جيم ئون جهٽ پٽ جان سان، جوڳين لاتي جنگ،
خطرا، خواريون، خرخسا، کڻي نينهن نسنگ،
پيدا ٿين پريم جو، اهڙو ڪو اُمنگ،
ڇڏيئون قرب قريبن جو، سوڙهو ڪري سنگ،
برهه جو بدن ۾ واهه جو لڳن ڏنگ!
روح ۾ رهبر جو رچي ويڙن رنگ،
تَن ۾ ”تُونۡهين تُون“ جو چورين ويٺا چنگ،
اچي ٿيا اوڏڙا نانگا پسي ننگ،
ٻرن ۾ وڃي برسيا، جايون ڪيئون جهنگ،
لِڪا وتن لوڪ کؤن، ڍوليا ڪري ڍنگ،
گوندر ويا گذري، درد ڪري سڀ دنگ،
اهڙو ڪوئي انگ، هو آڌوتين جو اڳ لکيو.
حي ئون حب هنيين ۾، آين آل ۽ جال،
ويٺا ڪن واٽن تي، عجب جيها احوال،
گهورين گهَر پرينءَ لئي، مِلڪَ مڏيون ۽ مال،
وؤڙيندي ور کي، ٿِيا هِن صديون ۽ سال،
نانگن نيٺ نباهيو، نينهن نشانبر نال،
”اِقۡرارُ بالّلِسانِ وَ تۡصۡديۡقُ باالقَلۡب“ ڦٽا
ڪيائون تال،
رکين لڄ رُليل جي تون لاڄوڻي لَڄپال،
ثمر کڻي سڪ جو، هليا ههڙي حال،
ڏين نڪي ڏکوئن، اهي تن افعال،
وڄائن وجود ۾، دردن جي ڌمال،
وارين وائي ٻي نه ڪا، ريءَ محبوبن مقال،
نانگا ٿيا نِهال، پَسي روُءِ ران تول جي.
خي ئون خوب خوشيءَ سان خطرا کنيائون خاص،
هڏا هيڪاندا ٿين، مُرٽِي وين ماس،
اصل کؤن عجيب لئي، آڌوتي هئا اداس،
نفس ندوري ناقص کي، نهوڙي ڪيئون ناس،
عجيبن جِي اندر ۾، پَلپل رکيئون پياس،
”مُونا طورسينا“ ورتئون اهو واس،
چرچ ڏيئي چريا ٿيا، چکي چٽڪو چاس،
رکي راز رباني، رهبر ڪيئون راس،
نظارو نينهن جو، لَنۡءُ لَنۡءُ لڳن لاس،
خطرا خلل خاص، ٽاهُو هڻي ٽوڙي ويا.
دال ئون درد لڳن، ڪو نشانبر نروار،
ڇڏيئون ڇوڙي ڇوهه مان، دنيا جي ڌتار،
حامي حضرت پير ٿين، محي الّدين مختار،
عالم کي آهي جنهن جي، اصلئون اوٽ آڌار،
چاڙهيندو چاڙهين مان، مدني سو مهندار،
جيڪو سام سيّد جي، تنهن کي ڀؤ نَڪا ڀُلڪار،
جوڳي، ڀوڳي جڳ ۾ آهن، مرد مڻيادار،
تن جي لَڙهه لڳي ڪري، تري ويندا تار،
جيءَ ۾ جانب يار جو، آهي عشق آپار،
محبت جي ميار، کڻندس ڪين خوشيءَ سان.
