سيد هارون جي ٽيهه اکري (453)، جا پڻ ڊگهن بندن جي
صورت ۾ چيل آهي، ڪافي آڳاٽِي آهي، ۽ يقيني طور سنه
1244/1245 هه کان اڳ جي جوڙيل آهي. ان بعد گل محمد
جي چيل ٽيهه اکري (44) آهي جنهن جي آخري بند مان
ظاهر آهي ته شاعر اها ٽيهه اکري ”10 شعبان 1286
هه“ ۾ جوڙي. هن مجموعي ۾ آهي ٽيهه اکريون نسبتاً
آڳاٽيون چيل آهن. محمد فقير کٽياڻ (وفات 1939ع) جي
ٽيهه اکري (370) سڀني کان پوءِ جي چيل آهي. انهيءَ
لحاظ سان هن جلد ۾ اهي ٽيهه اکريون شامل آهن جي
اندازاً 1700ع کان پوءِ 1939ع کان اڳ جون چيل آهن.
ٽيهه اکرين جا مضمون ۽ مقاصد
هن جلد ۾ شامل ٽيهه اکرين کي مضمون جي لحاظ سان
ورڇبو ته معلوم ٿيندو ته مناجاتون، مداحون ۽
مناقبا زياده مقبول مضمون آهن. جملي ٽيونجاهه ٽيهه
اکرين مان ايڪيهه انهن عنوانن تي چيل آهن
.
هڪ ٽيهه اکري مرزا قليچ بيگ جي (330) بسم الله جي
ساراهه ۾ چيل آهي، جو مقصد جي لحاظ سان هڪ انوکو
عنوان آهي. ڏهن ٽيهه اکرين جو مقصد ۽ مضمون نصيحت
۽ هدايت آهي
،
۽ ڇهه ٽيهه اکريون (1، 8، 133، 304، 370 ۽ 376)
سلوڪ جي سلسلي يعني حق جي طالبن، ويراڳين ۽ تارڪن
جي بيان ۾ چيل آهن. ٻارهن ٽيهه اکريون سنڌ جي
مشهور رومانوي داستانن بابت چيل آهن، جن مان ڇهه
مارئي (158، 252، 268، 278، 322 ۽ 348)، ٽي سسئي
(103، 174، 262)، هڪ سهڻي (315)، ۽ ٻه ليلان (310،
359) بابت چيل آهن. باقي ٽيهه اکريون محبت ۽ مجاز
بابت آهن جن مان هڪ (57) سٽاء جي لحاظ سان لولي
آهي، ٻي شاهه محمد ديدڙ جي ٽيهه اکري (86) خالص
مجازي آهي ۽ ٽي عبدالرحمان چانڊيو جي ٽيهه اکري
(290) ڪانگل جي عنوان تي چيل آهي، جنهن ۾ مضمون
عائشقانه آهي.
مواد جي ترتيب
هن جلد جي سڄي مواد کي تاريخي لحاظ سان هر دؤر جي
شاعر مطابق تربيت ڏيئي سلسليوار رکيو ويو آهي.
شاهه عبداللطيف (وفات 1165هه/ 1752ع) ٻين سڀني کان
آڳاٽو شاعر آهي، انهي ڪري شروعات سندس ٽيهه اکري
سان ڪئي وئي آهي. ان کان پوءِ ٻين ٽيهه اکرين کي
شاعرن جي وفات جي سال مطابق مرتب ڪيو ويو آهي.
البته سڀني شاعرن جون سوانح عمريون پوري تصديق سان
نه ملي سگهيون آهن ۽ انهي ڪري وفات جا سال پڻ
تحقيق طلب آهن. ڪن آڳاٽن شاعرن جون ٽيهه اکريون
ڪتاب جي ڇپائي هلندي دير سان دستياب ٿيون، جيئن ته
ميين عيسي، سيد هارون ۽ کمڻ چارڻ جون ٽيهه اکريون
جن کي ’ضميمي‘ طور ڪتاب جي آخر ۾ رکيو ويو آهي.
سيد هارون جي ٽيهه اکري اتفاقي طور دستياب ٿي، ۽
انهي ڪري چئي سگهجي ٿو ته ٽيهه اکرين جو اهڙو اهم
مواد اڃا تائين پوشيده هجي، ۽ ڪي آڳاٽيون چيل ٽيهه
اکريون ڪن قلمي نسخن ۾ محفوظ هجن ۽ اڳتي هلي هٿ
اچن.
