خي
خدا ڪيا پاڪ پنجتن، نُور مؤن نُورالبصر،
تن سبب دنيا سڄي ٿي، نور مؤن تنهنجي نشر،
پاڪ دامن فاطمہ، آگي ڪيس اعلى قدر،
ٻيا ٻئي حسنين، هيڻن جي حمايت منجهه حشر،
سونهن جي ساراهه ڪن، ڄڻ خودبخود شمس و قمر،
هي سڀئي آ شان تنهنجو، ڇا چوي ناقص نڌر،
يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،
دال
وارو دٻدٻي سان حڪم ۾ حمزو عباس،
دين جي ديوار جا ڪُنگرا ٿيا ٻئي هم قراص،
من گهڻو مشتاق تن لئي، ۾ اندر تن جي اداس،
پي نه ڍاپان، پيٽ ۾ ايڏي اٿم تن لئي پياس،
من ڪندا مسڪين تي ڪو ڪرم قيامت ۾ قياس،
ڇو نه ٿئي پوءِ ڇوٽڪو، جنهن کي اها اميد آس،
يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،
ذال
ظاهر دل زمين ۽ آسمان ۾ دستگير،
ٿيءُ اچي حامي هڪل ۾، پلڪ ۾ پيران پير!
مئل جياريائين معرفت سان ۽ ڪيائين آجا اسير،
ڪئين مريضن کي ڇڏايو، هڪ اشاري سان امير،
اهڙي عزت اعلى ڪيس، آگي بلاشڪ بينظير،
مون وٺي تنهنجو وسيلو، ڪئي صدا آهي فقير:
يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،
ري
رسي رهبر اچي، عربي! مون تي امداد ڪر،
دل دکي دردن ڪئي، عارف اچي آزاد ڪر،
درد دشمن مون سندا، سي مدّعي سڀ ماد ڪر،
جي گلا ڪن مون سندي سي گهوٽ، گهائي گهات ڪر،
هاشمي تن کي هڻي جهنم اندر برباد ڪر،
سوال منهنجو سيّدا، ٻهڳڻ! ٻڌي ڪو داد ڪر،
يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،
زي
سڻي زاريون ضعيفن جون، ڀلائي ڀال ڪر،
’نوح‘ وانگر ناکئا! منهنجو به ٻيڙو پار ڪر،
’يونس‘ مڇيءَ کان جئن بچايئي، وير! تئن وهار ڪر،
چاهه مؤن ’يوسف‘ بچايئي، ڪا تئن ٻُڏن جي تار ڪر،
’ابراهيم‘ جي آڙاهه وانگر، گهوٽ! تون گلزار ڪر،
حال محرم، حال داني، سربسر سالار ڪر.
يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،
پيج نمبر 490 ۽ 491 کُٽل آهن.
عين
اڳيؤن جا سجهي، سرڪار ربّ جي سخت آ،
قاضي قادر ٿيندو جت ڪنهن جي نه آمدرفت آ،
صاف سج سرگردان ٿيندو، وير تنهنجو وقت آ،
دوزخ سندي دهڪار ۾ سڀڪو گريان گشت آ،
جاءِ جنهن ميزان منڊيو، تنهنجو تاٿيٖ تخت آ،
وعدو ”ولسوف يعطيڪ“ بس اسان جو بخت آ،
يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،
غين
غفلت غير مونکي، مونجهه ۾ موڳو ڪيو،
وقت سارو صحت وارو، رنج اٿم روڳو ڪيو،
نفس نافرمان منهنجو، ساهه آ سوگهو ڪيو،
دام دنيا جي ڦاسائي، منجه گلٖي گهوگهو ڪيو،
چوڻ تنهن چاتار واري، چت اندر چوڳو ڪيو،
اسم ذاتي امر سان، جانب شمع جوڳو ڪيو.
يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،
في
فراقن دل ڦٽي آ، حال هيڻو ٿيو حبيب،
دارون دوا ٻيو ڪونه ڪو آ، تون طبيبن جو طبيب،
تو لکين آزاد ڪيا، بيحد بندا عربي عجيب،
داڙو جنهن جو تون ٿئين، تنهن جو ٿيو ويتر نصيب،
حشر ۾ حامي حمايت، تون قريشي تون قريب،
”قم باذني“ جو قريشي! واءُ واريندي وري به.
يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،
قاف
قيامت ۾ قريشي، رک شرم يا شاهه تون،
ڪرت جي منجهان ڪچا، سي وير واري ڊاهه تون،
مصطفى مون کي هلائين، با شريعت راهه تون،
پوئتئون پنهنجي پيارا، ڪر ڏوهاري ڏاهه تون،
ڌڻ سڀوئي سيّدا! هي وير واري ڪاهه تون،
ڪر خدا لڳ مون اجابت، احمدا آگاهه تون.
يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،
ڪاف
ڪرم توسان اهڙا ٿيا، جهڙا نه ٻئي ڪنهن سان ٿيا،
ابتدا آدم کؤن آ، انتها توسان ٿيا،
ختم الرسل، خير البشر، هي شرف تنهنجا شان ٿيا،
ڄام! تو ڄائي ڪفر ويو بت ڀڄي بيران ٿيا،
ڪوٽ ڪسرى جو ڪريو، ويري سڀئي ويران ٿيا،
چنڊ سج وانگر شعاع ٿيو، ماڻهن مصر جي مانَ ٿيا.
يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،
لام
لک ٿورا توهان جا، ڇا ٻڌايان عام چئي،
ڪيئن ڇڏايان هوت هرڻي، تو اچي جا سام پئي،
باز کان ڳيرو ڇڏايئي، جنهن بريلي جان هام هنئي،
وڻ وسيلا پٿر مان پيدا ڪيئي سا مام هئي،
اٺ جڏو آزاد ڪيئي، جنهن گرگ واري گام ڪئي،
معجزا تنهنجا مشرف، هي به سکڻو سام ٿئي.
يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،
پيج نمبر 294 ۽ 295 کٽل آهن.
يي يادگيري مون سندي، ڪامل ڪندو ٻيو ڪير آ؟
احمد اچي اوکي رسين، تنهنجو ڀلائي ڀير آ،
خاوند اڳيئون خوشنود ٿئي، اهڙو نبي ٻيو ڪير آ!
”چارڻ“ چوندو ڇا چئي چارو چوڻ جو زير آ،
خوشحال هوان ”کمڻ“ چوي اميد ايڏانهن اير آ،
ڪامل پڙهي ڪلمون مران، دل مان ويو گند غير آ.
يا رسول الله! آيس در تي تنهنجي داد ڪر،
ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ منهنجي دل شاد ڪر،
لااِلہٰ الاالله محمد رسول الله
|