ثابت و غالب، خدا اعدا تي ڪيو ثائر علي.

 

جيم جاويد آهي تنهن جو جلوهء جاهه و جلال،

جنهن جو ٿيو جملي جهان هو، ’عرض‘ سو ’جوهر‘ علي.

 

چي چڱو چئني مان، جئن چئني ڪتابن ۾ قرآن،

چادرِ عصمت کڻي داخل ٿيو چادر علي.

 

حي حمايت جنهن جي حيدر، تنهن جو حق حافظ حفيظ،

حربڪ و حربي حبيبِ، حق چيو حيدر علي.

 

خي خدا ڪيو خاص ساري خلق مان ختم الرسّل،

خوواجه، عالم جو نائب فاتحِ خيبر علي.

 

دال دُلدل جو ڌڻي، داروئي درد لا دوا،

دور دوران جو بدوران داد رس داور علي.

 

ذال ذرڙو نور تنهن جي جو منور آفتاب،

ذڪر جنهن جو خلق ڪيو، الله جو ذاڪر علي.

 

ري رضينا بِاالقضا راضي رباني راهه جو،

رَه رَوِ راه رضا جو رهنما رهبر علي.

 

زي زبردستا زماني جا ڪيا تو زيردست،

زور ٿيو ضرب المثل جنهن جو سو هو ظاهر علي.

 

سين سلطان سرسبر سردار سڀ جو سرفراز،

سو سلام الله آهي سيّد و سرور علي.

 

شِين شڪرانو شهنشاهه عرب جو ڪر شتاب،

شڪر جو سجدو اول ڪيو شاد ٿي شاڪر علي.

 

صاد صلواة ان تي صادق صاحب صدق و صفا،

صافي و صوفي صبور و صابر و صفدر علي.

 

ضاد ضربت جنهن جي ضايع ڪيا ضلالت ۽ ضلال،

ضوءِ پنهنجي ساڻ مون کي ڪين ڪندو ضامر علي.

 

طوئي طلب طہٰ جي ٿي ۽ آل طَيبّن سندي،

پاڪ فڪر و پاڪ طينت طيّب و طاهر علي.

 

ظوئي ظهوري نور جنهن جي زنگ ظلمت ڪيو ز دود،

ظالمن تي آيو غالب باطن و ظاهر علي.

 

عين علي جي عين، سا عين اليقين عين الڪمال،

عترتِ اطهر جو عمدو آه سَر عسڪر علي.

 

غين غالب آهي غازي، غازهء رويء غزا،

جيڪي ٿيا مغلوب تن تي پڻ ٿيو غافر علي.

 

في فَتَرۡضيٰ کان ٿيو فائق، فتح فيروزي کان شاد،

فيض ربّاني کان فائض فائز و فاخر علي.

 

قاف قرآن جو ۽ ڪافِ، قبلہء حاجات خلق،

قدرتِ قادر سان ٿيو ڪفار تي قاهر علي.

 

ڪاف ڪعبي جو ڪرار ۽ ڪاف ڪافِ، ڪُن فڪان،

ڪلمہ  الله بيگمان هو، ساقيِ ڪوثر علي.

 

گاف گردون کان وٺي تا گاؤ ماهي ڪيئين مطيع،

گهر خدا جو هو صدف  ۽ جنهن جو هو گوهر علي.

 

لام لاريب آه لاشڪ لائقِ، علمِ لُدن،

لشڪرِ اسلام جي ڪشتي جو هو لنگر علي.

 

ميم مالڪ مُلڪ ملتّ، ملڪ جو مختارڪار،

مفخّر ”مَنۡ ڪُنۡتُ موليٰ“ مُظهر و مَظهر علي.

 

نون نام ان جي کان ناشر نعمت و ناز و نعيم،

نار کان ٿيو مومنن جو حافظ و ناصر علي.

 

واو ولايت جو ولي والي ۽ والا منزلت،

واهه سو واث وسيلو خلق جو واهر علي.

 

هي هدايت هن کان ٿي، هردم هدايت جو ڌڻي،

هر زمان هرحال منهنجو ورد ٿيو هرهر علي.

 

يي يقيني ورد منهنجو دائما آهي اِهو،

يا الٰهي! ٿِي ”حسن“ جو  يار ۽ ياور علي.

ٽيهه اکري: نصيحت

(چيل امام بخش ”خادم“ جي)

[امام بخش ”خادم“ سنه 1861ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. 1869ع ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ آخوند قمرالدين جي مدرسي ۾ پڙهڻ ويٺو. ورنيڪيلر فائنل امتحان ڏيڻ کان پوءِ انگريزي پڙهڻ ويٺو. 1879ع ۾ ماستري ۾ گهڙيو. هڪڙو جج به ڪيائين. سنڌ جي مشهور شاعرن محمد قاسم هالائي، سيد فاضل شاهه ۽ فضل محمد ”ماتم“ سان سندس تعلقات هئا. جنوري 1918ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام ”ڪليات خادم“ جي نالي سان ڇپيل آهي.]

