سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :11

في ئون فيض فقير کي، ڏنو محب مدامي مام،

ٻُڌي ٻول ٻروچ سي، لاڙي آيو لام،

آري پاڻ عنايت سان، پاڙيا عين انجام،

مهرئون ڏيئي معافي، گهوٽ هڻي آيو گام،

نڌر هيءَ نماڻي ٿي، سڄڻ! تنهنجي سام،

ڀري پيالو پرت جو، جُنگ پيارج جام،

اوطاقي اندر ۾، آري ٿيا اوهام،

کٽا کاڄ لڳن ٿا، طرح نه وڻن طعام،

وائي تنهنجي وات آ، دوست! سندءِ دام،

اَلله لڳ علام! آري اچ اڱڻ تي.

 

في ئون فڪر ڇڏي ڪري، ٿي ندوري نروار،

ساڻي ٿيس سڏ ٻُڌي، ڪوهن ۾ ڪوهيار،

سُڃ ۾ ساٿي ٿيس، منجهلن جو مهندار،

سُڃاڻي ساڻ کنيائين، ننگ سندو نروار،

رليل هُئي روهن جي، پر پيئي سنگ سردار،

ويس مونجهان من جون، لهي غم غبار،

اڱڻ آيس اوڏڙو، موڙي پاڻ مهار،

ڏٺو جيئري جوءِ ۾، ساٿ ڌڻي سردار،

جنهن جي حب هِنئين ۾ هَر دم هُس هيڪار،

لڙي آيس ”لال“ چئي، سو اڙين جو آڌار،

سسئي کي سوداءِ هئي، سرسيري سنڀار،

سسئي کي سوداءِ هئي، پنهل جي پچار،

ميٽي مُرٽانۡ من جون، مليس دلبر يار،

الله جا اسرار، جنهن ساٿي مليس سُڃ ۾.

 

ڪاف ئون ڪاف ڪٽي، هيڪاندي ٿي هوت سان،

ويٺي ڪين وَرَ ريءَ، اصل منهن مٽي،

سٺائين سر تي، سڀئي سور سٽي،

هلندي رهي هوت ڏي، هُٽڪي ڪين هٽي،

اچي پهتي پرت سان، دلبر جي در تي،

ڳولي لڌائين ”لال“ چئي، رڻ ۾ رهبر کي،

سُور جني جا سرس هُيس، محب مليس اُهي،

گڏجڻ سان گوندر ڇڏيس، ڪوهيارل ڪٽي،

چري چانئٺ يار جي، ٿي چشمن ساڻ چَٽي،

آئي آريءَ ڄام وٽ، سڀئي کيپ کٽي،

جبلن منجهه جهٽي، کنيس خان پنهل کڻي.

 

ڪاف ئون ڪوهيارل، آيس ڪوهن منجهه ڪرتار،

مليس اچي ماڙ ڪري، ڏيهه ڌڻي ڏاتار،

لٿس اولا اندر جا، وٺي بوند بهار،

مليون مبارڪون منڌ کي، چوطرفي چوڌار،

برسر باغ بهاريا، گُل کليا گلزار،

چمن ۾ چانڊاڻ لڳي، نشانبر نروار،

آيو جوت جڳت جي، ڪيچ ڌڻي ڪوهيارو،

بلبل ڀي باغن ۾، ڪئي قرب ڪوڪار،

ڪانگ، قمريون ڪبوتر، ٿا ڳائن حمد هزار،

هنبوڇيون هر ڪنهن هنيون، ڏسي الله جا اسرار،

وڇڙيل جي ورهين جا، سي گڏيا صاف ستار،

مند آئي ميلاپ جي، وڏي ڪنهن ويچار،

سسئي ڀي سُورن سان، لڌي دوساڻي درٻار،

عالم جي آڌار، لاٿس مُرٽان من جو.

