سين ئون سِياڪو، ڪنديس ڪوهيارل سين،
گڏجڻ سندو گس ۾، آهيم اولاڪو،
ووءِ ووءِ جو واڪو، ساڻم ٿيو ’سيّد‘ چئي.
شين ئون ڪڍي ساهه، ويا وٽان مون نڪري،
پورهيت ڇڏي پٽ ۾، نيڻ نه ڪيائون نگاهه،
سنجهي ڪَيئُونۡ صلاح، مُٺيءَ جي مرڻ جي.
صادئون ساهه پساهه، سڃ ۾ سوگهو ٿيو،
لڳم ٻاڻ ٻروچ جو، ويس پاڻ وساءَ،
گُنگن جي گساءَ، آيم بوءِ بهار جي.
ضادئون منجهه بَرن، وَڻَ کٿوري واسيا،
ٻاڪاريو ٻانهون کڻي، ڪي منجهه ٿرن،
ڳوڙها سر ڳلن، ’هَي هَي‘ ڪيو ٿي هاريان.
طوئي ئون طالع تن جو، جي هيڪانديون سين هوت،
تن سالُورَ سقلات جا، پيچي چڱا پوت،
جَبلين ڏنم جهوت، اهڙن اوٺيئڙن لئي.
ظوئي ئون اڄ زيان، ڪيچي ڪري هليا،
ڇُلي پيس ڇَپرين، ڪاري لڳم ڪانُ،
نِسَت سين نڌان، جيڏيون! جَت ڪري ويا.
عين ئون شال اچن سي، بوتا انهيءَ پار جا،
سونهون جو ساٿ جو، ڏسان شال اکين،
وندر واٽڙين، دلاسا دلگير کي.
غين ئون غفلت ڇڏ، ڇِنُ سياڪو سَسئِي!
نِجهرو نا اُميدي جو، اوڏانهن نيئي اَڏ،
ته هاڙهي ڌڻي هڏ، ڇوري! ڇڏئي ڪين ڪي.
في ئون ٿو ڦاٽي، قَلبُ لاءِ قريب جي،
مدامي مجلس کي، اندر مون اَٽي،
جهنگل ۾ جهاٽي، ڀيڙي ٿيان ڀتارسين.
قاف ئون قرب ساڻ، ماري ويا مُنڌ کي،
ٻانهي ٻاروچن لاءِ، پيئي پڇاڙي پاڻ،
چُلان پوندم ڄاڻ، اهڙن اوٺيئڙن جو.
ڪاف ئون ڪريان ڪيئن! هنيون هوت هڻي ويا،
ويو ٻاروچو نڪري، چٽ مون چاڙهي چيئَنۡ،
هوتن ڌاران هيئن، ڏُهلا مون ڏينهن ٿيا.
لام ئون آءٌ لُگهَتۡ، ڇيڙِ وڌيس ڇَپرين،
چوريءَ چانگا چُريا، گُنگن ڪئي نه گفت،
نِيَم سُورَ سُرت، اگهي ٿي آهون ڪريان.
ميم ئون ٿيو مهندار، ٻاروچو ٻيلين جو،
سڀني جو ’سيّد‘ چئي، سونهون ٿيو سردار،
ملڪ جو مدار، مون کي موليٰ ميڙئين.
نون ئون لڳو نينهن، ٻانڀڻ جو ٻروچ سين،
راتئين روئي رت ڦڙا، مُنڌ ڏولائو ڏينهن،
محبت سندا مينهن، ويچاريءَ وسائيا.
واوئون واءُ وصالي وار، آرامي اندر جو،
چانگي سر چڙهي ويو، ٻارچو ٻي پار،
ولهي ٿي وڻڪار، سڃو باغ ڀنڀور جو.
هي ئون لئي هيڪاند، اگهي ٿي آهون ڪري،
برهه آءٌ بلوچ جي، ڀيڙي ڪيس باند،
کِمان اچي نه کاند، پسڻ ڌاران پرينءَ جي.
الف ئون اولاڻو، جيجان تن جتن جو،
لنگهي پَٻُ پري ٿيا، ڪيائون پرڏيهه ۾ پاڻو،
ساجن سيباڻو، ويچاريءَ وجود ۾.
يي ئون يا خدا! والي وار وطن تي،
ته گڏجي گوندر لاهيان، من جي سڀ مدعا،
جانب ٿئي مَ جدا! سدائين ”سيّد“ چئي.
