ثي ئون ثمر سڪ جو، ثابت کنيائين ساڻ،
ٽُري پئي ڀنڀور جا، ڪري ڀنا ڀاڻ،
ڇڄي پيس ڇاتي ڀي، ڇوهؤن ڪري ڇاڻ،
ڏسي ها نه ڏونگر کي، جي ڄاڻي هاڪو ڄاڻ،
ڏکن جو ڏير ويس، ڏئي آخر ڏاڻ،
ڌارين سان ڇو ٿي ڪرين، مُنڌ اهڙا ماڻ؟
ولهڻيون ٿينديون ويسليون، اهڙا جن اُهڃاڻ،
پُري پرتئون پٻ ۾، پنهل ايندءِ پاڻ،
وَسائيندو ويلهه سان، ولها ٿيل وٿاڻ،
موٽان ته چوٽان جهليان ، تاڻيان اڳتي تاڻ،
لڳي باهه برهه جي، کُورا کامن کاڻ،
آري! هيءَ اڄاڻ، ورتيون وڃج پاڻ سان.
جيم ئون جِيءُ جڙي، ويس هڻي هوت پنهل ڪا،
دڳ ويندي داسڙي، اُلفت منجهه اڙي،
ثابت آئي سامهون، لنگهي ڪين لڙي،
لکيو روز ازل جو، قضا قلم پڙي،
ڇلي پيئي ڇپرين، ڇوري نيـٺ ڇڙي،
کڻي خطرا خير سان، خوبئون ٿي کڙي،
آيس آريءَ ڄام جي ڏيئي طلب تُڙي،
جيئري جانب يار سان، ويس جِيءُ جڙي،
ڪاهيائين ڪڍ ڪرهن جي، لڳس قُرب ڪَڙي،
سورن سَٽِيُس سير ۾، سُرت به ويس سَڙي،
لِڱن ۾ ”لال“ چوي، هنيس درد ڌڙي،
خوشيئون ٿي کڙي، وٺي پٺ پنهل جي.
جيم ئون جيءَ ۾ جارَ، لڳس هوت پنهل جا،
هلي وٺي حُب مان، ڪوهن جي ته ڪپار،
ويا وسري وِلهيءَکان، صاف سرس سينگار،
ڇوڙي ڇَتن ۾ وڌئين، ڇائي ڀري ڇار،
وٺي پٺ پنهل جي، پِٽي ڪڍي پار،
ويٺي نه ٿي وسيلي، واري ڪائي وار،
لڳي ويس ”لال“ چئي، لاهوتي لغار،
مهل اُنهيءَ مَيَنِ جا، پير پڇي پئي پار،
ڏٺئي ڪا ڏونگر! هتان، ڪرهن جي قطار،
سائين لڳ سچي ڪر، ڇڏي درس ڌڪار،
جتن مون سان جاڙ ڪئي، هاڙهي منجهه هيڪار،
نِير وهائي نارَ، ورتم پٺ پنهل جي.
حي ئون حُب حبيب جي، تن ڪيس تالان،
لاهي لَکا لوڪ جي، شرم ڇڏيائين شان،
هڻي ميخ محبت جي، مَرٽي ويس مان،
هنيس هوت هٿن سان، قربن ڀريو ڪان،
لائي ڌاڙو دل کي، آري ويو اڳوان،
جنهن جي چاهه چريو ڪيو، سو اکين ڏسان خان،
برهه بار وڌا کڻي، بُت ٿيو بيران،
موٽي اچي ماڳ تي، مهل ڪنهن ڀي مان!
ڏسي اکيون ٺاريان، درس ورهايان دان،
اٿم آس اڃا، منهنجي سر ڪندو سُبحان،
ڏوري بَر بيبانَ، وڃي رسنديس هوت کي.
