سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :42

           لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

في ئون فاني في الحال ٿي فنا فڪر ۾،
جان نِي تون قريبن ڪوڏيو، گهڙ قرب جي ڪُنَ ۾،
لهر لڳنديئي ٻي ڪانڪا، جان تو عشق اندر ۾،
۽ جي عشق اندر  ۾ ناهه ڪو، ته ٻڏ بڪيءَ جيڏي ۾،
ته اوڳا! اڳاهون اُڀج تون، پئو مَ پهس پاڻيءَ ۾،
غراب هزارين غرق ٿيا، انهين بحر ۾،
تان ڪَرَ ڪنہ ڪانه لڌي، نِوڙي نهايت ۾،
منهن رک ماڻهو سامهون، ۽ دوسٖين سين دل ۾،
جئن ڪل ڪنهن کي ڪانه پوي، ڀانئين ته ويٺو آهي اسان ۾،
هوڏانہ پردي اندر پرين سين، ڪر رهاڻ روح ۾،
جئن پهرئين واري لوڏي ٻانهن هلي هيڪ جيڏين ۾،
ڳالهيون ڪري سين سرتين، دل جو ڌيان دلين ۾،
جي کڻي خيال تن تان، ته پونس پريندهين پَٽ ۾،
ڀڄنس گهڙا پاڻيءَ جا ٿئي تن جي فڪر ۾،
سرتيون وڃنس نڪري، ويهي رهي وچ ۾،
هيڪو ڏک دلين جو، ٻيو
ڇينڀڻ ٿئي گهَر ۾،
ٽيو فراق جيڏيٖين، جن سين ٿيوئي کلندي خوشيءَ ۾،
ٽي بلائون تنہ رسن، جان ڇڏيائين ڌيان هيڪي دم ۾،
تات واءِ ووءِ ووءِ تنہ جي حال کي، جئن ڀُوڻين ورهه ٿا ورهن ۾،
اندر اُجهاڻو تِنهن جو، وسرينِ جاني جسي ۾،
تيلاهه ٿو ٻانٌهُون ڏئين اوڳا! آفتن ۾،
منجهه هاراسيٖ دنيا جي، تون رات ڏينهان ڏک ۾،
هٿيار پنهنجو حڪمتي، ائين ڪَٽيو ڪُوڙي ڪَٽَ ۾،
دشمن تيلانهون ڊوڙيا، تنهنجي پيا پُٺ ۾،
مارِي منجهاهين جاڳيا، تنهنجي پيا پٺ ۾،
تن ويرين ويڙهيون وجود سين، سڀ پيٺا ڪري قلب ۾،
پوئي ڪا پروڙ؟- ٿي ٿيا تنهنجي مارڻ ۾.
هاڻي ڏي پاسو ڪنہ پاتشاهه جو، جابر جرئت ۾،
جو هاتِڪ همّت اڳرو، بانڪو وڙهڻ ۾،
ڪنہ لوڏيي لنگهان پاڻ اُتان، بانڪي جي پنڌ ۾،
اُتان مراد مرشد ڪامل جي، جو اڳرو عقل ۾،
جنہ نفس شيطان پانهنجو تڙايائين ترت ۾،
تنهنجي ٿيندي ڀيڻي تنہ هٿان، ايندين اَمن ۾.
ريءَ مرشد ڪچي ماڙوءَ جو آهي حال اهڙو اصل ۾،
جئن معلم ڌاران جهاز ڪن هلي بحر ۾،

اُو ترت توائي ٿئي، ٻُڏي منجهي مارڳ ۾،

ڪر تون طلب تنهن سندي، تون ڏور گهڻو ڏيهه ۾،

ته جڏهن تڏهن ڪٿهين، جُڙئو تو هٿ ۾،

”منَ“ طلب شيئاً  وجَدَّ و جَد“ ايندءِ اٽڪل ۾.

پر جي مرشد ميسّر نه ٿئي، هوئنج تنهن جي طلب ۾،

تا تون وٺ سنّ جماعت کي، ڪري اوسيڙو اَنگ ۾،

ادا! اُوليٰ تڪبير کي، وجهجه وچ مَ ڪو وچ ۾،

ادا! ٿيندي هدايت تو گهڻي، اِي اَڄ وڏو مرشد زمان ۾،

ڪندو ترڪ نه تنهن، مگر جو هوندو منافق مَن ۾.