ٽيهه اکري: مدح محي الدين جيلاني رحه
(چيل مخدوم عبدالله واعظ جي)
]مخدوم
عبدالله عرف ميان موريو سنه 1150هه/1736ع ۾ ٺٽي
شهر ۾ ڄائو، مشهور عالم ”ميان ابوالحسن“ جو ڀاڻيجو
هو. هن تعليم به ميان ابوالحسن کان حاصل ڪئي.
مخدوم عبدالله جا وڏا ”ميان“ جي لقب سان مشهور
هئا، پر هن پنهنجي علم ۽ فضيلت جي ڪري ”مخدوم“ جو
لقب حاصل ڪيو. سڄي عمر ٺٽي شهر ۾ رهيو. عام طرح
وعظ به ڪندو هو، تنهن ڪري کيس ”ميان عبدالله واعظ“
ڪري سڏيندا هئا. مخدوم عبدالله، مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي جو همعصر هو. هن محمد هاشم جي وفات کان هڪ
سال پوءِ 1175هه / 1761ع ۾ ”ڪنزالعبرت“ تصنيف ڪيو،
جنهن ۾ مخدوم محمد هاشم جي تصنيفن مان به سَدون
پيش ڪيائن. مخدوم عبدالله ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾
بدرالمنير، غزوات، نورالابصار، هفت بهشت، قمر
المنير، سڱ نامو، تفسير وغيره مشهور آهن. 1770هه /
1763ع ۾ وفات ڪيائين. هيٺين ٽيهه اکري ”مخدوم
عبدالله واعظ“ ڏانهن منسوب آهي، البته ٻولي ۽
اسلوب بيان جي لحاظ سان مخدوم عبدالله عرف ميان
موريو جي زماني کان پوءِ جي ٿي معلوم ٿئي. هن ٽيهه
اکري ۾ دستور موجب ’الف –بي‘ سان بند شروع ٿيڻ
بدران انهن اکرن جي بدران ’باري‘ وغيره ۽ اها صنعت
ڪن ٿورن شاعرن استعمال ڪئي آهي.[
آهيم اَلله ۾ آسرو، سدا منجهه سَرير،
ڀِت ڀروسو ناهه ڪو، ڌاران محمّد مير،
پلئه لڳس پير جي، دامن دستگير،
سائين لڳ سڌير! ڪامدد ڪر مريد سين.
باري تون بغداد ۾، ميران محي الدين،
نُور تنهنجي نِراڙ ۾، جلوا ڏي جبين،
ڏاتار ڏني توکي، ياري ساڻ يقين،
گُل گيلاني گُزين! مدد ڪر مريد سين.
تابع تو در ٿيا ماڻهو، مَلَڪَ، پَري،
اُپَٽئين ڪا احسان جي، دستگير دري،
اسان توري ناهه ڪا، ڳُجهانۡدر ڳَري،
ورنَهه پير ورِي، ڪا مدد ڪر مريد سين.
ثابت ثنا تنهنجي، مِڙي ڪئي مَلڪن،
پَر ڀونۡئان پنڌ ڪيو، ڏِسئان ڏيهه اچن،
پير! تون پڄايئينۡ، مَن مُرادون مڙن،
اَجها آگا اَڙين! ڪا مدد ڪر مريدن سين.
جڏهن پيو جهان ۾، سندو جلوو جيلاني،
تنهن شُماع سڀ جهپيو، ظلمت ظلماني،
لٿو ڏُرت ڏيهِنِ تان، هم غم حيراني،
تون سليم سُبحاني! ڪا مدد ڪر مُريد سين.
حڪم حڪمت هت تو، نشاني نَرماد،
ڏني عزت عظيم ڌڻي، اي سرور، سيّد زاد!
جي پلئي لڳا تنهنجي، سي ئي ٿيا سعاد،
عليءَ جا اولاد! ڪا مدد ڪر مريد سين.
خالق خطاب توکي، ڏنو هاديءَ سن حڪمت،
صورت، صفت يوسفي، حيدري همت،
وَسي توتي وِتَري، رباني رحمت،
فرزند فاطمة! ڪا مدد ڪر مريد سين.
دائم درماندن تي، نرمل! نظر ڪريج،
اوکيءَ وير اَڙين کي، راحم تون رسيج،
سُڻي منهنجا سڏڙا، واهر ٿي وريج،
حَسني! منجهان هيج، ڪا مدد ڪر مريدسين.
ذيل پنهنجي ذليل کي، ميران! ڏيج ملي!
