مهاڳ
سنڌ جي ’لوڪ ادب‘ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز،
سن 1955ع ۾، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سامهون رکي وئي،
جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي
نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو
ڪم شروع ڪيو ويو؛ انهيءَ سلسلي ۾ تعلقي وار ڪارڪن
مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان
مواد گڏ، ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ”سنڌي
لغت آفيس“ سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي
وئي، ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل،
توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي،
ڀيٽي صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.
پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد
سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقي وار ڪارڪنن،
ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون؛ مرڪزي آفيس جي
عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو؛ ۽
بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ
سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي هر
پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي. انهي سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت
سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي، جو ان
جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت، نموني
طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو
سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو آهي.
هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:
پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب
جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ
جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ‘لوڪ ادب’ جو
ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب
جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون،
مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره: مگر جيئن ته
اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور
آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾
شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ
گڏ ڪيل ’لوڪ ادب‘ کي بعينہ ’فوڪ لور‘
(Folklore)
جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان
جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسيع يا خاص نوعيت
اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن
جو، يا ’معياري ادب‘ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ
جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ انهيءَ ڪري
سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي جو عوام جي
زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي
سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾
حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ
نه ٿي سگهيو آهي؛ ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي
ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو
گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي
ميڙڻ جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البته جو
ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت
مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ
تاليف ڪيل ڪتاب اُميد ته آئينده ڪوششن لاءِ نمايان
نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.
’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان
ٿي، مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي
مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته ’سنڌي ادبي
بورڊ‘ جي ميمبرن کي جس جڳائي جن هن تجويز کي سن
1906ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف
ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مُسودا توڙي پريس ڪاپيون
تيار ڪرڻ ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي
ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾
تعلقي وار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ
جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي،
جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين
ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي. بورڊ جي سيڪريٽري
محترم محمد ابراهيم جويي، هن تجويز جي هر انتظامي
مرحلي تي بنده سان دلي تعاون ڪري آسانيون پيدا
ڪيون، مفيد مشورا ڏنا، ۽ پڻ ڪتابن کي سهڻي نموني ۽
بنا دير ڇپائڻ لاءِ فوري قدم کنيا.
هي ڪتاب ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو پنجون ڪتاب آهي. ان جو
بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو؛ سڄي مواد
کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي، مئي
1959ع ۾ ڪتاب جو مُسوّدو تيار ڪيو ويو؛ ۽ نومبر
1909ع ۾ مُسوّده جي آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي
شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم
محمد بچل هن ڪتاب جي مواد کي اتاري، يڪجاءِ ڪرڻ،
ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪرڻ لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽
محترم شيخ محمد اسماعيل ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي،
۽ ڪتاب جو مُسوّده تيار ڪري ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي
آخري سٽاء، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار
آهي.
محترم اعجاز محمد صديقي، مئنيجر سنڌ يونيورسٽي
پريس، ۽ سندس ساٿين ڪتاب کي جلد ۽ سهڻي نموني سان
ڇاپڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ممتاز مرزا ان جا پروف پڙهيا.
حيدرآباد
سنڌ
خادم العلم
15، آڪٽوبر 1960ع ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ
اَمٗ للانسان ماتمنيٰ فَلله الا خرةُ والاولي
مقدمہ
هيءُ ڪتاب ”ٽيهه اکريون“ لوڪ ادب سلسلي جون پنجون
ڪتاب آهي جو شايع ٿي رهيو آهي.سنڌي شاعريءَ جي
هيءَ صنف پڻ آڳاٽي وقت کان علم وارن توڙي عوام ۾
مقبول رهي آهي ۽ انهيءَ ڪري ان جو مواد به ايترو
ته جهجهو آهي جو ان جي سهيڙڻ لاءِ وقت گهرجي. جيڪو
مواد دستياب ٿيو آهي ۽ ان مان جيڪي چونڊيو ويو آهي
سو به ايترو گهڻو آهي جو ”ٽيهه اکرين“ کي ٻن جلدن
۾ شايع ڪيو وڃي ٿو.