 

قاف ئون قريبن، ڪئي ڪميڻي ڪڇ ۾،

ڪري مِهر مُنڌ تي، لاٿا اولا عجيبن،

هاڙهي ۾ هيڻيءَ تي، رکيو هٿڙو حبيبن،

ڀنڀورئون بيزار ٿي، ڪري ڪوڪان منجهه ڪوهن،

دانهون دلبر يار کي، پيون ڪيچ منجهه ئي ڪن،

هلي پهتس هاڙهي ۾، جاني منجهه جبلن،

ڏٺائين حال هيڻيءَ جو، جا ڏڌي هئي ڏکن،

ڇَتَن ۾ ڇائيءَ جا، ڇڄَ پيا ڇَٻڪن،

لِيۡئَنِ منجهان ”لال“ چئي، ليڙون پيون لڙڪن،

لڳا پير پٿر تي، ڇالا پيا ڇلڪن،

پنهل ريءَ پٻ ۾، جنهن جا مِٽَ مِرون ٿين،

ساٿي سورن جا، گدڙ ٿا گُرڪن،

ڀولا، بگهڙ بي گُرا، مُنڌ مٿان مُرڪن،

سڄو مُنۡهن موچاريءَ جو، لُوهي ڇڏيو لُڪن،

ترس رکي تنهن من، ڪيچيءَ قرب ڪيس کڻي.

قاف ئون قرب ڪوهيار ۾، مُنڌ مٿان مُرڪي،

جبل جي جاڙن کان، ڪِنجهي نا ڪُرڪي،

آئي در عجيب جي، سُورَ رکي سِر ڪي،

آرڪا، ترڪا اندر جا تَرڪيو ٿي ترڪي،

پنهل ڀي پرڪي، راهيس رمزون روح ۾.

 

لام ئون لوح قلم جو، لکيل هو لارو،

سسئي تي تڏهن ڪيو سورن سنگهارو،

جيڪي باب بڻيل هو، سو ڪيئن ڪري ٽارو،

محبت جي موجن ڪيو، منڌ مٿان مارو،

نشانبر نار ٿي، هڻي نينهن سندو نعرو،

ولهيءَ لئي وڻڪار ۾، واليءَ ڪيو وارو،

لڳس لنۡءُ لقاءَ جي، برهه جو بارو،

مليس اچي ماڙ ڪري، سڄڻ سوڀارو،

جنهن جي منهن ڏسڻ لئي هو ماندو جڳ سارو،

ويس سُور سنڌو ڏيئي، ڪري پورَ پَسارو،

چُونگهر سان چُري، لڌائين چاهه سندو چارو،

اَياڻيءَ تي آخر ٿيو، آريءَ جو آرو،

ڳولي لڌائين ”لال“ چئي، مُحب موچارو،

لڳس جو لارو، ته وڃي پهتي پِرَ کي.

 

لام ئون لوچي لڪن ۾، لڌائين دوست دلي،

گڏجي گوهر دل جا، ڏنائين خوب کِلي،

وؤڙيندي وڻڪار ۾، ويس محب ملي،

اڱڻ آيس اوچتو، ٽهڪڻ پاڻ ٽِلي،

لڳي ويس ”لال“ چئي، قُربن جي ڪِلي،

ڏونگر جي ڏکن ۾، آڌر ٿيس عَلي،

پهڻن پير پٿون ڪيس، ته به پرٽ ڪين پلي،

وڃي ڏٺئين وَرَ جي، ڳولي پاڻ ڳلي،

ويٺي نه ٿي ويسلي، رکي چاهه چلي،

سور ڀي سڄڻ ٿيس، دانَهَه ساڻ دِلي،

پِيَس ڪَنِ ڪوهيارل جي، ڪوهن منجهه ڪلي،

ويهڻ ويس وهه ٿي، جوش ڪين جهلي،

ڀلي ڪيس ڀلي، نه ته هئي ڏهاڳڻ ڏيهه ۾.

 

ميم ئون موٽي ماڳ تي، آيس پنهل پاڻ،

گهورن جي گهايل جي، رکي سرس سڃاڻ،

اڀل ٿيس آريءَ جي، نينهن سندي نڇاڻ،

پئي پَلئي پرينءَ جي، اٻوجهي هيءَ اڄاڻ،

سڱ سڃاڻي سڦرو، کنيائين سڄڻ ساڻ،

موٽي مليس مهر مان، محبت سندو ماڻ،

لهي ويس ”لال“ چئي، گوندر جوڀي گهاڻ،

والي وسايو وڇڙيل جو، وڙ ڪري وٿاڻ،

پرينۡ پهتس پٻ ۾، ڏاتر ڏنس ڏاڻ،

ساوا ٿيا سرسيرا، ڀُتا جي هئا ڀاڻ،

ڏسي حال هيڻي جو، پرين پَسايس پاڻ،

اصلؤن هئي اڄاڻ، پر واليءَ وڙ ڪيس کڻي.