هادي! تنهنجي حق ۾، هيءَ بشارت ڀَلي،
آهي قُطبُ الۡڪَونَين، واصل ۽ ولي،
حَسني پير! هلي، ڪا مدد ڪر مريد سين.
رحمتون توتي ربّ جون، وسن وير وتار،
پَلٽيو ٿو پُور ڪري، منجهان نُور نِرار،
طالب تو در ڪيترا، مڍن مڱڻهار،
اَڙين جا آڌار! ڪا مدد ڪر مريد سين.
زاهد! تو زهد ڪري، لَڌِي چڱائي،
پرکنڊ ۾ پڌري، صاحب! تنهنجي صفائي،
باري تون بغداد ۾، اَڪمل عطائي،
رهبر! رهائي، ڪا مدد ڪر مريد سين.
سخي سٻاجها سڀ ڪا، توسين، سُهنۡدَ ستار،
تون آگهئين در الله جي، اَڙين جا آڌار،
صاحب مون سواليءَ تي، ڪا وهلي ڪر وَهار،
صمداني سردار! ڪا مدد ڪري مريد سين.
شريعت جو شيخ تون، طريقت تمام،
حال حقيقت هٿ تو، معرفت مقام،
پَرکَنڊ ۾ پڌرو ٿيو، نِرمل! تنهنجو نام،
پَرغني! پس غلام، ڪا مدد ڪر مريد سين.
صفا صوفي سڀ کان، تون آهين اَت اَپار،
سُني تون سڳورو، مڃئين چارئي يار،
ڪريم تو سين ڪرم ڪيا، معنوي مختار،
حَنبلي هوشيار! ڪا مدد ڪر مريد سين.
ضلالت ضايع ڪيئي، اَزلئُون تا اَبَدا،
مُرشد تون مقبول ٿئين، رهبر! راهه هُديٰ،
همہ مون حاصل ٿئي، هادي! تو هٿا،
خاصا خلق خدا! ڪا مدد ڪر مريد سين.
طالب تو در ڪيترا، سدا ڪن سلام،
پِير، مشائخ، اولياء، سڀئي تنهنجو ڪمن سلام،
ڪنڌ نمايو ڪُرنشون، ڪن عاقل ۽ علام،
لَڳس تنهنجي لام، ڪا مدد ڪر مريد سين.
ظاهر کي زينت ڏنئي، باطن ڪيئي بحال،
هادي! تنهنجي حق ۾، واحد جو وصال،
ڏيکاريا ڏَڏَن کي، اڳيان تو احوال،
حضرت! پسي حال، ڪا مدد ڪر مريد سين.
عارف تون عِرفان ۾، آهئين گهڻو عليم،
ختم بلاغت خورّمي، حاصل ڪيئي حليم،
موسيٰ جيئن موليٰ ڪيو، تو سين قرب ڪريم،
سرور شاهه سليم! ڪا مدد ڪر مريد سين.
غوث! تنهنجو غُلغُلو، عرش ۾ آهي،
رونق ڪيئي روشني، لفافا لاهي،
سچ سڃاتو سڀ ڪنهن، سندي تو ساهي،
پَرمل پَت راهي! ڪا مدد ڪر مريد سين.
فيض، فرحت، فائدو، ڪامل! تنهنجي ڪار،
آسر ڀريو آهيان، پير! تنهنجي پار،
نماڻيءَ کي نرمل! تون، ورنہ ڪِيم وسار،
نظر ڪر نهار، ڪا مدد ڪر مريد سين.
قرب قادر جو گهڻو، سدا تو سين شاهه!
مَهنۡد تنهنجو مرتبو، ڌڻيءَ جي درگاهه،
دولهه تون دارين جو، آهين پِير! پناهه،
اُٿي لڳ الله، ڪا مدد ڪر مريد سين.
ڪريم تو سين ڪرم ڪيو، آڳانجهو احسان،
عزت، علم اڳرو ڏنو، موليٰ توکي مان،
مَرڪڻ لڳو مصطفيٰ، پَسي تنهنجو شان،
اگهئل! ٿي اڳوان، ڪا مدد ڪر مريد سين.
لطف مٿئان لطف جو، پلٽيو ڪري پور،
وسن سدائين وترا، نرمل! توتي نور،
مُعَلّيٰ تنهنجو مرتبو، ظاهر منجهه ظهور،
معنوي مشهور! ڪا مدد ڪر مريد سين.