ذال ئون ذڪر ذات جو، ٿا ظاهر ڪن زاري،
”فَاذُ ڪُروُني اَذۡ ڪُرۡڪُمۡ“ مام ته موچاري،
رکيئون قرب ڪلمي سان، سرس ڪري ساري،
ندوري نفس کي، مردن مَلهه ماري،
”دعُوة الدّاع اِذاد عان فَلِيَسۡتجِيبُولِي“ پرت
پرين پاري،
محبت رکي من ۾، ٿيا چاهه سندا چَاري،
اٿي آڌريءَ رات جو، ڪن زاري نيزاري،
پرور! پردو پت رک، سُجهي قبر ٿي ڪاري،
تِنهن جي عَين اچڻ تي، ڪيو آب اکين جاري،
توهه طلب تنهنجي آهه، تَن اندر تاري،
گوندر لاهه غلام جا وجهه گهوٽ! نڪا گهاري،
پَهڻن پير پٿون ڪيا، ڏونگر دل ڏاري،
وڃان، ڪي وري اچان؟ ٿا بَر سُجهن باري،
هڪ جبل جوراڻو ڪيو، ٻِي واٽن تي واري،
سِڪ جو ٻڌي سندرو، هلان هيڪاري،
”لالڻ“ تنهنجي لڙهه لڳي، آهي ڪوجهِي ڪني، ڪاري،
ڇڏائي ڇولين کؤن ڪندين مرشد موچاري،
ڪَڙڪا ٻُجهن ڪن جا ٿا، ڀَوَ ۽ ڀُلڪاري،
سوڙهي ويل سڪرات جي، ڪج سيّد! ستاري،
”فاذاجاءَ اَجَلهُمۡ فَلا يَسۡتَا خِرُونَ وَلا
يَستَقۡد مُون“ ٿي مران موچاري،
هِت هوريءَ دِل هاري، ڏسي ڏونگر ڏاکڙا.
ري ئون رکيئون روح ۾، رانول جي رهاڻ،
مِلين بشارت بهشت جي، انهيءَ اهڃاڻ،
هلن هِنئين سان هوت ڏي، سِر نه کڻن ساڻ،
نذر ڪيائون نينهن جي، پورو پنهنجو پاڻ،
لاهي خطرا خوش ٿيا وين لڳي ڪو ٻاڻ،
دُئي کي ڌڪي ڪري رکيئون من ۾ محبت ماڻ،
دم کپي ٿو دوست کي، ڄاتئون اِهو ڄاڻ،
سِر ننگو، ڳَل ڪَفنِي، هي آڌوتين اُهڃاڻ،
بُک مرندي بکيا نه گهُرن، پَلي ويٺا پاڻ،
سوز سِڪ سَرسيري، ثمر اٿن ساڻ،
لاڳاپا سڀ لاڻُ، لاهي لوڪ مٽي ويا.
زي ئون زبر زور جو، ڄاڻ نڪي ڄاڻينِ،
توڪل ٻڌي تُرهو تُرتئون پيا تاڻينِ،
”مُوتُو!“ واري مام سان موج مئُو ماڻينِ،
فرض “فنا فِي الله” جو ادا ڪيو آڻينِ،
گولا گولن جا ٿي گوندر منجهه گهارينِ،
ڪينو ڪڍي قلب مان، نرتئون نهارينِ،
”وَاِذامَرّو بالّلغۡو مَرُّ وڪِراماً“ ڌيان اهو
ڌارين،
اُڃيا بُکيا اندر ۾، ٻولي نه ٻُڌائينِ،
گيڙو رتا ڪپڙا، تسبيح تنوارينِ،
اَسُر ويل عجيب سان، ڳالهيون ڳالهائينِ،
تهدل پيا تاڻين، جوڳي پنهنجي جُوءِ تي.
سين ئون سندرو سڪ جو ٻڌي، ڪئي ڪاپڙين ڪاهه،
آين بحر عشق جو، اڳيئون ڪو اَٿاهه،
ورهه وراين ويسلي، ڳڻتين ٻڌن ڳاههُ،
سڄڻ جي سنڀار ريءَ، کڻن ڪين پساهه،
گهٽي ۾ گهوري وڌا چوري هَنين چاهه،
پَسي مورت مٺڙي لوڪ ڏنئون هيءَ ڏاهه،
”فَمَنُ ڪان يَرۡجِعُ لِقاءَ ربّہ، فَلۡيَعۡمَل
عَمَلا صالِحا“ ورتئون هيءَ صلاح،
ويٺا وڃي ويجهڙا، وٺي پرينءَ پناهه،
تَڪِين ڪين تِرڇڙو، ورتيون وڃن راهه،
دوست جي ديدار لئي، سَٺين سختيون رساهه،
ته به چون منجهان چاهه، ته ڀلا تنهنجا ڀال هي.