هر هڪ ٽيهه اکريءَ جي منڍ واري صفحي جي حاشيي ۾ ان
جي روايت جو نشان پتو ڏنو ويو آهي؛ يعني ته جنهن
به ڪارڪن وٽان جنهن به خطي يا تعلقي مان اها روايت
ملي آهي ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هڪ کان
وڌيڪ روايتون مليون آهن ته انهن کي ڀيٽي صحيح متن
قائم ڪيو ويو آهي ۽ حاشين ۾ اختلافي پڙهڻيون ڏنيون
ويون آهن. چيل ڪتابن مان ورتل روايتن جي پڻ تصحيح
ڪئي وئي آهي ۽ حاشين ۾ انهن ڪتابن جو نالو ڏنو ويو
آهي. هن جلد ۾ شاهه جو رسالو (1، 8)، مجمع مدحيات
(13، 26)، ارمغان حامد (158، 166)، ميين عيسي جي
سنڌي ٽيهه اکري (382)، ثناء سي حرفي (354)، مجمع
العجائب (310، 315، 322)، اذڪار قلندري (64)،
ٻيلاين جا ٻول (174)، ڪليات خادم (192)، ڪليات حمل
(70)، گلشن بهار (220، 238)، چندن هار (330)،
رسالو منٺار فقير (362) ۽ منطوق محمدي (370، 376)
۾ ڇپيل جملي ايڪيهه ٽيهه اکريون شامل ڪيون ويون
آهن. جيڪڏهن ساڳئي شاعرن جون هڪ کان زياده ٽيهه
اکريون مليون آهن ته اهي شايع ڪيون ويون جي وڌيڪ
معياري هيون.
هن جلد ۾ جيڪي جملي ٽيونجاهه ٽيهه اکريون شامل
آهن، تن مان ٻٽيهه اهڙيون آهن جي هن کان اڳ نه
ڇپيون آهن. شاعرن جي لحاظ سان، جملي اٺٽيهن گذري
ويل شاعرن جون چيل ٽيهه اکريون شامل آهن، جن مان
ٻاويهه شاعر اهڙا آهن جن جو نالو پهريون ڀيرو هن
ڪتاب ذريعي نروار ٿي رهيو آهي. ڪوشش ڪري هر هڪ
شاعر جي سوانح حيات هٿ ڪئي وئي آهي ۽ اها مختصر
طور سندس چيل ٽيهه اکري جي شروع ۾ ڏني وئي آهي،
البته ٽي شاعر اهڙا آهن (گل محمد 49، هادي بخش 176
۽ سيد هارون 453) جن جي حياتيءَ جو احوال سردست
معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
ن. ب.
متن
ٽيهه اکريون
ٽيهه اکري: سر رامڪلي
(چيل شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي)
]هيٺين
ٽيهه اکري’شاهه جي رسالي‘ ۾ سر رامڪلي جي آخر ۾
ڏنل آهي. بيتن ۾ ’لطيف‘ جي نالي مان ظاهر آهي ته
ڀٽائي صاحب (1102-1165هه/1289-1752ع) جي چيل آهي.[
(1)
الف اَلَک مَن ۾ ڪيو ڪاپڙين،
سي حرف ڌاران هيڪڙي ٻيو ڪين ٻُجهَن،
فرض فَنا فِي الله جو، عين عبادت اُنِ،
”قُل هُوَ الله اَحَدُ“ ٿا منجهات پِرت پَڙهن،
سعات سَرينِ، گُرَ کي گڏيا ڪاپڙي.
بي ئون برتن ناهه ڪو، کِدا تان نه کڻن،
نه گُلو بند، نه گودڙي، نه ڌاڳو ڌڙ ڪِيَن،
چَڪَر چمڙو چيلهه تي، ٻهڳڻ ڪين ٻڌن،
”تَرڪُ الدُّنيا واجِب“ اِي عادت عارفن،
ٻِيون ڏيئي ٻَن، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
تي ئون توشو تَوڻِ کان، ڌريان نه ڌارينِ،
ڏکيا سُکيا ڏينهڙا، گهَٽ اَندر گهارينِ،
توڪّل ڪيائون تُرهو، ٻي وائي نه وارينِ،
”قُل هُوَ الرَّحمٰن اَمَنّابِہ“ اِتي اختيارينِ،
پَرِ چڱي پارينِ، گُرَ کي گڏيا ڪاپڙي.