حي ئون حال في الحال، ڪاهيائين ڪوهن ۾،
وٺي پٺ پنهل جي، جر وهائي جال،
ڏيئي باهه ڀنڀور کي، ڇڏي مڏيون مال،
پڇي پئي پانڌين کان، آريءَ جا احوال،
سُڌ ڏيو سڄڻن جي، لنگهيا ڪٿان ڪالهه؟
ڌاري ڌار ڪري هيءَ، راهي ٿيا رَهوال،
سسئي سمهڻ وِهه ٿيو، هلي مجذوبن مثال،
هردم هوت پنهل جي، هُيس قيل مقال،
ڇڏي ڀَر ڀنڀور جي، لڪن ۾ ٿي لال،
لڳس لوري، جيءَ ۾ جهوري، دردن جي ڌمال،
ورندي نه واٽن تان، ويتر ريءَ وصال،
اجهي ايندم شال! موڙي واڳ مَين جي.
خي ئون خوب خوشين سان، ڪئي پرٽ پسر،
پڇي پيئي پٻَ ۾، ڪوهياري جي ڪَر،
مِرن، گدڙن گڏجي، ڏنس خاص خبر،
ته ويو پي ويلي وڏي، هتان وڳ ڌڻي هيڪر،
ٻڌل هو ٻِنۡڍَ سان، والي سو ويتر،
لنگهي پئي لڪن ۾، طرح اِنهيءَ تيتر،
اٿم اُميدون اصل کان، آريءَ منجهه اَپر،
ايندو پاڻهي اڌ ۾، والي ڪري ور،
جنهن جي سڪ سٽيو آ، سو ساڻي آ سرور،
ٻانڀڻ جي ٻاروچل، اچي لهندو خاص خبر،
رڙي ٿي روهن ۾، هيءَ ڇوري منجهه ڇپر،
هوت نه ڇڏ مون هيڪلي، وڃ وٺي هيڪر،
جيل ڀي جٺيون ڪيون، ڏاري دل ڏونگر،
تنهنجي تڳان توهه ۾، ڇڏيم گهاٽ ۽ گهر،
تون ڀي معاف مدايون ڪر، پُنهل! هاڻي پر،
پاهون لڳ پرور، لڙي آءُ ”لال“ چئي.
خي ئون خاص خلل، هلي ڇڏي حب سان،
کڻي پير پنهون جا، اُٿي منجهه اَلَلَ،
وٺي گس گنگن جا، هلي ڪري هل،
موٽي نه موٽَ ڪَنۡهِين، جهلي نه ڪنهين جهَلَ،
حامي ٿيڙس هوت ڀي، هيڪر منجهه هڪل،
رس اچي هنَ روهه ۾، پرٽ ساڻ پنهل!
مزو ناهي من ۾، تنهنجي ريءَ اَڀَلَ،
خوشي ٿي ختم وئي، ڪيا درد دخل،
بدن ۾ برهه جا، وڄن خوف بگل،
هٽن نڪي هُٽڪن ٿا، پور سندءِ ڪنهن پل،
ڏکيءَ جي ڏونگر ۾، خاص سڙي وئي کَل،
هاڻي ڇڏي وَلَ ڇل، هوت هلي آءُ هِتڙي.
دال ئون درد ۾، درس ڪيس ديهي،
آريءَ جو اندر ۾، وِرهه رهيس ويهي،
پڇي پيئي ڪوهن ۾، واٽ وٺان ڪيهي؟
تنهنجي هان حبيب مان، جيهي جي تيهي،
تو سان تڏ توڏ آهه، مان ڪوجهيءَ جي ڪيهي؟
رمز تني جي روح ۾، دل جني ريهي،
بڻي جيڪا باب آهه، کنيم سر سيهي،
پرور لڳ، پنهل! اچ پکي مون پيهي،
اَزل کان مون سڄڻ هانۡ، پُکي تو پيئي،
وساري ولهيءَ کي رهجانۡءِ نه ويهي،
لڳي لنء ”لال“ چئي، غم ٿيا گيهي،
لائي نينهن نيهي، رولي وڃ نا رڻ ۾.