”الجماعہ سُنّہَ من سنن الهديٰ لا يتخلفون عنها الامنافق“

چيو سڳوري سرور،

پر مرشد ڪامل ڪنہ چئجي، ڪا تو آهه خبر؟

جو تابع سنّت جماعت جو، هوءِ نافع نيڪ نظر،

محبوب جئن متابعت جا، منجهس هوندا اَثر،

ايءُ آهي ڪُلڊيو قاعدو، نِرتا ڪج نظر،

مڇڻ آگهِين ڪٿهين، اي ڀورا بيخبر!

آهِين گهڻا عالمِ ۾، سهسين سِر ساحِرَ،

جن ڏيکائو ظاهر ۾، ڪر باطن ۾ ٻاهر،

پسنديئي هِر کي، اَهڙا نقل ڪن نادرَ،

ترڪائينِ ترت ۾، ڪري فَندَ فِڪرَ،

جهڙا عناتي اگلا، ماڪرِي ۾ مَڪر،

مَڇڻ اوڏو اُن ٿئين، توڻي هلن مٿي بحر.

رسهين رسول ربّ جا، ڪامل وڏي قدرَ،

مُنهان اگلايون عيب وڏا، سهسين ٿيا صادر،

پر مڇڻ مون کي اُو ڏسي ۾ ظاهر،

آگا! عافيت عيسي نصيب ڪرين ڪرم سين قادر!

سين مڙني مومنين، جن ڪلمي جي آهه ڪر.

لا اِلله اِلہ الله محمد رسول الله

 

قاف تئون قريبن جي، ڪا مون ڳالهه سڻاءِ،

ڪِ چڱا ڀَلا مون پرين، ڪا تو خبر آهه؟

حقيقت حبيب جي، سهجئون ساههَ سُهاءِ،

ته ٿئي راحت روح کي، سرير گهڻو سيباءِ،

ويهي ڪا وصال جي، هاريا! ٻولي مون ٻڌاءِ!

مان ملان کي سڄڻين، مولو محبِ ملاءِ،

ڀلي ڪري آءٌ تون، ويهه جيءُ تنهنجي جاءِ،

ڪا ڪر پچار پرينءَ جي، ويهي روح ريجهاءِ،

ويٺي نهاريان واٽڙي، لالڻ پنهنجي لاءِ،

پاڻ ويا گهرَ گهوريان، تنهن ساجن سندي ساءِ،

اي هينئڙا! حبيب جي، ڪهڙي لَرَ  لڳياءِ،

جئن کِجين کَپين هيترو، ڪا جَتن جَڙ هنياءِ؟

ڳوهي اٽو لوڻ جئن، دوسن دل گڏياءِ،

صبر ڪر شاڪر ٿيءُ، سگهي سار لهنداءِ،

جن گهايو گهُور سين، سي پاڻ پڇنداءِ،

ڪنان لوڪ لڪ ڪري، اوءِ گِرَهه سين گڏباءِ،

پر پِريان سندي ڳالهڙي، ڪج م ڪنہ سين ڪاءِ،

مڇڻ ويهڻ تو وِههُ ٿئي، اُوءِ اچڻ نه ڏينداءِ،

آءٌ چوُ نئين جا ڳالهڙي، سا هيٻين سين لاءِ،

۽ ڌوءُ توبہ سين آڱرا، جي پليتيءَ ڀرياءَ،

لاهه ڪپڙا ڪِبر فخر جا، ڍيري جا ڍڪياءِ،

ڇڏ رياءِ رياست جي، رلِي جا ڍڪياءِ،

اُلهه مٿاهين ماڳ کان، وهه هيٺاهين جاءِ،

 

سُمهه مَ سارو ڏينهن تون، ويهي رات وهاءِ،
مٿي دريچي دل جي، آسر لڳو آءُ،
هوءِ منتظر محبوب جو، ويٺو تون واجهاءِ،
ڪنہ لحظي ۾ لطف سين، ڏيکائو ڏينداءِ،
جيڪي اوچتو اڌ رات جو، آسورا اينداءِ،
جو لوڪ ستو ڀيڄ ڀني، تو مخفي ملنداءِ،
دل دريچو دوس پرين اَپهس اُپٽينداءِ،
متان سمهين ويسرو، ويٺو کڙڪو تون اوناءِ،
اينهين اينداءِ اوچتا، جئن ڪل نه پوي ڪاءِ،
اَڏا اَندر حجاب، هي سڀ لهي وينداءِ،
سانيم! عيسي سين عافيت، ٻاجهيندڙ ٻاجهاءِ،
سچو شوق پانهنجو، ۽ پرت پِريان جي پاءِ،
عصيان سڀ عاصيءَ جا بخش ۽ بخشاءِ،
هي جي سجهن مشڪل ٿا، سي لحظي ۾ لنگهاءِ،
جي ڪلمون ڪهن ڪوڏ سين، سي ڇيهي کان ڇڏاءِ.
                 لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

