تن مانَ وٺِي، وَٿُ، ڪريُون ڪا تنوار،
سُڻي سَڏ اسانهجو، ڪن پِرينءَ جي پچار،
اُوءِ سَڄڻ سرهيا سِڪ کان، ڌُئا محب مُنهن موچار،
اُن وڃي ڏوراڻيءَ ڏِسَ ۾، ڪيا ڪوڏَ قرار،
ڦاٽان اُنَ جي فراق ۾، مون سدا سندين سار،
پاڻ وڃي پاسي ٿيا، جيئڙو وجهي ۾ جار،
پر ظاهر پاسي، اندر اوڏا، باطن بزرگوار،
رهيا منهنجي روح ۾، پَهسئون دِل پيار،
ٿِيَم جياپو جيڏيون! اُن جي تات تنوار،
اِيءُ آهي ذڪر عجيب گهڻو، توڻي آهينِ اَذڪار،
ته سڀ لاکيڻا ان سين، ايءُ مڙن جو مهندار،
پاڻان پچر ساڻ پرينءَ جي، اُڌمن اندر نار،
دل سُڻي سجاڳ ٿئي، سڄڻن سندي سار،
قلب ڪوڏ قرار جي، ڏي اندر ۾ اُلّڪار،
پاڻان ٻين اَذّ ڪار اُٿيا، ڪَيئي
سَندُهِن ساڻ سنڀار،
تئن حاصل دل حضور ٿئي، جي ياد اچن مون يار،
عيسو اُڪنڊيو آهه ڪري، سڻ سٻاجها ستارَ!
ڏِيهينس ميڙو محبوبن سين، مَهِس، لَئُنّ جي هُو
لغارَ
،
مرهينس پنهنجيءَ مهر سين، گناهه سڀ غفار!
برڪت ڪلمي طيّب جي، ستر ڪر ستار!
لا اِلہ
اِلا الله محمد رسول الله
ضاد
ئون ضلالت ۾، جي ٿيا گڏجي گرفتار،
مجلس ان مَٺن جي، آهي مثل لُهار،
هٽ متان اوڏو ان ٿيين، ڀڄي ٿيج بيزار،
مَڇُڻ اُلان اُٿڙي ان وٽان، تو رسن ڪري رانڀاڙ،
تو ڪئن پُوندي پرُوجَ ان جي، نگاهه ڪج نهار،
اوءِ منهن ماڻهو، اندر اُٺڙا، منجهه حقيقت حِمار،
پُري کنيائون پاڻهي، بَهسَ وڏا بار،
هٺ ستا، ڪِبر، گتا، سندا شيطان يار،
جيئن ڪِبر ڪم شيطان جو، جنهن ڪم ڌڪي ڪيڙو ڌار،
ٻيو حسد ڪم لعين جو، پرائي پچار،
اي ٻئي ڪيائون ڪم هٿ، جي بيحد گهڻو بيڪار،
ڀانئين عبادتي اسين هڏهون، ٻيا سڀ گنهگار،
جيڪس معنيٰ ڪبر جي، سِکيا نه سڀ ڄمار،
ان انڌائيءَ عاجز ڪيڙا، ٿيڙا بي وِقار،
جي هين طلب طبيب جي، جو حاذق همت دار،
جنہ لاٿن پڙدا لحظي ۾، نَستر سين نروار،
ته هيئن نه هوند هلاڪ ٿيا، اوڳا آڪاٽارَ،
پَر پاڻان طبيبن جي گلا ڪن گفتار،
تِنہ کي ڦَڪِي ٻُڪيءَ جي، سُرت ناه سَنڀار،
لِکي لکبو ڪيترو، پوءِ ڪا سنڀار،
سِينّ مَڪر ٿو ماڻهو ڦُرين، حيلي ڪنهن هيڪار،
مَرهِين مڙنِي مومنين، جي ڪلمي جي پچار.
لا الہ الا الله محمد رسول الله
طوئي
ئون طرف حبيب جي اکڙيون اُسڙڪن،
ڪِ جو ڏٺائون عرب پار ڏي، جيئن تاڻِين ۽ ترسن،
ڪنهن جي آنگَ آڙائيون، جيئن کِجَن ۽ کَپَن،
ڪنهن جي نظر نِهوڙِيون، جيئن هارين کي هَنجُن،
ڪر سُئائون حُسن حبيب جو، ڪو پَڙاءُ پِيُن،
جيئن پسڻ ڪارڻ پّرينءَ شفيع جي، لَوچَن ۽ لُڇن،
ڪِ وطن جو وريام جي، اچي واءُ لڳن،
هِيرَ هوتاڻي، پارَ جِي سهجئون سِيڀاڻِينَ.