ثي ئون ثابت سندرو، تن جوڳين کي جَڙيو،
تن حرف سڃاڻي هيڪڙو، منجهان پرت پڙهيو،
”لامَقۡصُودفي الدّارَيۡنِ اِلاهُوۡ“ گهٽ ۾ گهاٽ
گهڙيو،
لاهوتين ”لطيف“ چئي، اندر الف اڙيو،
جن کي من ۾ محب مِڙيو، سي گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
جيم ئون جوڳيڙنِ جِي، جانۡ نِهاريم جُوءِ،
عقل اُت اوڇُون ٿِيو، هوءِ هليا سامهان هُوءِ،
مون کي ان مذڪور جِي، باسَ نه پيئي بُوءِ،
“اَلۡحُبُّ لِله وَ الۡبُغۡضُ لِلهِ” اِي خاصي
سندين خُوءِ،
وڃي روءِ بروءِ، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
حي ئون حال پرائيو، تن آديسين اَحوال،
نانۡهه ڪَيائون نفس کي، ڪري جان زوال،
”لَنۡ تَنالُو الۡبِرَّ حَتّيٰ تُنۡفِقُوا“ پاڻ
ڪيائون پئمال،
نانگا ٿيا نِهال، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
خي ئون خَشِبَتَ خوف ۾، ڪيائون ڪيني کي قتلام،
ڊڄن ڊراءِ الله جي، ڪَهن ڪونه ڪلام،
آئي اُن جي باب ۾، آيت هي انعام:
“اِنَّ الله لذ يِنَ يَخۡشَون ربَّهُم بالّغَيۡبِ”
اي پروڙج پيغام،
خطرو لاهي خام، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
دال ئون دونۡهون درد جو، دل ۾ دکائينِ،
آڻيو آگ عشق جي، چقمق چُهٽائينِ،
جيءُ پنهنجو جوش ۾، ٿا پَلپَل پچائينِ،
”اَلۡعِشۡقُ ناريُحۡرِقُ ماسِوَي الله“ اِي ماتم
مچائِين،
خطرا سڀ کائينِ، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
ذال ئون ذڪر ربّ جو، ويل نه وسارينِ،
سناسِي سُبحان کي، سدائين سارينِ،
تسبيح جِي ترار سِين، مُلۡحِد کي مارينِ،
”جَز آؤُ هُمۡ عِنۡدَ رَبّهِمۡ“ اِتي اختيارينِ،
پَرِ چڱي پارِينِ، گُر کي گڏيا ڪاپڙِ.
ري ئون راضي روح ۾، مٿي رب رضا،
مڃيائون محبت سين، قادر جي قضا،
”رَضِي اَللهُ عَنۡهُمۡ ورَضۡو اعَنۡہُ“ جوڳين
اِيءَ جزا،
ڏيئي ساهه سزا، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
زي ئون زاهد زُهۡدَ سين، پختا ٿيا پچي،
ڪڍي ڇڏيائون ڪُرَ مانۡ، ڪوجهي ڳالهه ڪَچي،
اُبَٺا عبادت ۾، مانۡجهي مرد مچي،
”وَماخَلَقۡتُ الجِنَّ اۡلانۡسَ“ سهڻو سُڌ سچي،
اُڪنڊ سان اَچي، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
سين ئون سَهۡجؤن سيج تي، سامي ڪين سمهن،
نيڻ نه هيريائون ننڊ سين، خوشيون خواب نه ڪن،
جاڳڻ سندو جيءَ ۾، وِرۡدُ ويراڳين،
”اَلنَّومُ عَلَيٰ لۡمُحِبّ حَرام“ اِي ڪلام
ڪيائون ڪن،
اهڙن اُهڃاڻن، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
شين ئون شريعت جا، تابع ٿيا تمام،
تن کي طريقت جي، مَنَ ۾ ميخ مدام،
هلڻ حقيقت ۾، معرفت مقام،
”اِنَّ الَّذِين آمَنُواوَ عَمِلُوّ االۡصّلِحٰتِ“
آهي تن آرام،
جنّت پيتائون جام، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
صادئون صبر سکيا، ڌُريائون ڌُڻي،
اُبَٺا اِنهيءَ ڳالهه تي حُزۡن منجهِه هُڻي،
”اِنَّمَا يُوَ فّي الصٰبِيرُنَ“ سرها ٿيا سُڻي،
وڏي ڀُونۡ ڀُڻِي، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