 

ميم ئون ميخ محبت جي، ڪا هنۡيس يار يَڪي،

پنهل ڀي پرٽ سان، ڪئي پرت پڪي،

ڏونگر ڏوري، جبل جهوري، ته به دَهلي ڪين ڌڪي،

ويٺي اُٿئي وصال جي، هُيس وڌ کان وڌ وَڪي،

نشانبر ٿي نينهن ۾، هرگز نا هٽڪي،

هلندي رهي حَب ۾، ٿَهري ڪين ٿڪي،

مليس اچي مهر سان، چاهه سندي چٽڪي،

ويجهي ٿي وصال کي، لنگهي لڪ لِڪي،

ڀنڀوران بيزار ٿي، ڇڏيئين ساهيڙي سِڪي،

وصل جي ته وڪي، پهتي پرٽ کي پنڌ ۾.

 

نون ئون نشانبر ٿي، نار هئي نروار،

ولهو ڪري ويڙس، ساٿ ڌڻي سردار،

ڏيرن ڀي ڏمر جا، ڏاڍا ڏنس ڏهڪار،

پيو پلئي پرٽ جي، وڇوڙو واپار،

وؤڙي پئي وَر کي، ولهي منجهه وڻڪار،

ڳڙي پيس ڳلن تي، نيڻئون وهي نار،

پنهل جا پرٽ کي، لڳا جيءَ ۾ جار،

پاتائين ڳل ڳچيءَ ۾، ڳڻتين سندا هار،

تِرجي گٿي سؤ چوٽون جهلي، سنجهي نه لڌائين سار،

رلڻو پيس رڻن ۾، ائين آخرڪار،

سمهي نه ها سنئينۡ ٿي، ته ڇو ٿئي ها ڌار؟

مڙئي موڳيءَ کان، ويا خطا ٿي وارَ،

وڇوڙي جو وڻجي هلي وس ڪري واپار،

ڪيل قول قرار، پنهل پاڙيس پرت سان.

 

نون ئون نزاڪت، نار وڃائي نِسري،

نڪري ويس وجود مان وهه واهه وجاهت،

ياد هيس ساءَ ڀري، سڄڻن جي صحبت،

راهي ٿيس رَس ڀري رڃ ۾ رغبت،

مُٺيءَ کي مُٺو هو، مِهرونديءَ محبت،

وڃائي ويهي رهي هيبت ۽ حشمت،

نه ڪا سونهن سجاوٽو، نه ترتئون طراوت،

لُڏي پئي ”لال“ چئي، لوڪ سندي لاڳَت،

خوشي رهيس خير ڪا، نه روح اندر راحت،

غمن جي غبار جي، ڪيس آريءَ عنايت،

سر جي ڏنائين سڄڻن کي، پاڻيهي پاهت،

اچي هوت هيڪليءَ جي، ڪئي حامي حمايت،

رليل جي رهبر ڪئي، رڻ ۾ رعايت،

اثر پيس اٻوجهه جي، ٻڌي دردوندي دعوت،

وَڙُ ڪري ولهيءَ تي، ڪيو  والي وصالت،

ڪري قرب ڪماليت، سسئي سان مليو سُڃ ۾.

 

واوئون واءُ وصال جي، گهُلي ڪا گهڙي،

وڇوڙيل ورهين جي، ٿي چاق وئي چَهري،

رِنجهه ڪِنجهه ويس روح مان، نڪري پر ٻهري،

ڏسي مُنڌ مَين کي، ٿي خوب هلي کهري،

آئي ور عجيب جي، جهلي چوٽ چري،

ڪئي مِهر مُنڌ تي، والي پاڻ وري،

مليس مبارڪون ملڪ مان، لٿس ڀول ڀري،

هيڏي بحر عميق مان، نڪتي ترت تري،

”مُوتُوقَبۡل الا نۡتَ مُوتۡوا“ جيئري ٿي ته مري،

پاتائين پاڻيهي کڻي، سورن جي سري،

کُلي پيس خير سان، دل جي درس دري،

ڏونگر پيو ڏري، ٻُڌي ڪوڪان قرب جون.