منهنجو اهڙو محب موچارو مِٺو، ستيون! سڻو ساڻ
ڪَنن،
جيئن جهڙس ڪونهي ڪِٿهين، منجهه ٻنهي جهانَن،
هَڏ نه پاريان پنهنجي پرينءَ سين، ڪو منجهان
مخلوقن،
توڻي نبي ڪِ مرسل مرئي، ڪِ ڪي وَلي سُڄَن،
جيڪي خالق خلقيا، تارا منجهه آڀن،
سي جي مڙيئي مَٽجِي، چوکا چَنّڊ ٿين،
مانَندِ ماهه چوڏهينءَ سهسين شعلا ڪن،
ڪِ حورون بهشت سنديون، سهجئون سينگارجن،
اهڙي اَپَرَ آڳري ٿي سُڄي سُونهن سندين،
جيئن جي آک اُپٽجي هِن عالم ۾، ترتئون منجهان تَن،
ته ٿئي عالم سڀوئِي سوجهرو، آهڙي آگي سُونهن ڏنين،
ڪِه باغيچا بهشت جا، گُل ڦُل ٽونر، ٽِڙن،
رنگ پاڻئون آڻي سڀڪو، سورج گُل سُونهَن،
اِي مڙيئي ماڳ ڪَهين جي يڪجا جمع ٿين،
پَهّسَ پَرتوو، ماڳهين اِت مَٿَن،
سندو سُونهن شفيع جي، هيجئون حبيبم،
ته هوند ماڳهين وڃن محو ٿي، جلوي سين جَهپجَن
پر سو پدمئون پَرتوو هيڪڙو، سالڪ ور سمجهن،
۽ جي پدم سڄوئي پيدا ٿئي، سُونهن سندو سَڄڻن،
اُڀري عرب پار کان، چوڏِس چوطرفن،
ته جي خلقت سڀ خالق جي چوکا چنڊ ٿِين،
توڻي اَهل اَڀَن جا، ڪِ وري زمينن،
ته پُڻ سامُهان سُونّهَن رسول ڪريم جي، اُڀي ڪين
رهن
وڃين وجود وير تَهِينّ، عدم منجهه اچن،
جانباڻي جمال جِي، ڏيئي ڏِتِ نه سگهن،
پساس خاطر پِرينءَ حبيب جي لَڏِي سُونهن سَڀن،
حُسن منجهان حبيب ڪريم جي، پِنيو پُرزو ڪو پِريَن،
فضل فائق ڄام جو، لِکِي ڪير سَگهن!
اهڙو ڪرم ڪامل سين، ڪيو ڪريمن.
جي جو هوڏو عرش عظيم، جنهن جا ٽي لَکَ سندا پايَن،
پايي پايي وچ پنڌ جو وڏو ڊيگههُ لِکَن،
آهي معلوم مومنينّ، ڪهڙو آکيان بيان تَن؟
تنهه عرش تي پلؤ پنهنجيءَ گنديءَ جو، جان پکڙِيو
پرين
تان ويو سڄو ئي ويڙهجي، سان پلئي پاڪيزَنِ،
پسو مرتبو محمّد مير جو، سريو جو سَچَن،
ڪنہ پر پسنديس جيڏيون آءٌ پنهنجي هوتَنِ،
موٽُ مشفق ڪارڻِي مِٺا محبوبن!
جو تون اَڙين آڳہ آهيين جياپو جَڏن،
پُڇين پيهي، تَن کي، جي ڏکويون ڏُکَن،
لَهين سارون تَن جون، جي نماڻيون ۾ نِجهرن،
جَن جو ڀروسو ناهه ڪو، ڪاپا ڪَن ڪَتِنِ.