دال ئون درس ڌڪاءُ، آيس ڪو اندر مان،
اُٿي هلي اَسر سان، پنهنجي گهر منجهاءُ،
لڳس برهه بدن ۾، ٿي بَري ڀنڀوراءُ،
لڙهي پئي ”لال“ چئي، ڇڏي لاءُ ۽ چاءُ،
ڌوٻڻ ٿي دانهون ڪري، نينهن وڃايس ناءُ،
ڪهڙي حرف هوتن جو، ٺهيس ڪين ڪي ٺاهه،
ڏسي ڊوهه ڊُڍن جو، ڍرڪي اِنهيءَ ڊاءُ،
هلي پئي هڪ ڄڻي، ڇڏي ڀينر ڀاءُ،
آيس مٿان عشق جون اوڻايون اٿاهه،
هٽيو نه هُوديءَ جو، چوڪڙي ۾ چاهه،
موٽي نه موٽائڻ سان، ويٺي نه ڪنهن وساءُ،
هٿ نه آيو هيڻيءَ کي، ڏيرن سندو ڏاءُ،
کڻي مونجهه مٿاءُ، ڪاهي پئي ڪوهن ۾.
ذال ئون ذڪر دوست جو، هُيس بر زبان،
ڦري دل فقير جي ڪوهياري کون ڪان،
هاڙهي ۾ هوتن لئي گهمي پئي غلطان،
چمي چاتيئن چاهه مان، پچي ٿي پروان،
آوليون سڀ سوليون ٿيس، سَرِ ڪئي سبحان،
سنگتي ٿيس سڃ ۾، بَدو منجهه بيبان،
”لاخوف عليهم ولا هم يحزنون“ مليس سڪ سندو سامان،
چري هلي چاري ۾ موچاري مستان،
ڏيرن جي ڏمر جي ڪل ڪا هُيس ڪان،
ٻَڌي ها ٻُٽ ڪري، گوڏا گونگن جان،
پر قضا وس قادر جي، آئي منجهه امتحان،
مورن جا سامان، ساٿي ٿيڙس سڃ ۾.
ذال ئون ذرو عشق جو، پيس چولي منجهه چُني،
لڪن منجهه ”لال“ چئي، تنهين مهل تڻي،
چمي کيائين چاهه مان، جيڪا باب بڻي،
راضي ٿي رضا تي، واليءَ کي جا وڻي،
مائٽ مِٽ مَٺا لڳس، هلي هڪ ڄڻي،
اَچ ڪوهيارا! ڪوهن ۾، سڏڙا سرس سڻي،
پهڻن پير پَٽي وڌا، هاڙهي هت هڻي،
کنيم سور سڄڻ جا، خوشيون خوب کڻي،
آندي ۾ آريءَ جي، آهي گهُر گهڻي،
اَگهائيندو عرض، شل! ٻڌي دانهن ڌڻي،
آهي پرٽ، پنهل جي، پيرن جي پڻي،
قربن جي ڪڻي، اچي پئي پاند ۾.
ري ئون روئڻ روڄ، رهي ڪندي ڏينهن رات،
کائڻ ڀي کٽو لڳس، طلب اندر هيس تات،
ڀڄي ويس بيزار ٿي، هيڻي ڏسي ذات،
ويٺي نه ٿي ويسلي، چَلي چُپ چپات،
ماري من مونجهن وڌس، گوندر ڪيس گهات،
لَڪن منجهه ”لال“ چئي، لَنۡء اِهائي لات،
ته آءُ پرين! پيار سان، مِل ڪنهن مهلات،
’پنهون پنهون‘ پرٽ کي، هو ويٺي اُٿئي وات،
ڦيري هٿ ڦري ويا، اوٺي اڄ اڌ رات،
ندوري هيءَ ننڊ ۾، مُٺَل ڪيائون مات،
هلندي به هَيَن ڪئي، ’ها ها‘ ڪنهن نه هات،
چوري چُپ چپات، ڪاهي هليا ڪرها.