معنوي مشهور، ڪَرَ سدا چمڪي سِڄ،
چوڏهِينءَ ماهه چنڊ جيئن، نت تنهنجي دؤنۡڪي ڌڄ،
سڪا ڏر ساوا ڪيا، ڏيئي وراڪا وڄ،
رکج مون کي رڄ، ڪا مدد ڪر مريد سين.
ناسوتان تون نڱِئو، ’ملڪوت‘ تنهنجو ماڳ،
جيلاني ’جبروت‘ ۾، وڃي ڏنئي وِهاڳُ،
لڌو تو ’لاهوت‘ ۾، سڀني پريين سُهاڳ،
اَجهو آهين آڳُ، ڪا مدد ڪر مريد سين.
واحد تو سين وِتَري، آهي وِير! وفا،
ڪن ڏسجي ڪو ٻيو، تنهنجي سُونۡهن صفا،
تو ساماڻي سُپرين! لٿي جنگ جفا،
احسان اِلطَفا، ڪا مدد ڪر مريد سين.
هادي! هر زمان، تون قادر جو قريب،
مائٽ تنهنجي مصطفيٰ، چو هاشمي حبيب،
شفيع سڀ جهان جو، نرمل نُور نجيب،
اَڪمل تون عجيب، ڪا مدد ڪر مريد سين.
اجهو تون عالم جو، بيشڪ بغدادي!
رحمت رسي سڀ ڪنهن، هٿان تو هادي!
دائم تنهنجي در تي، هيءُ فقير فريادي،
اِسم عَمادي، ڪا مدد ڪر مريد سين.
لائق! تو تي لڄ، هيءَ وڌيم تانۡ وريام!
هن منهنجي حال جو، ڄاڻ توکي ڄام،
هادي! هن حقير جي، هِنۡئين پڄائين هام،
ميران! پروڙي مامَ، ڪا مدد ڪر مريد سين.
ياران! پڙهو يقين سين، مدح هيءَ محبوب،
اُميدون پير پڄائيون، مڙن جا مطلوب،
اگهو در الله جي، خاصا ٿيا خوب،
هي ڪلمون منجهه قلوب، سو ظاهر چئو زبان سين.
لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله.
ٽيهه اکري: سالڪن کي نصيحت
(چيل مراد فقير جي)
]مراد
خان ولد حيات خان، زنگيجا بلوچن جي پرڪاڻي پاڙي
مان هو. مختلف روايتن موجب نور محمد ڪلهوڙي جي
صاحبيءَ ۾ توشڪي جي عهدي تي هو، ۽ ان جي وفات
کانپوءِ ملازمت ڇڏي وڃي فقيري اختيار ڪيائين. مدد
خان پٺاڻ جي حملي تائين به جيئرو هو ۽ آخر ميرن جي
دور حڪومت ۾، خيرپوري ميرن هن فقير جي خاندان کي
ڪوٽ ڏيجي کان ٿورو اوڀر طرف ڪوٽلي جي ڳوٺ ۾ زمين
جاگير طور ڏني. مراد فقير صوفي طريقي ڏانهن راغب
هو. هن به ڪنڊڙيءَ جي ٻين شاعرن وانگر سنڌي،
سرائڪي ۽ هنديءَ ۾ شعر چيو آهي. سندس قبر ڪوٽلي
ڳوٺ ۾ آهي.[
الف اَلله الۡعالمين، ساراهيان سبحان،
جنهن قادر ”ڪُن فَيَڪون“ سان جوڙيو سڀ جهان،
خلافت خلق جي ڪيائين آدم تي احسان،
روح وڌو رحمان، مِن روحي ”مراد“ چئي.
بي بدعت ڇڏ تون، خودي خام خيال،
سچو ٿي صاحب سان، اَٿئي وقت وصال،
هلي ويهه وحدت ۾، جتي جوت جمال،
”دَعۡ فِسۡق وَبَطۡلُ“ ته پسين منهن محبوب جو.
تي توبهه ڪر تن کان، ڏينۡس ترڪ تمام،
پردو ڪڍ پرينءَ مؤن، ننگ ناموسي نام،
“مَنۡ عَرۡف نَفۡسَہ” ٻيو ڪڇج ڪين ڪلام،
آهي اِيءَ اسلام، محمّدي ”مراد“ چئي.
ثي ثابت ڪر سچ کي، ڪوڙ نه ايندءِ ڪم،
ڪايا، مايا، ڌن، دائم نه هوندءِ دم،
تر نه نيندين تنهن مان، جو جوڙي ڪيڙءِ جم،
غافل کائيندين غم، ساجهر سمجهه ”مراد“ چئي.