الف الله جي سدا ڪر ياد تون،

وسوسن سان ڪر نه دل برباد تون،

فقر ۽ فاقي ۾ رهه ٿي شاد تون،

غير کان رک دل سدا آزاد تون،

تان مرڻ ويلي نه ٿئي ڪو انتطار.

 

بي بلا دنيا جو هي آهي گذر،

تون هتي آهين ميان ڪو دم پهر،

زندگي بي ڀروسي ۽ مختصر،

جنهن کي تو سمجھيو هميشه مستقر،

بي بقا شيء تي ڀلا ڇا افتخار؟

 

تي تياري موت جي ڪر ڪا ميان!

گم ٿيا هن واٽ تي لک ڪاروان،

رات ڏينهن آ قافلن جي هل هلان،

ٿو چوين هن کي خوشيءَ جو تون مڪان!

نانگ کي سمجھيو ٿي ساقي غمگسار.

 

ثي ثناخوان رهه فقيرن جو سدا،

جي سَهَن سر تي سدائين سؤ بلا،

گودڙيءَ ۾ ٿا رهن، پر رهنما،

بادشاهن کان مٿي تن جو بها،

ظاهري ميرا، وسوڻا، خاڪسار.

 

جيم جولانيون جهان جون بي ثبات،

ڪار ڪر سڦري ٿئي حاصل حيات،

آهه اَو موجود هر دم هر جهات،

ذڪر اُن جي ريءَ سڄي بيڪار لات،

ان جي نالي کان سواءِ ٻيو انتشار.

 

حي حمايت وٺ انهيءَ جي تون مدام،

آ طلب جنهن جي سڳوري نيڪ نام،

ذڪر و فڪر اُن جو رکج تون صبح شام،

خير سان مقصود ٿئي تنهنجو تمام،

قلب کي تنهنجي ملي ابدي قرار.

 

خي خيالن خام آهه مون کي مُٺو،

ڪات قهري نفس جي هينئڙو ڪٺو،

روز مون تي مينهن سورن جو اُٺو،

راهه کان بيراهه نِئي ڊاڙي ڊُٺو،

پنهنجي اعمالن کان آهيان شرمسار.

 

دال دم آدم جو ڪهڙو اعتبار؟

ڪجهه وفا اُن ۾ نه آهي زينهار،

تو انهيءَ کي سمجھيو ٿي زيب ۽ نگار،

سمجهھ ڪجهه، ڇا تي ڪرين ٿو افتخار؟

نقد سودو آ هتي، ڇا جي اُڌار؟

 

ذال ذرڙو رک خدا جي ذوق جو،

ذڪر ريءَ اُن جي سڄو ٻيو وسوسو،

راز هيءُ ڄاڻي ٿو مانجھي مرد ڪو،

ٿو هڻين ڳالهين ٻين تي ڇو مٿو،

ريءَ خدا جي خام ٻيو سڀ ڪاروبار.

 

ري رضا ان جي کپي ٿي هر زمان،

جنهن جي هٿ ۾ آ زمين و آسمان،

آ اُهو رزاق، قادر بيگمان،

غير جي اڳيان نمڻ آ رايگان،

اُن جو هر شيءِ جي مٿان آ اختيار.

 

زي زيان آهي سڄي آوءَ زندگي،

جا خدا جي ياد کان غافل رهِي،

زندگي بي بندگي شرمندگي،

لوچ جوانيءَ ۾ اها چُٽڪو اُٿي،

ٿو ڪرين پيريءَ تي ڪهڙو اعتبار؟

 

سين ساجھر ٿِي اڃا ڪرڪو عمل،

آهه دنيا هيءَ سڄي مڪر و دجل،

ٿو مرين اُن تي اَجايو هر مهل،

ريءَ خدا جي ٻيو سڀوٿي ٿِي خلل،

ڇڏ خلل کي حال پنهنجي کي سڌار.


[1]  هن ٽيهه اکريءَ جون ٻه روايتون اُتر مان غلام رسول جتوئي (تعلقو وارهه) ۽ غلام قادر (تعلقو ميرو خان) کان مليون

*  حيدرآباد سنڌ مان مرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائي کان ملي.

* ”ڪليات خادم“ مطبوع سنڌي ادبي بورڊ پريس حيدرآباد (1958ع) تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org