سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :30

زي ئون ضرور ويندياس، وٽ محبتي ميهار،
اٿم وعدا وصل جا، ڪامل سين قرار،
تنهن کي ڇڙهه ڇا جهليندي، جنهن کي سڏايو سردار،
ماري مَڇ مرون ڪنديس فنا خونخوار،
اڄ ياد پيڙم يار، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

سين ئون سڪ سيّد جي، حب جنهن کي هوءِ،
ساحق ڀڃي ناحق پٺ ۾، ڪڏهن ڪانه پوءِ،
اي آر تي اَجهڙندي، جاڙ نه سڻي جوءِ!
ڪَيئي لڄي لوڪ ۾، اعليٰ شان سندوءِ،
ڪهڙو عشق لڳوءِ، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!
 

شين ئون شوق شفيع جو، مون کي اٺئي پهر آهي،
مَلٖي ڌوڙ ٿيس جوڳياڻي، سڀ لاڳاپا لاهي،
مستو مست مهراڻ ۾، ڪاري رات ڪاهي،
اول ڇول عاشقن کي، ڇڙهه وري ڇاهي!
ويو عشق اُٺائي، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.
 

صاد ئون صبر ڪر، تون پل پنهنو پاڻ،
اڳيان ويندوءِ وَهَه وسري، ايندءِ سر ساڻ،
جِت وهي مست موجون ڪيو، مئي متو مهراڻ،
تنهن سوين سهڻون ٻوڙيون، ڌوڪا ڏيئي ڌاڌاڻ،
ايڏو تنهنجو تاڻ، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!
 

ضاد ئون ڏاڍي ضرور سين، پيم وڃڻو پار،
ويهڻ واجب ناهي، آئي ڪنڌ ڪپار،
گهڻين گهر سنڀاليا، ڏسي درياءَ سندا آر،
وڃڻ ڪم وريامن جو، تانگهي منجهان تار،
اڄ ڪَڙِي ٿيم ڪار، ڏم! تو سين ڏينهن نه اُلهي.
 

طوئي ئون طلب خدا جي، ڪر محبت سين موچار،
ته لهين اَجر آخرت ۾، ڪي خاطي! لک هزار،
جن مچائيٖ مست ڪيو، ناحق نفس امّار،
تن ٻئي جهان ٻوڙيا، ويا گم ٿي منجهه گذار،
ايڏا تنهنجا اختيار، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!
 

ظوئي ئون ظاهر ڪريان، سڻ حڪايت هيءَ،
ته امر سين الله جي، لڳيون جڙون منجهه جيءَ،
لکين لوڏا لهر جا، مون کي سهايا سيءَ،
نه ته ڪنن ۾ ڪير گهڙي، جت پيهاٽ ۽ پيهه،
جي وارييٖن ورق يوهه، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.

 

عين ئون عشق الله سين، رک قابو ڀري قدم،
توکي ريب ريجهائيو، سا دنيا ساعت دم،
هت سوين سڪندر هئا، دارا ۽ حاتم،
ماري موت فنا ڪيا، ٿي ويا خاڪ عدم،
ڪامِڻ ڦِٽُئي ڪرم، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!

 

غين ئون غم موت جو، اٿم حيراني،
مرڻ، تان حق آهي، آخر دنيا فاني،
شل پوءِ پڄن ڏينهڙا، ڏسي جلويدار جاني،
مُنهن مثل مهتابي، سو نرمل نوراني،
جان ڪي زندگاني، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.

 

في ئون فڪر فراق ۾، پوندينءَ توڏِي تڏهن،
هو ديوانا درياهه جا، گڏٻئي جوڌ جڏهن،
ڀيڻِي جا ڀتيار ري، ٻي ڪنڌي نه ٿيندءِ ڪڏهن،
هڪ ساعت جي سک لئي، هولن پَئومَ هڏهن،
ٻُڏِي! شال ٻُڏٖين، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين!

 

قاف ئون ڇڏ قرابتون، ڇو مغز هڻين منڪر!
ڪري چيو تنهنجو، وهنديس اهڙو ابتر،
جهڙو زليخا جهلي، پَڌر پائي نِيَر؟
وڃي نيٺان نيٺ لوڙيائين، لکيا انگ اکر،
تون ڇا ڪندين ثمر، ڏم! توسين ڏينهن نه اُلهي.

 

ڪاف ئون سڻ ڪامڻي! هنيون ڏيئي هيئن،
ته برهه جي باهه کان، ڪنبن ڪيهر شينهن،
جان تون اسم عشق جو، ٿي نالو وٺين نينهن،
ته نانگ وانگي کل لهندءِ نهن چوٽيءَ سيئن،
پوءِ ڪهڙي سبب ڪيئن، ور ڇڏيو ٿي واهڙ ترين؟

 

لام ئون لڳي نينهن سين، قابو پاند ٿيو،
ڪوهه ڏييٖن مَت مجوسي! جڏهن قدر نه ٿئي پيو،
عشق مون کي عقل کان، چوري مست ڪيو،
هئن سِر هِنٌيون هيڪڙو، سو وٺي يار ويو،
باقي بت رهيو، ڏم! تو سين ڏينهن نه اُلهي.

 

ميم ئون ماڳ محشر جو، جت ٿيندو ڏينهن قيام،
اصغر اڪبر ڪيترا، مِڙندا جڳ حشام،
وٺندا ڀيٽ سميٽ سا، رکندا تِکَ تمام،
چوندءِ، ڪر پڌرا، جي آندءِ اُتان پيغام،
مٿي ان انجام، ڪهڙي ڪندينءَ ڳالهڙي؟

 

نون ئون يا نصيب! جيڪي لکيو منجهھ ڪرم،
بار مڙوئي باريءَ تي، حيا، لڄ، شرم،
جِت اَکٽ ٿيندي عملين، رکندا تاءَ حڪم،
اتي تون شفاعت جو، ڀرج ڪو قدم،
سوئي مون ڀرم، جيڏانهن عالم آسرو.