ري ئون رهبر رڻ ۾، ٿيس ڏونگر سندا ڏس،
سڏ ڪيائين سُڏڪي، واڪا وڏا وس،
هليا هوت کڻي، ليڙا ٻڌي لَسَ،
ڳنهي هلي ڳُڻ ڀري، گوندر سندا گس،
ماري وڌو معذور کي، آريءَ جي اُٻَس،
لڪن منجهه ”لال“ چئي، ڏنس ڏونگر ڏَسَ،
چلڻ کؤن چُڪجي وَئي، گهمي پئي مس مس،
پرڏيهي پنهل جي، طلب لڳي ويس تَسَ،
’پنهون پنهون‘ پئي ڪري، چاهه وڏي ڪنهن چس،
روئي پئي رڃ ۾، خوشي ٿي ويس کَسَ،
بس ڪري ڀنڀور کان، بَر ۾ وئي بيوس،
واٽن ۾ وَرَ لئي ٿي، ويڳاڻي وينگس،
اندر ۾ اُڌما هئس، عشق جي اُڪرس،
دل ۾ دوست پنهل جي، دردن هَنۡيس دَس،
ڇڏي هار ۽ هس، هلي ڪڍ هوتن جي.
زي ئون زور زبر سان، ڏيرن هنيس ڏانگ،
اُٺائي اوٺي ويا، چوريءَ چلي چانگ،
محبت جي مُنڌ پي، آئِي منگدي مانگ،
ڏورڻ آيس ڏکن سين بيوس هي ڀڙڀانگ،
هلي ڪَڍ هوتن جي، ڇڏي سڀئي سانگ،
تن ۾ طلب تِکيري، ترت لڳي ويس تانگهه،
اُڏائي ڪيئي پئي، ڪوڙيين ڀتين ڪانگ،
دردن دوست پنهل جو، دل ۾ ڪيس دانگ،
اُڇليندي آئِي پي، عشق منجهون اولانگهه،
ساڻي ٿيس سُڃ ۾، ناهر نهرا نانگ،
لنگهي هلي ”لال“ چئي، لڪ ڪُل ئي لانگهه،
من ۾ محبت جي، برهه ڏنيس ڪا بانگ،
سر جا لاهي سانگ، آئي ڪڍ عجيبن جي.
زي ئون زباني هئس، پنهل جي وائي،
مِلان ته موچاري ٿيان، ڪندي عرض اهو آئي،
ماڻهن ڀي مُرٽي کڻي، سِڪ ڀي سِڪائي،
جتن جي جاڙ جي، ڪل نه پيس ڪائي،
جتن سان جوءِ جي، هئي ثابت سچائي،
جتن ڀي جوءِ سان، هئي رمزَ رلائي،
ڏسي ڌاريا ڌرئون، ڪيائين نه پڪائي،
مَردن کڻي مُنڌَ ڀي، چَٽن تي چائي،
سمجهي ويٺي سرت ڇڏي، ته رهندا سدائي،
ڏئي منهن ڏونگر ۾، آيس ڏکيائي،
هؤري هَنڌ ڇڏي ڪيائين هلڪائي،
نينهن نِوائي، نه ته ڪير رُلي ها رُڃ ۾.
سين ئون سڄڻ سڪ جي ڪا صاف ڏنيس سُرڪِي،
پيتائين پاڻ کڻي، ڪِنجهي نا ڪُرڪِي،
پرهه ڦٽي پنهل جي، ٽيڪ وٺي ٽُرڪِي،
لَڪن منجهه ”لال“ چئي، سوز رکي سُرڪِي،
وهندي رهيس روح ۾، نينهن سندِي نُرڪِي،
ڏس ڀَوَ برن ۾، ڊاءِ نه ڪنهن ڍُرڪي،
پنهل ريءَ پٽن ۾، بيس ٿي ڀُرڪي،
لڌائين پير پرينءَ جا، منڌ اُتي مُرڪي،
مُنهن وٺي مَيَن جو، چاهه منجهون چُرڪي،
آئي ديري دوست جي، ڌوڪاري دُڙڪي،
وڃي ٿي ته ويجهڙي، لٽڪي ۽ لڙڪي،
گوندر ۾ گِرڪي، ڪيائين نه دانهن دل سان.