’ٽيهه اکري‘ نظم جو سلسلو ۽ سٽاء
”ٽيهه اکري“ مان مواد اهو نظم آهي جو عربي ’الف –
بي‘ جي اکرن مطابق سلسليوار چيل هجي. عربي ’الف –
بي‘ جا اصولي اکر جملي اٺاويهه آهن، جن جو سلسلو
آڳاٽي وقت کان وٺي هن طرح قائم ٿيل آهي: ا، ب، ت،
ث، ج، ح، خ، د، ذ، ر، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ،
ف، ق، ڪ، ل، م، ن، و، هه، ي. البته ٻارڙن کي همزه
الف ’ء‘ توڙي ’لام‘ ۽ ’ف‘ جي گڏيل صورت ’لا‘
سيکارڻ خاطر اُستادن انهن کي پڻ ٻن جدا اکرن جي
صورت ۾ ’هه‘ کان پوءِ داخل ڪيو، جنهن ڪري ’الف –
بي‘ جي ’ٽيهن اکرن‘ وارو ڳاڻيٽو توڙي انهن جو
هڪٻئي پويان سلسلو عام رائج ٿي ويو. انهن ٽيهن
اکرن جي سلسلي مطابق جوڙيل نظم کي فارسيءَ جي لحاظ
سان ”سي حرفي“
۽ خالص سنڌي اصطلاح موجب ’ٽيهه اکري‘ چيو ويو.
ظاهر آهي ته سنڌي نظم جي هيءَ ’سي حرفي‘ يا ’ٽيهه
اکري‘ صنف علمي ماحول ۾ اُسري. عوامي ’الف – بي‘
جي ٽيهن اکرن ۽ انهن جي سلسلي جي ڄاڻ انهن کي هئي
جو خود پاڻ مڪتب ويٺا، يا جيڪي پڙهيلن کان پڇي
’الف – بي‘ جي سلسلي کان واقف ٿيا. عربي توڙي
فارسي ’باب نامن‘ ذريعي ’الف‘ ۽ الف سان شروع
ٿيندڙ لفظن، ’ب‘ ۽ ب سان شروع ٿيندڙ لفظن ۽ اهڙي
طرح باقي اکرن ۽ انهن سان شروع ٿيندڙ لفظن اُچارن
جي مشق سان ’تجنيس حرفي‘ جي پڻ مشق ٿيندي رهي، جا
صنف ’ٽيهه اکري‘ جو ڪارڻ بني. ’تجنيس حرفي‘ جي هن
دلپذير مشق پڙهيل شاعرن کي آماده ڪيو ته هو ’الف –
بي‘ جي هر هڪ اکر بعد ان ساڳئي اکر سان شروع ٿيندڙ
لفظ ملائي نظم جا بند جوڙين. اهڙيءَ طرح ٽيهن ئي
اکرن پويان ملايل نظم جي ٽيهن بندن يا بيتن کي ’سي
حرفي‘ سڏيو ويو.
انهيءَ سٽاء موجب، صحيح معنيٰ ۾ ’سالم سي حرفي‘ يا
’پوري ٽيهه اکري‘ اها چئبي جنهن ۾ عربي ’الف – بي‘
جي (’لا‘ ۽ ’ء‘ سميت) ٽيهن اکرن مان هر هڪ اکر تي
نظم جو ڪم از ڪم هڪ بند يا بيت چيل هجي، اهڙيءَ
طرح جو هر بند يا بيت جي منڍ ۾ ’الف – بي‘ جو اکر
قائم ڪري ان بعد پهريون لفظ اهڙو استعمال ڪجي، جو
ان جي منڍ وارو اکر ساڳيو ’الف – بي‘ وارو قائم
ڪيل اکر هجي، جيئن ’تجنسي حرفي‘ جي صنعت سان ئي هر
بند جي شروعات ٿئي؛ ٻيو ته ٽيهن ئي اکرن تي چيل
بند يا بيت، ’الف – بي‘ جي سلسلي مطابق هجن يعني
ته ’الف‘ سان شروع ٿي سلسليوار ’ي‘ تي وڃي ختم
ٿين.