 

واو ئون ورق وصال جا، ڪي والي ڪيا ويجها،

پهتي وڃي پِرَ کي، سهي لڪن جا لوڏا،

سٺائين سور سڀيئي، جيها جي تيها،

لڪن منجهه ”لال“ چئي، ليڙون ٿيس ليئا،

کُٿا وار کُٿيءَ جا، روح ڏنس ريلا،

آريءَ سان اصل کون، تاڏَ تَوَڏ ڪيها،

لکئي جي ليک مان، لٿي لک نه ڪا،

ويٺس نه ٿي ويسلي، وجهي وٿ صفا،

ڳوليم ڳوٺ ڳليون، سڀيئي تاڏا، تؤنگ تَکا،

مڙئي خيال خطرا، جهوريءَ ڪيا جهڪا،

وِهه ٿيا واليءَ ري، سوڙها مِٽَ سَڪا،

پرت پاڻ پَکا، اڏيا اچي اندر ۾.

 

هي ئون هوت حجاب، دوست ڪيا سڀ دور،

ڀِرڪي ويا ڀَر ڇڏي، سنجهي سان ئي سُور،

پَٽجي ويا پِٽجي، پرين جا سڀ پُور،

لڪي ويا ”لال“ چئي، دردن جا دستور،

ڪوهن ۾ ڪيا هئس، ڪيئي ڪِيس ڪلور،

ڏسي وارث ولهيءَ جو، وڃن پيا وهلور،

معاف ڪر مولا لَڳ، هيءَ مام سڄي مذڪور،

هٿئون پئي حبيب آهه، ڪوتاهي ۽ قصور،

ڏسي آري اوڏوڙ، آين شرم شعور،

مليو محب مُنڌ کي، جنهن ميٽِيُن مديون مور،

گهايل جي گهر آئيو، گهوٽ ڪري اڄ گهُور،

آخر ويل اَسور، لڳي واءُ وصال جو.

هي ئون هاڻي هوت، لاٿس اندر جا اولا،

گوندر غم غلط ٿيا، مِهر ڪيس مولا،

ٽاهڙ جان ٽهي ويس، ڇپر جا ڇولا،

ڏَڌل کي ڏسي ڀڳا، ڏک توڙي ڏولا،

آيس پي اُڇاترا، ٽهڪ ڪري ٽولا،

پاتائين پريم جا، چاهه وڏي چولا،

غمن ۾ غلطان هُئي، گوندر ٿيس گولا،

مڙيئي ويس ميسجي، روح منجهؤن رولا،

ڀَلي جي ڀلائيءَ سان، ڀول لٿس ڀولا،

مُونجهان رهيس نه من ۾، ماسا ڪي تولا،

ڏسي قادر جا ڪم لا، جو وڇڙيل ميلي وڙ ڪري.

 

يي ئون يار پنهل ٿيس، اچي مهل ۾ مددگار،

ڍڪي ڍُٽُ ڍُٽيءَ جو، ڍولئي ڪيس ڍار،

ياور ڪيس ياد ڪين، عيبن جا انبار،

مڙئي مدايون ميٽيُس، صاحب صاف ستار،

مولا مليو محب سان، ڪيس قرب ڀرئي ڪرتار،

ڪوهن ۾ قدم کڻي، اچي ويس ڪوهيار،

اگهيس در عجيب جي، وڻجئين جو واپار،

نفعو پيس نهايت، بلڪل بيشمار،

ڪوهيارل قرب ڪري، پاڙيس قول قرار،

گڏيا اڄ گلشن ۾، وري نه ٿيندا ڌار،

کليا گل گلزار، عالم ڪُل آسودو ٿيو.

يي ئون يقيني يار جي، مون کٽيائين خير سان،

لٿيون سختيون ساهه جون، مونجهان مُنڌ مٿان،

ڪوهياري ڪمينيءَ تي ڪيا قرب نوان،

رمزان ڏسي روح جون رليل ٿي روان،

ڏٺا ها ڏونگر ۾، هن ڀي گهاوَ گهڻا،

لهي ويس ”لال“ چئي، سڄڻ ٿيا سنوان،

پيس ڪَن ڪِٿان، آخر آهه عشق جي.