سين ئون سندرو سِڪ جو، صاف ٻڌن ساهي،
ڀينر! هن ڀنڀور ۾، منهنجو ٻيو ڇاهي؟
لڳس ڪِيل قرب جا، پئي ڪوهن ۾ ڪاهي،
ڏَڌَل دل ڏونگر ڀي، وڌس ڏکائي،
“لا تَقۡنَطُو مِنۡ رّحمة الله” آسرو آهي،
کڻندو بار بَدن جا سيّد سِر ساهي،
هنيائون مچ محبت جو، ٺاهه وڏي ٺاهي،
لٽيس وار لَٽ ۾، ڊوهه وڌي ڊاهي،
ڳچيءَ ۾ ڳڻتين جي، ڪفني هلي پائي،
ٻڌي ڪوڪان ڪوهن ۾، من واڳان ورائي،
توريءَ هن جَڏيِءَ جو، ٻِيو اَجهو ڪو ناهي،
رکيم هٿ حبيب تي، ٻيا لاڳاپا لاهي،
سڙي دل ساڙي وڌي، آ سورن ستائي،
الله ڀي آهي، جو ميليندو مون سان پرين.
شين ئون شوق شتاب سان، ڪوهن ڪاهيائين،
ستيا، سِير، سِڪ سان، اکر نه آندائين،
لکيو لوح قلم جو سرس تي سٺائين،
شوق وڃايس شرم کي، مرم ماريائين،
دلبر جو دل ۾، ڌيان ڪو ڌاريائين،
هلندي رهي هاڙهي ۾، وکَ نه واريائين،
ڏونگر ڏاڍايون ڪيون، ته به چِڙي نه چيائين،
لڳس لنۡءُ ”لال“ چئي، لڄ نه لاٿائين،
ڏوراپا ڏونگر کي، ڏسڪي ڏنائين:
پتو ڏي پنهل جو، ڪو ڏٺئي ڪٿاهين؟
لنگهيو ڪو لهوارو ٿي، ساٿ ڌڻي سائين،
جيان دم جيائين، هلنديس هوت پنهل ڏي.
شين ئون شهر ڀنڀور کي، ڀينر ڏينديس بَٺ،
ڪاهي هلنديس ڪيچ ڏي، وٺي ڳورن ڳٺ،
لوري لڳي ”لال“ چئي، لَنۡءُ لَنۡءُ اندر لٺ،
سِنجري آهه سورن جِي، سِر ۾ ساري سَٺ،
هيڻي ڏسي هيڪلي، جتن ڀي ڪئي جٺ،
سورن سنڀران ساٿ ٿي، ماڻهن وٽ مُٺ مُٺ،
هَي هَي! هُيس ڪين ڪي، ٻاروچاڻي ٻَٺ،
ملان ته مُهت ٿئي ها، پرين جي مان پُٺ،
ويهنديس نه ٿي ويسلِي، پرين کي ڏئي پٺ،
ويهي رهيو وچ ۾ آ، گوندر ڪري گُرٺ،
ڪرها ڪريان قابو ها، اصل منجهه اڳٺ،
گوندر جي منجهه گٺ، هلان ٿي اڄ هوت ڏي.