جڏهن سنڌي شاعرن هن ميدان ۾ قدم رکيو، تڏهن مٿين
علمي سٽاء موجب بالڪل ’سالم سي حرفين‘ ٺاهڻ بدران
هنن هن صنف کي ذرا آزاديءَ سان پنهنجي نموني ۾
نباهيو. مجموعي طور سان مکيه اصولن کي مد نظر
رکيائون ۽ اهو ڪافي سمجهيائون. انهيءَ ڪري ’سنڌي
ٽيهه اکري‘ بالڪل علمي سٽاء موجب چيل ’سالم سي
حرفي‘ نه آهي، بلڪ (الف) اکرن جي سلسلي (ب) تجنيس
جي صنعت، توڙي(ج) حرفن مطابق بندن ۽ بيتن جي سٽاء
جي لحاظ سان ’سنڌي ٽيهه اکري‘ جو رنگ قدري نرالو
آهي.
(الف) ’الف – بي‘ جي اکرن جو سلسلو: ”سنڌي ٽيهه
اکرين“ ۾ ’الف‘ کان وٺي ’هه‘ تائين، ساڳيو عربي
’الف – بي‘ وارو سلسلو قائم ڪيل آهي. البت ’هه‘
کان پوءِ وارا ٻه اکر ’لا‘ توڙي ء اصولي طور ’الف
بي‘جا نه آهن بلڪ ’باب نامي‘ جي لحاظ سان اضافو
ڪيل آهن؛ انهيءَ ڪري سنڌي ٽيهه اکرين ۾ شاعرن انهن
کي ”هه، لا، ء، ي“ توڙِ ”هه، ء، لا، ي“ جي ترتيب
سان استعمال ڪيو. هڪ شاعر، معنوي لحاظ سان (’الف‘
بمعنيٰ ’الله‘)، ’ي‘ جي بدران همزه الف کي آخر ۾
رکيو آهي (131). ان کان سواءِ، ڪن شاعرن، ”لا“ جو
اکر ڇڏي ڏنو
ته ڪن وري ”لا“ توڙي همزه ”ء“ ٻئي ڇڏي ڏنا
۽ صرف ”الف – بي“ جا اصولي اٺاويهه اکر استعمال
ڪيا. مگر جيئن ته شروع کان ئي صنف ”سي حرفي“ جو
محور ۽ مدار ”الف – بي“ جي اکرن جي سلسلي تي هو،
انهيءَ ڪري وقت گذرڻ بعد پورن ٽيهن اکرن جي ڳاڻيٽي
بدران محض ”الف-بي“ وار اکرن تي چيل نظم، بحيثيت
”صنف“ جي، ”سي حرفي“ يا ”ٽيهه اکري“ ليکجڻ ۾ آيو.
انهيءَ لحاظ سان، مير عبدالحسين خان “سانگي”، جو
هڪ بلند پايي جو تعليم يافته شاعر هو، تنهن ”لا“
توڙي ”ء“ ٻنهي کي ڇڏي صرف ”الف – بي“ جا اٺاويهه
اصولي اکر استعمال ڪيا آهن، مگر ان هوندي به
پنهنجي نظم (252) کي “سي حرفي” يعني ”ٽيهه اکري“
سڏي ٿو:
”سي حرفي سڻو جا چوان سر بسر“
مطلب ته ’سي حرفي‘ نظم جي شروعات ’باب نامي‘ جي
ٽيهن حرفن تي چيل نظم سان ٿي، انهيءَ ڪري ان کي
’سي حرفي‘ چيو ويو. پر جيئن ئي سنڌي ۾ ’سي حرفي‘
نظم مقبول پيا ۽ رائج ٿيا، ته بحيثيت هڪ ’صنف‘ جي’
ٽيهه اکري‘ اهڙِ نظم کي چيو ويو جو ’الف – بي‘ جي
سلسلي تي چيل هجي، پوءِ خواه ان ۾ پورا ٽي اکر هجن
يا فقط الف – بي جا اصولي اٺاويهه اکر يا اُن کان
به گهٽ. انهيءَ لحاظ سان عام اصطلاح موجب ’سنڌي
ٽيهه اکري‘ اهو نظم آهي جو ’الف – بي‘ جي اکرن تي
سلسليوار چيل هجي؛ البت ’باب نامي‘ جي ٽيهن اکرن
يا ’الف – بي‘ جي اصولي اٺاويهن اکرن تي چيل بندن
يا بيتن جي نظم کي ’سالم سي حرفي‘يا ’پوري ٽيهه
اکري‘ چئبو، پر جيڪڏهن ’الف – بي‘ اڻپوري آهي ته
ان کي ’غير سالم سي حرفي‘ يا ’اڻپوري ٽيهه اکري‘
چئبو. بحيثيت ’صنف‘ جي، الف – بي وار اکرن تي چيل
نظم بهرحال ’ٽيهه اکري‘ نظم آهي، پوءِ کڻي ’الف‘
کان وٺي سلسليوار ڪيترن به اکرن تي چيل هجي.