ڪاف ئون ڪيچي ڪِيئن گَيا، ويساري وٽاءِ،
ڪَئن ماکيچا جن سين، هين سُهند گهڻي سِيناءِ،
سي اڄ اوٺيڙا ڪيئن پسان، جَت پنهنجي جاءِ،
سُهيا سکيا ڏينهڙا ڪئن پسان؟ جن سين گڏجي گذريا،
سيڻن هو پريت پيچ وڏو، هئا گهڻي حب رکنداءِ،
سي ڪيچيئڙا ڪيچ ڏي، واڪيندا وياءِ،
وجهي کپت کيٖجريٖ چوري چاڪ چُرياءِ،
ساري تن کي نه سهٖي، سي هئا سرها سيڻ سنداءِ،
پُوئٖي موتين ڳهه جئن ڳچيءَ هوند وڌاءِ،
ڪر ڪري تعويذ تن کي، هوند هنئين تي رکياءِ،
جيڪس وجهي وارن وچ ۾، ڳوڙهِيءَ ڀَت ڳتاءِ،
ته ويندي خبر تن جي، تان پريندهي پيياءِ،
ڪِرري پهس پيٖرن تي، هوند ڀيڙي پاند جهلياءِ،
پر توکي ڳهر ڳرو ڪيو، هو ويساهي وياءِ،
جي سمهن سڄي راتڙي، تن حال اِهاءِ،
اَڃا ڳَمي گَهرِيٌن، پير پلنگين ڊگهارياءِ،
هاري! اَناسي آهيٖين، توڙي ههڙي ٿي هَٿاءِ،
هاڻ ڀينرون ڀنڀور ۾ ڪن خوشيون کل مَٿاءِ،
ته قرابت ڪيچين سين ڪاڻ ڪڄاڙي ڪياءِ؟
ساٿيڙن سين سيڻپو، مر تنين کي جڳاءِ،
جيئن اوريندي اَرٽ سين، روئندي رات وهاءِ،
چڙهندي جبل چوٽييٖن، ڪرين ڪَٿ نه ڪاءِ،
پِٿون ٿين پلڪ ۾، سپيريان جي ساءِ،
تون ڪئن تن سين پاند هڻين، جي جبلي جوراڻاءِ؟
ڏيہ ڏاراڻون جن جو، ڪنہ جي ڪانه رکن ڪاءِ،
اُڃ بک نه ٿئي ان کي، سک نه چکن ساءِ،
تون رهين ريليٖن وچ ۾، ٿڌا پاڻي گهڻا پيتاءِ.
هاڻ ڀڄي نڪر، ڇڏ ڀتيون، ڪچو ڪرينداءِ،
پنڌ سنڌو سچ سين، جت نه جٽينداءِ،
هل ته رسين هوت کي، اجهي وڃن ميا لڏيو مهنداءِ،
پِہُ ڏوري ۾ ڏونگرين، لالڻ پنهنجي لاءِ،
پڇي پيچرو پرينءَ جو، وک وڌندي پاءِ،
جي نه رسندينءَ ساٿ کي، ته پي وڃڻ تو جڳاءِ،
مان خبر انهيءَ حال جي، سُڄي سڳر ۾ سندياءِ:
ته مئي ويچاري واٽ ۾، جا ٿي اَئي اسان لاءِ.
ايءَ مدعا تنهنجو ڪر پِريانٌ ڏٺاءِ،
”ومن يخرج من بيتہ مهاجرا اِليٰ الله ورسو لہ ثم يدرڪہ الموت