 

لام ئون لُوهَه لقاءَ جي، منڌ وڌي ماري،

ڀنڀوران بيزار ٿي، هنجهون پئي هاري،

جهوڪان پاڻ جتن جون، ٿي نت نت نهاري،

ريهاڻيون ريهن جون، ترت سڀئي تاري،

ڳڻتين ۾ ائين ئي پاڻ ڇڏيائين ڳاري،

ميٽي شرم حيا کي درد دلي ڌاري،

هلي پيئي حُب سان پرين پناري،

صبح سانجهي سرس پئي پنهل پچاري،

واڪا وس وڏا ڪري، ولهي پئي واري،

ڇڏي ويا ڇوريءَ کي ٿُڏي ٿُوڪاري،

موليٰ نه ماري، ته ڇا ڪندين جاڙ جبل.

لام ئون لوڪ لکاءَ ٿي، لاشڪ هيءُ لارو،

ته پنهون سسئي سان مليو سخن سچارو،

ڇڏي نه ويو ڇوريءَ کي، محب موچارو،

مليا وڇڙيل پاڻ ۾، عشق ڪيو آرو،

مُنڌ هنيو مُحب جو، نشانبر نعرو،

جهلي بيٺي ڀاڪر ۾، پاڻ پرين پيارو،

ڏَڌَل هئي ڏکن جي، وڃايائين نه وارو،

اَڏي ويٺا اُتهن، عاشق اوتارو،

سڪ جو ساندارو، پيتائون پُر ڪري.

 

الف ئون ذات الله جي، بيشڪ لا پرواهه،

هڪڙا ويهن ماڙئين، ٻيا رڻن منجهه ڪن راهه،

هڪڙا ساهه صدق ڪن، پيا هردم محبت مٿاهه،

ٻيا نهارين نه نيڻ کڻي، رکن گيربُ گاءُ،

رکي سُور سسئي جئن، ڪي وتن لاءِ لقاءُ،

جي ٿئي وڙ وٽاءُ، ته ٿين اوليون به سوليون سيگهه ۾.

 

الف ئون الله جا آهن، عجب جيها اسرار،

ٻڌي اُڇليو ٻيگهڙو، ٻاروتي منجهه ٻار،

ڪري ڇا؟ ڪَتي ڇا؟ جنهن جو وس ناهي ويچار،

چي پاڻ بچائج پانۡهنجو، هر دم رهه هوشيار،

بيوس بندو ڇا ڪندو، بس سولي ڪري ستار،

پر ڪلمون جن قرار، ويندا سي ايمان سان.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله.
 

ٽيهه اکري: ذڪر طالبن تارڪن جو

 

الف ئون اکر عشق جو، ٿا پرتئون پچارين،

دل ۾ دوست دليءَ جو، ڌيان سدا ڌارين،

وَس ڪئي وِٿ نه رکن، وائي ڪُل وارين،

دٻڪِي هڻي دل سان، ٿا چانگو ول ڇارين،

غير ڏي غمن ۾ نانگا نه نهارين،

’مَينۡ‘ جو مامرو مَن مان ٿا محبتي مارين،

اُٿئي ويٺي اوڏڙا ٿي سُهڻي کي سارين،

گهاوَ جهلي گوندر جا گهاتُو پيا گهارين،

”قالُوا بَليٰ“ قول کي پرت منجهان پارين،

پنجن سان پورا رهن، ٽيهه نڪي ٽارين،

انهيءَ راهه رمي ڪري، رهبر سان راهين،

”لاخَوف عَلَيهِم ولا هُم يَحزنُون“ اکر اُچارين،

بدن ۾ برهه جا، ٿا اُليل اڀارين،

پيا تندڙي تنوارني، لڳي لَنۡءُ لقاءَ جي.