انيهءَ لحاظ سان، مل محمود پلي جو ليلان جي سر ۾
چيل نظم (310) به ’ٽيهه اکري‘ آهي، حالانڪ اهو نظم
فقط ’غ‘ اکر تائين چيل آهي.
(ب) تجنيس جي صنعت: هيءَ صنعت ’ٽيهه اکري‘ نظم جي
جان آهي. هر اکر آڏو ساڳئي اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ
ملائي نظم جي بيت يا بند جوڙڻ سان ئي ’ٽيهه اکري‘
نظم جو بنياد پيو. انهيءَ لحاظ سان، عام طور ”ٽيهه
اکري“ جي هر هڪ اکر آڏو بيت يا بند انهيءَ ساڳئي
اکر واري لفظ سان شروع ٿيڻو آهي، جيئن ته:
الف الک من ۾ ڪيو ڪاپڙين
الف اوچتي ڪيئن اٺايس عمر
مگر سڀني سنڌي شاعرن انهيءَ روايتي سٽاء جي هوبهو
پيروي ڪانه ڪئي آهي، بلڪ ’تجنيس حرفي‘ جي دائري
اندر عجيب قسم جي صنعت گري ڪئي آهي. اول ته اکرن
جي سالم اُچار ’الف‘، ’بي‘، ’تي‘... ۾ لچڪ پيدا
ڪري انهن کي ’الف ئون‘، ’بي ئون‘، ’تي ئون‘....
ڪري استعمال ڪيائون جنهنڪري آواز جو ميٺاج وڌيو،
وزن جو ماڻ ڀريو، ۽ پڻ انهيءَ نئين صوتي صورت
‘اکر’ کي جدا ٿي بيهڻ بدران ڇڪي مصرع جي تاڃي پيٽي
۾ پوئي ڇڏيو
.
ٻيو ته ’تجنيس حرفي‘ کان سواءِ ’تجنيس صوتي‘ کي
زياده اهتمام سان نباهيو ويو آهي. شعر ۾ ساڳين
حرفن سان شروع ٿيندڙ لفظن جو استعمال (تجنيس حرفي)
انهيءَ ڪري مقبول آهي جو ’صوت‘ يا ’آواز‘ جي
يڪسانگي سببان ميٺاج پيدا ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري
ميٺاج جي لحاظ سان اهميت آواز کي ئي آهي. روايتي
دستور موجب، سنڌي ٽيهه اکرين ۾ ’تجنيس حرفي‘ کي مد
نظر رکيو ويو آهي، ۽ هر حرف جي لحاظ سان مصرع ۾
ٻيو لفظ ڪوشش ڪري اهڙو آندو ويو جو انهيءَ ساڳئي
حرف سان شروع ٿئي. مثلاً شاعر نور محمد پنهنجي
ٽيهه اکري (ص 64) جي آخر ۾ ’همزده‘ کي ’الف‘ چوڻ
بدران (جيئن اڪثر ٻين شاعرن ڪيو آهي) ’همزه الف‘
جي نالي سان آندو ته آڏو ٻيو لفظ به اهڙو استعمال
ڪيو آهي جو ’الف‘ جي بدران ’هه‘ سان شروع ٿئي ٿو.