فقد وقع اجره علي الله“ ڪر ڪَره سين گڏباءِ.
مَٺاين جي ماڳ ڪنان، منجهه لحظي لنگهي لاءِ،
پر نڪر گناهن جي گهر کان، جان تو سڪ سپيٖرين آه،
ته ٿيٖين لِقاءُ لائق لالن جي، سَرهِي صحيءَ سداءِ،
منجهان مهاجرن تن ٿيٖن، جي صادق سچاياءِ،
پر مهاجر ٿيڻ مِٽن کان، ادا! اوکو گهڻو آهه،
۽ فقط ڇڏڻ ڀتيون گهر جون، اِيُ تان اَساناءِ،
پر جيڪا ٿئي سا سَفري، توکي سَعِي جڳاءِ،
۽ جي ٿين ٻئي تو ڪنا، ته تان مر جانٌ سڪ هياءِ.
محبوب مقصود سين ۽ سڀ تو سک سرياءِ،
جيڪي هئي دل ۾، سي مڙيئي ڪاڄ پناءِ،
پاڻان هوت حبيب جو، ٿين سيٖڪڙُو سداءِ،
وهاريندءِ وچ ۾، ڪارُون گهڻا ڪنداءِ،
”اَلذين آمنوا وهاجروا وجاهدوا في سبيل الله بامو الهم نرانفسهم اعظم درجہَ عندالله و اولٰئڪ هم الفائزون“ اِتي اِشارت آهه،
سانيم سٻاجها ڌڻي، ٻاجهِينٌڙ! ٻاجهاءِ،
عيسي سين اِحسان، پر ڪوڙين ڪرم ڪياءِ،
آهي عِصيانن آڳرو، اَپر وڏا وڙسنداءِ،
هاڻ ڪيٖڻس ڪو عافيت سين پَہُ پِريان جو پاءِ،
سين سهج سڄڻين سامهون، هادي هِيانٌ هلاءِ،
پهچائينس پريندهين، جانباڻي جاءِ،
سين اهل اولاد يارن مِڙن، مشفق ساڻ مِلاءِ،
پوءِ مديني منوّر ۾، سين ڪلمي ساهه پُڄاءِ،
مانَ پاڙي خاطر پرينءَ حبيب جي، بخشين ۽ بخشاءِ،
عزت آل اَصحابن احمد جي، لَڪان ڪنہ لنگهاءِ،
مَرهين مڙني مومنين، جَنين ڪلمي قُوتُ آهه،
                 لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