صادئون صاف صبر جي، وٺتائين لام لهي،
”وَ الله مَمَ الصّابرين“ پئي رڻن منجهه رهي،
جهوريائين جيءُ جبل ۾، ثابت سور سهِي،
پيتائين پريم جي پؤڻي پت پَهي،
ڏکن ۽ ڏوجهن سان، ويس ڏيل ٺهي،
هلندي هو پنهل ڏي، ڊٻڪي پئي ڊهِي،
”ووءِ ووءِ“ ڪندي ورهه ۾، وڃايائين وهي،
هلي پُٺ پنهل جي، وٺي ڪالهه ڪهِي،
لڪن منجهه ”لال“ چئي، ويس سج لهي،
ڏونگر جي ڏنگاين ۾ پئي رات رهي،
سور پرينءَ جا ساهه ۾، سگهي تان نه سهي،
ٺهي وئي ٺيلهن ۾، ڪيس گوندر گس گهي،
ٻڌائين اکين تي، طلب جي تهي،
پرت جي پَهي، هلي ٻڌي ٻِٽ ٿي.
صادئون صدق صاف رکيائين هوت پنهل سان،
سَٺئينۡ خان پنهل لئي، سِر تي جور جفا،
کڻي هلي خير سان، خطرا خوف خفا،
”لال“ چئي لوڪ کان، ٽوڙيئين سڀ ٽڳا،
وؤڙي لڌا واٽ ۾، ناڪس نيچ نفعا،
ڏونگر ڏاري، لڪ لتاڙي، سرهي ٿي سدا،
وري واٽ وصل جي، عالي ٿيس عطا،
وڃي ڏٺائين پِر جا، پٽن منجهه پکا،
آخر تائين عجيب سان، رکيائين واهه! وفا،
پِرت جا پَها، وئي ڪتيندي ڪوهن ۾.
ضادئون ضڙور ظاهري، کڻي ٿي روان،
اندر ۾ عجيب جا، ٿيس سُور سَنۡوان،
پيس بار برهه جا، نئين سج نوان،
مران موچاري ٿي، هوتن جي هٿان،
رکي آس اها پئي ڪندي ڪٿان،
ٽُٽي پيون ٽهڪا ڪري، مونجهان مُنڌ مٿان،
کڻي ويا کوٽ ڪري، کوٽا هوت هتان،
ڳولي لهان ڪوهن ۾، ڪوهيارل ڪٿان؟
ويچاريءَ وڏيون ڪيون، ڪوهن ۾ ڪيهان،
آءُ پنهون! پرديس ۾، پيرين تو پوان،
لڪن منجهه ”لال“ چئي، توکي لوچي ڪيئن لهان؟
جيئري جانب يار، مَنَ تو سان محب مِلان!
تڏهن خوب کلان، جڏهن ڏسان آري اکين سان.
ضادئون ضامن ظاهري مُحمّد مير زمان،
جنهن جي ڪاڻ جوڙيو ڪون و مڪان،
بيحد جنهن لئي بڻيا، بلبل ۽ بُستان،
گل گلابي، گونٽا، غنچا گلستان،
جنهن جي نظر نوائي وڌا، حور پريون حيوان،
مَلَڪَ ڀي مفتون ٿيا، جِنّ توڙي انسان،
محشر جو مختار آهي، ڪوثر جو ڪپتان،
حُبَ اُن حبيب جي، ڪيا هزارين حيران،
گوندر ۾ گينواريا، ڪئين سڪندر ۽ سلطان،
مرسل جي منهن ڏسڻ لئي، ميا وَتن مستان،
لاهوتي ”لال“ چئي، ايندو آري سو اڳوان،
اُڪاريندو عنايت سان، بيشڪ بر بَيان،
جنهن جي ڪرم ڪنڌي آڪان، سو ساڻي ٿيندم ساٿ ڌڻي.