همزدو الف هدايت لاءِ دين دريچو ڪشف ڪشاء
مگر جيئن ته ’تجنيس حرفي‘ جو راز حرفن جي ’هم
آواز‘ ٿيڻ ۾ آهي، انهيءَ ڪري سنڌي شاعرن بعضي
’ساڳين اکرن‘ جي استعمال بدران ’ساڳين آوازن‘ کي
نباهيو آهي. مثلاً، پهرين ٽيهه اکري ڀٽائي صاحب
واري (6) ۾ ’هه‘ واري بند هيٺ ٻئي لفظ جي شروعات
ساڳي ’هه‘ جي بدران ’ح‘ سان ٿيل آهي:
”هي ئون حرف حساب جو، پسڻ ٿين پري“
ٽيو ته ’تجنيس حرفي‘ واري اصول کي مد نظر رکيو
ويو، پر ان جي سٽاء ۾ عجيب انداز سان هيءَ تبديلي
آندي وئي جو ’الف – بي ‘ جي اکرن کي مصرع جي منڍ ۾
رکڻ جي بدران انهن کي مصرع جي اندر مختلف جاين تي
جاءِ ڏني وئي. حافظ حامد جي ٽيهه اکري (158-166)
جا بند، سواءِ ’الفن‘ جي، انهي نئين صنعتي رمز ۾
چيل آهن، مثلا:
بکون بي مٿم بند تيسا تمام
_______
تڪيو نه تي منهنجو ڌڻيءَ ڌارڪو
_______
ڪري ظلم ظوئي هلائون همير
_______
وڌم فال في هڪ ٻه ساري هزار
_______
وريا وس چري وار ديسي ڌنار
_______
مڱيي براديي (174)، مير عبدالحسين خان ”سانگي“
(252)، زمان شاهه (262) ۽ مل محمود پلي (310 توڙي
322) پنهنجي ٽيهه اکرين جي بندن ۾ اها ساڳي واٽ
ورتي آهي.
چوٿون ته ٽيهه اکري نظم جي عام مروج ٿيڻ بعد، ڪن
استاد سنڌي شاعرن ‘الف – بي’ جي ”اکرن“ سان بيتن
يا بندن کي شروع ڪرڻ واري عام ابتدائي رسم کان قدم
اڳتي وڌائي، شروعات اهڙن ”لفظن“ سان ڪئي جن جي منڍ
وارا اکر سلسليوار ’الف – بي‘ جا اکر هجن. يعني ته
بندن يا بيتن جي شروع ۾ ’الف – بي‘ جا اکر بيهارڻ
ڇڏي ڏنائون ۽ ان جي بدران اکرن سان شروع ٿيندڙ
لفظن سان شروعات ڪيائون. غالباً مخدوم عبدالله
”واعظ“ پهريون شآعر هو، جنهن انهيءَ نموني تي
پنهنجي ٽيهه اکري (13) چئي. مثلاً:
آهيم الله ۾ آسرو، سدا منجهه سرير.
_______
باري تون بغداد ۾، ميران محي الدين.
_______
تابع تو در ٿيا، ماڻهو ملڪ پري.
_______
ثابت ثنا تنهنجي، مڙي ڪئي ملڪن.
_______
مٿين مثالن مان ظاهر آهي ته مخدوم عبدالله جيتوڻيڪ
هر بيت جي شروع ۾ ’الف- بي‘ جي اکر بيهارڻ واري
رسم کي ترڪ ڪيو، مگر ”تجنيس حرفي“ واري صنعت کي
پوريءَ طرح قائم رکيو. کانئس پوءِ، حافظ حامد
(166) ۽ حضرت احمد خانڳڙهي (354) غالباً سندس
تقليد ڪندي، انهيءَ طريقي تي پنهنجون ’ٽيهه
اکريون‘ چيون.
(ج) اکرن مطابق مصراعن، بيتن يا بندن جي بيهڪ:
’ٽيهه اکري‘ ۾ ’الف – بي‘ جي هر اکر سان هڪ بيت يا
بند شامل هجڻ گهرجي. عموماً ‘ٽيهه اکري’ نظم جي
اها ئي سٽاء مروج آهي. هن سلسلي ۾ پڻ ڪن سنڌي
شاعرن پنهنجا انوکا طريقا اختيار ڪيا آهن.