لام ئون ”لا“ جي مقام ۾ نيئي پاڻ نِهَر،
مرڻا اڳي مر تون، جان ڀانٌئين ٿيان بهتر،
”مُوتو قبل اَنٌ تَمُوتُوا“ ته ٿييٖن گهڻو وبتر،
پر مرڻا اڳي مرڻ پانهنجو، ڀانئج مَ چَٿَر،
اِت وڏو مصالِح گهرجي، ٻڌڻ زور ڪمر،
پر جهڙي تهڙي حال سين، پنهنجو، سعيو پاڻهي ڪر،
ڳراهو ڳچيءَ ۾ وجهي، پَئو پِريان جي در،
مان قبولي نيڻي ڪرم سين، آهين توڻي لاغر،
ڪر گوشو تون غير کان، ڏي اهڙيءَ پر پَڌر،
گهمين ڪوهه گهٽين ۾، ويهين ڇونه اَندر،
ڪڍي نِقابو نيهن جو، سين قلب ڪيرت ڪر،
ذڪر زباني ظاهري، سين پِرت پاڻ پٿر،
ته محب منجهائين تنهنجي، پئي پهس پڌر،
”وَفِي اَنٌفسڪم اَفَلا تبصرونَ“ آهي بي بصر،
جي صلح رکيوئي مڙس سين اَصلائي نينگر!
ته ڪئن سو تون مٽيٖين مائٽين، ماريئي نه مادر،
ڪئن پُوڻيون پرايون ڪتييٖن، اي ڀوري بي هنر؟
جِندرن توکي جَلانٌ نه ڪيو، جي ڪڍيئي پورهئي خاطر،
ڀئي ناهه ڀتار ريءَ، تان اوڳي! عقل ڪر،
ڪر چيو تون تنهن جو، نڪر ڪيم ٻهر،
رلين ڇو رَندن ۾، ڇڏيو گهوٽ پنهنجو گهر،
پيرين پئج ڀتار کي، ته ٿِينٌ خاصي خوبتر،
اِيءَ نصيحت ٿو ڪريان، نالو سندوءِ نينگر،
تون نِسهري نينگر ڪنان آهين گهڻو ابتر،
ويندي پسين نه پاڻ وٽان، چَليون ڏونہ ڇپر،
لڳي مئا لَڪن سين، سڄا ساٿ ريءَ ثمر.
هيءَ جا مڪريٖن ڳالهڙي، سا ڦِڪا! ڦٽي ڪر،
جهڙو اندر آهيين، تهڙو ٿيءُ ٻهر،
تون پاڻ گولو ۽ خادم ڌارييٖن، ايءُ پڻ آهه چٿر،
اَٿئي سڌ سرير ۾، عزّت لئي اکر،
ناحق نڀاڳا! سَڌُون ڪرين، وڏي پييٖن وِڪَر،
ڪينهي انهيءَ ڳالهه ۾، ريءَ ملڻ محب مَڪر،
هيءُ جيڪي نقش نگار سڀ اچي تو نظر،
تنہ تي ڪيو ڇو اٿئي؟ ڪينٌ لهه لوچي اِتان اندر.
جان تون هوئين مڙس ڪينٌ تان خادم ٿيين ٻين،
ته ٿيين تون مخدوم، جي عاقل ايءُ چون.
هاڻي پَرُوج اهڙي آهي [پَرِ] ماڙهن.
جئي چون مخدوم تنہ کي، جنہ سين مَلڪ رهاڻيون ڪن،
پر پووري گهمي هيڪلو، جهڙا ماڻهو ٻيا پسجن،
۽ جي ڪامل وڏو هوءِ ڪو، جنہ سين ملڪ رهاڻيون ڪن،
هلي ٿو حديث تي، رکيو محبت مَن،
”کل عندالله خير النّاس و عند النفس شرالنّاس و عند الناس کَاَ
                            حد من الناس“ ايُ سنيهو سچن،
تنہ هرڙو ڏسي هيڪلو ماڻهو پَرُوجَن.
هيءُ آهي عالمُ نقش، ٻي جيڪينٌ ظاهر ۾ بَسن،
موجب تنهين تنہ سين، ڪو قدر ويساهه رکن،
جان هِياري ڪنا حاڪمن جي، ڪنہ ڏانہ ڏسن،
تان پاڻ پُڻ ڀائين برڪت ڪا منجهه التجا اچن،
ڪريون ڏندڻ، ڏوريٖ کي سنتون وٺي سَڀهن،
ڪن ڪُرنِشون ڪيتريون، نائٖي کي ڪنڌن،
ته ڪڏهن ايندو ڪم اسان وٽ هلي حاڪمن،
اَچو اوکيون پُون، اِهين گڏجي ڪينٌ ساڻن،
نڪا نيّت نمري، جا ثمر ٻنهين عالمن.
جي ٿئي ڪو مرض ڪيٖڻن ته اچي تعويذ گهُرن،
جيڪي ڏوڪڙ آڻيندا هيڪڙو، نا ته سکڻين ساڻ هَٿن،
جو نئي ٻڌائون تنہ کي، سگهي صحت ٿِي ڪيٖڻن،
تان ٿيندن ويساهه ويتر گهڻو، خوبئون خوش ٿين،
۽ جان ٿي فرصت جُسي ۾ ٻاٽٖي ڏينهن پوندن،
تان ويندن ويساهه اُو ذرو، جو اڳوڻو هوندن،
پُرندا ڪنہ پارَ ٻئٖي، يا ڀَرِڙن ڏونہ ڀوپَن،
جئان ڇٽندا سيگهه ۾، تيڏانہ ويساهه رکن،
ته وري پُونِ گناهه ۾، ڪر ڪفر پار پون.
اوڳا! پَروڙين نه ايترو، ته جو تعويذ بزرگن،
سو البت هڻي هنڌ ڪري، آهي برڪت اِسمن،
رسي سِگهو وِسَتو، توڻي چاليها گذرن،
آهي فرصت ڪم ڪريم جو ۽ تڪڙ شيطانن،
جيڪا ڪري سا سَفري، آهي حڪيم سين حڪمتن،
”فعل الحڪيم لا يخلوا عن الحڪمة“ عاقل ٿا گهُرجن،
پر مورا ڇُٽٖي نه مريض اُو، جنہ کي تعويذ ٻڌن،
ته پڻ ايندس ڪم گهڻو وقت پُڇڻ پَساهن،
هيڪ جئن ڀڄي شيطان اِسم ري، ٻيو ساهه سهولت ڪن،
جتي سهڙڻ شينهن ٿئي، تتي رڍون ڪئن رهن؟
تئن جتي آگي جو اسم رهي، تتي شيطان ڪيئن سهڙن؟
آهينِ اسم مجرب گهڻو، پر پيو قحط سندو ادبن،
اُهي اَديب ڪئان لهان، سچو يقين جن،
هڏ نه مٽجن مورهين، ته وري مٿن ڪنا اهک اچن،
جهين کوري ڏانهن نجن، تهين خوش ٿين،
هڏ نه مڙن مورهين، توڙي سوريءَ سنباهجن،
ٿين قربان ڪوڙين مٿان مرشدن،
او چڙهي مٿي گهوڙي يقين جي، پهتا کي پرين،
الاهي عيسي کي ڪرين منجهان تن مريدن،
جن جا يقين اهڙا، سچا گهڻو سڄڻ،
سُهد رکي سين صالحين ته ٿئي نفع کان نيڪن،
ڪامل جي قرب ڪري، وڏا فيض ٿين،
مڇڻ ويسارو ٿيين، ڇڏ مَ لاڳاپو سندن،
مرهين مڙني مومنين، ڪلمون جي ڪهن.
                 لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