ڪِينّ ناهه اَباڻو آسرو، نَڪو ناناڻن،
نِپايُون نه وارثيون، تون وسيلو تَنَ،
رکين هَٿڙا هاشمي! اَپر مٿي اُنِ،
سي ڪيئن ڇڏيين ڇَپَرين، هو جي رُڃ رَهن،
تَن پيارين پُر ڪري، جي اُساٽيا اُڃَ مَرنِ،
مَڇَڻُ وسارين مون مسڪين کي، پَسيِ کي عيبن،
جي اوڳِي عيبدار گهڻي، ته پُڻ نالي سُئي نيڪَنِ،
پلئي پيا، ڪُڇڻا ويا، شرم سڀ کَڄَن،
مون نماڻيءَ جي نِجهري، ڪر واهر ور ولهين،
ڏي وارو مون وَلها! لالڻ لڳ ڌڻين،
راڻا! تنهنجيءَ رهاڻ کي، ورهين وَرههَ وَڃَنِ،
واجهايان وصال کي، ساريان کي سَچَنِ،
مانَ ميڙائو مون ٿئي، جيڏيون! ساڻ محبوبن،
وڙ سڃاڻي پانهنجو پَر ڪَهينّ پرچن!
ريءَ راڻي ڪم نه ڪِين اچي، توئي پاڇاهِي پرين؛
مِلڻ ڌاران محبوب جي. سهسين سُک سَرَن،؛
ته ڪر سڀئي ڏُک سي، اَپَر اُهّک اَچن؛
۽ جي هوجئي حبيب سين هيڪاندو، ٻيا لکين ڏُک رُسَن:
ته سي سڀئي سُکڙا، جَن ۾ ميڙو محبوبن،
گهوريا سُک ريءَ سڄڻين، ور جان ڏُک هُونِ،
جَنيِنّ ڪري جيڏيون! پَسَڻ ٿيي پِريَنِ.
آهي مثال پڌرو، سُڻِيندڙ سُڻَن،
جي مرض ڌاران مُورهِينّ، ڪِيئين ڪَر نه لَهن،
جو هوندو سَگهو جان، ۾، ته تنہ کي ڪير پُڇَن؟
مانَ پوئي مِهرَ محبوب کي، رِقّت رفَيقَن،
جيئن مون نماڻي نادار جي، ڪڏهن سار وَٺَن
تا ته آهي اَفضل مرض اُو، جنهن ۾ قريب ڪَر لَهَن،
آگا! عيسو عاصِي آگلو، ميڙين محبوبن،
جنہ نُول نماڻي ناهه ڪِين، ڪيڻِس اوڏيءَ ڪِين
اَچن،
نه ساري ثمر سَبِيل جو، نه پهچ سندي پيرَن،
تنہِ کي]توڙ[
رَساڻين، سين سڀني مومِنَن،
مَرَهين سڀ اُمّت کي، ڪلمون جي ڪَهَنِ.
لاالہ الا الله محمد رسول الله
ظوئي ئون ظالم جِندڙا ٿِيءُ مَ پُٺيرو پِريَن،
جي تون سين ڀال ڀلائيون، اپر احسان ڪَن،
آهين سڀ گڏجين غير سين، کِلين ساڻ کِرنِ،
سين غير گڏجندي نه ٿئي، ادا! ميڙو محبوبن،
جيسين اٿئي حُب هنئين مٿي دنيا جي ٽولَن.،
تيسين مورئون مُيّسر نه ٿئي، حُب جو حبيبن،
دوست دشمن پاڻ ۾، گڏجي ڪينَ ويهَنِ،
تان ته ڌڪي ڪڍ دشمن کي، پرت رک پِرين،
وٺي ٻُهارو ”لا“ جو، سور اڱڻ عجيبن،
ته ٿِيي صَحن سڀوئي سوجهرو، جاءِ جانبنِ،
ته اوچتو اَک ٻُوٽ ۾، ڏيکاهو تو ڏيَنِ،
راتو ڏينهان روح ۾، ڪرين سين مجلس محبوبن،
ڪنہ پَر پسنديس جيڏيون! سِگهو کي سڄڻن،
جو ساجن مليو تو سڀ سَريو، ڪُل عالم هٿ اچن،
پر ڪو عمل نه ساريان اهڙو، جنہ ڪَر دوسُ رکن،
جئن مون ۾ حُسن ناهه ڪو، پاڻان ڪوجهِي ۾ ڪَمَن،
اوڏَ آگلي آهيان، گهاريان ساڻ گڏَ هَنِ،
سَدا ڀَڪُلِي ڌوڙ ۾، مِٽِي منجهه هَٿَن،
کٿيون پراڻيون پَرهِنيا، جو ڏنم اوڇڻ اَباڻن،
نه مون سونهن شبيہ ڪا، نه مون زينت زيوَرَن،
ڪَنين ٻانهٻين ٻُٽِي آهيان، ٿئيم شرم منجهه سرتين،
مگر منگليون مشهد
جون، ڪُوڙيون ڪڙيون ۾ پيرنَ،
ڪُوڙ جڳائي ڪوڙيين، سچ جڳائي سَچن،
قبيح ڪوجها ڪمڙا، مون ۾ آپر عيب پَسجَنِ،
ڪئن ملي مون سرتيون! سين لاکو اِنَ لَکڻنِ.