شين ئون شاڪر شير ٿيا، منجهه دوساڻيءَ درٻار،
سِر ڏيئي سرها ٿيا وڻج ڪيئون واپار،
سِر جو سؤدو سڦرو هيجئون ٿين هيڪار،
”قالُوبَليٰ“ قول جو، پاڙيائون پَهه پار،
”صِراطَ الذينَ اَنۡعَمۡتَ عَلَيۡهُمۡ“ اها اٿن
پچار،
”اِذاجاءَ نَصۡرُ الله والۡفَتۡحُ“ ڏيندن سوڀ
ستار،
حالت “هُو هُو” هڪ ۾، ٻي ڪَن ڪُل ڪن ٽار،
بِرهه جي بحر جي، ويٺا وٺي ڪَنٺار،
محبت ري مُلهه ناهين، ڇڏيم هي بيڪار،
سِڪ جو ٻڌ سندرو، لَٽ حجتون سڀ هڪوار،
عاجزيون، آزيون ڪري ڪر هٿ هِنئين جو هار،
جاني! جڳ جو جاني ٿي جيڏن جو جنسار،
جنهن جي جوت ڪري وڌا، سِج چنڊ شرمسار،
حورون حيرانيءَ ۾ پيون، ڏسي ڪاڪل قربدار،
ونگي، ڍنگي، ڏنگي، ويا وسيهر وارَ،
اکيون مرغان، تير تفنگان، هڻن ڪانَ ڪپار،
ڪنڌ کڻڻ سان ڪيري وجهن هلان ڪري هزار،
جنهن جي جوتِ جڳت ۾، سو ماڙ ڪندو مختار،
کڻندو کُهين جا بار، آهه عالم جنهن جي آسري.
صادئون صبر جي، ڪا سُرڪِي پيتائون،
سورن ۾ سکائتا ٿي، سڀ ڪجهه سٺائون،
”اِنَّ الله مَعَ الصّابِرِين“ ائين آکيائون،
غم ڏسي گهڻيرا ٿيا، نه گائون ۽ مائون،
هٽيا ڪين هڪ گهڙي، ڏسي سورن سهسائون،
انگ ازل ۾ اڙيو، لڌيون لاهوتين لائون،
جيئن جوکو جيءَ کي، تکا ٿين تائون،
هلندا رهن حُب سان پُرن نه پاهون،
”اِنَّ الله اشۡتريٰ مِنَ المؤمِنين اَنفُسۡهُمُ
وَ اَمۡوالهُم“ اهو پُرزو پڙهيائون،
واري ورق ٻيا سڀ ويڙهي رکيائون،
پوءِ لاهوتين لائون، لڌيون سُورن سان کڻي.
ضادئون ضرر ظاهري، کڻن ٿا کيهِي،
وڃي ٿيا ويجهڙا، پکي پِرينۡءَ پيهِي،
آئِي سا آگهِي ويئي، هجي جيهِي جا تيهِي،
”اَلاۡ عَمالَ بِاالغّيات“ نينهنُ ٿيس نيهي،
”اِنَّ صلاتِي و محيائي وَ مَماتِي لله ربّ
الۡعالَمين“ رمز انهيءَ ريهي،
اڳي کؤن ٿيا اُجرا، ٽار ڪري ٽيهي،
ڀڳئون ڀانڊو ڀول جو، ٺهڪي سا ٺيهي،
”اِنَّ لله معَ المُتَّقِين“ وٺي در رهيا ويهي،
سڄڻ جي صحبت جي، ڪا سرس لڳن سيهي،
پوءِ جيهي جي تيهي، هُت ناهه پڇا ڪنهن پاڙي جي.