مڱيي براديي جي ٽيهه اکري (174) هڪ ’عام سنڌي ڊگهي
بيت‘ جي صورت ۾ چيل آهي، ۽ انهيءَ ڪري هر هڪ سٽ يا
مصرع ۾ هڪ کان وٺي ٽي اکر سمايل آهن. اسان ‘ڪافي’
جي صورت ۾ چيل ٽيهه اکريون ٻڌيون آهن، جن ۾ هر هڪ
مصرع ۾ گهڻي ۾ گهڻا اکر کپايل هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته
شاعر کي ’ڪافي‘ جي مصراعن جو تعداد بهرحال محدود
رکڻو آهي. مرزا قليچ بيگ جي ٽيهه اکري (330) ۾ هر
هڪ اکر تي هڪ مصرع چيل آهي. اهڙيون ٽيهه اکريون،
ٽيهه اکري نظم ۾ ايجاز ۽ اختصار جو انوکو نمونو
آهن. شاعر سليمان (359) توڙي ڪن ٻين هڪ ٻن شاعرن
پنهنجي ٽيهه اکري جي ڪن بندن يا بيتن ۾ هڪ کان
وڌيڪ اکر آندا آهن. مگر عام طور ٽيهه اکرين ۾ هر
هڪ اکر سان هڪ بند يا بيت شامل هوندو آهي، ۽ هن
مجموعي ۾ پڻ سواءِ ڇهن ستن ٽيهه اکرين جي، گهڻي ۾
گهڻيون (53 مان 46) ٽيهه اکريون انهيءَ عام نهج ۽
نموني تي چيل آهن. پر جهڙي طرح سنڌي شاعرن ٽيهه
اکري نظم ۾ اختصار کان ڪم ورتو آهي، اهڙيءَ طرح ان
کي ڊيگهه ڏيڻ ۾ پڻ عجيب انداز کان ڪم ورتو اٿن.
لال محمد ”لال“ پنهنجي ٽيهه اکري (103) ۾ هرهڪ اکر
تي ٻه ڊگها بيت چيا آهن، ته مير عبدالحسين خان
”سانگي“ پنهنجي ’سر حرفي‘ (252) جي شروع ۾ هڪ زائد
بند تمهيد طور آندو آهي ۽ ان کان پوءِ هر هڪ اکر
تي ٻه ٻه بند جوڙيا آهن. پر اڃا به بندن جي عدد جي
لحاظ سان ’ٽيهه اکري‘ نظم کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ جو
نادر نمونو آڳاٽي شاعر ’هارون‘ جي ٽيهه اکري (453)
آهي، جنهن ۾ هن شروعات ته هر هڪ اکر تي هڪ ڊگهي
بند سان ڪئي آهي، پر اڳتي هلي پنهنجي خيالن جي پلٽ
۾ ڪن ڪن اکرن تي ٻن کان وٺي پنجن تائين ڊگها بند
چيا اٿس، جيئن ته ’ث‘ تي ٻه بند، ’ذ‘ تي ٽي بند
،
’خ‘ توڙي ’د‘ تي چار چار بند ۽ ’ز‘ تي پنج بند.
ميين عيسي پنهنجي ٽيهه اکري (382) کي وري ٻيءَ هڪ
ترڪيب سان وڌايو آهي. هن هر هڪ اکر تي هڪ ’بند‘
چيو آهي، پر اهو ’بند‘ ڄڻ هڪ ڊگهو نظم آهي، جنهن ۾
وقفن بعد قافيا مٽايا ويا آهن ۽ هر هڪ قافيي تي
مصراعون چيل آهن. ’ب‘ اکر هيٺ چيل نظم ۾ نَوَ (9)
دفعا قافيا مٽايا ويا آهن ۽ اهو نظم ڄڻ نَوَن (9)
ڀاڱن ۾ سمايل آهي. مصراعن جي گهڻائي ۾ شاعر هارون
(453) دنگ ڪري ڇڏيو آهي، جيئن ته سندس ’خ‘ وارو
نظم 359 مصراعن تي مشتمل آهي ۽ ٽيهه اکري نظم ۾
طوالت جو انوکو ۽ اڪيلو مثال آهي.