آهي مثال پڌرو، سُڻجي ساڻ ڪَنَنِ،
ته ڪنہ لڳي پليتي لِڱَ کي، پير پليتيءَ ڀَرجن،
سو اچي موچاري ماڳ ڪنہ، تنہ کي منع ڪَنِ،
ته مَڇُڻ پَهين هِن ماڳ ۾، مگر ڌوئِي پِههُ پيرَن،
تان ته آءُ جا آگِلي نِڪڻَين، پير چوٽيءَ سينءَ
وارَن،
سا مٿي پلنگ پِر پانهنجي، اچڻ ڪِئن ڏينَ.؟
مگر اچي لهر لطف جِي، محبوب پاڻ پُڇنِ،
جا وڃيم کڻي خير سين، نيئي پهچائيم پِريَنِ،
پسندهِين پِرين کي، ٿيان آجِي کان عيبنِ،
وڃي پليتي، پاڪ جي مون ڏانہ نظر ڪَنِ،
نظر نبيءَ ڄام جو، آهي صَيقَل سندي سڄڻنِ،
جو ڪَهين ڪَٽُ نَڪي لَهي، سو لاهي اَڇو ڪَنِ،
سُڻ سدائين سڏڙا، مشفق مير مُرسلنِ!
جو تون جيارو جيءَ جو، راحت رَنجُو آرَن،
جَن کي ڪِٿَهِين مرض ڪِين لهي، لوچَن ۽ لُڇَن،
تَن جِي ٻُڪِي تون ٿِيين، شافع سَقِيمَنِ،
لهج ڪَر ڪاهل جِي، ساجن! سور يتن،
جي ڏک گذارين ڏينهڙا، روئندي راتيون وهامنِ،
عشق جي آندوهه ۾، پَرِ ۾ سي پَچَنِ،
سِڪندي گذرين سالَ سڄا، صحبت لئي سَچن،
اَتِ نه ڏين عام کي، ڪنہ سين ڪين ڪُڇنِ،
گهنَگهر گهارين ڏينهڙا، ماتم مَنجهِين ڪَنِ.
پيهِي آءُ پَريندهِين، تون نِماڻِي جِي نِجهرن،
مَرجان وارو وصال جو، اَچيئي اَڀَرن،
وڃي ڏهاڳ گهڻن ڏينهن جو ڪيڻن سُک سَرَنِ،
عيسي ڏي اک احسان جِي، جي خوبئون پاڻ کَڻَنِ،،
شال ٿئي لائق لِقاءَ جو، سين سڀني مومنَنِ،
مرهين سڀ اُمت کي، ڪلمون جي ڪَهن.