 

واو ئون واءُ وصال جو، لڳي سڻائي هير،
ڏم! ڏانءُ تنهنجو، تان نه وٺان تدبير،
آسن ڀري آهيان، ثابت لنگهي سير،
پئنديس وڃي پرينءَ سين، قدح ڀري کير،
جي حيلا ڪرين ڪثير، ته به وٽءِ وهنديس ڪينڪي.
 

هي ئون واٽ هدايت جي، ساهڙ سوٺائين،
تَنُ توڪل مَنُ ترهو، سڀ لهريون لنگهيائين،
ٻاڪر ڪوڪ ٻيٽن ۾، وڃي واڪو وڌائين،
سڻيو ڇمڪا ڇيرين جا، ٿي رَتو رنائين،
تيڏانهن اوساريائين، جيڏانهن وڄي نڙ ميهار جو.
 

الف ئون آر احمد سين، رکيو نيهن نماڻي!
گهڙي پئي سهئي، ڪري پهه پاڻهي،
وريو ڪن ڪميڻيءَ جو، ٿي اڌ م اگهائي،
منجهه شوق شفيع جي ، ڪئي پرور پچائي،
ساهڙ جنهن ساڻي، سامئي ته به ملوڪ ٿي،
 

لام ئون لوڏا لهريون، اونهان ڪُن اپار،
وَهن جت واهڙ، ڌوڌو ڪريو ڌڌڪار،
اُت مدد ٿيندو مصطفيٰ، سيّد ڀلو سردار،
پنجتن پاڪ رسول جا، چوکا چارئي يار،
حسنِي هنئين ٺار، تُرهو ٿيندا تار ۾.
 

يي ئون يگانا يار منهنجا، دوست جيڪي دلشاد،
مرهين سڀ مهرسين، مرشد، اخي، استاد،
”ربّ اَغّفِرلِي وَالٌوَالِديّ“ ڪر الاهي امداد،
عربي! ”مل محمود“ کي، ڏي عشق اعتماد،
لڌو تني داد، جي مرسل مڃي آئيون.
 لااِلہ الاالله محمد رسول الله

·

(3)

ٽيهه اکري: مارئي*

 

الف اوٺي آيو ويڙهيچن وٽا،
ڇَڻِي پيا ڇنن مان کاٽونبا کٽا،
هتي هوند ڪريان نه ڪو دم جٽا،
وڃي ويڙهه وڙڪي پسان وڻ ولهار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟

 

بي ئون بند خاني بندياڻي آهيان،
نه ڪو وس وسيلو ويڳاڻي آهيان،
جڪس لاءِ سورن ساماڻي آهيان،
چڙهي وهي وڃايم اندوهن اَپار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟

 

تي ئون تان نه تدبير حيلو هلي،
ٻڌو منجهھ ٻيڙين جسو جيءُ جلي،
ڪنهن سين درد دل جو سانگياڻي سلي؟
مٺا محب مارو پري ٿيا پهنوار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
 

ڪريو ثي سکائون پوڄان ويٺي پير،
ڪڏهن لوهه لهندام زيلئون زنجير؟
ڪڏهن ويڙهه وينديس موٽي منجهه ملير؟
ڏيندم ڏيهه کيرون مڙي سڀ سنگهار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
 

سوا جيم جيڏين، جڏي ٿي جيان،
ولين جئن وري ويو مونجھارو ميان!
ڀرم ساڻ ڀيڙي جيڪر ٿر ٿيان،
ته ڪي ڀال ڀانيان سندا ربّ ستار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
 

حي ئون هول هيڏا جوکا جوش جلّ،
بڻيا باب منهنجي اديون! کان ازل،
اَصل جي لکئي جي هيم ڪانه ڪل،
اَچي اوچتا مون ڏٺا ڏک هزار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
 

لڌو خواب خي من سُتي بر زمين:
وطن ويئي آهيان جِت موچارا مُبِين،
ڏني هُن مبارڪ، چيو مون آمين،
اِها آس دل جي، ڏُکيءَ کي ڏيکار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
 

اٿم دال دل ۾ اباڻِي اُڪير،
ٿين معاف مون تان ڪَڙا ڪُرفَ، ڪِير،
ڏسان هوند ڏينهڪ موٽي کي ملير،
گَهڙي ڪين گهاريان، هِتي هيڪ وار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
 

وِڌُءِ ذال ضد ڇو ويڙهيچن سين وير؟
ڌنارن سين ڌاڙو ڪيئي مارو مٿير،
چوريءَ چاڙهي آئين ڇيلاري ڇڳير،
اِيهو هاءِ هاڃو، عمر! ڪيئي انڌار-
وڃايم وصل کي سڪي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟
 

ري ئون رات روئي ڪيم نِير نيڻ،
ڪٿي مِٽَ منهنجا، سڳا سوٽ سيڻ!
اچي پئي سا پَر ڀُونءِ جِتي ڀاءُ نه ڀيڻ،
سليان سور ڪن سين، اندر جو آزار-
وڃايم وصل کي سِڪِي سڀ ڄمار،
ڪڏهن محب ملندا پاڙيچا پهنوار؟


* هن ٽيهه اکري جو متن ”مجمع العجائب“ مطبوع ليٿو پرنٽنگ پريس ڪراچي، سنه 1359هه تان ورتل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org