 

ميم ئون موڙ ملاح! تون، ته رسين رفيقن،
هلاءِ ٻيٖڙا ٻهون پَريٖن، جودئون جهازن،
پهلواڻ! پرواز جئن ڊوڙاءِ کي دنگين،
کوڙي پير پرندهين، ڏي اشارو کي اولن،
اَٿُہُ حب جو مر جانٌ مٿي هِير هلن،
ٿو لڳي واءُ وصال جو، رکين ساڄو کي سڙهن،
سمهه هڏ مَ سک ٿي، لاڙ مَ کي لاڄن،
جِمَ جهَلجٖي واءُ ڪين، مندڙيون موٽن،
هل ته رسهون هيج منجهان، اوڏا ٿيون عربن،
جي مديني منوّر ۾ ٿا سڪونت ڪن،
پسهين مانَ پر ڪنهين هيجان حبيبن،
اکيون احمد ڄام لئي، ويچاريون وجهلن،
موڙ مڪڙيون، ويهه ڪيم ڪينٌ، ته پسين کي پرين،
هي جي ڇُهي ۾ ڇُڙيون، سي سلامت رسن،
لهر مَ لڳي تن کي، واريءَ مَ اٽڪن،
وهلو وريام ڄام کي، پريندهين پهچن،
ٿين سرها سيگهه م، پسي مديني منارن،
ماڻڪي محبوب جي، ڏسي خوش ٿين،
اَغث عاجزي يا رسول الله! رسهين رسول رب جا، ڌُوا ڏيہ ڌڻين،
اپر عاجز آهيان، ڇڏيس رفيقن،
نول نماڻيءَ ناهه ڪينٌ، جنہ ڪر چڙهڻ مون ڏين،
نه ساريان ثمر سبيل جو، نه اُجورو اُٺن،
نه هلاوت هلڻ جي، نه پهچ ۾ پيرن،
پسي حال ههڙو، ڇڏيس سڳن عزيزن،
رڻ واهو مون ڪري، ويا ڇڏي ۾ برن،
هاڻ اَسر لڳو، اوريان اُڀو، ته رسان سر تڙن،
ريءَ تو ڪنڌي ناهه ڪا، اڳهين اُمتين،
ڪونهي وسيلو ڪٿهين، ڇڏي ياراني يارن،
سگهو لنگهائينم لطف سين، ڪنان هن لهرين،
موڪل ترازو تڪڙي، مڇڻ وڃان ۾ ويرين،
آهين اجهو عاجزين، ٻهون ٻاجهه ٻڏن،
مون جهڙا مسڪين گهڻا تاريءَ تو تڳن،
عيسي کي احسان سين، ڇڏ مَ منجهه بحرن،
آهن ڪرم تو ڪامل جا، وڏائي عاصين،
جي ٿيون هٿان سي مَٺيون، ته پڻ ڪم ڀلايون ڀلن،
آهيان مفلس نڪڻين، پاران ثوابن،
پر ٻي ڀِت نه ڀر ڪو، ريءَ تنهنجي ڪرمن،
پهچائينم پار سگهو، لالڻ! لڳ ڌڻين،
۽ جيڪي عزيز  يار مڙيئي، تن کي سڀن،
مرجان هوتاڻي حضور ۾، هيڪاندا هون
مرهين مڙني مومنين، ڪلمون جي ڪهن،
لا الله محمد رسو الله