لا الہ الا الله محمد رسول الله
عين ئون عجيبن جِي، ڪا مون ڳالهه سڻاءِ،
اندر احمد چام کي، وصال لئي واجهاءِ،
حاجيئڙا! حبيب جِي، ڪا ٻولِي مون ٻُڌاءِ،
ته ٿئيم ثَمر سنديُن ڳالهڙيون، ويهي روح ريجهاءِ،
جهَليان جُسو نه رهي، ٿو لالڻ لئي لِيلهاءِ،
پَڌرِ پُونديَس، هَڏ نه رهنديس، مون کي پَل مَ
ماءِ،
البت وينديَس، ڪِينَ رهنديس، هاڻي هِنهِين جاءِ،
پلنگ پاڇاهيون، گهوريان، ساجن سندي ساءِ،
آگا! عرب پارَ کان، وهلو واءُ وراءِ،
جنہ ۾ اثر احمد ڄام جو، سو مون واءُ سُهاءِ،
هِينئَڙا! حبيبن جِي، ڪهڙي جَڙَ لَڳياءِ؟
پُڻ کِجِين کَپين هيترو، سهسين سُک ڀَڳاءِ،
ڪرِ حُسن جي حبيب جي، سُوڌِي سُڌ سُياءِ؟
ڪرِ سندو سُونهن شفيع جي، ٻيو پَرتوو مَٿاءِ؟
ڪرِ منجهان خوشبوءِ خليل جي، ڪا اچي بُوءِ رسياءِ؟
ڪرِ لطيفاڻي واءُ جو، لَڳو لَهرڪو اُتاءِ؟
ڪرِ کُوري ڀَڳا پانهنجا، اَندر روح رهياءِ؟
ڪرِ محبوباڻي مَجاز جا، اَندر داغ دُکياءِ؟
جان تون قَريبن ڪوڏيو، تان پرِ ۾ پاڻ پَچاءِ،
مٿي اُهس عشق جي، سينون تون سيڪاءِ،
ڏي اوجاڳا اکين ويهي رات وهاءِ،
اُلَههُ مٿاهين ماڳ کان، وهلو پاڻ وڃاءِ،
لوچي ”لا“ جي مقام ۾، نيئي پاڻ رکاءِ،
ته سِگها اچي سپرين، پرَنِ زيارت سندياءِ،
اِنهين طرح تجويز سين، محبوب سي ملنداءِ،
جي ٻيا هزارين حيلا ڪرين، ڪم نه ڪين اينداءِ،
ريءَ هيٺانهِين هُنَرَ حيلا، ڪَرَ اُجهاڻي باهه،
موت ڌاران مشاهدو، اهکو گهڻو آهه،
پر موت معنيٰ مجاهدو، هڻ هنئين سين لاءِ،
چئجي مجاهدو ڪنہ کي، ڪا تو خبر آهه؟
وٺڻ واٽ شرع جي، ٻي ڪچي ڪار نه ڪاءِ،
ڪِبرَ جر ڪمال جي، پر جانسين ڀِتِ نه ڀڳياءِ،
تاسيس قدر سوراخ سئيءَ جو، ڏيکائو نه ڏينداءِ،
پڇي عالم پروڙ تون، جان تو عقل آهه.
رسهين رسول ربّ جا، ڪامل ڪمالا!
آهينِ ڪچا سندم ڪمڙا، اپر احوالا،
مڱان تنهنجي مهر جو، ڀلا! تو ڀالا،
تون اَتِ، موچارو آهين، جُودئون جمالا،
آيو عيسو عجز ۾، ڇڏي سڀ حيلا،
سو تون مڇُڻ ڇڏئين، ڪاهيل قليلا،
ڪيائين مَٺايون نڪئي سِفلي ثقيلا،
پر پِيڙو پٺيءَ تنهنجي، دلبر دليلا،
سو مڇڻ ڪنہ پر ڇڏين، جانب جليلا،
ماءُ پِيئو مٿانهين گهوريان ڪڙم قبيلا،
روح رڳن سين فدا ڪريان، توڙي پُٽيلا،
شال مران مسلمان ٿي، مٿي تنهنجيءَ سبيلا،
جا آهي وارٽ حق جي، منجهس سهسين قنديلا،
سائيمَ! سا نصيب ڪرين، واٽ سا موليٰ!
حرمت هوت حبيب جي، ڪامل ڪمالا،
جنهن ڏونہ قرآن ڪريم کي، ڪيئي ترت تنزيلا،
جنہ آئي مڙيئي منسوخ ٿيا، زبور، تورات، انجيلا،
”اهدناا لصراط المستقيم صراط الذين انعمت عليهم
غير
المغضوب عليهم ولا الضالين“ سانيم سٻاجها!
مرهين سڀ اُمت کي، حرمت حبيبا.
لااِلہ الا الله محمد رسول الله
غين ئون غفلت غبار پيو، ڪو جو مٿي قلبن،
جئن هيڏا وعظ نصحتون، سوڌيون ٿيون سڄن،
سڄا تفسير قرآن جا، ڪر هزار حديثن،
ڪِسهسين سِنڌيون مثل مثنوي، مدح مولود پڙهن،
ته پڻ محڪم اثر مور نه ٿئي، ڪو جو ڪَٽ چڙهين،
ڀِنجُرُ ڀُرينِ نه هيڪڙو، ادا! نڪين نفس نئين،
جي وقت وعظ سڻڻ جي، ڪو ذرو لِک ڪُڻجنِ،
جي اُٿيا انهيءَ ماڳ کان، ته وسري سو وين،
ڪر واءُ لڳندي ليڪو لٿو، مٿان واريءَ جي بُٺَنِ.