جيم جدائي ڇڏ، تون وٺ پرينءَ جا پير،
هٿ نه ايندءِ ههڙي، پوءِ ورنَهه وير،
ماري ڪڍ من مان، غيرت وارو غير،
سري وڃ سوير، منجهه حضَور ”مراد“ چئي.
حي حياتي ڏينهڙا، پرين سان گڏ گذار،
ماري من ”مراد“ چئي، وحدت ڏي تون وار،
دلبر اٿئي دل ۾، دائم ڪر ديدار،
کڻي نيڻ نهار، ته سڀ ڪنهن ڏانهن سپرين.
خي خمر ۾ عشق جي، چڱي ڏس تون چَس،
ويا سڀئي وسري، مٺي جنهن جي رس،
مٽايا ”مراد“ چئي، محموديءَ مجلس،
لڪ لنگهيائون لس، وڃي مَحۡو ٿيا ”مراد“ چئي.
دال دلاسو دل کي، ڏنو پاڻ پرين،
وائي ساڻ وصال جي، جيءُ جياريو جن،
”وَنَحۡن اَقۡرَبۡ اِليہ“ آهي قرباني تن،
ٻيون سڀ ڏيئي ٻن، آءُ ته ڪريون ”مراد“ چئي.
ذال ذڪر ڪر ذات جو، ٻيا سڀ وهم وسار،
راتيان ڏينهان ربّ جي، پرتئون ڪج پچار،
”فَاذۡ ڪُرُوني اَذڪُرڪُمۡ“ سڄڻ لهندءِ سار،
اهڙو تو ستار، سو مور نه ڇڏي ”مراد“ چئي.
ري رياضت ربّ جي، آهي فرض فنا،
اَٿئي موت مشاهدو، عاشق ٿئين تان،
”مُوۡتُوا قَبۡل اَنۡت مُدۡتُوا“ آڻج اَمر بجا،
پوءِ هر دم ذوق بقاء، ويٺو ماڻ “مراد” چئي.
زي زڪواة ڪڍج، پهرين نفس نفي،
اَٿئي قوّت وصال جي، جو اچي عاشق ٿي،
لالڻ لائق سپرين، ڪندا توهه تسي،
جان ڪي دم جِينۡ، تان ڪونهي موت ”مراد“ چئي.
سين سيني ۾ تنهنجي، دل بيت الۡمعمور،
”ڪُلّ شَيءِ مُحِيط“ پر آهي نسورو نور،
ويٺو پڙهه پرينءَ سان هردم حج حضور،
تون ڏور ”مراد“ مَ ڏور، ساهئون اوڏا سپرين.
شين شراب وٺيج، جو صاف اَٿئي ساقي،
پي طهورا ترڪ ڏي، من مومن مشتاقي،
نئين عمر ”مراد“ چئي، بخشندءِ باقي،
مرشد ملاقي، ڪندو پهرئين جام پيئڻ سان.
صاد صبر رک تون، روزو اندر روح،
هوا، حرص ”مراد“ چئي، کڏ کڻي وجهه کوهه،
اَٺئي پهر اندر ۾، ويهي ڪر ورونهه،
هردو سنجهه صبوح، عيدون ڪج عجيب سان.
ضاد ضرور ”مراد“، ڪج وحدت سان واپار،
منجهان حوض حضور جي، ويٺو وضو سار،
منهن محراب پرينءَ جو، نت نماز گذار،
تنهان پوءِ ٻيهار، توتي ناهي حرف حساب جو.
طوئي طلب ڪر تڪيو، وحدت ۾ ٿي ويهه،
ريءَ حقيقت حق جي، ٻيا سڀ مڪر ميهه،
حُبُّ الۡوطَنِ ”مراد“ چئي، پسج پنهنجو ڏيهه،
سندءِ سو ساڻيهه، جِت نانۡهه بنا ٻيو ناهه ڪي.
ظوئي ظاهر ذات ريءَ، ٻيو قطرو آهي ڪين،
سڀ حقيقت حق جي، ٻولي ٻولج ٻي نه،
”هُوالا وَّل هُو الا آخِر“ سچي ساک سندن،
سا دنيا سو دين، جي پُرجهين مام ”مراد“ چئي.
عين عدم مان سپرين، جان واصل ٿيا وجود،
تان مَلَڪن آمر مڃيو، سڀني ڪيا سجود،
پسي منهن ”مراد“ چئي، ماڻيائون مقصود،
جي هيا ماڳ تنہ موجود، وڏا طالع تن جا.
|