نون ئون ڪنهن نڀاڳ کي، ميڙيو ميڙين مال،
جنہ ۾ هيڪاندو ٿئي، تنہ ۾ ٿيٻين خوشحال،
پر ڪم نه ايندو ڪفن ري، رتي ڪو ريال،
سو متان وسارين ڀاڱو پانهنجو، مور ذرو مثقال،
”وَلا ڀانئين، نَصيِبَک مِنَ الد نُيا“ چوي ذوالجلال،
ڀورا! ڀانئين،پاڻ پڏائين، اِيءُ اٿي خام خيال:
اوڳا!پروڙين نه ايترو، اَدنيٰ اِيءُ مثال:
ته نئين گندي مٿي مون، سا ڪيئن ٿئي پراڻي پيمال،
آءٌ پڻ ٿيندو اِنَ جئن ڪڏهين زور زوال،
پچي ميوي وڻ جئن، جو جُثو تو ڪمال،
ته ڪري پوندين پٽ تي، ڀورا! ٿي بيحال،
ڪر ڦارُ وهو ڦِٿو ڪ ِ ڊاک، اچي ڪم نه ڪنہ حال،
ٻنڌ پراڻيءَ هيٺ وهندڙ پاڻي، تنہ تي چيلين ڪهڙي چال،
جو پير کٿوءِ، تڪڙو ٻڏين، سڻج منهنجي ڳال،
تو هٿ وجهندي ورهه ٿيا، سڄا سمنڊن سال،
ڪن ميڙيندي ڪوڏيوُن، بازارن سُفال،
تان هڏ نه پر ڪهين، ايءُ خالي تنهنجو خيال،
جهين ٽيان ڀانئين ني پاڻيوهي جال،
تان ته ڪُہ ٿو وڃائيٻن اتي پاڻيءَ ويهي جال؟
تان ڪہ ٿو وڃائين ان تي پنهنجي جوت جمال،
کار ِمَ عمر اِن لئي، جا هُين، موتي هرتال،
تنهنجا پساهه پارسان پري گهڻو، جان پڇ مون سوال،
پرجي کِجن نالي الله جل جلالہ، ته ان ايءُ مثال،
چيو بعضي بزرگين، ڪري ڀلايون ڀال؛
ته ماڻهوءَ حق مصيبتون، وڏيون وڄن سرهال،
هيڪ ميڙي مال پاڻ نفعو نه وٺي، مري ٺلهو ٿي ٺال،
ٻيو جئن وڃنس وراهي پويان ۽ اتس رهي وبال،
هٺ ُ، توسين ڪهان ڪيترو، ڪر ڪا تون سنڀال!
ڪر ملاحظو الله سين، جو مون ۾ سنگ نه جنگ جدال،
مگر پرو ڄاڻي پاڻ ڌڻي، منهنجو ڪونهي حال.
تون ڏونگرا ڏاڍو گهڻو، ڊڄين ڪين َ ان حال،
جي هئين خدمت ۾ سلطان جي هميشه هر حال،
ته تنهنجو تهين کان ڪئن رهي، لکيو ڪين عيال،
منهجهان خزاني خنہ جي، کائين ڪوڙين لک بي مال،
ارڙهن هزار عالم نپائي نِروال،
تن مان هيڪو عالم جو آنا ڪڍي، ٻيو ٻچا ڄڻي اطفال،
ٻئن پروڙي پاڻ ڌڻي، ٻي ڪنہ ناهه مجال،
سوڪئن وساريندوءِ وير ڪنهين، جو اهڙو صاحب جود ڪمال،
ٿئيم عيسيٰ عجب تنهنجو، جئن ڪرين هيڏو قيل مقال،
چاليهه واٽيون چوئڻ جون، پاڻ تو ۾ پسان تن حال،
ايءُ محض و ِهائين پاڻ حق، وڏو تون وبال،
ڏونگهي کي ڏوهه ڏيٻين، پاڻ پرڻ سڀ غِربال،
انڌي ڪاڻي مان عيب ڪڍين، ايءُ پُڻ جهِل جهال،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org