تازِي اشاري هلي، ۽ ٽٽئونءَ لِک لڪڻن،
ته پڻ هلي ڪينڪي، پاڻان هڻندي هٿ کُهجن،
ويا اَبلق ڏيهه مان، منجهان تازي طبيلن،
ڪٿي ڪو ڪمياب رهيو، تن مان تازين،
ويا چاڙهوڪر تن جا، جي هئا سوار سندن،
اِن ٻنهي ٽولن لنگهه ڪيو، هاڻي رهيو پنڌ ڊڊن،
جي ڏين ڏيکاهو تازيين ۽ مِهنِ کِرُ نه کَرَنِ،
ڀانئينِ عراقي پاڻ کي، پوئتي وک وجهن.
ادا! هاڻي مثال ٿيو اهڙو اسانهجي نفسن،
جهڙو حال سندئي جي، تهڙو پنهنجو پَرُوجن،
ته وڃين ڪهين ويل ۾، ڪو تان لَلُ ٿين.
هئي هئي ڪريان پاڻ کي، ڪ روئان کي ٻين،
جئن شرم ٿئي شيطان کي، پسيو منهنجي کي مَٺن.
ساريو وجهلي وجود مون، لئي مٺن ماروئڙن،
کوءِ حويليون هِي حجرا، وَر جان صحبت سرتين،
ويٺي جن وٽ وصال ٿئي، پوي پَرُوج پرين،
صحبت صيقل جن جي، اُجاريلن اندرن،
سي سرتيون پسان ڪينڪي اڄوڪي ڏينهن،
زاهد ذاڪر زمان جا، هڏ نه ڪين ڏسجن،
جيڪس ڏوراڻي ڏيهه ويا، سَرهيو صبوحين،
سُڄي تنوار نه سحُور جو سندي ذڪر ذاڪرن،
ڪا جا ٻين ڪل آخر زمان جي، جئن ويا پيهي منجهه
ڏرن.
ڪُڪڙ ويچارا ڪٻيڻ ڳيا، جي جاڳائين سُتن!
ويٺِي وجهلان جيڏيون! تن ساريو کي سڄڻن،
جڙ جنين جي جان ۾، سي پرين نه پسجن،
اُن ڌاران ڌُوڙ ٿيون مٿي گندڙيون لِڱن،
ميريون مٿي مون ٿيون، تن ڌاران ڌوٻيڙن،
جي لاهي
ميرائي ماڳهين، پاڻ پريندهِين ڪن.
لَهس نه رسي تن هٿان، ڪڏهن ڪا ڪپڙن،
پاڻان پُراڻي ماڳ نَيُون ڪيائون ڌوئي منجهه هٿن،
اُوءِ پَريٽ پسجن ڪينڪي، پيهي ويا ۾ وِيرُن،
هاڻ وڃي سي رهيا، جي کانئين کي کُنڀن،
پاڻان کوليندي ڪپڙو وڍيو ٿا وجهن،
نئين پراڻي ڪن سگهِي، آهڙي افعالن،
اُو رنگ نه رڍي نڪڻين، نه سو کِر کَٽين،
نه سي پاڪيزا ڪپڙا، جي رنگ موچاري رچن،
نه سي ڍڪيندڙ تن جا، جن قدر سندو ڍڪيندڙن،
هاڻي ٿيڙيِ ويل سُڪوت جي، هَٿ چوم کي چپن،
جي تو ميريا ملي، ته ڪر شڪر ڏيہ ڌڻين،
مڇڻ اُگهاڙو ٿئين، آهڙا اثر ٿا پسجن،
روءِ منجهين جان رُئين، ٻڌاءِ م کي ٻين،
ڪهڙو ڪاڄ تو سرندو، سڻائي ماڻهن،
ڪر ڪو ڪندو واکاڻ وتري، ته هن کي جڙ آه جيئن،
ڪوه ٿو پڌرو پاڻ ڪرين، جئن تو حب حبيبن،
جي هُئي ڪين ڳالهه ۾، ته پڻ لڪائجي کان لوڪن،
ته مڇڻ لوڪ لَک پوي، ٿئي ملڻ نه محبوبن
تون ناحق سُڪي پٽ ۾، وللين وٽ عامن:
ته آءٌ سِڪان کي سڄڻين، ساريان سانڀيڙن.