طوئي ئون طالب حق جي، هئي سسئي صاف سَڌر،
ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا، هلي پئي هيڪر،
ته وڃي پهچان پِر کي، ڪوهن ۾ ڪنهن پَر،
ڏونگر ڏاڍايون ڪيس، اول کان ئي اَپَر،
ڏير ڀي ڏمر ڪري ويس، ڇڏي منجهه ڇپر،
سور ٿيس سامهان، ڀيڻي نڪا ڀَر،
ڪوهن ۾ ڪِيس ٿيس، وڏا ڪيس قهر،
آيس مُهڙ مِرون ڪري، جهنگ جا جناور،
ڪري رحم رڙين تي، نڪري آيا ناهر،
سڄڻ جي سڪ جا، وَڻجي خوب وکر،
هلي ڏئي هيڪلي، ڪوهن جا ڪپر،
جنهن سان مالڪ جي مهر، تنهن کي ڇا ڪندا ڏک ڏونگر
جا.
طوئي ئون طلب رکي، ڪري ٿي ترت نه طرحدار،
سدا رهي سير ۾، وِرهه رکي وهنوار،
اندر ٻاهر هيڪڙو، هُيس آري اکين ٺار،
ڪهي پئي ڪيچ ڏي، پڇي پرينءَ جا پار،
جيئري ڏسان جانيءَ کي، لڳس جيءَ ۾ جار،
سودو ڪري سورن جو، هلي وڇوڙو واپار،
ڳوليندي وئي ڳوٺن ۾، قرب ڀريو ڪوهيار،
هُيس آس اِها، ته ڏسان اڙين جو آڌار،
موهيو جنهن جي جوت آ، هيءُ جڳ سارو جنسار،
روشن جنهن جي روءِ سان آهين ليل و نهار،
سو سڀني جو سردار، کڻندو بارَ کُهين جا.
ظوئي ئون ظالم زور ڀريا، ويا زور ڪري زوري،
ڏيئي مون کي ڏير ويا، ڏکن جي ڏوري،
سنجهيئي سمهي رهيس، چَلي ويا چوري،
لڳي لنۡءُ ”لال“ چئي، گوندر دل گهوري،
راهي ٿي رڻن ۾، گهيڙن منجهه گهوري،
خوشيون خان پنهل تي، مان جان سندي گهوري،
آڙهه لڳو اندر ۾، جهڪايو جهوري،
ڏسي ڌيءَ ڌاريءَ جي، ڌڪي ويا ڌوري،
هڻي چڻنگ چولي ۾، ٻاريائون ٻوري،
کُلي پئي خير سان، محبت جي موري،
لڳي پرت پنهل جي، گهڻي يا ٿوري،
ڪري چومر، چس ڏئي، لاتائون لوري،
ويساهي وارو کنيائين، ٿي ڪُٺل قصوري،
هوت پنهل هؤري، ٿي دامن تنهنجي داسڙا!
ظوئي ئون ظاهر زيب سان، چٽڪو رکي چاهه،
سَريون کڻي سورن جون، ويا اُڇلي منڌ مٿاهه،
ڪوڙا قول ڪلام ڪري، نباهيئون نه نباهه،
ڏيئي ويس وجود ۾، سورن سندو ساءُ،
غمن ۾ غلطان ٿي، گوندر ڪيس گهاءُ،
نيڻئون نار وهي هليا، نرتئون نڪتس ناءُ،
لڪن منجهه ”لال“ چئي، ٿيس لاهوتين لقاءُ،
رڻن منجهه رنج ٿي، رولي ويس راءُ،
هلي ڇڏي حاويلي، سرتين جو سٽاءُ،
وساري ويڙهو سڄو، توڙي پيءُ ۽ ماءُ،
عشق ۾ عليل ٿي، اندرئون ٿيس اُٺاءُ،
لاڄو تنهن جو لاءُ، کنيم خوب خوشيءَ سان.