نظم جي نوعيت ۽ روايت
مٿي ”ٽيهه اکري نظم“ جي اندروني سلسلي ۽ سٽاء جو
تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي: اهائي اندروني ڪڇ وهٽ
۽ جوڙجڪ آهي جنهن جي ڪري ”ٽيهه اکري نظم“ کي
مجموعي طور سان هڪ جدا جنس ڪري شمار ڪجي ٿو. مگر
قافيي، رديف ۽ بحروزن جي لحاظ سان، ٽيهه اکريون
جدا نهجن ۽ نمونن تي چيل آهن، جن مطابق انهن کي
ورڇي سگهجي ٿو. مجموعي طور سان ٽيهه اکريون يا ته
آڳاٽي نج سنڌي شعر جي صورت ۾ يا ته فارسي شاعريءَ
جي اثر هيٺ بحر وزن جي قالب ۾ سموهيل آهن.
آڳاٽي نج سنڌي نظم مطابق، ڪي ٽيهه اکريون ”ڪافين“
جي صورت ۾ چيل آهن جي هن جلد ۾ شامل نه آهن؛ ۽
ٻِيون سلسليوار قافين سان ڊگهين بندن جي سٽاء سان
يا آخر ۾ اڌڪ وراڻي سان ڊگهن بيتن توڙي ننڍن بيتن
جي صورت ۾ چيل آهن، جن جا ڪافي ڪُهنا مثال هن جلد
۾ شامل آهن. انهن مان آڳاٽي ۾ آڳاٽي نوع يعني ”الف
اشباع“ واري قافيي سان چيل سربستي ٽيهه اکري ڪابه
ڪانهي، البته ميين عيسي (382) ۽ سيد هارون (453)
جي ٽيهه اکري جا ڪي بند يا بندن جا حصا ”الف
اشباع“ واري قافيي تي چيل آهن. انهن ٻنهي ٽيهه
اکرين ۾ يڪا قافيا آڻي نظم جا ڊگها بند جوڙيا ويا
آهن. البته سيد هارون “ب” واري بند (ص 454) جي
پهرين مصرع ۾ وچ تي قافيو آندو ويو آهي، جنهن جي
ڪري بند ۾ بيت جي صورت پيدا ٿي پئي آهي.
بي ئون نه هن بار، پتڻ چڙهڻ ڀورڙا،
ڪانهي بس بهير کي، لڳي ڪنهن ڪنار – الخ
لال محمد ”لال“ (103 توڙي 133) ۽ مڱييبراديي (174)
جون ٽيهه اکريون ”ڊگهن سنڌي بيتن“ جي صنف ۾ چيل
اهن. مڱيي براديي واري ٽيهه اکري هڪڙي ئي يڪي بيت
۾ سمايل آهي. ’آخر ۾ اڌڪ وراڻيءَ‘ سان ننڍن سنڌي
بيتن ۾ چيل جملي يارهن ٽيهه اکريون (1، 8، 13، 20،
57، 268، 304، 315،263، 370 ۽ 376) هن جلد ۾ شامل
آهن، جنهن مان ظاهر آهي ته ڪافي شاعرن ’ٽيهه اکري‘
جهڙي عملي ماحول ۾ اُسرندڙ نظم کي پڻ نج سنڌي
شاعري جي قالب ۾ پلٽيو آهي. مگر جيئن ته ٽيهه اکري
نظم ابتدائي طور علمي ماحول جي پيداوار آهي،
انهيءَ ڪري اڪثر ٽيهه اکريون موزون شاعريءَ جون
رهين منت آهن. هن جلد ۾ شامل جملي ٽيونجاهه ٽيهه
اکرين مان سڄيون ستٽيهه ٽيهه اکريون بحر وزن جي
مختلف سانچن ۾ سموهيل آهن. سٽاء جي لحاظ سان مسدس
۽ مخمس گهڻو چيل آهن، ۽ بحر وزن تي چيل جملي
ستٽيهن ٽيهه اکرين مان ارڙهن مسدس ۽ ست مخمس آهن.