ضادئون ضلالت کان، پاسي ٿيا پَري،
منجهه مُراقبي مشغول ٿيا، ڪامل قلب ڪري،
”فَلَهُمۡ اَجۡر غيَرُ مَمۡنُونِ“ سامين سُڃ سري،
پاڻِئان ٿيا پَري، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
طوئي ئون طالبن کي، ڪوجو پتَهه پِيو،
جَنۡهِين پَر ڀُڻن ڀَڄندا، ٻِيون ٻَنِ ڏيو،
فرض فنا في الله جو، اُتَن عين ٿيو،
”طَلَبُ الله تَعاليٰ قَبّلَ ڪُلّ شَيءِ“ ڇڏڻ تان
جِهو،
سُڃاڻي سِهو، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
ظوئي ئون ظاهر ذوق سين، پنجئي ڪن پورا،
هلن واٽ سماع ۾، ڳاڙي ڳل ڳوڙها،
سناسي ”سيّد“ چئي، پُورب ۾ پورا،
”هُو اللهُ الۡواحَدُ الۡقَهّارُ“ سامي منجهه
سُورا،
ٿي چاڪن سِين چُورا، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
عين ئون عارفن جي، آهي ڳالهه عجب،
پاڻهي کائِينِ گهَٽ کي، پاڻهي تَن طبيت،
وٺن واٽ وچٿري، ڪِئو نِرت نجيب،
”اَلايِمانُ بَيۡن الّخَوۡفِ وَالرَّجاءِ“ هلن اُت
حبيب،
ٿيا قادر کي قريب، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
غين ئون غربت جِندڙي، سدا سناسينِ،
ڊڄئو داءُ الله جي، پورب منجهه پَچَن،
ريءَ رُخصت رام جِي، ٻيو ڪين ٻُجهنِ،
”اِنّ الله هُوَ الرّزّاقُ“ سامين سَڏ سُڄَنِ،
جوڳي جُنگ جَلن، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
في ئون فِڪۡرَ فراقَ ۾، آديسي آهِينِ،
سَڳا، سيلِيُون، گَبِريُون، جوڳي جَلائينِ،
”اِنَّ الَّذِيۡنَ فَتَنُوالۡمُو مِنِيۡنَ“ سناسي
ساهينِ،
سنگت سنوارين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
قاف ئون قرابَت ڪُڙمَ کان، ڇني ڇڏيائون،
لاهُوت ۽ جَبَروتَ جا، اُهڃ آندائون،
مَلڪُون ۽ ناسُوت ۾، گهِڙِي گهاريائون،
”فَبَصَرُڪَ الۡيَوم حَدِيۡد“ اِيهِين اُتائون،
سَڳَر ساريائون، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
ڪاف ئون ڪري ڪُرِ نشون، ٻَڌي اُڀا ٻآنۡهون،
اُڀي اَلَکَ سامهون، رتو رُنائون،
سناسين ”سيّد“ چئي، مِلِيون مُداعائون،
”وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيۡڪَ رَبّوڪَ فَتراضيٰ“ چِٽو
چيائون،
لائِقُ لڌائون، گر کي گڏيا ڪاپڙي.
لام ئون سي لاهوت ۾، سَدا سَير ڪرينِ،
علمَ حلمَ جا اِتَهين اَچئو پَهُه پورين،
لُڏِئو لامڪانَ ۾، عِشرت سان اورينِ،
”وَاللهُ عَليٰ کُلّ شَيءِ قَدِير“ چَپن کي
چورينِ،
سامِيَڙا سورينِ، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
ميم ئون مِلڻ حَقۡ جو، اَل آديسينِ،
جوڳيڙا جَانَ ۾، اِهڙي چال چَلن،
لاهوتي ”لطيف“ چئي، منجهان حُبّ هلن،
“اِنَّ الله يُحِبُّ الۡمُحۡسِنِيۡنَ” خوشيان خواب
نه ڪن،
وِرۡدُ ويراڳِين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
نون ئون ’نانيءَ‘ هَليا، سامي سڀيئي،
اُڪنڊ ۾ آديسِيَنِ جي، وِهَڪ تَن ويئي،
سناسي سِڪڻ ۾، اوتِينِ اَرۡتوئِي،
”لا تَتَحَرَّڪُ ذَرّةُ اِلاّ بِاذۡن الله“ وسرين
ٻي وائي،
راوَل ريجهائي، گر کي گڏيا ڪاپڙي.