هاريا! ڇڏيئي ته ڏيہ ۾، جيڪا هئي پرت پرين،
پر شڪر تنهن صاحب کي، جو سڃاڻي سڀن،
وَٽ وراهي واحد ڌڻي، موجب ماڻهن جي قلبن،
جي مُلان! هوئي مجابذ ڪِي، ته ڇڏيئي تلاش ٽِڪين،
ڪارڻ نفس پانهنجي لئي ڀوڻين نڀاڳن،
سِيڌو نه رکيئي پاڻ کي، ڏنو ايندو تان نه ٻين،
ريءَ وضو موران مهِت ۾، پاتوءِ نه پيرن
ڪيئي ڪارُون ڪيترا، سين مخفي مسافرن،
جنين هڙ نه هنج ڪِي، رهگذر رات رهن،
ڪوهه ڄاڻي نه ڪير اَچيو، اي ويسارا ويهن.
اِن جهنگل ۾ ماکيون ڪئين، ڪيو مانارا ويهن،
جي ڏوريندڙ تن جا، لوچي سي لهن،
پَر ۾ پٿر تن جا، لوچي سي لهن،
پَر ۾ اِن پٿر جي، ڪيئي ڪوراڙيون لِڪن،
هوئج خبردار تون، مڇڻ ڪا ڏنگيڻي منجهان تن،
وڃنئي ٽڪيون وسري، ٿين منجهان محتاجن،
رکج رضا سڀ ڪنهن، ڏيئي دوس دلين،
ڪرڻ چڱايون پٺ چڱائي، اهو کِنهَهڻُ آهي گڏهن،
۽ پٺيءَ بڇڙي ڪرڻ بڇڙيون، اِيءُ ڪم آهي ڪتن،
۽ ڪرڻ چڱائي پٺ بڇڙي، اِيءُ مذهب عبدالله انصاريءَ
لکن،
جو ڪامل ڪمال اڳرو، منجهان وڏن ولين،
جو ڪندو چڱايون هو، مورئون سو مَٺن.
اي عيسيٰ اٽڪل ڪر تون، ته آهيان منجهان ڪَن،
نه تون گڏهه نه ڪتو، سو ڪيئن ٿين منجهان مڙسن!
جي توسين ڪوڙين چڱايون ڪن، تون مَٺِي ڪرين سين تن،
اِن ڪم کي ڪڄاڙو چئجي، عاقل اٽڪل ڪن،
هوند ڪجي پڌرو اِن ڪم جو، پر ٿيندين ڦڪو منجهه
ماڻهن،
جو ڍڪي عيب ڪنهن جو، عيب ان جا سڀ ڍڪجن،
ڪريان ڪوتاهي اِن ڪري، ڪيو چيو ڪتابن.
ته هن کي هِتان ڪِ هتان لڳي، اتانس ڪڍو ڪين قدر،
اَڇو ڪُڪڙ، هٿ ڪپڙي، يا ڪاري ڪَنُ ٻڪر،
پنج پاٽيون اَنّ جون، جي هوءِ مانهه مٽر،
ڪيئن گيباڻا غيب بڪين؟ فاني ڇڏيو فڪر،
نه تو ڪشف ڪمال ڪين، سندوءِ اُنداهو اندر،
هوند ميڙي وجهين منهن ۾، ٻنهي هٿين ٻُهر.
جيئن ويو وٽانءِ ويسرا! ساٿ سڀ ساجهر،
مَيَن ڪا معما سينءَ، ته ٿيندو صباح سفر،
چانگن چرڻ ڇڏيو، نه اچي سڻي ڏاڍائي ڏونگر،
رسهين رسول ربّ جا! اَچي ڇوري لنگهاءِ ڇپر،
نرمل! نماڻيءَ تي، ڪر واهر، وهلو ور،
ناهِس هلاوت هلڻ جي، ساري ڪينَ ثمر،
هيءُ پَٽيون پنڌ گهڻو، بيحد بيدي بر،
ريءَ تو وسيلو ناهه ڪو، رحمت سين رهبر،
مرجان پهچي ڪيچ کي، تنهنجو ڪرم آهي اڪثر،
عيسى ڏونہ احسان جو ٿئي مر نظر،
مرهين مڙني مومنين، جن ڪلمي جو قدر.
|