ڪن شاعرن هر هڪ بند ۾ ’قافين‘ توڙي ’تڪراري
مصراعن‘ جي بيهڪ ۾ نزاڪتون پيدا ڪيون آهن. مثلاً
گل محمد پنهنجي ٽيهه اکري (49) جي هر هڪ بند ۾ اهو
تَلازُم رکيو آهي جو هر هڪ اکر واري بند جي پهرين
مصرع نه فقط انهيءَ اکر سان شروع ٿئي ٿي پر ان جي
آخر ۾ قافيو پڻ ساڳئي اکر تي قائم ڪيل آهي
جيئن ته:
عين عالي ٿيو جهان ۾ شرع تنهنجي جو شعاع
غين غم گوندر وڃائي دل سندم ڪر باغ باغ
ٻيو ته ‘مسدس‘ ۽ ’مخمس‘ بندن جي آخر ۾ وراڻيءَ
وارن مصراعن جي مٽاسٽا سان پڻ سنڌي ٽيهه اکرين ۾
ڪافي رنگيني پيدا ڪئي وئي آهي. عام دستور موجب هر
هڪ بند جي آخر ۾ هڪ يا ٻه ’وراڻي‘ واريون مصراعون
هونديون آهن، جي ’الف‘ جي بند کان وٺي ’ي‘ جي بند
تائين ساڳئي جون ساڳيون ‘تڪرار طور’ آيل هونديون
آهن. مثلاً حافظ حامد جي ٽيهه اکري (158) ۾ هيٺيون
مصراعون هر هڪ بند جي آخر ۾ ساڳئي جون ساڳيون
ورائي ورائي آندل آهن:
پري پائران منهنجا سانگي سڌر
اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر.
مگر ڪن شاعرن انهن وراڻيءَ وارن مصراعن ۾ مٽ سٽ
ڪئي آهي. هڪڙن شاعرن چئن پنجن بندن تائين وراڻيءَ
واري ساڳي مصرع، يا ساڳيون ٻه مصراعون قائم رکيون
آهن، پر ان بعد ٻين چئن پنجن بندن لاءِ وري جدا
قافيي سان ٻيون مصراعون آنديون آهن، ۽ اهڙي طرح
سڄي ٽيهه اکري ۾ هر چئن پنجن بندن لاءِ جدا جدا
قافيي سان وراڻي واريون مصراعون قائم ڪيون آهن.
دلاور فقير جي ٽيهه اکري (74) ۽ شاهه محمد ديدڙ جي
ٽيهه اکري (79) انهيءَ مٽاسٽا جو سهڻو مثال آهن.
ڪن شاعرن وري هر هڪ بند جي آخر ۾ وراڻي واري مصرع
مٽي آهي، ۽ رڳو آخر ۾ ساڳيو قافيو قائم رکيو آهي،
جيئن ته امام بخش ‘خادم’ جي ٽيهه اکري (192) ۾
وراڻي واريون جملي مصراعون مٽيل آهن مگر سڀئي
ساڳئي ‘ر’ واري قافيي تي چيل آهن.
ٽيهه اکري نظم جو سلسلو ڪم از ڪم اڄ کان سواءِ ٻه
سؤ سال اڳ شروع ٿيو؛ جيئن ته هيءَ صنعت علمي ماحول
۾ اُسري، انهي ڪري اڪثر ٽيهه اکريون قلمبند ٿيون ۽
قلمي توڙي ڇاپي نسخن ذريعي محفوظ ٿيون. نج سنڌي
بيتن جي نهج تي چيل آڳاٽي ۾ آڳاٽي ٽيهه اکري جا هن
جلد ۾ شامل ڪيل آهي، سا شاهه صاحب (وفات 1165هه)
جي ”رامڪلي جي سر“ ۾ چيل ٽيهه اکري (1-7) آهي. ٻي
آڳاٽي ٽيهه اکري ميين عيسي جي (282) آهي جا هن
غالباً 1163 هه بعد جوڙي. اها ٽيهه اکري يڪي قافيي
آڻڻ سان ڊگهن بندن جي صورت ۾ چيل آهي.
|