عين ئون عين يقين سان، ڪئي منڌ اها مصلات،
ته هلنديس پُٺ پنهل جي، گهڙي نه ڪنديس گهات،
مڙنديس نه مهل ڪنهين، ڀل مري ٿيان مات،
اوکا پنڌ پهاڙ جا، اوکو عشق آفات،
ڏونگر ۾ ڏيهه ڌڻي، ڏيندو ڏاتر ڏات،
بيحد بي ترس آهه، بلوچاڻي ذات،
لڪي ويا ”لال“ چئي، چوري چپ چاپ،
ٽِڪي، ٽهڪي، خوش ٿي، اُٿي پيا اڌ رات،
سسئي کي اوٺين جي، وائي هيڙي وات،
”جيءُ جيءُ“ ٻولي جيءَ ۾، لنۡوي پيئي هي لات،
جيڪس جت ڇڏي ويا، ڪني ڪري ڪمذات،
ڪرها ڏٺم ڪين ڪي، پرهه ڦٽي پرڀات،
ڏيرن ڏنم ڏات، سا کنيم خوب خوشيءَ سان.
عين ئون عهد عجيب ڪي، ياد اٿئي آري!
ڇا کئون هيءَ ڇوري تو آ والي! وساري،
جنهن کي تڳا تاتِ آ، تنهنجي ئي تاري،
سا ڇو ڇڏي ٿي ڇپر ۾، نڌر هيءَ ناري،
توبہ آهه توڏ کان، زَبر کؤن زاري،
ڍوليا! ڍڪ ڍڪڻ ٿيءُ، ڪر نه هي ڪاري،
تنهنجو ننگ نسنگ هان، بَد ڪي بدڪاري،
سڏئي ٿي سڃ ۾، منزل جي ماري،
ڪري اوهيرا اکين مان، جَرُ ٿيس جاري،
هئي هئي هوت! عمر مان، گوندر ۾ گهاري،
صحبت تنهنجي ساريان، ٿي سچ سڄڻ ساري،
ڀرئي شهر ڀنڀور ۾، مان وتان ويچاري،
لڳو لاشڪ ”لال“ چئي، برهه بدو باري،
منٿ مڃ مولا لڳ، هيءَ نيچ جي نيزاري،
واري واڳون وڳ جون، اچ اڱڻ تي آري!
نه ته محبت جي ماري، مري ويندءِ مفت ۾.
غين ئون غم غذا ٿيا، لڳا عيش کٽا،
ڪنجرو ڦاٽل ڪنڌ ۾، ليڙون ٿيس لٽا،
سرس کنيائين سڀني کان، سورن جا سٽا،
پيتائين پاڻ پُر ڪري، پرتئون وِرهه وٽا،
قلم وس قادر جي، ٿيا محبت جا مٽا،
لنگهي لڪ لانگها هلي، گهڙي گهيڙ گهٽا،
سُورن جا سرس پيس، ڇپر منجهه ڇٽا،
لڳي پٽ پنهل جي، وٺي پرت پَٽا،
جبل ۾ جهوري وڌس، جهوري ڏيئي جهٽا،
لڳي ويس ”لال“ چئي، ٻيهر ٻاڻ ٻٽا،
ڏٺائين ڏونگر ۾، چارا خوب چِٽا،
پنهل ڪارڻ پٻ ۾، ٿي پڇي گهيڙ گهٽا،
سورن جي سِٽا، هلي ڪري حُب سان.
غين ئون غار غمن ۾، ٿهري پيئي ٿڪي،
رڻن منجهه رڙي پئي، جهوريءَ سان جهَٽڪي،
لوري لڳس ”لال“ چئي، لاشڪ پئي لٽڪي،
ڪوهيارل کي ڪوهن ۾، سڏ ڪري سُڏڪي،
ههڙي حال حبيب کان، هرگز نا هٽڪي،
ڏيئي ڏير ويس هليا، گوندر جي گُٽڪي،
ڏک ڏسي ڏونگر جا، ڏرِي ڪين ڏڪي،
بيشڪ برهه بقاءَ ۾، هُئي پرتَ جي پڪي،
کنيائين خوشيءَ سان، آفت سِر اُڪي،
جهوراڻي جبل جي ۾، جهُري پئي جهُڪي،
هُيس ساهه لُڪي، ته به آئي هلي هوت ڏي. |