واوئون ورق وصال جو، ويراڳي وارِين،
ورين واءُ وصال جو، اُڪنۡڊَ ۾ آهينِ،
سَناسِي ”سيّد“ چئي، لوڪ نه لَکائين،
”وَاللهُ غالِبُ عَليٰ اَمرِه“ پَر چڱي پارين،
لاهُوتي لَڏين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
هي ئون حرف حساب جو، پَسَڻ ٿين پَري،
وڃي وحدانِيّت ۾، هلن پير ڀري،
ڳُجهه اندر جون ڳالهيون، ڪنهن سين ڪين ڪري،
”لايَفُوتُ وَلا يَمُوتُ“ سامِيُن ڪين سري،
ڪڙو منجهه ڪڙي، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
الف آديسين کي، سَدا سُور چُرَن،
اندر تن آديسين جا، محبّت مَچَّ ٻرن،
اُلفت عزيزي نانۡهه ڪا، نڪي جَنگ هلنِ،
”اَللهُ لَطِيۡف بِعِبَادِه“ آيت اِيءَ پڙهن،
سناسي سَهڙن، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
لائون لَڏي هليا، جوڳي مان جاين،
وٺن واٽ وچٿري، ڪنهن کي ڪين چون،
منجهان مَهۡرا مڙهيون، سي ڀؤڪيو ڀانّين،
”والۡقَدۡرُخَيۡرِه وَشَرّه مِنَ الله تعاليٰ“
اِنهين اُهڃاڻن،
سامِيَڙا سَنۡڪَن ِ، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
يي ئون يَرڪَ
مڪانَ ۾، هَلن اُڀَ سَرا،
سامِي سَفَر هليا، ڏورانهين ڏيها،
اُهڃ آندائون اَهڙا، جن منجهه ناهي ڊاء،
”فَاذۡ ڪُرُوۡانِي اَذڪُرۡڪُمۡ“ ساميڙن سارهاءِ،
جوڳِي وِيَڙا جاءِ، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
ٽيهه اکري: سر سسئي
(شاهه جي رسالي مان ورتل)
]هيٺين
ٽيهه اکري ’شاهه جي رسالي‘ ۾ سر سسئي جي آخر ۾ ڏنل
آهي. اِها ٽيهه اکري بمبئي واري ڇاپي ۾ موجود آهي،
۽ بيتن ۾ ’لطيف‘ جي بدران ’سيّد‘ جو نالو ڪم آيل
آهي. ڪن جهونن نسخن ۾ ڪي بيت ’سيّد‘ جي نالي سان
ملن ٿا جي ”شاهه عنايت“ جا آهن. ڀٽائي صاحب پڻ
پنهنجن ڪن بيتن ۾ ’سيّد‘ نالو آندو آهي.[
(2)
الف
ئون اکر هيڪڙو، سسئي ڪيو سَهي،
هلي هوت پنهونءَ ڏي، قافن منجهه ڪهي،
رائي رات رهِي، پسي مانَ پنهونءَ کي.
بي
ئون بارِ کڻي ويا، ساٿي سوارا،
ڇڏي نماڻي ننڊ ۾، ڪڙڪِيا ڪوهيارا،
ڌوٻڻ اُن ڌارا، ڪاڙهو ٿيو قيام جو.
تي
ئون طلب تن جي، اندر روح رهِي،
سسئيءَ جو ”سيّد“ چئي، ويا ڏيل ڏهِي،
پُڇي روز پَهي، اَديون! آريچن جا.
ثي
ئون سڄڻ لنگهيا، برو ڪري بارِي،
هُوڪا هي رسيا ڪيچ کي، هيءَ پير ڪري پارِي،
وسائي واري، اوڏي ٿي اُميد کي.
جيم ئون جال جتن، ماريو معذورِين کي،
انگُڙِيارو وڍيو، هِنۡيون مون هوتن،
ڦوڙائي ڦٽن، اندر مون اَڌ ڪيو.
حي ئون حال في الحال، آءٌ، ٿي ڏونگر ڏوريان،
ويو مون وِلهيءَ جو، جئري جيءُ جمال،
ڪري هوت حلال، ڪُهي ڪميڻي هليا.
خي ئون سُتيس خواب ۾، ڪري مَن مُدام،
پاسي منجهه پنهونءَ جي، اندر ڪيم آرام،
سورن جو سر انجام، صبح وسايم سِر تي.
دال ئون دل ڦُري، ويا نماڻيءَ نڪڻي،
عشق آريءَ ڄام جو، چت ۾ پيو چُري،
هِنۡئين نِتُ هُري، لالائي لالن جي.
ذال ئون زارو زار، آءٌ ٿي رئان رت ڦڙا،
اچي پيئي اوچتي، محب! مارومار،
ڏکيءَ کي ڏيکار، پرين! پيشاني پانهنجي.
ري ئون راضي ٿيءُ، پاڻ ڀلائي پانهنجو،
ساهه مٿان ئي صدقي، جانب! منهنجو جيءُ،
توريءَ پوي سيءُ، هيڪليءَ کي حَبَ ۾.
زي ئون ٿيس زوال، آءٌ منجهان سپرين!
بُري هن ڀنڀور ۾، ههڙا ٿيڙم حال،
ڦوڙائي جا فال، وجهيو واٽ نهاريان.
|