طوئي طلب دنيا جي، ترڪي ترڪ ڪري،
ثمر کڻي سِڪ جو، هليا درد ڌري،
“واللهُ يَهدي مَنۡ يّشاءُ” اِها آس ڌري،
اچي پيا اوچتي، منجهه عشق جي اري،
پِرين جي پار جو، پتو پين پري،
هِيڻِي ٻولين هو گهڙي، پيا ڳالهائين هري،
اَٿن آس اها ته من ڪو والِي وڙ ڪري،
ولهن جو وارث، شل وٿاڻن تي وري،
جهوراڻي جنهن جي ۾، ٿو جگر هيءَ جهُري،
ڏکن ڏيل ڏکوئيو، هنيون ڳچ ڳري،
اچي پيس اوچتي تلاءُ تري،
جن ريءَ ساعت ڪين سري، سي والِي ڪندم ويجهڙا.
ظوئي کنيائون ظهاري، خرخسا خواري،
پِرينءَ ڪا پريم جي، پَتي پياري،
هليا کڻي حب مان، خوفن جي کاري،
درد ملين دنيا ۾، ٿين آخرت موچاري،
”لا خوفً عليهم ولا هم يحزنون“ هي تڳاءُ ٿين تاري،
وين چڙهي چنبي ۾، ڪا مهل موچاري،
گهائي گهورن گهوٽ وڌا، ٿيا صدق سؤ واري،
انهيءَ حال حجت ڇڏيئون ڪر هر دم نيزاري،
جوڳين، ڀوڳين جانب سان، پرت چڱي پاري،
ويٺا منجهه واري، اَڏي اَڌوتِي اوڏڙا.
عين ئون عشق الله جي، نانگا ڪيا نهال،
ماندا وتن ماٺ ۾، واصل ريءَ وصال،
هر دم رهن هوت لئي، حُب ۾ حال في الحال،
اکين نه اندر جو، ڪنهن سان ڪو احوال،
ترڪي کي ترڪ ڪري، ميڙين نه مال،
وساري ٿيا ويجهڙو، پرتئون ٻچا ٻال،
دلبر جي رشن لئي، ڳوليئون ڳچ دلال،
پهتا وڃي پِرَ کي، پوءِ اهڙي ئي افعال،
قُربن ڪُٺا، مامن مٺا، ٻِي ڪن نه قيل مقال،
اهڙي حال احوال، هردم رهن حب ۾.
غين ئون غم غلط ٿين، گوندر ويا لهي،
آڌوتي ٿيا اوڏڙا، پِرين ساڻ پهي،
ڇنا سڀ ڇڏي، پيا رانول ساڻ رهي،
دورنگي دنيا کؤن، ويا ٽاهڙ جيئن ٽهي،
پيتائون پريم جِي، ڏوري نيٺ ڏهي،
سڄڻ لڌائون سامهون، سُور سهي سهي،
وندر جي واٽ ۾، نه ڏٺئون درد دهي،
يا ڪول قريب جي، ڪوهيارا ڪَهي،
محبت جي ملي وئي، ڪا مَستن کي مهي،
ڪَهِي سا نه رهِي، وڃي ويجها ٿيا وصال کي.
في ئون فڪر جو، وڃي ڦولهي ئون ڦير،
پُري هليا پورب ڏي، کڻي پريم جو پير،
لوڌي ڪڍيائون لوڀ جو، من منجهائون مير،
هر ڪنهن سان هلن هڪ جهڙو، رکن نه ڪنهن سان وير،
ڪجهه نه چون ڪنهن کي، ڪَن نه ڪنهن کي ڪير،
پاءُ هجي ته به پاڻ لئي، سرس هجي ڪو سير،
اِهي جن جون عادتون، سي آهن مرد مَٿير،
ٿڌا مَٽ ٿاهر جا، ڊِنگ وڏا هِن ڍير،
رتا وتن روح ۾، شوق وڏي سان شير،
قابو ٿيا قرب ۾، نينهن وڌا اٿن نير،
صبح ويل سوير، اُٿي آڌوتي اُسهيا. |