 

بي ئون بات برهه جي ٿا سامي هڪ سِکن،

سبق پڙهي سِڪ جو ورق سڀئي ويڙهن،

محبت ريءَ مانجهيءَ جي ٻِي مام نه رکن مَن،

ڪوهياري جي قرب کي ڪُونڌر ڪَن ٿا ڪَن،

”وَمَا اُهِلّ لِّغيرِ الله“ وس ڪئي نه وِهن،

تَسبيح کڻي تَسئي جِي، ورهه واٽ وٺن،

هلندي گهمندي حُب ۾، هردم جُنگ جلن،

محبت جي ميدان ۾ مرڻ کان نه مُڙن،

سِڪ جو ٻَڌي سندرو، وڌيڪ وک وجهن،

”هُو هُو“ وائي وات ۾ ذاتي ذڪر پڙهن،

”اَلۡعِشۡقُ نارُ يُّحۡرقُ ماسِوَي الله“ پروانا جيئن پچن،

”مُوتوا قَبۡلَ اَنت موتوا“ مشاهدو ماڻين،

”تَرڪ الدّنيا واجِب“ ڄاڻ اهو ڄاڻن،

ماني ۽ پاڻيءَ جي طالب نه رکن تَن،

پڙهي باب برهه جو، جيءَ ۾ جار رکن،

انهيءَ پَر پُرن، سامي هن سنسار ۾.

 

تي ئون تات تِکيري، تن ۾ تارون تار،

جانب جا جيءَ ۾ رڳا اَٿن جار،

ريهي ريبي رمز سان رکي درس ڌتار،

ند وري ناقص کي ٿا آڻين مٿي آر،

گهوٽ گهمن گوندر ۾ اهي تن جا ٻار،

حُب رکي هِنۡيين ۾ پاڙين پرت پچار،

لڳن ناوڪ نينهن جي، لاکيڻي لغار،

پَس روءِ رانول جي، ٿيا نِسانبر نروار،

”اَلا عۡمَالُ بالنّيات“ اٿن تار تنوار،

ڏوري ڏٺئون ڏک سان دوساڻي درٻار،

ويهي واٽن وچ تي ڪيو آڌوتين اقرار،

مُڙيا ڪين مرڻ کؤن، دهليا نه کؤن دار،

راتيان ڏينهان روح ۾، اٿن اهوئي اسرار،

وؤڙي لڌائون وَلهو، والي منجهه وڻڪار،

گوندر گهٽيا، غم لٿا، سرس ٿيا سڪار،

واليءَ ويڙهه وسائيو، ڏات ڪري ڏاتار،

بَرٿَر بادل برسيا ٿي چوڌاري چمڪار،

ڦُٽا گاهه پٽن تي ڪئي گولاڙن گلزار،

تڙ، ترايون، تل تاڏا، ٽهه ٽهه ٿيا ٽمٽار،

لُلر، لُنب، لوڻڪ، لاڻيءَ جي لَنۡءُ لڳي ڪا لار،

موٽي آيا ماڳ تي، سرها ٿيا سنگهار،

ميڙائي جو موقعو ٿيو، لٿي وڇوڙي جي وار،

الله جا اسرار، جنهن ساوڪ لاٿي سُڃ ۾.

 

ثي ئون ثابت سڪ ۾ رهن صبح شام،

ملڻ لاءِ محبوب جي اٿن من اندر ماتام،

”اَلۡمَجازُ قِنۡطَرَةُ الۡحَقِيقَت“ آگي جا اڪرام،

پُري رسيا پورب ڏي، من ۾ رکي مام،

وساري وٿاڻ هليا، ڪوري سڀ ڪِمام،

آڏو رکيئون عجب جو اَلستي انجام،

پيالا ڀري پرت جا جُنگ پين ٿا جام،

ڪَپي ڪڍيئون قلب مان خطرا سڀئي خام،

پروڙي هليا پر ڏي ”مُوتُوا“ واري مام،

اهڙن ڏي ازل کؤن سائين مُڪا سلام،

ويهن نه ٿي ويسلا هلن هڻندا گام،

”اِنّما امۡوا لڪُم وَ اَوۡلادُ ڪُم ِفتۡنَة“ ڪري ترڪ تمام،

وڃي پيا ويجهڙي سيّد جي ئي سام،

کائڻ پيئڻ کٽو لڳن طلب نه رکن طعام،

پوءِ اهڙي دِلي دام، ٿا جوڳي وسن جُوءِ ۾.


[1] . اُتر (تعلقي پني عاقل) مان محمد حسن ”مشتاق“ کان پهتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org